30/05/2013

قومي تشڪيل ۾ اهميت رکندڙ ماءُ ٻولي! - محمد ابراهيم جويو (Muhammad Ibrahim Joyo)


قومي تشڪيل ۾ اهميت رکندڙ ماءُ ٻولي!
محمد ابراهيم جويو
ڪنهن قوم جي زندگيءَ ۾ ٻوليءَ کي مرڪزي حيثيت حاصل هوندي آهي. هڪ قوم جي جوڙجڪ جا ٻيا به گهڻا ترڪيبي جزا آهن، پر ٻولي بنيادي جزو آهي، ڇاڪاڻ ته ان سان هر ڪنهن قوم جي سڃاڻپ ڳنڍيل آهي. دنيا جي هر ڪنهن قوم جو هرڪو فرد تڏهن منفرد ۽ نمايان ٿئي ٿو، جڏهن اهو پنهنجي ٻولي ڳالهائي ٿو. اسين سنڌي ماڻهو قوم آهيون، ان جو وڏي ۾ وڏو ثبوت سنڌي ٻولي آهي. جيڪڏهن ٻولي نه رهندي يا اها ڳالهائڻ ڇڏي ڏينداسين ته ڪنهن طرح به هڪ قوم طور زندهه رهي نه سگهنداسين. جهڙيءَ ريت دنيا جي هر ڪنهن قوم جي ٻوليءَ، انهيءَ قوم جي سماجي ۽ معاشي اوسر ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي، تهڙيءَ ريت سنڌيءَ ٻوليءَ پڻ سنڌ جي قومي سماجي ۽ معاشي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اسين صدين جون صديون انهيءَ ٻوليءَ جي اظهار وسيلي پنهنجا هر قسم جا معاملا هلائيندا ۽ خير خوبيءَ سان نڀائيندا آيا آهيون، پوءِ اهي ڌنڌي ڌاڙي يا ڪاروهنوار جا معاملا هجن يا ڪي ٻيا گڏيل سماجي ڪم، اهي اسين پنهنجي ٻوليءَ جي اظهار وسيلي ئي شروع ڪري، ختم ڪرڻ کان پوءِ وري انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائيندا آيا آهيون.

هيءَ ٻولي ڪا آسمانن  مان نه لٿي آهي ۽ نه وري ٻئي ڪنهن هنڌان لڏي پلاڻي اسان تائين پهتي آهي، پر هزارين ورهيه اڳي سنڌ جي سر زمين تي رهندڙ اسان جي وڏڙن جي لڳاتار ڪوششن جو نتيجو آهي. هڪ ٻوليءَکي ٺهڻ ۾ ڪي ٻه ٽي سال نه، پر هزارين سال لڳي ويندا آهن. اسان جي ٻوليءَ جي حقيقت به ڪجهه اهڙيءَ ريت آهي. اها اسان جي سڃاڻپ آهي، اها اسان جي سموري سماجي عمل ۽ معاشي سرگرميءَ جو مرڪز آهي ۽ اها اسان جو اعليٰ تهذيبي نشان پڻ آهي، جنهن کي اسان جي وڏڙن قائم ڪيو، ان ڪري انهيءَ جي فائدي ۾ هر طرح جو ڪم ۽ عمل اسان جي بنيادي ذميواري آهي. هيءَ هڪ امانت به آهي، جيڪا اسان کي جيئن جو تيئن (اڃا به وڌيڪ بهتر صورت ۾) ايندڙ پيڙهين تائين محفوظ نموني پهچائڻي آهي، ائين ئي جيئن اها اسان تائين پنهنجن وڏڙن ۽ وڏڙين وٽان سالم ۽ سهڻي صورت ۾ پهتي آهي. مون کي پوري اميد آهي ته پنهنجيءَ ٻوليءَ جي سلسلي ۾ اسين ڪنهن به طرح خيانتڪارن ۽ خطا ڪارن جي صف ۾ بيٺل نه ڏسباسون.
