17/08/2013

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي - احسان بدوي (Ihsan Badvi)



ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي
Dr. Hotchand Molchand Gurbakhshani
 احسان بدوي
ويجهڙائي زماني ۾، جن سنڌي اديبن، شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ جي حالات، ۽ اُن جي ڪلام متعلق، سوچيو ۽ لکيو آهي، اُنهن ۾ مرحوم ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو نالو، هميشہ زنده رهندو. آءٌ جيڪر اِئين چوان ته جيستائين شاه لطيف ۽ اُن جي رسالي کي پڙهڻ وارا زنده آهن ۽ اُن بر گزيده هستيءَ لاءِ سندن دلين ۾ توقير، محبّت ۽ شوق آهي؛ تيستائين سنڌ وارا، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي ڪڏهن به وساري نٿا سگهن. حقيقت هئن آهي، ته جڏهن به، اسان شاه ڀٽائي جي رسالي متعلق خيال ڪيون ٿا، ته ڊاڪٽر صاحب جو نالو، ۽ اُن جو تدوين ڪيل رسالو، اسان جي دل تي، ازخود تري اچي ٿو. هن حقيقت ۾، ڪوبه وڌاءُ نه آهي، ته گربخشاڻيءَ، شاه جي رسالي کي ترتيب ڏئي، سنڌي ادب ۾ نه فقط مٿاهين جڳهه حاصل ڪئي آهي؛ پر مٿس هڪ لازوال احسان به ڪيو آهي.

ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، 8 مارچ 1884ع ۾، حيدرآباد (سنڌ) ۾ تّولد ٿيو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ننڍپڻ ڪهڙيءَ طرح گذريو، تنهن بابت، ڪجهه به معلوم نه ٿي سگهيو آهي. حقيقت ۾، اُهي اديب يا شاعر، جن ادب ۾، پنهنجي بي نظير ڪارنامن سان، بلند جڳهه حاصل ڪئي آهي، تن جي ابتدائي زندگي، عام جي نگاهن کان هميشہ ڇپيل رهي آهي؛ ۽ اُن ڪجهه عرصي گذرڻ کانپوءِ، افسانن ۽ من گهڙت روايتن جو روپ اختيار ڪيو آهي. هن هقيقت جو احساس، خود ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي به هو؛ جئن شاه لطيف جي سوانح عمريءَ ۾، هڪ هنڌ لکيو اَٿائين:
مشرقي دماغ، افسانه پردازيءَ لاءِ، نهايت قابل آهي، ۽ ڪرامتن ۽ معجزن جون خواهان؛ ڄڻ ته ڪنهن بزرگ جي حياتي ئي، هڪ وڏو معجزو نه آهي. ڪنهن به بزرگ يا شاعر جي سوانح عمري، جاچي ڏسبي: ته سندس ساري حياتي، هڪ غيب جي دائري ۾، عجيب ۽ غريب ڳالهين سان گهيريل ڏسڻ ۾ ايندي. (مقدمہ: ص: 1-2)
ساڳيءَ طرح، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي اوائلي حياتي متعلق، اسان کي هڪ افسانو ملي ٿو؛ جو آنجهاني ديوان لعل چند جڳتياڻيءَ، ’سنڌو‘ رسالي جي، 1942ع واري خاص اشاعت ۾ لکيو آهي. ديوان صاحب جي لکڻ موجب؛ ڊاڪٽر صاحب- ننڍپڻ ۾، نهايت ئي نحيف ۽ ڪمزور هو؛ ۽ مٿس اڪثر بيمارين جا حملا ٿيندا رهيا ٿي. قدرت کي شايد اِهوئي منظور هو؛ ته ابتدا ۾، هن نحيف ۽ اَڀري جسم کي تڪليفن سان دوچار ڪري، هڪ اِهڙي ڪم لاءِ تيار ڪيو وڃي. جو نه فقط صبر آزما هجي، بلڪ کيس اَدبي دنيا ۾ به غير فاني ڪري ڇڏي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تعليم تي، نگاه ڊوڙائڻ سان، معلوم ٿئي ٿو؛ ته سندس والدين، کين تعليم کان محروم نه رکيو؛ بلڪ اعليٰ تعليم سان کيس سينگاريو. ابتدائي ۽ ثانوي تعليم کي ختم ڪري، ڊاڪٽر صاحب، 1900ع ۾ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ داخلا ورتي- جو اُن وقت سنڌ جي تعليمي ريگستان ۾، ڪڪر ۽  برسات ٿي وسي رهيو هو. ڊاڪٽر صاحب  1905ع ۾، بي- اي جو امتحان امتيازي شان سان پاس ڪري، ايم- اي لاءِ بمبئيءَ جي ولسن ڪاليج ۾ داخلا ورتي. 1907ع ۾، ڊاڪٽر صاحب تعليم جي سلسلي کي ختم ڪري، ولسن ڪاليج ۾ ئي انگريزيءَ، ۽ فارسيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. مگر وطن، ۽ اُن جي ڀٽن ۽ ڀاڻن جي محبت ۽ ڪشش، اِهڙي نه هئي، جو هن کي پان کان دور رکي سگهي. ٿيو به اِئين، جو هو ٻي سال، يعني 1908ع ۾، ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾، پارسيءَ جي پروفيسر جي حيثيت سان داخل ٿيو، ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين اُن ئي ڪاليج ۾، مختلف عهدن تي فائز رهيو، ۽ اُنهن کي خوش اُسلوبيءَ ۽ ديانتداريءَ سان، نڀائيندو رهيو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب، اعليٰ تعليم حاصل ڪري چڪو هو، مگر اِن جي باوجود، سندس علمي تشنگي ٻجهي نه هئي. عّلامه اقبال جي اُن شعر مطابق، جو هن يورپ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وقت، ”التجائي مسافر“ ۾ لکيو هو:
چلي هـي لـي کـي وطن کـي نگارخانـي سـي
شراب علم کي لذت کشان کشان مجهه کو
هن علم جي پياسي کي، 1928ع ۾، مغرب وڃڻ جو موقعو مليو. ڊاڪٽر صاحب، لنڊن يونيورسٽي ۾ رهي، هڪ مقاله، ”انگريزي شاعريءَ ۾ تصّوف“ متعلق لکيو؛ جنهن تي، کيس ڊاڪٽريءَ جي سند ملي. 11 فيبروري 1947ع ۾، ڊاڪٽر صاحب جي مستعار حياتي جو چراغ، هوا جي هلڪي جهٽڪي سان وسامي ويو. ان وقت، ڊاڪٽر صاحب، ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾، پرنسپال جا فرض اَدا ڪري رهيو هو. ڊاڪٽر هرو سدارنگاڻيءَ، سندس وفات تي، هڪ مرثيه لکيو آهي؛ جنهن مان چند شعر هيٺ ڏيان ٿو:
بيرنگ سنڌ جي ٿو ادب جو چمن ڏسان
افسوس دست ظلم هلايو مٿس خزان
جو گل ادب ۽ علم جي گلشن جو زيب هو
باد سموم موت جي مرجهايو ناگهان
ڌاڙو هڻي نه ڪهڙو دليرانه ڏينهن ڏٺي
گنج ادب اسان جو کڻي وئين، اي آسمان!
ڊاڪٽر گربخشاڻي، هڪ اديب جي حيثيت ۾، سنڌي ادب ۾ هڪ درجو رکي ٿو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب جون تصنيفون ٿوريون آهن؛ مگر پنهنجي موضوع، ۽ تحقيقات جي نقطه نگاه کان اهم، ۽ اعليٰ آهن. ڊاڪٽر صاحب، ’شاه جي رسالي‘ کان سواءِ، ٻه ٻيا به ڪتاب لکيا آهن؛ جي آهن: ’نورجهان‘ ۽ ’لواريءَ جا لعل‘.
