ادب ۽
ادبي تنقيدي نظرين جو سوال
مبارڪ
علي لاشاري
انسان ۾ فيصلي Judgment جي قوت ازلي
آهي. اها ڳالهه Generally انسانذات جي حوالي سان آهي. اهو عمل کيس ورثي ۾ مليل آهي ته هو
شين جي پرک ڪري ۽ انهن جي خوبين ۽ خامين جو کليو کلايو اظهار ڪري. اهڙو حس يا پرکڻ
وارو شعور ڪنهن هڪ انسان يا ڪنهن علائقي يا ثقافت جي مرهون منت نه پر انسان ذات جو
گڏيل ورثو آهي. ان حوالي سان اچو ته پهريان اهو واضح ڪجي ته نظريو Theory اسان وٽ (سنڌي
اديبن/ماڻهن) ڇا آهي؟
اسان وٽ محرومي
پنهنجي انتها تي پهتل آهي ۽ انهيءَ انتها تي پهتل محرومي جي احساس اسان جي سوچن کي
انتها تي پهچائي ڇڏيو آهي. تنهنڪري اسان انتهائن جي جڪڙ مان نه نڪري سگهيا
آهيون..... سياست ته انتها،... غلط يا صحيح..... هاڪاري يا ناڪاري... فائديمند يا
نقصانڪار... پر انتها.. اها به منطقي rational/logical نه پر رڳو هٿوراڙيون...، مثلن جيڪڏهن سياست ڪبي ته ادب لاءِ ٽائيم
ناهي... اديب ٿيندو ته سياست سان ڪو واسطو ناهي... جوان پوليس ۾ سپاهي ڀرتي ٿيو ته
پنهنجي غربت ۽ مظلوميت وارو احساس ختم... پوءِ پاڻ جهڙن غريبن تي پيو ظلم ڪندو...
۽ اهڙا سوين رويا اسان کي اسان جي معاشري ۾ ملي ويندا. ان جي ڀيٽ ۾ برطانيه جا ڪافي
حڪمران وڏا اديب رهيا آهن..... ونسٽن چرچل جون لکڻيون... بهترين مقرر... مدبر... ليکڪ...،
ظهيرالدين بابر جو بابرنامو... ادب جو شاهڪار آهي... واجپائي بهترين شاعر ۽ سياستدان
آهي، آمريڪي صدر ووڊرو ولسن هڪ ناميارو دانشور هو..... اهڙا سوين مثال وٺي سگهجن
ٿا.
اسان وٽ ادب جي
دنيا ۾ جڏهن به لفظ ”نظريي“ جوذڪر اچي ٿو ته ان کي يڪدم سياست يا مارڪسزم سان
جوڙيو وڃي ٿو ۽ ساڳئي وقت ان کان اهو چئي جان ڇڏائي ٿي وڃي ته اسان جو سياست يا
سياسي نظرين سان ڪو واسطو ڪونهي.... ڇا نظريا رڳو سياست جا هوندا آهن؟ يا نظريو
رڳو مارڪسزم جو نالو آهي؟ پهرين ڏسو ته نظريي جي معنيٰ ڇا آهي؟ نظريو Theory ڪن منظم Systematic خيالن، تجربن،
مشاهدن ۽ تجزين جو نچوڙ آهي... اهو رڳو سياست تائين محدود ناهي. ڪجهه وقت اڳ هڪ اخبار
جي تخليقڪار صفحي تي هڪڙي مشهور اديب جو مضمون هو ته ”ڇا ادب لاءِ نظريو ضروري
آهي؟“ ان فوراً مارڪسزم يا سياست کي نشانو بڻايو... چئي لطيف سرڪار مارڪسزم کا اڳ
جو هو ۽ مارڪس بعد ۾ ڄميو، پر پوءِ به لطيف سائين بهترين شاعري ڪئي آهي. لطيف
سائين ڪو نظريو نه پڙهيو هو... وغيره ... بلڪل درست پر...، چوڻ جو مطلب ته نظريا
صرف سياست لاءِ ته ناهن هوندا... مثال اسان وٽ چيو ويندو آهي ته سنڌي ٻولي جي
اصليت بابت ڊاڪٽر بلوچ جو نظريو يا سراج ميمڻ جو نظريو... اهي نظريا سياست ته
ناهن... ته پوءِ نظرين کي سياست واري تعصبي Biased سوچ سان ڇو ٿو ڏٺو وڃي؟ نظريا
ادبي به آهن... لساني به آهن... سماجي به آهن... فلسفي جا به آهن، معاشي به....
