لاڙڪاڻي جو
لقمان حڪيم
استاد لقمان حڪيم کوکر جو جلدسازي جو دڪان
حقيقت ۾ اسان ننڍن وڏن اديبن ۽ شاعرن جو تربيت گاهه هيو.
استاد شاعري جي فن يعني علم عروض جو وڏو ڄاڻو هيو، جيڪو به دوست شاعر اديب هن وٽ
ايندو هيو ته ان کي قرب ۽ پيار سان گڏ پنهنجي ڏات ۽ ڏاهپ بابت ڄاڻ ڏيندو هيو. سندس
اٿا ويٺي توڙي رويو سادو ۽ پنهنجائپ وارو هجڻ ڪري هر فڪري شاعر اديب وٽس لڙي اچڻ ۾
عار محسوس ڪين ڪندو هيو. وٽس هر وقت ڪچهري جا ميڙ متل هوندا هئا. سٺي سڀاء هئڻ ڪري
هر هڪ شاعر ۽ اديب کيس استاد کي وڏو ڀاءُ ڪري سمجهندو هو. هو به موٽ ۾ سڀني سان پيار
وارو ورتاءُ ڪندو هو. ننڍڙي دڪان هوندي به سندس دل ۽ دماغ جو آڳر ڪشادو هو. ٻين
تعلقن يا ضلعن کان جڏهن به ڪم ڪار سانگي لاڙڪاڻي هيڊ ڪوارٽر ۾ شاعر ۽ اديب ايندا هئا
استاد لقمان سان ملڻ ڪچهري ڪرڻ کي فرض اولين سمجهندا هئا. اسان استاد جي دڪان تي وڏن
وڏن سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن کي ڪچهري ڪندي ڏٺو. ان کان علاوه اسان پارن سيکڙاٽن شاعرن
کي به اتي ويهندي ڏٺو. اهو دڪان ڄڻ ته نون شاعرن جو پنهنجي حساب سان تربيت گاهه
هو، جيئن لاڙڪاڻي شهر ۾ سوڀو گيانچنداڻي سنڳند ڪتاب گهر، لطيف ڪتاب گهر، سنڌي ادبي
سنگت، سچل ادبي مرڪز، نئون نياپو ۽ جيئن هاڻ رابيل ڪتاب گهر آهي، ائين ئي ڪالهه اديبن
شاعرن جو قائم شاهه بخاري درگاهه لڳ استاد لقمان حڪيم جو جلد سازي وارو دڪان به علم
و ادب جو مرڪز هو، هن جي تربيت مان ڪيئي شاعر اديب فيضياب ٿي ويا بزمِ سچل لاڙڪاڻي
جو بنياد به استاد لقمان حڪيم جي نگراني ۾ ئي پيو جنهن جو صدر به پاڻ ئي ٿيو ۽ پڻ ٻيا
ميمبر چونڊيا ويا.
بقول
بلال بروهي جي ته هفتيوار ”الحيدر“ ۽ هفتيوار ”انصاف“ جو ايڊيٽر به هو، ان کان
علاوه ”جهونگار“ رسالي ۾ هلندڙ سلسلي ۾ اڃا ڪي آهينِ جو انچارج به هيو. استاد جو
اصل نالو محمد لقمان، پوءِ نور الدين نور شاعراڻو نالو حڪيم ڏنس. سندس شاعري ۾
استاد عبدالله اثر هو. محترم سائين مولوي محمد احمد کوکر صاحب استاد لقمان حڪيم جو
مامو هو، جنهن حڪيم صاحب کي عربي ۽ فارسي جي ابتدائي تعليم ڏني. استاد جي قلم ۾
رواني ۽ نهايت پختگي هئي. استاد کي شاعري جي هر صنف تي عبور حاصل هو. لقمان حڪيم
صاحب جي هٿ سان لکيل بياض ۾ سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي شاعري ملي ٿي جنهن تي هن خوب
طبع آزمائي ڪئي آهي. استاد جي نثر ۽ نظم ۾ وڏي ڪشش هئي. سندس مزاج جو رنگ به ان ۾ تمام
سٺو سمايل هو. استاد جا هم عصر شاعر اديب محمد علي جوهر، زيب عاقلي، عبد عاقلي،
قلندر بخش بدوي وغيره جن هئا. استاد جي نگراني ۾ بزمِ سچل لاڙڪاڻي جي ادبي حلقن ۾ تمام
سٺو پاڻ ملهايو.
بزمِ
سچل لاڙڪاڻي جا مشاعرا اڪثر ڪري استاد علي بخش جمالي جي جڳهه لاهوري محلي لاڙڪاڻي ۾
ٿيندا هئا، طرحي مشاعرن جي مصرع يعني طرح جو خالق پاڻ هوندو هو. ڪڏهن استاد علي
بخش جمالي ته ڪڏهن استاد غلام مصطفيٰ مشتاق ميمڻ ۽ ڪڏهن احقر جمالي جن هوندا هئا. ڏاڍو
رنگ رتل هوندو هو. ڪڏهن ڪڏهن غير طرحي مشاعرا به ٿيندا هئا جن ۾ ٻين شهرن جا شعراء
ڪرام به شرڪت ڪرڻ ۾ فخر محسوس ڪندا هئا. استاد جي شاگردن جو وڏو نهايت وسيع حلقو آهي.
