07/01/2013

ڊاڪٽر نور افروز خواجه جو ڪتاب ”مشڪ کٿوريءَ مَڻ“ - پروين موسيٰ ميمڻ



ڊاڪٽر نور افروز خواجه جو ڪتاب
”مشڪ کٿوريءَ مَڻ“

پروين موسيٰ ميمڻ
ڊاڪٽر نور افروز خواجه جو نالو سنڌي ادب ۾ ڪنهن به تعارف ۽ سڃاڻپ جو محتاج ناهي. هوءَ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي هڪ مڃيل، قابل ۽ محنتي استاد آهي. کيس ادبي تاريخ جي مختلف موضوعن جي وڏي ڄاڻ آهي. هن ڏس ۾ سندن ڪيترا ئي ليک مختلف مخزنن ۾ ڇپيا پيا آهن، جن مان گهڻا ڪتابي صورت ۾ اچي ويا آهن. ڇپيل ڪتابن ۾ ”پرڏيهي آکاڻيون“، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ (پي ايڇ ڊي جو مقالو) ”پائي پٽ ڪڻا“، ”مشڪ کٿوريءَ مَڻ“ (تحقيقي مضمون) شامل آهن.

پوين ٽنهي ڪتابن جي هڪ اهم خوبي جيڪا ڏسڻ ۾ اچي ٿي، سا اها آهي ته ڊاڪٽر نور افروز جا ڪتاب آڱر ڪٽائي شهيدن ۾ شامل ٿيڻ وارن جهڙا نه آهن، ڇو ته اهي ڪتابچا نه، پر سچ پچ ضخيم تحقيقي ڪتاب آهن. هن جو هر هڪ ڪتاب نه فقط  ججهن صفحن پر ججهي مواد تي مشتمل آهي. ”ناول جي اوسر“، مقالي جا ۷۱۱ صفحا، ”پائي پٽ ڪڻا“ جا ۶۳۰ صفحا ۽ ”مشڪ کٿوريءَ مڻ“ جا ۳۶۸ صفحا يعني ڪل ٽنهي ڪتابن ۾ ليکڪا ۱۷۰۹ صفحن تي مبني تحقيقي مواد سنڌي ٻولي ۽ ادب جي پانڌيئڙن کي پيش ڪيو آهي، جيڪو هڪ وڏو ڪارنامو آهي. ڪتابن جي طوالت جي قطع نظر جيڪڏهن فقط چند مقالن جي مواد تي گهري نظر وجهجي ته ليکڪا جي علميت، ذهانت ۽ فڪر جي حوالي سان نوان رخ روشن ٿيندا.
هن ڪتاب ۾ آيل تحقيقي مضمونن ۾ شهيد راڻي بينظير ڀٽو کان الطاف شيخ سنڌ جو سيلاني تائين، ليکڪا ڪيترين شخصيتن جي سوانحي احوال سان گڏ سندن علمي، ادبي ۽ سماجي خدمتن تي روشني وڌي آهي، جن ۾ پروفيسر علي نواز جتوئي، شيخ اياز، ڊاڪٽر تنوير عباسي، سردار نواب ولي محمد خان لغاري، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي، پروفيسر محرم خان، دادا ٽي ايل واسواڻي، چندو لعل جئسنگهاڻي، جمال ابڙو، طارق اشرف، تنوير جوڻيجو، نذير ناز، ج ع منگهاڻي، قمر شهباز، امر جليل، ڊاڪٽر قاضي خادم، ڊاڪٽر رابعه، ڊاڪٽر فهميده ۽ ٻيا شامل آهن. ڪجهه ڪتابن جيئن ”گلوريئس پاسٽ“، ”آديسين ادب، آهي اکڙين ۾“،شاهه عبدالطيف سنڌي سماج جو ترجمان“، ”دلير سلطانه“، ”جهڙو پسڻ پرينءَ جو“ تي ليکڪا مهاڳ ۽ تبصرا لکيا آهن.
هن جڏهن به ڪنهن شخص جي فن ۽ ذات جي باري ۾ لکيو آهي، تڏهن انهيءَ جي ڪرداري خوبين کي اهڙيءَ ريت Discover ڪيو اٿس، جو آئون سمجهان ٿي ته خود انهيءَ فرد کي پاڻ پنهنجي ان خوبيءَ/خاميءَ جي مڪمل طور ڄاڻ نٿي هجي. هوءَ نه فقط خوبين جي کوجنا ڪرڻ ڄاڻي ٿي، پر خاميون پڻ رومال ۾ ويڙهي سهڻائيءَ سان پيش ڪري ٿي، جيڪو تنقيد نگاريءَ جو اهم اصول آهي. انهيءَ مان سندن مشاهدي جي مضبوطي ظاهر ٿئي ٿي.
آئون سمجهان ٿي ته ڪتابن جو مطالعو ته هر ڪو ڪري ٿو، پر ماڻهن جو مطالعو هر هڪ جي وَس جي ڳالهه نه آهي، ۽ اهو مطالعو ۽ پرک ۽ پروڙ اهو ڪري سگهندو آهي، جنهن جي طبيعت ۾ خلوص ۽ بي ريائي هجي، جيڪي ٻين سان ٿڌائيءَ ۽ پيار سان پيش ايندا هجن. وڏي ڳالهه ته کيس شخصي مطالعي ۽ مشاهدي تي عبور هجي.
هن ڪتاب معرفت ڊاڪٽر نور افروز ڪيترين شخصيتن جي خوبين ۽ فن کي ظاهر ڪيو آهي، ته گڏوگڏ سندن پنهنجيءَ ذات ۽ علميت جو عڪس پڻ ”مشڪ کٿوريءَ مَڻ“ مان چٽيءَ پَرِ پسجي پيو.

No comments:

Post a Comment