07/01/2013

مختيار جاگيراڻي جي ڪتاب ”سڀ فريب آ“ جو مهاڳ - سعيد ميمڻ



مختيار جاگيراڻي جي ڪتاب ”سڀ فريب آ“ جو مهاڳ
شاعريءَ  کي آرسي  هجڻ  گھرجي
سعيد ميمڻ
اهو مختيار جيڪو سچ سان دلي پيار ڪندو هجي، ان لاءِ خوشامد يا اَجائي تعريف جا ڪوڙا لفظ آءٌ ڇو چوان؟ اهو مختيار جيڪو پنھنجي قد بت کان وڌيڪ هجڻ جوڏيکاءُ نه ڏيندو آهي. ان جي هٿ ۾ آءٌ سندس وڏي شاعر هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڇو ڏيان؟ هونئن وڏي شاعر هجڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ هاڻي ڏکيو نه آهي. اسان جا ڪافي ”عريض نويس اديب“ ان ڪم سان لڳل آهن. هاڻي اسان شاعرن کي ڏاڍي سولائي ٿي پئي آهي، پر مان ڄاڻان ٿو ته هروڀرو يا دوستيءَ جي ڪري يا ڪنھن لالچ ۾ ڪنھن کي وڏي شاعر هجڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏيڻ ادبي بدديانتي آهي. اهو ٻه  نمبري اديبن جو ڪم آهي ۽ اها ادبي بدديانتي سنڌ جا ڪيترائي نالي وارا اديب ڪري رهيا آهن. مصلحت جون چُسڪيون ڀريندي سندن قلم ڪوڙ اوڳاڇي رهيو آهي.

