22/01/2014

شاهه عنايت جي شهادت جو پهريون قلمي ماخذ - صفدر حسين ميرزا (Safdar Hussain Mirza)


صوفي شاهه عنايت شهيد جي
شهادت جو سڀ کان پهريون قلمي ماخذ
صفدر حسين ميرزا

هي فارسي ٻوليءَ جي تصنيف ٺٽي جي عريضي سبزواري خاندان جي نامور شاعر ۽ تاريخدان مير ابوالبقا بهره ور علي الحسيني العريضي السبزواري جي آهي. مير ابوالبقا بهره ور جو ڏاڏو مير عبدالله سلطان ولد مير ابوالمڪارم بن غياث الدين محمد المعروف به سلطان رضائي العريضي السبزواري (هي بزرگ ’حبيب السير‘ جي مصنف غياث الدين خواند امير جو پوٽو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو ڏهٽو هو). شاهجهان جي دور ۾ ٺٽي اچي آباد ٿيو. خواند مير، برصغيـر جـو نامور مورخ، اديب ۽ دانشور هو.

سندس اصل نالو خواجه غياث الدين خواند مير بن خواجه همام الدين بن خواجه جلال الدين بن خواجه برهان الدين محمد شيرازي هو. هي ۸۸۰هه/ ۱۴۷۵ع ۾ هرات ۾ پيدا ٿيو. پر ’هفت اقليم‘ ۾ هن جي ڄمڻ جو هنڌ بخارا ڄاڻايل آهي. سندس والد همادالدين سمرقند جي امير سلطان محمود بن ابو سعيد تيموريءَ جو وزير هو. خواند مير ابتدائي تعليم هرات ۾ ئي حاصل ڪئي. تعليم جي تحصيل بعد سندس علم جي هاڪ ٻڌي سلطان حسين ميرزا بايقرا ۽ امير علي شير کيس وقت به وقت پنهنجو مقرب خاص مقرر ڪيو، ان کانسواءِ بديع الزمان مرزا وٽ به وڏي عزت ۽ منزل ماڻيائين. خواند مير، هندستان ۾ ظهيرالدين بابر ۽ همايون مرزا جي درٻار سان منسلڪ رهيو.
هن ڪافي ناياب ڪتاب لکيا، جن ۾: (۱) ’خلاصة الاخبار‘ (هي ڪتاب روضة الصفا جي نهج تي لکيل آهي.)، (۲) ’دستور الوزراءِ‘ (هن ڪتاب ۾ ابتداءِ اسلام کان وٺي تيمورين جي سلطنت جي اختتام تائين اسلامي سلطنتن جي وزيرن جو سربستو احوال قلمبند ٿيل آهي، اهو ناياب ڪتاب خواند مير ۹۱۴هه/ ۱۵۰۸ع ۾ لکي پورو ڪيو)، (۳) ’مڪارم الاخلاق‘ (هي ناياب ڪتاب خواند مير، علي شير جي سوانح بابت لکيو آهي)، (۴) ’نامه نامي‘ (هي ڪتاب منشات جو مجموعو آهي)، (۵) ’حبيب السير‘ (هي تصنيف تمام ناياب آهي، جنهن ۾ آدم جي پيدائش کان وٺي شاهه اسماعيل صفويءَ جي وفات يعني ۹۳۰هه/ ۱۵۲۳ع تائين جي تاريخ بيان ڪئي وئي آهي).
خواند مير جون سڀ تصنيفون شاهڪار آهن، پر ’حبيب السير‘ سڀ کان ناياب آهي. هن تصنيف ۾ سنڌ جي ڪيترن عالمن ۽ اديبن کان سواءِ سبزواري سيدن ۽ پوراني سيدن جو ذڪر به موجود آهي. جڏهن خواند مير هندستان پهتو، تڏهن ٻيهر ’حبيب السير‘ تي نظرثاني ڪري ان ۾ واڌارا سڌارا آندا. هن دهليءَ ۾ ۹۴۲هه/۱۵۳۵ع ۾ وفات ڪئي ۽ سندس وصيت مطابق کيس دهلي ۾ نظام الدين اولياءِ امير خسرو جي مزارن جي ويجهو دفن ڪيو ويو. خواند امير ’روضة الصفا‘ جي مصنف مير خواند بن برهان الدين خواند شاهه جو ڏهٽو پڻ هو. مير خواند بخارا جو رهاڪو هو ۽ سندس ناياب تصنيف ’روضة الصفا‘ ستن جلدن تي مشتمل آهي، جنهن جو آخري جلد سندس ڏوهٽي غياث الدين خواند امير جو تصنيف ڪيل آهي. مير خواند ۲ ذوالقعده ۹۰۳هه/۲۲ جون ۱۴۹۸ع تي وفات ڪئي.