آءٌ جڏهن پنهنجي ڄمار جي هن حصي ۾، سنڌي ٻوليءَ، ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ ڪيل مختلف دورن ۾، پنهنجن ساٿين ۽ هم خيالن سان ڪيل گڏيل ڪوششن کي ڏسان ٿو ته سچ پچ به وڏي اطمينان ۽ آٿت مان گذران ٿو. اسان جو پورهيو گهڻي ڀاڱي سجايو ويو آهي. اسين جڏهن پنهنجيءَ ٻوليءَ جي ڀيٽ، ملڪ جي باقي ٽن وفاقي اڪاين سان ڪريون ٿا ته اهو لقاءُ چٽو ٿي بيهندو ته انهن ٽنهي اڪاين پنهنجين مادرين ٻولين کي ڇڏي، هڪ ڌاري ٻوليءَ لاءِ پاڻ وٽ به گنجائش ڇڏي، پر اسين پنهنجي ٻوليءَ جي معاملي ۾ سجاڳ رهياسون، ان کي هزارين تڪليفن ۽ رڪاوٽن کان پوءِ به، تعليمي ذريعي طور هلائيندا آياسون. ان ۾ ڪتاب ۽ رسالا لکي ڇپاياسون، اهي پڙهياسون، پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ اخبارون جاري ڪيون سين، ٽي وي چئنل قائم ڪياسون ۽ انهيءَ  کي جديد کان جديد انفارميشن ٽيڪنالاجيءَ سان اطمينان جي حد تائين ڳنڍي به ويا آهيون. اها اسان پنهنجي مٺڙي ۽ سڀني وصفين سهڻي ٻوليءَ لاءِ خدمت ڏني آهي ۽ انهيءَ خدمت جي عيوض اسان کي هن ملڪ ۾ ڇاڇا سَهڻو ۽ ڀوڳڻو پيو آهي، ان کان به اوهان سڀني کي چڱيءَ پَر واقفيت آهي.
اسان جڏهن جڏهن به پنهنجيءَ ٻوليءَ جي ڳالهه ڪئي، تڏهن اسان جي هن ملڪ جي حڪمرانن مخالفت ڪئي، پر اسان وڏي سمجهداريءَ سان، صلاح مصلحت سان، ثابت قدميءَ سان ۽ صبر سان مڙني مصيبتن کي منهن ڏيندا آيا آهيون. هن وقت به اسين هڪ مصيبت ۾ اڙيل آهيون، اسين اهو چاهيون ٿا ته اسان جي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ قبول ڪيو وڃي. اهڙيءَ گُهر ۾ اسين سورنهن آنا صحيح آهيون، اسين سنڌي هڪ قوم آهيون ۽ اسان جي هڪ ٻولي آهي. جهڙيءَ ريت هزارن ورهين کان هڪ قوم طور جيئندا آيا آهيون، تهڙيءَ ريت، سنڌي ٻولي به هزارها ورهين کان موجود آهي. هيءَ هڪ سادي ۽ سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه آهي، جنهن کي قبولڻ ۾ ڪابه ڏکيائي محسوس نه ٿيڻ کپي يا اهڙيءَ گهر تي ڪنهن کي به حيراني نه ٿيڻ کپي.