نورجهان، جا ڪنهن وقت، نه فقط شهنشاه جهانگير جي دل، ۽ دماغ تي، حڪمراني ڪري رهي هئي، بلڪ هندوستان، ۽ مغليه سلطنت جي قسمت جي مال ڪپڻ آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ هي ڪتاب، 1915ع ۾ لکيو؛ جڏهن هن، ادبي دنيا ۾ نئون نئون قدم رکيو هو. جيتوڻيڪ هي ڪتاب، سندس ابتدائي ڪاوشن جو نتيجو آهي، مگر اِن جي باوجود، هن ناول مان، سندس ادبي پختہ ڪاريءَ، ۽ ذوق جو اندازو پڻ لڳائي سگهجي ٿو. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، جئن هن ڪتاب جي منڍ ۾ ڄاڻايو آهي، ته هن ڪتاب جو پس منظر تاريخي آهي، مگر ان جي باوجود، هن ڪتاب جي حيثيت، هڪ ناول کان زياده نه آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڪيتري قدر هڪ ڪامياب ناول نگار آهي؛ سو پنهنجيءَ جڳهه تي هڪ جدا بحث آهي. مگر هن ڪتاب کي پڙهندي، دل، ۽ دماغ تي هڪ ڪيفيت ڇانئجي وڃي ٿي، ۽ اِن کان سواءِ واقعات ۽ ٻوليءَ جو، جو امتزاج ملي ٿو، سو هڪ ڪامياب ناول جي خاصيت آهي. تحرير جي طرز، ۽ اُسلوب بيان، منظر نگاري، ۽ عشق و محبّت جو داستان، ڏک ۽ سک جا واقعات، ۽ ڪردار نگاري، نهايت ئي دلڪش، ۽ وڻندڙ طريقي تي بيان ڪيل آهن. هن ڪتاب مان، ڊاڪتر گربخشاڻيءَ جي اصليت، چڱيءَ طرح نمايان ٿئي ٿي.
داڪٽر گربخشاڻيءَ جي ادبي تخليقات ۾، ’شاه جو رسالو‘ هڪ شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو. هن ڪتاب جي مطالع مان، اسان کي، ڊاڪٽر جو محققانه شان، ۽ هن جي ادبي بالغ نظري، نهايت ئي نمايان طور تي نطر اچي ٿي. ڊاڪٽر صاحب جي هيءَ ادبي تخليق، نه فقط سنڌي ادب ۾ اضافو آهي، بلڪ اِن مان، هن جي محقق، عالم ۽ نقاد، هئڻ جو پڻ ڪافي ثبوت ملي ٿو. هن ڪتاب مان، اسان کي نه فقط، سندس عربيءَ، ۽ پارسيءَ جي وسيع علميت جي ڄاڻ پوي ٿي، بلڪ سنڌي زبان، جنهن نموني ٺهي آهي، ۽ جن ٻولين جي ذريعي جڙي آهي، يعني پراڪرت، جا سنسڪرت جي بگڙيل صورت آهي؛ تنهن بابت به هنجي گهري مطالع جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. ان کان سواءِ، ڊاڪٽر صاحب، شاه ڀٽائي جي صحيح ڪلام کي گڏ ڪري، هڪ مستند نسخو، سنڌي ادب کي ڏنو آهي، جنهن ڪري، شاعر جي ڪلام جون سموريون خصوصيتون، ۽ ان جي شاعريءَ جو اصلي زيب، ۽ زينت ظاهر ٿي پيو آهي.
