امن ۽ انسانيت جو شاعر احمد فراز
شاعر ۽ اديب انساني ضمير جا بين الاقوامي ترجمان، عوامي اُمنگن
جا امين ۽ دردن جا سفير هوندا آهن.
رسول حمزاتوف پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته اديب ۽ شاعر اندر جي
آتش جا رکوالا ( محافظ) هوندا آهن. يعني اندر جي باهه جا محافظ ۽ نگهبان.
جنهن قوم جي اندر جي باهه وسامي وڃي ته سمجهڻ کپي ته ان قوم جا
محافظ ۽ آدرشي طبقو مري ويو آهي.
احمد فراز پنهنجي ڪلام ۾ آمريت ۽ آمراڻي دور جي قهري ڪاروائين،
ظلم ڏاڍ ۽ جبر خلاف آواز اٿاريندو رهيو ۽ ڪنهن به قرباني ڏيڻ کان نه لنوايو.
دنيا ۾ جتي جتي به ظلم ڏاڍ ۽ جبر جون وحشت ڀريون ڪاروائيون ۽
انساني حقن جي لتاڙ نظر آئي هن مزاحمتي انداز ۾ پوري شدت سان احتجاج ڪري دنيا جي مظلوم
قومن، حريت پسندن ۽ آزادي جي متوالن، فلسطيني مجاهدن ۽ لبنان، آفريڪا جي مظلومن
لاءِ بيروت، منشور، محاصره، شهر آ شوب، دوسر هجري، اي شهر تيرا نغمه نگار، جهڙا
انقلابي نظم ۽ گيت لکيا.
احمد فراز پنهنجي شاعريءَ ۾ حسن، تازگي ۽ دلڪشي کي ساز ۽ سنگيت
سان جنهن خوبصورت انداز ۾ پيش ڪيو ان جو مثال ٻي ڪنهن شاعري ۾ نٿو ملي. سندس سوچڻ جو
انداز نهايت حساس ۽ پر خلوص آهي.
رنجش
هِي سهي دل هِي دکاني ڪي لئي آ،
آ
ڦِر سي مجهي ڇوڙ ڪي جاني ڪي لئي آ.
احمد فراز جو اصل نالو سيد احمد شاهه هو. پاڻ 12 جنوري 1931ع ۾
ڪوهاٽ ۾ پيدا ٿيو. سندس والد سيد محمد شاهه برق اردو ۽ فارسي جو قادر ڪلام شاعر هو.
اهڙي طرح شاعراڻو ماحول کيس ورثي ۾ مليو احمد فراز پنهنجو تخلص شرر رکيو ۽ بعد ۾
احمد فراز ٿي ويو ۽ اڳيان هلي ادب جي دنيا ۾ ائين سرفراز ٿيو جو شاعري هن تي ناز
ڪرڻ لڳي. کيس فارسي ۽ اردو ٻولين تي عبور حاصل هو ٻنهي ٻولين ۾ ايم اي جي ڊگري
رکندو هو.
جديد اردو شاعري ۾ فيض احمد فيض کان پوءِ احمد فراز جي شاعراڻي
شهرت بي مثال آهي. هن اردو شاعري کي پنهنجي دلڪش اسلوب ۽ منفرد طرز سان عالمي سطح
تي شهرت ڏياري عهد ساز ڪردار ادا ڪيو.
احمد فراز کان اڳ عالمي ادب جي اڪابرن جو خيال هو ته دنيا جي
عظيم شاعري نظم ۾ ملي ٿي غزل ۾ نٿي ملي پر احمد فراز ادبي دنيا ۾ اهو ثابت ڪري ڏيکاريو
ته عظيم شاعري غزل ۾ به موجود آهي ۽ اڄ اردو شاعري کي ۽ پاڪستان کي فراز جي خوش
بياني تي ناز آهي.