اهڙيءَ گهر ڪرڻ جو مقصد اهو ئي آهي ته اها شيءِ جيڪا اسان جي آهي، انهيءَ کي اسان جي ئي نالي ۾، قانوني ۽ جائز نموني، ڳڻايو وڃي. ملڪ جي آئين جي چوٿين باب ۾ موجود فقري نمبر 251  کي قومي ٻوليءَ جو نالو ڏنو ويو آهي، انهيءَ فقري  ۾ ٽي  شقون موجود آهن. (پهرين شق) ۾ چيو ويو آهي ته ’پاڪستان‘ جي قومي ٻولي اردو آهي ۽ آئين جي لاڳو ٿيڻ واري مدي کان پندرنهن ورهين جي وچ ۾ ان کي سرڪاري ۽ ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ بندوبست ڪيا ويندا. (ٻي شق) ۾ چيو ويو آهي ته انگريزي ٻولي تيستائين سرڪاري ٻوليءَ طور استعمال ڪري سگهجي ٿي، جيستائين اردو ٻوليءَ لاءِ اهڙا بندوبست ڪيا وڃن، اها ان (انگريزيءَ) جي جاءِ والاري. جڏهن ته (ٽين شق) ۾ چيو ويو آهي ته قومي ٻوليءَ جي مرتبي سان ساڙ رکڻ کان سواءِ، هڪ صوبائي اسيمبلي، قومي ٻولي (يعني اردو) کي شامل سمجهندي، هڪ صوبائي ٻوليءَ ۾ تعليم ڏيڻ، ان جي واڌاري ۽ استعمال لاءِ قانوني طرح اپاءَ وٺي سگهي ٿي.
سڀ کان پهرين ڳالهه هيءَ آهي ته اڄ ڏينهن تائين انگريزي ۽ اردو ٻوليون، ان ريت ئي رهنديون آيون آهن، جنهن حيثيت ۾ اهي انهيءَ آئين لاڳو ڪرڻ مهل هيون ۽ اڃا به ٿيو ائين آهي، جو انگريزي ٻوليءَ کي وڌيڪ هٿي ڏياري ويئي آهي، جنهن کي آئين لاڳو ٿيڻ کان پوءِ پندرنهن ورهين اندر مڪمل طرح ختم ٿيڻو هو. اڄ اها ٻولي پاڻ اردو توڻي سنڌي ٻوليءَ لاءِ هڪ وڏو خطرو بنجي پيئي آهي. عمومي طرح، ڏسڻ ۾ اهو اچي رهيو آهي ته اردو لاءِ انگريزي خطرو آهي، پر اصل ۾، اردو ٻوليءَ کي ئي برقرار رکڻ لاءِ، هڪ سازشاڻي حڪمت عملي طور انگريزي کي اڳتي آندو ويو آهي. انگريزي ٻوليءَ جي اهميت دنيا ۾ جتي ڪٿي مڃيل آهي ۽ اها عام دنياوي گهرج ٿي پئي آهي، انهيءَ ڪري، ان کي بنياد کان وٺي لاڳو ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اردو ٻوليءَ کي بنياد کان لاڳو ڪيو وڃي ها ته شايد ٻئي ڪنهن کي نه، پر سنڌ وارن کي اعتراض ٿئي ها. ان ڪري انگريزي ٻوليءَ جي عام مقبوليت جو فائدو وٺندي، ان کي تعليمي سرشتي ۾ پرائمري سطح کان شامل ڪيو ويو آهي. انهيءَ سڄي مشق مان مقصد اهو حاصل ڪرڻو آهي ته شروع ۾ انگريزي ٻوليءَ کي تعليمي سرشتي ۾ مڪمل طرح لاڳو ڪري، سنڌي ٻوليءَ کي ختم ڪجي ۽ پوءِ وري پوريءَ طرح اردو ٻوليءَ کي لاڳو ڪجي، مطلب ته انگريزي کي پرائمري سطح کان پاڙهڻ وسيلي، سنڌي ٻوليءَ کي تعليمي سرشتي مان ختم ڪرڻ واري خواهش جي آبياري ڪئي پئي وڃي، جنهن جي اسين هر ڪنهن زماني ۾ مخالفت آيا آهيون.