نظريي بابت ٻي
غلط فهمي هي آهي ته نظريو چوي ٿو (جيئن هي
سمجهن ٿا) ته اديب کي پڪڙي مجبور ڪجي ته فلاڻي شيءِ نه لک... فلاڻي شيءِ لک... اها
ڳالهه بنهه غلط آهي. نظريو (خاص ڪري ادبي نظريو) اهو قطعي ڪونه ٿو چوي ته هي ڪهاڻي
لک ۽ هي نه لک، پر نظريو اهو تجزيو ڪري ٿو ته اديب پنهنجي ادبي لکڻي ۾ ڇا لکيو
آهي؟... هن اهو ادبي شهپارو ڇو سرجيو آهي؟... جيئن ادبي ڪارج جي ڳالهه ڪجي ٿي
ته.... اديب هن ذريعي ڪهڙو مقصد حاصل ڪرڻ گهري ٿو، اهو مقصد صرف سياسي ته نه هوندو
آهي... اديب ڪڏهن ڪڏهن ادبي تحرير ذريعي ڪنهن سچائي جواعتراف ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن
معاشري يا انسان کي وسريل قدرن بابت ياد ڏياري ٿو، ڪڏهن ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندو آهي،
ڪڏهن ماڻهن کي تفريح مهيا ڪندو آهي، ته ڪڏهن جمالياتي حسن جو پنهنجي فن ذريعي اظهار
ڪندو آهي. انهيءَ پس منظر ۾ نظريو رڳو Decode ڪري ٿو ته اديب انهيءَ فن پاري ۾ ڪهڙو پيغام سمايو/ encode ڪيو آهي ۽ ڪيئن
سمايو آهي. اديب آزاد آهي جيڪو چاهي تخليق ڪري، لکي، سرجي پر ان جي گهڻ پاسائين
پيغام کي نظريا ئي پروڙيندا آهن. ان ڪري ادبي نظريا ادب کي سرجڻ لاءِ نه پر ادب کي
سمجهڻ ۽ ان جي ڪارج ڏسڻ لاءِ ضروري آهن.
پر بد قسمتي سان
سنڌي ادب ۾ ان ڳالهه تي نه ته ڪڏهن ڌيان ڏنو ويو آهي نه ان پهلو کي سمجهڻ ۽ لاڳو
ڪرڻ لائق ئي سمجهيو ويو آهي. نتيجتًا اسان نظريي کي هڪڙي محدود عينڪ سان ڏسڻ جا
عادي ٿي ويا سين جنهن سان نه صرف تنگ نظري ۾
اضافو ٿيو پر محرومي اڃا وڌي وئي ۽ نظريي جو تصور به ڀوائتو ٿي ويو. شيخ
اياز جڏهن چيو هو ته نظريا سڀ خاڪي آهن ۽ ادب ئي لافاني آهي ته ان کي به غلط
سمجهيو ويو. اياز جو مطلب اهو هو ته ادب نظريي کان مٿاهين تخليق آهي ۽ نظريا پاڻهي
ادبي شهپاري جو تجزيو ڪندا ۽ ادب جي پٺيان ايندا پر اديب کي هڪڙي نظريي جي عينڪ
چاڙهي پروپئگنڊا وارو يا ٻئي ڪنهن نصيحت وارو ادب نه سرجڻ گهرجي. پر ادب خود ادب
هجي ۽ نظريا پاڻهي پيا ان جو تجزيو ڪندا. پر پوءِ اديبن ان کي بنياد بڻائي
تنقيدنگاري کي ئي نا پسنديده بڻائي ڇڏيو ۽ نتيجي طور سنڌي ادب ۾ تنقيدنگاري وارو پاسو
پروان چڙهي ئي ناهي سگهيو. تنهنڪري نظريي جي خلاف اها بيگانگي alienation ادب کي پوري
طرح سمجهڻ کان محروم رکيو پئي اچي.
هاڻي اچون ٿا
ادب جي مروج نظرين ڏي. ادبي نظرين ٻولي ۽ ليک کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ڪئي آهي، جنهن
سان انساني سوچ جا نوان زاويا دريافت ٿيا
آهن. نه صرف ايترو پر ثقافت، تاريخ، تمدن ۽ سياست جا نوان پهلو سامهون آيا آهن.
مثلاً مارڪسي ادبي تنقيدنگاري ذريعي معاشري جي طبقن ۽ انهن جي تضادن بابت اسان کي
مواد ملي ٿو، جيڪو ٻڌائي ٿو ته ادبي
لکڻيون به انهيءَ هيٺ مٿاهين کان خالي ۽ آجو ناهن.
