29/08/2013

رياضت ٻرڙو - ليکڪ: واسديو موهي (Vasdev Mohi)


”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزل جو هئنڊبوڪ“
ليکڪ: واسديو موهي
رياضت ٻرڙو
ڪتاب: شام جي هوا (2004)، ديوانِ رياضت (2005)
پيشو: ليڪچرر.
تمام ننڍي عمر ۾ رياضت ٻرڙي پنهنجو ديوان ڇپائي غزل سان وڏو وڙ ڪيو آهي. ورهاڱي کان پوءِ هند ۾ ته هڪڙو به ديوان ڪو نه ڇپيو آهي. اِئين به ناهي ته هُن ڪنهن به طرح ديوان ڇپارائي نالو ڪڍائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. رياضت جي هن ديوان ۾ تخليقي توڙي تڪنيڪي قوتون آهن جي ڏيکارين ٿيون ته هُو پنهنجي ڪارج طرف گنڀير آهي.
مثال طور قافيي جي اَعرابن طرف هن جي سجاڳي ڏيکاري ٿي ته هُو فن جي حوالي ۾ ڪنهن به قسم جي ڍِل برداشت نه ٿو ڪري:
عجب ماڻهو آ، اٿس لوهَه جي دل ۽ ڪاٺ جي اک،
تڏهن ڀي چاهي پيو ڊوهَه جي دل ۽ ڪاٺ جي اک.

وري ڦاٿس زندگيءَ جي ڪٽهڙي ۾ قرب ڪارڻ،
چيو تو به ته مون کي آ ڏوهَه جي دل ۽ ڪاٺ جي اک.

اُڌاري تصوير ۾ رنگَ ’رياضت‘ جا ڪينَ آهن،
مگر آهي پو به پاٻوهَه جي دل ۽ ڪاٺ جي اک.

(ديوان رياضت-92)

هن غزل جا قافيا آهن ’موهه‘، ’روهه‘ ۽ ’ڏوهه‘. اهڙي نموني ’ٻارُ‘، سنسارُ‘، ’پارُ‘، ’دارُ‘، وغيره (ص-44). ’اونداهَه‘، ’چاهَه‘، ’ساهَه‘، ’چراگاهَه‘ وغيره (ص-98) ۽ ص-106، 126 وغيره تي قافيي جي چُستگيري ڏسي سگهجي ٿي. ٻه شعر ٻيا به ماڻيون:
اِنڊلٺ شرمائي ڇڏيان،
جيءَ جو هر هڪ جھولُ رڱ!

هي فضا ٿي رنگين پئي،
جملي جملي جو ٻولُ رڱ!

(ص-97)
رياضت ٻرڙو وزن جي پختگي ۽ بحرن جي گوناگونيت جو به خيال رکيو آهي. هُن ڪن ڳاڻ ڳڻين بحرن تي ڪو نه ڀاڙيو آهي. تنهن کان سواءِ، هو ڏکين راهن کان ٽهي ڪو نه ٿو. هيٺ ڏنل غزل ۾ هُن ٻٽو قافيو ۽ ٻٽو رديف ڪم آندو آهي:
ڪو ته پڙهندو، ميان! شام ٽاڻي چِٺي،
لفظ کان لفظ جي راهَه کي آ سڳنڌ.

ڪيترا آيا ڦورو ڪَهي دور کان!
سنڌ! تاريخ ۾، ڪاهَه کي ڪا سڳنڌ؟

ڀل نه ’رياضت‘ ڪڏهن ساڻ سيني لڳاءِ!
مان ته هان گاهه ڪو، گاهَه کي ڇا سڳنڌ!

(ص-61)
’رياضت‘ جي قافين ۽ رديفن جي حوالي ۾ ئي، هن جو پهريون مجموعو به نواڻ سان نوازيل آهي:
دل دُکي سڏ کان پرانهين آ،
هر خوشي سڏ کان پرانهين آ.

سنڌ جي وئي سُڪي مٽي سانئڻ!
هڪ ندي سڏ کان پرانهين آ.

جيڪا پَـل پَـل هئي اکين آڏو،
ٿي وئي سڏ کان پرانهين آ.

(شام جي هوا-102)
دروازا جو ٻيڪڙجي ويا،
رستن کي ڀي ننڊ اچي ٿي.

چنڊ جو اولو پاڻيءَ آيو،
لهرن کي ڀي ننڊ اچي ٿي.

پرڏيهين کي ڏيو نه ميارون،
پنهنجن کي ڀي ننڊ اچي ٿي.

(ص-101)
نفرتن کان جو پاسائتا ٿي ويا،
پيار اِئن پنهنجا لاڀائتا ٿي ويا.

گهاوَ سيني سهي، جن ڇڏي زندگي،
موتَ اهڙا ئي مانائتا ٿي ويا.

پيار پنهنجو پسي، مرڪ منهن تي ڏسي،
خواب منهنجا به آسائتا ٿي ويا.

جن به تلوارَ اُڇلي قلم جي اڳيان،
فيصلا سي ئي وقتائتا ٿي ويا.

جن ڇڏيو ساٿ ناهي سچائيءَ جو، دوست!
پيار جي ڇانوَ ۾ جائتا ٿي ويا.

ڪينَ لاهي سگهيو، ٿورا عملي طرح،
لفظ ’رياضت‘ جا ٿورائتا ٿي ويا.

(ص-81)
’رياضت‘ جا بلڪل ننڍي وزن جا غزل به خوبصورت آهن:
هي ڪنهن جو خطُ،
آهه رتو رت؟

عشقُ ئي قاتلُ،
عشق ئي آٿتُ.

چنڊُ وڃي ٿو،
ڪنهن لاءِ ستتُ؟

ماڻهوءَ من ۾،
پاٻوهه - قحط!

لاشَ  کڄي ويا،
رهجي
وئي رتُ.

ڪهڙي پد تي،
سنڌي ساهتُ؟

مون به نه ڄاتو،
ڪيرُ آ ’رياضتُ‘.

(ص-90)
(حوالو: واسديو موهي، ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي غزل جو هئنڊبوڪ“، پهريون ايڊيشن مارچ 2008ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ساهتيه اڪادمي، گانڌينگر. ص ص: 172-175)

No comments:

Post a Comment