جڏهن ته آئيني فقري 251 جي ٽين شق مان پڻ اها ڳالهه چٽي آهي ته ڪا به صوبائي ٻولي پنهنجي طور تي پنهنجيءَ ترقيءَ ۽ واڌاري جو ڪوبه ڪم نٿي ڪري سگهي ۽ شق مڙئي ميار لاهڻ جي خيال کان داخل ڪئي ويئي آهي، ڇاڪاڻ ته اڄ ڏينهن تائين جڏهن به اسان سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪا به وک کنئي آهي ته انهيءَ کي اردو ٻوليءَ سان ساڙ جي پسمنظر ۾ ڏٺو ويو آهي، ٻين لفظن ۾ مقصد اهو ئي ٿيو ته آئين جي فقري 251 جي مڙني شقن کي تبديل ڪرڻ کان سواءِ، هن ملڪ ۾ ٻولين جي تڪرار کي نبيري نه سگهبو. انهيءَ سلسلي ۾ ويجهڙائيءَ ۾ جوڳيون ڪوششون ورتيون ويون آهن.
اِها ڳالهه رڪارڊ جي آهي ته ثقافت کاتي پاران مقرر ڪيل ٻولي ڊرافٽ ڪميٽي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جي درجي ڏيارڻ لاءِ هڪ مسودو تيار ڪيو، جنهن ۾ اِها سفارش ڪئي ويئي ته ملڪ ٺاهيندڙ چئني اڪاين جي ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي، جڏهن ته اردو ٻوليءَ کي رابطي جي ٻولي قرار ڏنو وڃي، اڃا اهو مسودو جڙي راس مس ٿيو هو ته وفاقي اسيمبليءَ ۾ سنڌ سان تعلق رکندڙ ٻن قومي اسيمبلي جي ميمبرن محترم يوسف ٽالپر ۽ محترمه مارئي ميمڻ قومي ٻولين جي سلسلي ۾ هڪ بل پيش ڪيو. انهيءَ بل ۾ اِهو موقف اختيار ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ ڳالهائجندڙ سڀني ٻولين کي مادري ٻولين جو درجو ڏنو وڃي. اهڙو موقف ٻولي ڊرافٽ ڪميٽيءَ جي تيار ڪيل مسودي سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ هو. معاملي جي نزاڪت ۽ حساس پڻي کي محسوس ڪيو ويو ۽ ان ريت سنڌ جي ساڃهه وند ڌرين اِهو موقف اختيار ڪيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ سڀني مادري ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏنو ويو ته ۾ ملڪ ۾ هڪ نئون لساني تضاد اڀرندو، جنهن کي قابو نه ڪري سگهبو. جڏهن اِها ڳالهه شديد ٿي ويئي ته ان کان پوءِ نواب يوسف ٽالپر اِها درخواست ڪئي ته قومي ٻولين جي سلسليءَ ۾ جيڪا به جائز ۽ واجبي ڳالهه آهي، اُنهي کي سهمت راءِ سان لکت ۾ آڻي، سندس حوالي ڪيو وڃي ته جيئن مادري ٻولين کي قومي ٻولين جي درجي ڏيارڻ وارو مامرو معقول نموني وفاقي اسيمبليءَ ۾ پيش ڪري سگهجي.