احمد فراز جي شاعري ۾ جنون ۽ جمالياتي، عشق ۽ انقلاب پنهنجي
عروج تي ملن ٿا. هن جي شاعري بنيادي انساني جذبن جي شاعري آهي. سٺي شاعري تشريح جي
محتاج نه هوندي آهي. حسن ۽ عشق شاعري جا آفاقي موضوع آهن. حسن و جمال ۽ عشق و محبت
جي شاعري ڪڏهن به پراڻي نٿي ٿئي. اها هر دور جي زندهه شاعري آهي عشق ۽ جمال جو
جذبو شاعري کي آفاقيت بخشيندي آهي.
1982ع
۾ بيروت تي اسرائيلي حملي ۽ جارحيت سبب سوين فلسطيني ماڻهو، عورتون ۽ ٻار شهيد ٿيا.
انهيءَ موقعي تي هڪ نظم لکائين
:
يه
سربريدهه بدن هي ڪس ڪا،
يه
جامئه خون ڪفن هي ڪس ڪا.
احمد فراز جي شاعري دراصل اسان جي درو جي ”اجتماعي شعور“ جي
علامت آهي. سرمد شهيد ۽ منصور ابن الحلاج جي نقش قدم تي هلندڙ انهن شاعرن ڪڏهن به ڪنهن
آمر جي آڻ نه مڃي ۽ ماڻهن کي جيئڻ جو حوصلو ڏنو. احمد فراز نه صرف مستحڪم شعري
روايت جي سمورن عنصرن کي پنهنجي فن ۾ جذب ڪيو بلڪه موجوده صورتحال تي به هن جي
گهري نگاهه هئي. ڏيهي پرڏيهي سطح تي عالمي امن، آزادي ۽ انساني مساوات جي اصولن جي
ڀڃڪڙي ۽ جابر قوتن طرفان انساني حقن جي پائمالي ڏسي سندس دل تڙپيندي رهندي هئي
جيڪا سندس حق پرست ۽ سچي هجڻ جو دليل آهي.
احمد فراز کي سندس ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ 1988ع ۾ ” آدمجي
ايوارڊ“، 1990 ۾ اباسين ايوارڊ ڏنو ويو. 1988ع ۾ کيس ڀارت ۾ ”فراق گورلهپوري
ايوارڊ“ سان نوازيو ويو ۽ ”اڪيڊمي آف اردو لٽريچر“ (ڪينيڊا) به سندس ادبي خدمتن
کي ساراهيندي 1991ع ۾ کيس ايوارڊ سان نوازيو. جڏهن ته 1992ع ۾ ڀارت ۾ ”ٽاٽا ايوارڊ“
سان نوزيو ويو.
جامعه مليه اسلاميه يونيورسٽي دهلي ( ڀارت) ۾ مٿس (P.H.D) پي ايڇ ڊي جو مقالو لکيو ويو جنهن جو موضوع ”احمد فراز ڪي غزل“
آهي. اسلاميه يونيورسٽي بهاولپور ۾ به ”احمد فراز فن اور شخصيت“ جي عنوان سان مٿس
پي ايڇ ڊي جو مقالو لکيو ويو آهي.
فراز جي شاعري جا انگريزي، فرانسيسي، هندي يوگوسلاوي، روسي،
جرمن ۽ پنجابي ٻولين ۾ ترجما ٿي چڪا آهن. حڪومت پاڪستان سندس ادبي خدمتن جي اعتراف
۾ کيس هلال امتياز، ستاره امتياز، ۽ وفات بعد هلال پاڪستان جهڙن اعزازن سان نوازيو
ويو آهي.
اردو ادب جو اهي جرڪندڙ ستارو ڪافي عرصو گردي جي عارضي ۾ مبتلا
رهڻ بعد 25 آگسٽ 2008ع تي پنهنجن هزارين چاهيندڙن کي سوگوار ڇڏي مالڪ حقيقي ڏانهن راهي
ٿيو. احمد فراز اڄ اسان ۾ موجود ناهي پر يقين آهي هن جي شاعر هميشه اسان جي دلين
کي گرمائيندي رهندي.
No comments:
Post a Comment