29/05/2013

چڱايون هَڙُ پنهنجيءَ هَڙَ ۾ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jaskani)


چڱايون هَڙُ پنهنجيءَ هَڙَ ۾
مٺل جسڪاڻي
تنقيد سٺو عمل آهي. ٿيڻ کپي، پر تنقيد جي پاڇي ۾ تذليل کي مثبت نه ٿو مڃي سگهجي. خود تنقيدي ته تمام گهڻي ڀلي آهي، پر پاڻ وٽ اڪثر، پاڻ کي ڇڏي، ٻئي تي تنقيد ڪرڻ جو رواج عام آهي!
پاڻ وٽ وڏو الميو اهو به آهي ته جنهن ماڻهوءَ کي صحيح طرح اها به خبر نه آهي ته شاعري ڇا آهي، ڪهاڻي ۽ افساني ۾ ڪهڙو فرق آهي، ناول ڇا کي ٿو چئجي، اهو به نقاد آهي! ۽ اهڙن کي هٿ وٺي، مڃيل نقاد جي سڃاڻپ به ڏني ويندي رهي آهي!

پاڻ وٽ اهو به وڏو آزار آهي ته جنهن شاعر کي غزل جي گهاڙيٽي جي خبر ناهي، غزل لاءِ مقرر اصول جو اندازو نه آهي، اهو ئي خود کي غزل جو بهترين شاعر چورائڻ ۽ مڃائڻ ٿو چاهي! جن ماڻهن کي اها به خبر نه آهي ته سنڌ ۾ سائنس تي ادارا ڪهڙا ۽ ڪم ڪهڙو ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل آهن، اهي ئي ادارن تي آڱريون کڻندا آهن! اهڙا، آڱريون کڻڻ وارا، سڀ نقاد بي قصور آهن. ڇاڪاڻ ته اهي پنهنجي عادت کان مجبور آهن. اهي ته بس، ”ماسي ايمڻان“ وانگر هلندي، گهمندي، اٿندي، ويهندي، کائيندي، پيئندي، ريءَ سبب، ٻين جون گلائون ڪري، پاڻ کي افلاطون مڃائڻ لاءِ ڪوڙ مٿان ڪوڙ، بهتان مٿان بهتان واري عادت آڏو مجبور آهن... آڱوٺي ڇاپ نقاد تي ڪنهن کي به ناراض نه ٿيڻ گهرجي. آئون به ناراض نه آهيان، ٻيو به ڪو ناراض نه ٿئي. ڇاڪاڻ ته آڱوٺي ڇاپ نقاد وٽ، ٻين کي نيچ پيش ڪرڻ کان سواءِ، اهڙو ٻيو ڪو رستو نه آهي، جنهن وسيلي ٻئي کي لائون پيش ڪري، پاڻ کي ڪانڊو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي. آڱوٺي ڇاپ روايتي نقاد، جيڪو اوهان کي هر هنڌ، هر موضوع جي نسبت سان، پنهنجي ڌُن ۾ مگن ملندو، اهو قد ڪاٺ ۾ ايترو ننڍڙو آهي، جيستائين ٻين کي ساڙي رک نه ڪندو، تيستائين هو پاڻ نظر نه ايندو.
لئيءَ مان لٺ ڀڃي سردار ٿيڻ مثل، پنهنجي حيثيت هجڻ، مڃائڻ جي خواهش رکندڙ آڱوٺي ڇاپ نقاد جي هوش ۽ حواس تي به ڪنهن کي شڪ نه ڪرڻ گهرجي. هي سدائين منفي سوچن جي محور ۾ ئي رهندا. هنن مان ڪو مثبت انداز سان، حق سچ جي اميد ئي نه رکي. جيڪڏهن ڪو بي سبب اميد رکي ٿو، ڪنهن خوش فهمي ۾ آهي، ته اها ان جي پنهنجي سوچ آهي، اڳتي هلي ڪنهن ٻئي کي قصوروار نه سمجهي.
توڙي جو روايتي نقادن جي سڀني کي خبر آهي ته اهي ڄاڻ بنا نقاد آهن... مون کي افسوس بدران کل اچڻ گهرجي، پر روئڻ ٿو اچي، ته اسان جا اهي نقاد، جيڪي پاڻ آڱوٺي ڇاپ، سي آڱريون وري اهڙي نموني کڻندا آهن، جو سڪن سان گڏ ساوا به سڙندا آهن!؟
تنقيد ته تعمير جو بنيادي رُڪن، اهم ٿنڀ آهي، پر جيئن پاڻ وٽ گمراهه ڪرڻ جو ڪو هڪ نه انيڪ طريقا آهن، پاڻ وٽ هر طريقو آزمايو ويندو رهيو آهي، ساڳئيءَ طرح آڱوٺي ڇاپ نقاد، پاڻ ڪجهه نه ڪرڻ جي ڪري، ٻئي جي ڪئي ڪرتئي ۾ لوڻ ٻُرڪڻ ضروري سمجهندا آهن. ان ڪري هو بظاهر ته نقاد ئي آهن، پر اصل ۾... سندن اصليت کي اوهان پاڻ جاچيو، پرکيو... سچ ته سڀ کان سولو ڪم ٻئي تي تنقيد ڪرڻ آهي، نشاندهي ته گهڻين غلطين جي ڪري وٺبي آهي، پر ڪنهن هڪ به غلطي کي سڌارڻ ممڪن نه هوندو آهي...
چوڻ لاءِ ٻئي کي چئبو،
ڪرڻ لاءِ به ٻئي کي ئي چئبو،
پاڻ کي نه سچ چئبو،
نه ئي پاڻ تي ڪو ڪم رکبو،
مَٺايون سڀ ٻين ۾،
چڱايون هَڙ پنهنجيءَ هَڙ ۾!

No comments:

Post a Comment