ٻولي ڊرافٽ ڪميٽي اهو ڪم سرانجام ڏنو ۽ آئين جي فقري 251 ۾ تبديلي ڪري، انهيءَ کي اهڙيءَ ريت بيهاريو، ته جيئن ملڪ جي چئني وفاقي اڪاين کي قومي ٻولين جو درجو ملي، پر اڄ ڏينهن تائين ان سلسلي ۾ ڪا به واضح اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. هن موقعي تي هيءَ ڳالهه چٽي ڪرڻ بنهه ضروري آهي ته پنهنجيءَ ٻوليءَ جي سلسلي ۾، اڄ کان اڳتي، اسان کي چٽو موقف رکڻو آهي. منهنجيءَ راءِ ۾ اهو هن طرح هئڻ کپي ته ملڪ ٺاهيندڙ چئني بنيادي اڪاين جي ٻولين کي قومي ٻولين جي حيثيت ۾ قبول ڪيو وڃي جڏهن ته اردو ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ بدران، رابطي جي ٻولي قرار ڏنو وڃي، ڇاڪاڻ ته اها ملڪ ٺاهيندڙ چئني قومن مان ڪنهن جي به ٻولي ناهي. اها ٻولي هندستان ۾ تاريخ جي اٿل پٿل جي نتيجي ۾ پيدا ٿي ۽ مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومن لاءِ اها هڪ سهولت طور ڪم آئي. اردوءَ کي هندستان ۾ ”هندي“ چيو وڃي ٿو. اردو ۽ هندي ٻوليون هڪ ئي آهن، فرق رڳو ايترو آهي ته ڀارت ۾، ان منجهه سنسڪرت ۽ ٻين مقامي ٻولين جا لفظ شامل ڪيا ويا آهن. جڏهن ته هتي انهيءَ ۾ فارسيءَ ۽ عربيءَ جا لفظ ملائي الڳ نموني پيش ڪيو ويو  آهي. بنيادي جوڙجڪ ۾ اها هڪ ئي ٻولي آهي، جنهن کي لفظن جي مٽاسٽا وسيلي ٻن ٻولين طور پيش ڪيو ويو آهي. هونءَ به اردو ٻوليءَ کي ”اردو“ کان اڳ ”هندي“ ٻولي سڏيو ويندو هو. انگريز دور ۾ هڪڙي ٻوليءَ کي مذهبي بنيادن تي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو هو. بهرحال اردو يا هندي جي حيثيت ننڍي کنڊ ۾ رابطي جي ٻوليءَ  طور قائم رهندي پئي آهي ۽ جيڪڏهن اها ان حيثيت ۾ ئي رکي وڃي ته اهڙو قدم ڪنهن قبولڻ جوڳو هوندو.
جيستائين ملڪ ٺاهيندڙ قومن اندر ڳالهائجندڙ ٻين لهجن ۽ اقليتي ٻولين جي ترقيءَ ۽ واڌاري جو سوال آهي ته اهو معاملو هر ڪنهن اڪائيءَ جي اختيار ۾ ڏجي ته اهي اڪثريتي ٻوليءَ سان گڏ ٻين لهجن توڻي اقليتي ٻولين جي ترقيءَ ۽ واڌاري لاءِ مناسب اپاءَ وٺن.
منهنجي راءِ ۾ اهڙو موقف هر طرح سان مناسب هوندو ۽ ان وسيلي ملڪ ۾ موجود ٻوليءَ واري تڪرار جو منصفاڻو تصفيو ٿي سگهي ٿو. هن موقعي تي سڀني سنڌ واسين ۽ سنڌي ٻوليءَ سان محبت ڪندڙن سان هيءَ ڳالهه به اهميت سان ونڊڻ چاهبي ته اسين سنڌ وارا اڄ ڏينهن تائين، ملڪ ۾ موجود ٻولين جي تڪرار جي نبيري واري تحريڪ جي هر ڪنهن مرحلي تي، پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جي درجي ڏيارڻ سان گڏ باقي ٽنهي اڪاين جي ٻولين جو ڪيس پڻ وڙهندا آيا آهيون، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن ٽنهي اڪاين پنهنجي طور تي، پنهنجين ٻولين کي گهربل ۽ جائز حيثيت ڏيکارڻ ۾ ڪا گهڻي دلچسپي نه ڏيکاري آهي، تنهن هوندي به، مايوس ٿيڻ نه کپي ۽ ڪنهن به  اصولي موقف تان هٿ نه کڻجي. مون کي پورو پورو ويساهه آهي ته جيڪڏهن اسين پنهنجي اصولي موقف سان سچا رهياسين ۽ ثابتقدميءَ سان اڳڀرائي ڪندا رهياسين ته اسان جي هيءَ جدوجهد اسان جي اصولي موقف جي فتح جو نتيجو آڻيندي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جي حيثيت ۾ قبول ڪيو ويندو.

No comments:

Post a Comment