سنڌي ٻولي جو اثاثو
شاهه ڪريم جي شاعري
غلام نبي ڪيريو
سنڌي ٻوليءَ جي عظيم لاکيڻي شاعر ۽ شاعرن جي سرتاج شاهه عبدالڪريم جي
شاعري واري مجموعي بيان العارفين
و تنبيه الغافلين جي سنڌيءَ ۾
ڪيل ترجمي باوجود سندس شاعريءَ جي سموري مجموعي کي چار صديون هڪ سال گذرڻ باوجود اڃا
تائين آسان سنڌي ۾ نه آندو ويو آهي، نه وري ان بابت سنڌ سرڪار جي ثقافت، اوقاف ۽ ٻين
تحقيقاتي ادارن ڪا تحقيق شروع ڪئي آهي، جنهن جي ڪري سنڌ جي هن عظيم شاعر جي شاعري اڄوڪي
دور ۾ اڃا به سنڌي ۾ ڇپيل هجڻ باوجود اڻ لڀ بڻيل آهي.