اِن کان اڳ، جو ’رسالي‘ جي خوبين، ۽ خامين تي بحث ڪيو وڃي؛ هت اِهو ضرور آهي، ته رسالي جي ترتيب؛ ۽ اُن جي پس منظر تي نگاه وڌي وڃي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، پهريون اديب نه آهي، جنهن شاه جي ڪلام کي گڏ ڪيو آهي. ڊاڪٽر صاحب کان اڳ به، سرڪاريءَ طرح ۽ غير سرڪاريءَ طرح؛ ڪيترن ئي ٻين اديبن، شاه جي ڪلام کي گڏ ڪيو آهي. انهن ۾، هڪ مستشرق عالم ڊاڪٽر رنسٽ ٽرمپ، ۽ شمس العماءِ مرزا قليچ بيگ جا نالا اهم آهن. ڊاڪٽر ٽرمپ جو رسالو، جرمنيءَ جي لپسيا شهر مان 1866ع ۾، ڇپجي پڌرو ٿيو. جيتوڻيڪ هڪ مغربي عالم جي هيءَ ڪوشش، تحسين جي نگاه سان ڏٺي وڃي ٿي، مگر ڇاڪاڻ ته هن رسالي ۾، ڪيتريون ئي تلّفظ وغيره جون غلطيون آهن. ان ڪري، اِن کي صحيح نسخو نٿو سڏي سگهجي. مرزا قليچ بيگ، خود پنهنجي نسخي کان مطمئن نه آهي. مرزا صاحب، ڪتاب جي شروعات ۾، ان ڳالهه ڏانهن هن طرح اشارو ڪيو آهي:
”صحيح ۽ سچو نسخو، شاه جي رسالي جو، اڃا به گهربل آهي. سگهو ئي، ڪنهن علم واري کي دل ۾ خيال پوندو، جو اِهڙو ڪتاب ڇاپائي پڌرو ڪندو.“
اِنهن ڳالهين کي خيال ۾، رکي ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ، شاه جي رسالي کي ترتيب ڏيڻ جو گران بار، پنهنجي سر تي کنيو. حقيقت ۾، اِهو نهايت ئي مشڪل آهي، جو هڪ اِهڙي شاعر جي ڪلام جو صحيح نسخو تيار ٿئي، جنهن جا اڳ ۾ ئي، تمام گهڻا نسخا موجود هجن. هن ڳالهه جو، خود ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ کي به احساس آهي: جئن ته رسالي جي جلد اول ۾ ڄاڻايو اٿس:
”خوشيءَ جو باعث ٿيندو، جڏهن اهڙو ڪو عالم ساماڻبو، جو هن ڇاپي کي به منسوخ ڪري، نئين سر محنت وٺي رسالي جو هن کان به بهتر نسخو تيار ڪري ڇپائيندو.“
مگر اِن هوندي به، ڊاڪٽر صاحب، ڪمال احتياط ۽  خبرداريءَ سان، هڪ صحيح، ۽ مستند نسخي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ شاه جي ڪلام کي، باشرح چئن جلدن ۾ لکيو آهي. جنهن جا ٽي جلد ترتيب وار: 1923، 1924 ۽ 1931ع ۾، شايع ٿي چڪا آهن. هتي هن ڳالهه جي افسوس ڪرڻ کان سواءِ رهي نٿو سگهجي، ته ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها، جو باقي چوٿون ۽ آخري حصو به تحت طبع ٿئي ها، ته اسان کي شاه جي آخري ڪلام جو ڪي قدر، صحيح نسخو مڪمل صورت ۾ حاصل ٿي وڃي ها. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ پنهنجي رسالي کي ترتيب ڏيڻ وقت، اُنهن سڀني شايع ٿيل نسخن کي ڀيٽيو آهي، جي اُن وقت، موجود هئا، ۽ ان کان سواءِ ٻيا قلمي نسخا، جهڙوڪ: بلڙيءَ ۽ ڀٽ وارا قلمي نسخا، مرحوم مير عبدالحسين خان ٽالپر وارو قلمي نسخو، ۽ پرٽش ميوزيم لنڊن واري نسخي سان ڀيٽي، شاه جي صحيح ڪلام پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو رسالو، اِهڙو نه هو جو اُن وقت جي علمي، ۽ ادبي ماحول ۾، هبحان، ۽ طرفان برپا نه ڪري؛ تحسين، ۽ نڪته چينيءَ جي گڏيل جذبات جو، اظهار ٿي رهيو هو. هڪ طرف، مرحوم قاضي اسدالله شاه، مرحوم مرزا قليچ بيگ، پرمانند ميوا رام؛ ۽ ڀيرومل مهرچند، ٻي طرف، ڄيٺمل پرسرام، ۽ ليلا رام وطڻ مل، سندس ڪيل محنت تي، ڪڙي نڪته چيني ڪري رهيا هئا. هن ڪتاب جي شايع ٿيڻ سان، ڊاڪٽر صاحب تي، مختلف ڳالهين جي پيش نظر، اعتراض ٿي رهيا هئا. مکيه اعتراض، جو مٿس ٿي رهيو هو، سو اِهو هو؛ ته ڊاڪٽر صاحب، هزار جي قريب بيت، رسالي مان ڪڍي ڇڏيا آهن. خود مرزا قليچ بيگ ان متعلق لکيو هو:
”پروفيسر گربخشاڻيءَ، جيڪي هڪ هزار بيت ڪڍي ٿو ڇڏي، تن لاءِ ڪا سند ڏئي، ڇو ته اِنهيءَ جي جوابداري مٿس آهي.“
ڊاڪٽر صاحب، ڪيتري قدر، اِنهن بيتن جي ڪڍڻ ۾ حق بجانب هو، سو هڪ علحده بحث آهي، ۽ آءٌ ان کي اُنهن لاءِ ڇڏيان ٿو، جي آئينده، شاه جي رسالي کي ترتيب ڏيندا. هتي صرف، هي ڏيکارڻو آهي، ته اُن وقت جي ٻن اخبارن، ’ڀارت واسي‘، ۽ ’پرڪاش‘ ۾ مهينن جا مهينا، رسالي تي ڇڪتاڻ هلي رهي هئي، ۽ اِن ڇڪتاڻ ۾، ڄيٺمل پرسرام، ۽ ڀيرومل مهرچند، مکيه حصو وٺي رهيا هئا. هن ڇڪتاڻ جو مفصل ذڪر، ديوان ڀيرومل مهرچند، ’سنڌو‘ رسالي جي، 1938ع واريءَ مختلف اشاعتن ۾، ڏنو آهي. مگر اِها حقيقت آهي، ته ڊاڪٽر صاحب، پنهنجي طرف کان بلڪل، خاموش رهيو، ۽ ڪابه صفائي پيش نه ڪيائين. هو پنهنجي نڪتہ نگاه کان صحيح هو، ۽ پنهنجي خيالات تي آڏول. اِها به حقيقت آهي، ته اِها نڪته چيني، رسالي جي اهميت کي گهٽ نه ڪري سگهي، ۽ اڄ به، جيڪي شاه جي مختلف سرن جون شرحون، يا معنائون لکيون ٿيون وڃن، اُهي سموريون يا ته ڊاڪٽر صاحب جي رسالي تان نقل ٿيل آهن، يا اڪثر جڳهن تان، اُن جون خوشه چينيون ڪيون ويون آهن.
هينئر هي ڏسڻو آهي، ته ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي جي اهميت، اڄ به، مسلم ڇو رهي آهي؟ پهرين ڳالهه جنهن ڏانهن، اسان جو فوري توجهه وڃي ٿو، سو آهي رسالو جو مقدمہ. هن ۾، ڊاڪٽر صاحب، شاهه جي حياتيءَ، تصوف، شعر و شاعريءَ، ۽ ان سان ٻين لاڳاپو رکندڙ موضوعن تي، سير حاصل بحث ڪيو آهي، ۽ انهن ڳالهين جي روشنيءَ ۾، شاه جي شعر ۽ شاعريءَ، ۽ ان سان متعلق ٻين عنوانن کي ڏٺو آهي. ’مقدمہ‘، بذات خود هڪ علحده تصنيف جي حيثيت ٿو رکي. شاه جي سوانح حيات، ۽ اُن جي ڪلام جي متعلق، جيڪي به ڪتاب لکيا ويا آهن، اُنهن ۾، ڪابه نوائي ڪانه آهي. مگر مقدمہ، جديد طرز