26/07/2013

سنڌوءَ جو سيلاني - راز ناٿن شاهي (Raz Nathan Shahi)



سنڌوءَ جو سيلاني
(انور پيرزادي جي انگريزي ۾ ڇپيل ڪتاب ”انڊس اينڊ اٽسس ڊيلٽا“ جي مهور تي تقريب جي حوالي سان)
راز ناٿن شاهي
سنڌ ڌرتيءَ جي ماڳن ۽ مڪانن سان جيڪا ويڌن ورهاڱي کان پوءِ ٿي آهي اها تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ٿي وئي آهي ۽ جڏهن به سنڌ سان بي انتها پيار ڪندڙ انسان اها ورق گرداني ڪري ٿو ته حيرانيءَ جا ڪيئي نوان در کلي ٿا پون، ”سنڌ ڏاڍي ڊسٽرب ٿي آهي“ سنڌ کي ڏاڍو نابود ڪيو ويو آهي، هي لفظ آهن سنڌ جي شاعر، صحافي، دانشور ۽ شاهه جي سنجيده پارکو انور پيرزادي جا جيڪو پنهنجي مرشد لاکيڻي لطيف جيان سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳن تي پهچي پنهنجي اکين سان انهن جي تباهي ڏسي رنجيده ٿيو آهي، جنهن جو اظهار هن پنهنجن مضمونن ۽ دوستن سان اڪثر ڪيو آهي، هن ملڪ ملڪ جي سير ڪرڻ کان وڌيڪ ترجيح سنڌ جي سفر کي ڏني.