مير ابوالبقا بهرور جو ڏاڏو مير عبدالله سلطان سبزواري ٺٽوي المتخلص به عريضي، مير ابو المڪارم سيوستاني بن سيد غياث الدين سلطان رضائي سبزواريءَ جو فرزند هو. مير عبدالله عريضي، ميرزا غازي بيگ ترخان جو خاص مصاحب هو. جڏهن قنڌار ميرزا غازي جي جاگير ۾ آيو ته ان هن مير عبدالله عريضي کي سفير بنائي ايران جي شهنشاهه ڏي موڪليو جتي هن حضرت امام رضا عليه السلام جي زيارت پڻ ڪئي. عريضي خاندان پهرين بکر ۾ رهندو هو. مير ابوالمڪارم بکر مان سيوستان (سيوهڻ) سڪونت اختيار ڪئي. مير عبدالله عريضي سيوهڻ ۾ تولد ٿيو. ميرزا غازي جي وفات کانپوءِ عبدالله عريضي ٺٽي ۾ ڪنهن سرڪاري عهدي تي فائز هو. انهيءَ ڪري هن مستقبل ٺٽي ۾ سڪونت اختيار ڪئي. آخري عمر ۾ سرڪاري منصب ترڪ ڪري گوشه نشين ٿيو. هن جو ۱۶ شعبان المعظم ۱۰۵۴هه/۸آڪٽوبر ۱۶۴۴ع ۾ انتقال ٿيو. مير علي شير قانع ٺٽوي سندس وفات جي ماده تاريخ هيئن چئي آهي.
”في جنة عالية“
۱۰۵۴هه
مير ابوالبقا بهرور علي متعلق مير علي شير قانع ٺٽويءَ ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکي ٿو ته: ”— مير ابوالبقا المعروف به بهره ور علي خاتمه اين خاندان گزين داخل زمره مهين گزشته درشاعري دست گاهه عالي اندوخت وشاگرد خدمت استاد عامل مير حيدرالدين ابو تراب کامل بوده، درآواخر عهد محمد شاهه بادشاهه درگزشته— جز صبيه اولادي نماند.“
مير ابوالبقا بهرور جي شاعريءَ تي راقم المعروف جو هڪ تحقيقي مقالي جو ڪم جاري آهي، جنهن ۾ سندس ڪيترائي غير مطبوعه غزل ۽ قصيدا شامل آهن.
مير ابوالبقا ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ فن شاعري ۾ مير حيدرالدين ابو تراب ’ڪامل‘ کي پنهنجو استاد قبوليو، مير ابوالبقا جي تصنيفن ۾ هڪ فارسي زبان ۾ ’ديوان بهره ور‘ ۽ ٻيو ’تاريخ چراغ هدايت المعروف به بهره ور شاهي‘ ميسر ٿين ٿيون.
مير ابوالبقابهره ور علي الحسيني عريضي سبزواري پنهنجي تصنيف ’تاريخ چراغ هدايت المعروف به بهره ور شاهي‘ کي سورهن بابن ۾ ورهايو آهي، جن جو تفصيل هن ريت آهي:
فصل اول: حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم ۽ اولاد جو احوال؛
فصل دوم: سيدة النساءِ بيبي فاطمة الزهره عليها الصلواة والثنا ۽ اولاد جو احوال؛
فصل سوم: حضرت امام علي ابن ابي طالب عليه السّلام ۽ اولاد جو احوال؛
فصل چهارم: حضرت امام حسن عليه السّلام ۽ اولاد جو احوال؛
فصل پنجم: حضرت امام حسين عليه السّلام ۽ اولاد جو احوال؛
فصل ششم: حضرت امام زين العابدين عليه السّلام۽ اولاد جو احوال؛
فصل هفتم: حضرت امام محمد باقر عليه السّلام ۽ اولاد جو احوال؛
فصل هشتم: حضرت امام جعفر صادق عليه السّلام ۽ اولاد جو احوال؛
فصل نهم: حضرت موسيٰ ڪاظم عليه السّلام ۽ اولاد جو احوال؛
فصل دهم: حضرت امام علي موسيٰ رضا عليه السّلام۽ اولاد جو احوال؛
فصل يازدهم: حضرت امام محمد تقي عليه السّلام ۽ اولاد جو احوال؛
فصل دوازدهم: حضرت امام علي نقي عليه السّلام  ۽ اولاد جو احوال؛
فصل سيزدهم،: حضرت امام حسن عسڪري عليه السّلام  ۽ اولاد جو احوال؛
فصل چهاردهم: حضرت امام مهدي عليه الصلواة والسّلام جو احوال؛
فصل پانزدهم: عريضي سبزواري ساداتن جو سنڌ ۽ هند ۾ آباد ٿيڻ جو احوال؛
فصل شانزدهم: احوال عبرت آميز حقيقي واقعات (هن باب ۾ ٻين عبرتناڪ واقعن سان گڏوگڏ صوفي شاهه عنايت شهيد جي شهادت جو مڪمل واقعو پڻ بيان ڪيل آهي).