تي لکيو ويو آهي. مقدمہ ڏهن بابن تي مشتمل، آهي ۽ هر باب، پنهنجي مضمون، ۽ موضوع جي لحاظ کان، اهم، ۽ مڪمل آهي. شاه لطيف جي سوانح عمريءَ متعلق، جي به زباني روايتون مليون ٿي، تن کان پاسو ڪري، ڊاڪٽر صاحب، شاهه جي زندگيءَ جي مختلف واقعن کي، حقيقتن، دليلن جي روشنيءَ ۾ ڏٺو، ۽ پرکيو آهي. حقيقت هئَن آهي، ته جهڙي طرح، اردو ادب ۾، مولانا حاليءَ جي ’مقدمہء شعر و شاعريءَ‘ کي، پروفيسر فراق گور کپوريءَ، اردو جي جديد شاعريءَ جو، باقاعدي اعلان نامه (Manifesto) چوي ٿو؛ بلڪل اِهڙيءَ طرح، شاه جي سوانح حيات، ۽ اُن جي شاعريءَ تي، آئينده تحقيقات جو بنياد، هن ئي ڪتاب تي رکي سگهجي ٿو. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر صاحب، هن ڪتاب ۾، اِهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون لکيون آهن؛ مثال طور: ڊاڪٽر صاحب، اسلامي تصّوف، ۽ ويدانت کي هڪ ٻي جي، نزديڪ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، يا شاه جي مذهب متعلق، جي خيالات ظاهر ڪيا آهن؛ تن سان، اسين متفق نه به ٿيون، مگر اِن حقيقت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، ته هن جديد مضمون نگاريءَ ۽ تاليف، ۽ تصنيف جي اُصولن کي، ڪامياب نموني نڀايو آهي. ڊاڪٽر صاحب، سنڌيءَ زبان جي ساخت، شاه جي سنڌيءَ، ۽ شعر و شاعريءَ تي، مفصل بحث ڪيو آهي. اِها ڪا ٿوري ڳالهه چئبي؟
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو رسالو، جنهن بابت آءٌ مٿي ٿورو ذڪر ڪري چڪو آهيان، سنڌي ادب ۾، پنهنجي نوعيت جو اڪيلو مثال آهي. جنهن طرز تي، رسالي کي گڏ ڪيو اَٿائين، يا جا ترتيب رکي اَٿائين، سا جيتوڻيڪ پراڻي آهي، ته به نئين روشني وڌي اَٿائين، تنهن رسالي جي افاديت کي وڌائي ڇڏيو آهي. شاه جي رسالي جا، جيڪي به ڇاپا، اڳ يا پوءِ نڪتا آهن، تن ۾، سواءِ لفظي معنائن جي، ٻيو ڪجهه به نه آهي. رسالي جا، ڪي ٿورا سر ڌار ڇپيل آهن، ۽ اُنهن جون شرحون به ڏنيون ويون آهنه؛ جئن مرزا قليچ بيگ جو ’سر سهڻي‘؛ مگر سڄي رسالي جي تشريح، ۽ شرح مفصل طرح، ڪنهن به سنڌي اديب، هن مهل تائين ڪانه لکي آهي. اِن ڪري، اِئين چئي سگهجي ٿو، ته ان خيال کان، کيس اوليت جو به شرف حاصل آهي. ڊاڪٽر صاحب، شاه جي بيتن جي شرح ڏيندي، تصّوف، ۽ ٻين ڳالهين تي به، بحث ڪيو آهي، ۽ سمجهاڻيون ڏنيون آهن. نه فقط ايترو، پر جتي ضروري سمجهيو اٿائين، اُتي ٻين شاعرن جا شعر ڏيئي، شاه جي شعر سان مقابلو ڪيو اَٿائين. لفظن جون معنائون ڏيڻ وقت، اُنهن جو اشتقاق به ڄاڻائيندو ويو آهي، ۽ ان خيال کان، سندس معنائن، هڪ ننڍيءَ لغت جي صورت اختيار ڪئي