صحيح ڳالهه اها آهي ته مختيار جاگيراڻي منھنجو اهو دوست آ، جيڪو اگر ڪنھن وڏي هجوم ۾ هجي ته به مون کي سندس خوشبوءِ ائين هن ڏانھن ڇڪي ويندي جيئن ”يعقوب“ کي ”يوسف“ جي ڪپڙن جي خوشبو سندس هجڻ جي خوشخبري ڏني هئي.
مان اهو چوڻ ۾ حق بجانب آهيان ۽ مون کي يقين آهي ته منھنجن انھن لفظن تي مختيار به ناراض نه ٿيندو ته؛ مختيار پدائشي شاعر گهٽ لڳندو آهي. هن ته سرتاج جاگيراڻي، جاويد شبير ۽ منھنجي صحبت ۾ شاعري لکڻ شروع ڪئي هئي. پر ائين آهي هن ۾ اهڙي صلاحيت آهي جو ڪوئي سندس شاعري پڙهي اهو محسوس نه ڪندو ته مختيار ڪو پيدائشي شاعر نه آهي. هن جي حساسيت، هن جو ادراڪ ۽ سندس ڏانءُ هن کي سھڻن شاعرن جي صف ۾ آڻي بيھاري ٿو.
جڏهن کان اوهان آ ڇڏيو لاڙڪاڻو،
اسان کان نه ٿيو آ ڏٺو لاڙڪاڻو.
مختيار اسان جي آڏو ڏٺل وائٺل منظر آڻي انھن ۾ اهڙي ته حساسيت ڀري ڇڏيندو آهي جو دل جُهري پوندي آهي يا حسين منظر ڏسي مرڪي پوندي آهي. جيئن مٿئين شعر ۾ لاڙڪاڻو شهر ڇڏڻ واري ماڻهوءَ لاءِ مَنَ جي اُڪيرَ اُٿلُون کائي لفظن جو روپ ورتو آهي.
وري الائي ڇو مون کي شروع ۾ ڪيل پنھنجون ڳالهيون ياد اچن ٿيون؟ ۽ مان پنھنجي سڀني سينئر شاعرن (جن کي وڏي شاعري طور ڄاتو وڃي ٿو) کي عرض ڪندس ته  قبلا اوهان! پنھنجا اهي سرٽيفڪيٽ هٿيڪا ڪري رکي ڇڏيو. مون کي لڳي ٿو قبلا اوهان کي به اوهان جي سينئرن اهڙا ئي سرٽيفڪيٽ ڏئي وڏو شاعر بڻائي ڇڏيو. اصل ۾ اوهان وڏا شاعر آهيو ئي ڪين. پنھنجا اهي سرٽيفڪيٽ تعويذ وانگر ڳچين ۾ پائي ڇڏيو. اوهان کي ڊيڄڙو ٿي پيو آهي.
شاعريءَ لاءِ منھنجو خيال اهو هوندو آهي ته شاعريءَ کي آرسي هجڻ گهرجي، جنھن ۾ اسين پنھنجي جيون جا عڪس ڏسي سگهون. ننڍڙيون خوشيون ۽ ڏک ڏسي سگهون، جن کي ڏسي نيڻ نمناڪ ٿي وڃن ۽ ڪڏهن چپ مسڪرائڻ لڳن.
هاڻي مائوزيتنگ جا ڳاڙها مقدس ڪتاب ٺَپي رکي ڇڏيو، جن کي اسان جو هڪ پورو نسل آزمائي چڪو آهي. مان سندس فلسفي کي احترام جي نظر سان ڏسان ٿو، پر اهو ڪڏهن به نه چاهيندس ته  منھنجي شاعري ان فلسفي جي پرچارڪ بڻجي وڃي. شاعري مون لاءِ ان فلسفي کان مٿاهين حيثيت رکي ٿي. مان چاهيندس ته اسان شاعرن کي آزاد ڇڏيون ته تازي هوا ۾ ساههُ کڻون ۽ اُڀرندڙ سج جو نظارو ڪريون.
اسان کي آزاد ڇڏيو ته اسين ڪنھن حسينا سان محبت ڪريون ۽ ان کي پنھنجي شاعريءَ جون مالھائون پارايون. خدارا! اسان کي خوفزده نه ڪريو. اسان شاعر ئي اوهان جي شناخت آهيون. لطيف کان وٺي اياز تائين، اياز کان وٺي وسيم سومري يا ايوب کوسي تائين، اسان سنڌي ٻوليءَ جا محافظ آهيون. اسان کان سواءِ سنڌي ٻوليءَ جي بقا جي ضمانت ڪوئي نه ڏئي سگهندو. مان سڀني کي پنھنجي همعصر ساٿي مختيار جاگيراڻيءَ جي وارننگ کان آگاهه ٿو ڪريان جيڪو، هڪ شعر ۾چوي ٿو:
دوست!  آ دنيا پاڻ کي ڪُنڊَ ۾ اُڇلايو،
دنيا کي به وساري ڏسجي، ڇا ٿو ٿئي؟
مختيار جو تقريباً پورو غزل استفھامي انداز ۾ لکيل آهي. پڙهندڙ کي سوالن جي روبرو ٿو ڪري ڇڏي. روزمره جي سادي ٻولي، پر جذبات ۽ فڪري ٻولي، هڪ ننڍڙي ڌمڪي، خودشناسيءَ جي هڪڙي ڪوشش. سھڻي شعر جي خوبي اها هُوندي آهي ته اهو هڪ ئي وقت ذهن ۾ ڪيتريون معنائون پيدا ڪندو آهي. پڙهندڙ ۾ مختلف ڪيفيتون ۽ مختلف احساس پيدا ڪندو آهي.
مون کي مختيار جي شاعريءَ تي تنقيد ڪرڻي ناهي ڇو ته، تنقيد منھنجو شعبو نه آهي، پر هن جا ڪجهه شعر اوهان سان شيئر ضرور ڪندس.
تو کان جيتيوسين ته اَسان کي مات ملي،
هاڻي توکان هاري ڏسجي ڇا ٿو ٿئي؟

هيڪر تنھنجو نانءُ کنيوسين، نانءُ ويو،
ٻيھر نانءُ اچاري ڏسجي، ڇا ٿو ٿئي؟

ملڻ ۽ کلڻ جا سبب ڪالهه ها جي،
پڙهي هاڻ ٻيھر خطن کي رناسين.

خزان جي اچڻ جو نه ارمان آهي،
بھارن ۾ ڇڻيل گلن تي رناسين.

مختيار ڪو وڏي شاعر هجڻ جو دعويدار نه آهي، نه ئي وڏي شاعر جي اجائي خوش فھمي مون منجهس ڏٺي آهي. هو ته مزاجن کي خوشگوار بنائڻ وارو ماڻهو آهي. اوهان جو مَنُ مرجهايل هجي پر اوچتو توهان کي مختيار ملي وڃي ۽ هن جا لفظ اوهان جي سماعتن تائين پھچن:
”السلام عليڪم، يا علي مدد، حق موجود، نمستي، رام رام، جئه شنڪر.“
هڪ ساهيءَ ۾ چئي ويندو، پنھنجي مخصوص انداز ۾، ته اوهان جي چپن تي بي ساخته مُـرڪَ تَرِي ايندي.
مختيار مٺا! ايئن ئي هميشه مرڪندو رهين ۽ دوستن کي به کلائيندو رهين.

No comments:

Post a Comment