استاد لقمان حڪيم شهيدِ ذوالفقار علي ڀُٽي جي پيار ۽ محبت ۾ ڪيترائي شعر لکيا. سندس
شعر جو نمونو مطالعي لاءِ ڏجي ٿو. هن شعر پنهنجي محبوب اڳواڻ کي اليڪشن ۾ لکيو:
اڄ وري هن ديس تي چمڪي علي جي ذوالفقار
پاڪ کي تنهنجي ضرورت پئي وري اي جان نثار
وقت آيو ٿي مجاهد مڙس ٿي ميدان مار
ملڪ دشمن ٿا ڦرن ڪر قوم پنهنجيءَ کي هوشيار
پاڪ کي تنهنجي ضرورت پئي وري اي جان نثار
وقت آيو ٿي مجاهد مڙس ٿي ميدان مار
ملڪ دشمن ٿا ڦرن ڪر قوم پنهنجيءَ کي هوشيار
استاد
لقمان حڪيم جو قلم سچائي ۽ حقيقت جو آئيندار هو. حقيقي انداز ۾ قوم جي زبان ۾
سرمايو هو. هن تمام گهڻي شاعري ڪئي آهي پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته استاد جو هن
وقت مواد محفوظ نه رهيو آهي. اوائلي شاعري جو هڪ ڪتاب گلزارِ عشق آيل آهي جيڪو اڄڪلهه
اڻ لڀ آهي. استاد لقمان ولد عبدالرحمٰن کوکر ”تخلص“ حڪيم جولاءِ 1929ع ۾ ڳوٺ سونو
جتوئي تعلقي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو هن جو ڪلام ڪوڙ ۽ سچ جي ڪسوٽي آهي، هو هڪ شيرين زبان شاعر
هو، تڏهن ته چيائين:
لڄائن ٿا ملسماني مڪارن کي ته سمجهايو،
ٺڳي مان ڪين ورندو ڪجهه عيارن کي ته سمجهايو.
ٺڳي مان ڪين ورندو ڪجهه عيارن کي ته سمجهايو.
ڏٽا ڏئي ڪم ڪڍي پنهنجو وساري ٿا ڇڏن سڀڪجهه،
انهيءَ ڪرسي جي بندن بيوقارن کي ته سمجهايو.
انهيءَ ڪرسي جي بندن بيوقارن کي ته سمجهايو.
وري
ٻئي هنڌ محبت ۽ پيار جو داعي ٿي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪندي چوي ٿو ته:
دل ۾ ڌاريو پيار محبت،
ويڇا وير وساريون
پيدا ٿئي شل ڪين ڪٿي ڀي گڙ ٻڙ گمسان.
پيدا ٿئي شل ڪين ڪٿي ڀي گڙ ٻڙ گمسان.
استاد
محبت ۽ پيار جو حقيقي پرچارڪ هو، استاد جي قلم ۾ اها سگهه هئي جنهن جو مثال ملڻ مشڪل
آهي.
استاد
وقت جي نبض تي هٿ رکي، سماج کي نياز ۽ نوڙت جو اهڙو درس ڏي ٿو، جو اهو سماج جي
اندر جي دڙڪن بڻجي وڃي ٿو، اچو ته سندس شاعري جو مزو وٺون.
جو خدا جي خلق کي ظالم پريشان ٿو ڪري،
تنهن تي لعنت آ لکيل قرآن جي آيات ۾.
سچ چيو آ ڀٽ ڌڻيءَ، ير ٻڏڻ جهڙي ڳالهه آ،
حڪمران سنڌين هوندي سنڌ آ سڪرات ۾.
تنهن تي لعنت آ لکيل قرآن جي آيات ۾.
سچ چيو آ ڀٽ ڌڻيءَ، ير ٻڏڻ جهڙي ڳالهه آ،
حڪمران سنڌين هوندي سنڌ آ سڪرات ۾.
سندس
شاعري ۾ مزاحيه رنگ به رتل پسجي ٿو ۽ معاشري جي اصلاح گهڻي قدر ملي ٿي. سندس
شاعريءَ مان چند سٽون پڙهون.
گدائي به پهتي اميرن جي گهر ۾
ٿيو جيئري ئي مسڪين اهلِ ممات
پنڻ ڀي غريبن کان کسجي ويو
وٺي ٿو وڏيرو عشر ۽ زڪوات
ٿيو جيئري ئي مسڪين اهلِ ممات
پنڻ ڀي غريبن کان کسجي ويو
وٺي ٿو وڏيرو عشر ۽ زڪوات
استاد
لقمان حڪيم جي اڪثر ڪلام ۾ احساساتي ۽ جمالياتي سونهن جو عنصر گهڻو تڻو نظر اچي ٿو.
سندس شاعري ۾ سچائيءَ واريون ڪهاڻيون ملن ٿيون. استاد لقمان حڪيم جو جيڪو مون کي مواد
مليو آهي، ان کي سامهون رکي مون هي مضمون لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
هن
پنهنجي استاد محسن جي ياد ۾ جيڪا غمِ ۽ هجر واري شاعري ڪئي آهي. ان جو ٻه ٽي سٽون لازمي
ڏيڻ سمجهان ٿو:
هاءِ اڄ محفل اسان جي ۾ نه آ سائين اثر،
ياد ان جي ۾ رهي احباب جي ٿي چشمِ تر،
با صفت انسان هو خوش طبع شيرين زبان،
اهلِ دل، اهلِ سخن، اهلِ وفا، اهلِ نظر.
ياد ان جي ۾ رهي احباب جي ٿي چشمِ تر،
با صفت انسان هو خوش طبع شيرين زبان،
اهلِ دل، اهلِ سخن، اهلِ وفا، اهلِ نظر.
استاد لقمان حڪيم 29 مارچ 1992ع تي هن
فاني جهان مان لاڏاڻو ڪيو ۽ کيس پنهنجي استاد محترم مولوي محمد احمد صاحب کوکر جي ڀر
۾، شيخ زيد اسپتال لاڙڪاڻي واري مقام ۾ مدفون ڪيو ويو.
No comments:
Post a Comment