آهي. اِئين به صحيح نه آهي، ته شرح يا معنيٰ لکندي، هن ڪي لغزشون نه کاڌيون آهن. مگر اُهي لغزشون، اِهڙيون نه آهن، جي هڪ انسان کان، سر زد نه ٿي سگهن، يا رسالي جي، ٻين خصوصيتن کي لڪائي ڇڏين. هتي هن ڳالهه جو ذڪر ڪرڻ، شايد بي جا نه ٿي، ته سنڌي اديبن کان سواءِ، ڪن مغربي اديبن به، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي، ۽ اُن جي شرح کي، قدر جي نگاه سان ڏٺو آهي. ڊاڪٽر ايڇ- ٽي- سورلي پنهنجي تصنيف، ’شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ‘ ۾، ڊاڪٽر صاحب جي هنن لفظن ۾، تعريف ڪئي آهي. لکي ٿو:
”پروفيسر گربخشاڻيءَ جو رسالو، شاعر، ۽ ان جي شاعريءَ کي، نهايت ئي عالمانه طريقي تي ظاهر ڪري ٿو.“ (ص: 170)
ٻي هنڌ، اڃا به وڌيڪ لفظن ۾ تعريف ٿو ڪري:
”مرزا قليچ بيگ، ۽ ايڇ- ايم- گربخشاڻيءَ جي سنڌي ادب جا چوٽيءَ جا عالم آهن، تن هر هڪ جي به ڇاپا، ۽ اُنهن جون شرحون لکيون آهن، اُهي عالمن کي، مشرقي شاعريءَ ڏانهن خصوصاً متوجهه ڪن ٿيون.“ (ص: 225)
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تنقيدي نظريات تي، مشرقي رنگ چڙهيل آهي. جيتوڻيڪ هنجي لکڻ جو انداز، مغربي آهي، ۽ هن قدامت پسنديءَ، ۽ روايت پرستيءَ کان پاسو ڪيو آهي؛ مگر اِن جي باوجود، هنجي سوچڻ جو انداز سمورو مشرقي آهي. ان جو سبب اِهو آهي: ته هن هميشہ ادب جو صحيح جائزو وٺڻ گهريو ٿي. هو مغربي اُصولن کان واقف آهي، مگر ان جي روشنيءَ ۾، مشرقي ادب کي ڏسڻ نٿو گهري. هڪ نقاد، ۽ محقق کان سواءِ، ڊاڪٽر صاحب جي هڪ ٻيءَ به خصوصيت جو اندازو، رسالي مان، ۽ خصوصاً مقدمہ مان لڳائي سگهجي ٿو، جو آهي، هن جو جمالياتي جذبات ۽ ذوق (Aesthetic emotions & sense). جماليات جو موضوع، حسن ۽ فنون لطيفہ آهي؛ يعني جماليات فلسفو آهي، حسن ۽ فنون لطيفہ جو. ڊاڪٽر صاحب، جي هن جمالياتي احساس جو اندازو، اسين مقدمہ جي باب ٽين، ۽ چوٿين مان، بخوبي لڳائي سگهون.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جو ٽيون، ۽ آخري ڪتاب ”لواريءَ جا لال“ آهي، جو 1934ع ۾ ڇپيو آهي. هن ڪتاب ۾ به، ڊاڪٽر صاحب، پنهنجي تحقيقاتي روايت، ۽ حققانه شان کي قائم رکيو آهي. هن ڪتاب ۾، ڊاڪٽر صاحب، حضرات اولياءِ ڪرام لواريءَ جي حالات کي قلم بند ڪيو آهي. هن ڪتاب جو سمورو مواد، ڊاڪٽر صاحب کي منهنجي محترم اُستاد پروفيسر پير سعيد حسن کان مليو، جنهن ۾، ’مرغوب احباب‘ خاص اهميت رکي ٿو. فاضل مؤلف، فقط ’مرغوب احباب‘ تي اڪتفا نه ڪئي آهي، بلڪ هن جي اڳيان، ٻيا به پارسي، ۽ عربي نسخا رهيا آهن، جن تان عبور ڪري؛ هن ڪتاب کي تاليف ڪيو آهي. اُهي ڪتاب، جن تان، هن