آئون جيڪڏهن
انهيءَ سڄي ڳالهه کي ٽن حصن ۾ تقسيم ڪريان ته نظرين سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملندي. سڀ کان
پهريان ته هن وقت پوري دنيا ۾ متن- متعلق Text-based نظريا آهن. انهن نظرين ذريعي نقاد ۽ اديب اهو ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو
آهي ته متن Text کي مصنف Author کان الڳ ڪري فن/آرٽ طور پروڙجي. انهن نطرين ۾ شامل آهن، ٻولي جو
علم Philology، هيئت- پسندي Formalism، ساختيات Structuralism، ساختيات-
پڄاڻان Post-structuralism/Deconstruction، نئين تنقيدنگاري New Criticism، ۽ نشانين جو مطالعو Semiotics اچي ٿا وڃن. پر جيڪڏهن مصنف جي تناظر وارا نظريا Author based approaches ڏسجن ته انهن نظرين ۾ Biographical-Historicism، تحليل-نفسي تنقيدنگاري Psychoanalytic، مظهريات Phenomenology اچي ٿا وڃن. جڏهن ته قاري اساس/ پڙهندڙ جي اوليت پسندي Reader based وارن نظرين ۾
نظريه قبوليت Reception Theory، اتهاسي-قبوليت Reception-History، ۽ قاري اساس تنقيد Reader-response
Criticism شامل آهن ۽ آخر ۾ خالص تناظر Context جي بنياد تي
ٻڌل نظريا آهن. انهن ۾ ادبي تاريخ Literary
History، مارڪسي تنقيدنگاري Marxist Theory، عورتازاد
تنقيدنگاري Feminist Theory، نئين اتهاسي تنقيدنگاري New-Historicism ۽ ثقافتي مطالعو Cultural Studies ۽ ٻيا نظريا شامل آهن.
ٿلهي ليکي اسين
چئي سگهون ٿا ته هڪڙا نظريا اهڙا آهن جيڪي مصنف جي ذاتي زندگي يعني آتم ڪٿائي
ائپروچ کي تنقيدنگاري جو مرڪز بڻائن ٿا. ٻيا نظريا وري پڙهندڙ جي پسمنظر وارا آهن
جيڪي ڏسن ٿا ته پڙهندڙ وٽ انهن جي قبوليت ڪيتري آهي، يعني مقبوليت، ڪتابن جي ڪاپين
جي وڪري ۽ پڙهندڙن وٽان انهن جي موٽ ڪهڙي آهي، جيڪو پاپولر ادب آهي. ان بعد Contextual يعني تناظر يا پسمنظر وارا نظريا آهن جيڪي متن
کان اڳتي وڌي سماج جي رهڻي ڪهڻي يا سماجي اوچ نيچ ۽ ڦير گهير متعلق آهن. پر انهن
سڀني مان جن نظرين لساني مطالعي کي زور وٺايو ۽ انهن کي ادبي دنيا ۾ نيون وسعتون
بخشيون اهي آهن مَتني Textual تنقيدنگاري آهي، انهن تنقيدي نظرين سموري ادب ۽ سماج ۾ هلچل برپا
ڪري ڇڏي. خاص ڪري ساختيات ۽ ساختيات- پڄاڻان وارن نظرين، لساني ۽ ثقافتي حوالي سان
دنيا ۾ نوان بحث کولي ڇڏيا. جنهن ڪري نه صرف ادب ۽ ٻولي جون سمتون/ ڪايا پلٽ Paradigms تبديل ٿيون
پرٻين سمورن سماجي علمنSocial Sciences جهڙوڪ علم الانسان Anthropology سياسيات Political
Science سماجيات Sociology، فلسفو Philosophy .... تقريبًاسمورن علمن تي نوان زاويا
کلي ويا...اهڙي طرح سان جديديت- پڄاڻان ۽ بيٺڪيت –پڄاڻان جو مطالعو به اچي وڃي ٿو.
جيستائين انهن
نظرين جي وجود ۾ اچڻ جو سوال آهي ته انهن پٺيان مختلف محرڪ آهن.مثال ساختيات ۽
ساختيات - پڄاڻان فرڊيننڊ ڊي سوسيئر Ferdinand De
Saussure جي خيال کان متاثر ٿيا ته ٻولي هڪ
نظام جو حصو آهي. جنهن نموني سمورا نظام وري ڪنهن وڏي سسٽم جو حصو آهن.جنهن چيو ته
اسين شين کي ٻين شين جي ضد متضاد Binary
Opposition ڪري سڃاڻون ٿا.... يا هيئت-پسند
وري حقيقت نگاري جي مخالفت ۾ آيا جن چيوته ادب ۽ ٻولي کان اخلاقيات، سياسيات،
سماجيات وغيره کي الڳ ڪيو وڃي.ادب ۾ ادبيت هجي ۽ ان ۾ ٻين عنصرن جيئن ليکڪ ڇا هيو
ڇا چاهيوٿي ....کي ٻاهر ڪڍيو وڃي ۽ پوءِ ڏٺو وڃي ته ان تحرير جي اندر ادبيت Literariness ڪيتري آهي.
جيئن مارڪسزم تنقيدنگاري وري معاشي ۽ سماجي اڻ برابري کي ادب ۾ ڏسي ٿي... تحليل
نفسي وري نفسيات کي محرڪ بڻائي ٿي. مقصد ته مختلف نظريا مختلف شين ۽ ان وقت موجود
لقائن جي ڪري ٿيا يا وري گذريل ادبي ماڻ ماپن جي ضد ۾ آيا. بهرحال اهڙي سرگرمي نين
شين کي سامهون آڻي ٿي.
No comments:
Post a Comment