”سؤٽ، ثقافت کاتي پاران سنڌوءَ ياترا تي ٻن ڏينهن کان پوءِ وڃان پيو.“ انور مون کي ٻڌايو.
”جنهن به هنڌ وڏو پاڻي ڏسين ته مون پاران سلام پيش ڪجانءِ“ مون چيو.
”جيڪڏهن چوين ته گلاب جا گل ڀيٽا ڪيانس؟“ هن مرڪندي چيو.
”واهه واهه.....پوءِ ته لهر لهر خوشبو هوندي سئوٽ....“ مون به خوش ٿيندي چيو.
”ٺيڪ آ.... سر بستو احوال واپسيءَ کان پوءِ ڏيندوسانءِ“ انور چيو.
اها ڳالهه آهي آڪٽوبر ۱۹۸۹ع جي آخري ڏهاڙن جي ۽ پوءِ اخبارن ذريعي معلوم ٿيو ته سنڌ جي ثقافت کاتي پاران سنڌو درياهه جي اڀياس لاءِ ٻاويهن ڏينهن لاءِ چوڏهن سيلانين تي مشتمل هڪ قافلو ترتيب ڏنو ويو هيو جنهن کي صوبي پختون خواهه جي ضلعي پشاور ۾ اٽڪ جي پل ڀسان ان هنڌ تان سفر شروع ڪرڻو هيو جنهن هنڌ تان ڪابل درياهه سنڌو درياهه سان اچي ملي ٿو. پختون سنڌو درياهه کي اباسين چوندا آهن. بهرحال هي معلوماتي سفر ڏاڍو ملهائتو هيو، خاص ڪري سنڌوءَ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ انسانن لاءِ جن کي واپسيءَ کان پوءِ انور پيرزادي انگريزيءَ ۽ سنڌيءَ ۾ تحريري ويس پارائي پڌرو ڪيو.
سنڌ ۾ سفرناما لکڻ ۾ سڀ کان وڏو نالو الطاف شيخ جو ليکيو وڃي ٿو پر هن جا سڀ سفر سامونڊي ۽ پرڏيهي آهن پر انور پيرزادي جو سنڌوءَ وارو سفر هڪ روئداد هئي، هڪ محبت هئي، سنڌ سان هڪ ازلي چاهه جي نشاني هئي، جنهن ۾ هن سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن تي آباد انسانن جي رهڻي ڪهڻي، سندن مادري ٻولي ۽ ان جو لهجو، سندن روزگار جو ذريعو ۽ سادگيءَ سان ڀريل زندگيءَ کي تمام ويجهو ٿي ڏٺو ۽ هن سموري سفر کان پوءِ انور پيرزادو مورڳوئي سنڌوءَ جو سيلاني ٿي پيو ۽ سندس ڪا به تحرير يا ڳالهه لطيف سرڪار جي شاهڪار بيتن سان ضرور سينگاريل هوندي هئي جنهن ۾ پنهنجي سنڌ ڌرتيءَ سان نينهن جو ناتو جڙيل صاف نظر ايندو هيو، ڇاڪاڻ ته هن سنڌ جي قدرتي حسن کي سنڌو ياترا ۾ ويجهو ٿي ڏٺو ۽ انهيءَ اقرار ڪرڻ کان به نه مڙيو ته سنڌ جي قدرتي خوبصورتيءَ کي ڪڏهن به درست طرح لفظن ۾ نٿو جڪڙي سگهجي!! سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن تي لکين خوبصورتيون موجود آهن، توهان آخر ڪنهن ڪنهن جي واکاڻ ڪندئو!! مون ڪڏهن ڪڏهن ته اهو به محسوس ڪيو ته انور پيرزادي کي سنڌ جي جابلو علائقن، واريءَ جي ڀٽن ۽ سنڌوءَ جي ڪنارن تي ساوڪ جي اڻ کٽ سلسلي سان ايترو ته چاهه آهي جو باقي دنيا هن کي نٿي هرکائي سگهي.
”سؤٽ، خبر اٿئي سنڌوءَ جي پيٽ منجهان سون ٿو نڪري!“ سفر کان واپس ٿيڻ کان پوءِ ملاقات ۾ ٻڌايائين.
”ڄامشوري ۾ ته هاڻي واري پئي ٿي نڪري صاحب“ مون چيو ”يار تربيلا کان وٺي ڪالا باغ جي ڪيترن ئي هنڌن  ننڍڙا ننڍڙا ڳوٺڙا آهن، جن ۾ رهندڙ ماڻهن جو ڪم ئي سنڌوءَ مان سون ڪڍڻ آهي!!“ انور منهنجي معلومات ۾ اضافو ڪيو.
”پر وڏو ڀاءُ ٿو چوي ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهيو!؟“ مون هن کان پڇيو ”انهيءَ ڪاري بلا جي ٺهڻ کان پوءِ سنڌ ڀڙڀانگ ٿي ويندي منهنجا سائين“ انور چيو
”پوءِ اسان وارا ڀوتار ڇو خاموش آهن!؟“ مون پڇيو ”جڏهن گهٽو ايندن ته ڏسجان ته ڪيئن ٿا رڙيون ڪن“ انور چيو پوءِ واقعي ڪمون شهيد وٽ قوم پرستن جي ڌرڻي ۾ سنڌ جا سڀئي ڀوتار محترمه بينظير ڀٽو جي اڳواڻيءَ ۾ ڪالا باغ ڊيم خلاف گڏ ڏٺا ويا!
سنڌ جي هر حصي کي جنهن نموني لطيف سائين گهمي ڦري ڏٺو ۽ هر علائقي جي عڪاسي پنهنجي بيتن ۾ ڪئي اهڙيءَ ئي واٽ جو پانڌيئڙو اسان جو هيرو پيارو دوست انور پيرزادو به هيو، جنهن سنڌوءَ جي سيلان مهل ڪيترن ئي هنڌن تان مڻيا، رانديڪا جيڪي مٽيءَ منجهان ٺاهي پوءِ آويءَ منجهه پڄايا ويندا آهن ۽ کوڙ ساريون ٺڪريون ميڙي گڏ ڪيون ۽ وڏي دليل سان اهو ٻڌائيندو رهيو ته انهن سڀني شين جو ڪنهن نه ڪنهن حد تائين سنڌ جي اوائلي تهذيب سان تعلق آهي ۽ سنڌ ۾ رهندڙ ڀيل، ميگهواڙ ۽ ڪولهي دراصل سچا موهن جي دڙي جا وارث آهن ڇاڪاڻ ته سندن، رنگ ۽ بدني بناوٽ بلڪل ئي ڪنگ پريسٽ ۽ ڊانسنگ گرل جي هٿ آيل مجسمن جهڙي آهي ۽ سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب جو اثر تمام پري پري تائين هيو ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن تي آباد انسانن جو تعلق اڃا به هڪ ٻئي سان آهي ۽ هي ثقافتي ۽ تهذيبي اثر مختلف رنگ مٽائيندي نسل در نسل اڄ به موجود آهي، جنهن جا نشان صدين گذرڻ کانپوءِ به زندهه آهن ۽ اهي ئي اهي نشان آهن، جيڪي سدائين جيئري رهڻ واري ثقافت کي، سڃاڻ کي ۽ خوشبوءَ کي تاريخ جي ورقن ۾ سانڍي رکن ٿا ۽ اهڙن ئي سنڌ ڌرتيءَ سان بي انتها پيار ڪندڙ انسانن منجهان سنڌوءَ جو سيلاني انور پيرزادو به آهي، جنهن جون ڳالهيون ۽ تحريرون ڪڏهن به وساري نٿيون سگهجن.

No comments:

Post a Comment