مدد ورتي آهي، اِنهن جي فهرست هيءَ آهي: 1- لطيفة التحقيق، 2- فردوس العارفين، 3- الجواهر البدائع، ۽ 4- صقال الصنمائر. ڊاڪٽر صاحب، جئن مٿي ذڪر ڪيو ويو آهي، هي فقط، لفظي ترجمو نه ڪيو آهي، بلڪ اُنهن ڪتابن مان ذخيره هٿ ڪري، اُن کي سجلائي، سليس سنڌي عبارت ۾ آندو آهي. (منڍ ص: ٽ) حقيقت ۾، جئن ڊاڪٽر صاحب به لکيو آهي، ته لواريءَ جي هر هڪ بزرگ جي حياتي، بذات خود، ايتري ته وسيع آهي، جو هر هڪ تي علحده ڪتاب لکي سگهجي ٿو. مگر ڊاڪٽر صاحب، جو هي ڪمال آهي، جو هن، هن ننڍيءَ تصنيف ۾، انهن بزرگن جي حالات، فرمودات، ۽ هدايات کي، هڪ اِهڙي ته نموني تي بيان ڪيو آهي، جو اُهي مختصر هوندي به، جامع محسوس ٿي رهيا آهن. هڪ ٻي ڳالهه، جنهن جو انڪشاف، ڊاڪٽر صاحب هن ڪتاب ۾ ڪيو آهي، سو آهي؛ ته شاه عبداللطيف ڀٽائي، پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن ۾، ڀٽ مان ڪهي، حضرت سلطان اوليا خواجہ محمد زمان ڪلان سان ملاقات لاءِ ويو هو. هن حقيقت جي ظاهر ٿيڻ سان، ’شاه لطيف‘ جي، ڪيترين ئي ڳالهين تي روشني وجهي سگهجي ٿي. ڪتاب جي شروعات ۾، ڊاڪٽر صاحب، جو اسلامي تصوف، ۽ نقشبندي طريقي تي مقاله لکيو آهي، اُهو نهايت ئي قيمتي آهي. هن مقاله مان ڊاڪٽر صاحب، جو تصّوف، ۽ اُن جي جدا جدا شاخن بابت ڄاڻ جو، بخوبي پتو پوي ٿو. ڊاڪٽر صاحب، جي طرز نگارش؛ هميشہ بي ساخته، ۽ روانيءَ واري رهي آهي. هن ڪتاب ۾، ته اِها خاصيت، اڃا به اُتم درجي تي نظر اچي ٿي، ۽ پنهنجي موضوع جي لحاظ کان، نهايت ئي ٺهڪندڙ آهي. ڊاڪٽر صاحب جي ٻين ڪتابن جيان، هن ڪتاب تي به، مرحوم مولانا دين محمد وفائيءَ، ’توحيد‘ ۾ ناقدانه نگاهه وڌي آهي.
مون هن مضمون ۾، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي سمورن ڪتابن تي تبصره، ۽ مختصر تنقيدي نگاه وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مگر اِن هوندي به، هن مضمون کي ناڪافي، ۽ مختصر سمجهان ٿو. ڊاڪٽر صاحب، حقيقت ۾، خيالات، ۽ نظريات جو هڪ سڪول آهي، جنهن جي مطالع، ۽ تحقيقات لاءِ، اڃا به گهڻي گنجائش، ۽ ضرورت آهي. منهنجي بزرگ اديبن مان، جن جو ڊاڪٽر صاحب سان سڌيءَ، يا اڻ سڌيءَ طرح قريبي رستو رهيو آهي، اُنهن مان ڪو نڪري اَچي، ۽ هن فراموش ٿيندڙ اديب، ۽ مصنّف جي خيالات تي زياده مفصل طرح، ۽ وسيع طريقي تي لکي، جئن هن جون باقي خصوصيتون، جي مون کان ڇڏجي ويون آهن، تن کي ظاهر ڪري، بهرحال، هن مضمون کي، پروفيسر لطف الله بدوي صاحب جي، هن شعر تي ختم ڪريان ٿو:
جي محبت ۾ مئا، تن کي نه ڄاڻج تون مئو
زندهء جاويد آهن، عاشقان نيڪنام
(1954)

No comments:

Post a Comment