مير ابوالبقا بهره ور علي پنهنجي تصنيف ”تاريخ چراغ هدايت المعروف به بهره ور شاهي“ ۾ عريضي سبزواري ساداتن بابت مڪمل ڄاڻ ڏني آهي ۽ عريضي سبزواري سادات سنڌ ۽ هند ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن آباد ٿيا، ان تي پڻ بحث ڪيو اٿس، ان سان گڏوگڏ عريضي سبزواري ساداتن جا شجرا پڻ پنهنجي تصنيف ۾ شامل ڪيا آهن. آخري سورهين باب ۾ ٻين واقعن سان گڏوگڏ مصنف جهوڪ واري حضرت شاهه عنايت جي شهادت جو سربستو احوال پڻ قلمبند ڪيو آهي ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته شاهه عنايت شهيد جي شهادت جو پهريون ماخذ هي ڪتاب آهي، ان کانسواءِ سڄي تصنيف ۾ مناجات، نعت، قصيدا وغيره شامل آهن. مير ابوالبقا تصنيف جو سال هڪ قطعه تاريخ جي مدد سان تصنيف جي مقدمي ۾ ۱۱۳۱هه(۱۷۱۸ع) ڄاڻايو آهي. مير ابوالبقا شاهه عنايت شهيد جي شهادت جو چشم ديد گواهه آهي، ڇو ته ۱۵ صفر المظفر ۱۱۳۰هه (۷ جنوري ۱۷۱۸ع) تي شاهه شهيد جي شهادت جو واقعو ٿيو ۽ مير ابوالبقا انهيءَ عيسوي سال هي تصنيف تيار ڪئي، پر افسوس جو هن تاريخي ڪتاب تي ڪنهن  به تاريخدان جي نظر ئي نه وئي آهي.
ڪتاب جي شروعات هن جملي سان ٿئي ٿي:
کمال ستائش نياز مندي مرنار روزگاري راکه بباد  ... ..... الخ
ڪتاب جو اختتام هن جملي سان ٿئي ٿو:
اي بنده نواز کام پرداز از رونق فيض بهره ور ساز
مؤلف ڪتاب جي ابتدا حمد خدا ۽ مناجات سان ڪئي آهي. سڄي ڪتاب ۾ نثر سان گڏ ڪٿي ڪٿي نظم به ملن ٿا. طويل مناجات جا ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا:
خدا وندا بعشقم مبتلا کن سرم برتيغ نازاو فدا کن.
بجانم از محبت جوششي ده نيستان تنم را آتشي ده.
زبانم را بنطقش آشناکن مس گفتار مارا کيميا کن.
بعشقت جلوه گرشو در وجودم زنور وحدتت سوزان نمودم.
ان کانپوءِ سرور ڪائنات حضرت محمد مصطفى صلي الله عليه وآله وسلم جن مدح وثنا ۾ هڪ طويل نعت ڏنل آهي، جنهن جا چند بند هت پيش ڪجن ٿا:
درين حيرت سرا حيرت چنانم که ازدل رفت فکرآن جهانم
مدد فرما مدد در راه احمد هدايت کن سعادت خواهه آنم
محمد بادشاهه هر دو عالم فدا در خاک راهش جسم و جانم
بصدق دل بعقل و فکرت و هوش نبي الله رسول الله دانم
شفيح عاصيان سالار امت بروز حشرآري در جنانم
بدرگاهه خدا ذات شريفت وسيله هست در هر دو جهانم
ان کانپوءِ حضرات چهارده معصومين عليهم السلام جي توسل سان بارگاهه خدا وندجهان ۾ هيئن ٻاڪاري ٿو:
الهى يا الهى يا الهى ترحم کن بحال ناتوانم
بحق احمد مختار مرسل ستوده برگزين فرمان روانم
بحق حيدر کرار صفدر دليرم دار بررو آورانم
بحق آن بتول پارساخو زچرخ لوث داري با امانم
بحق روشن اختر حسن شاهه درخشان کوکب دوته نشانم
بحق آن حسين زيب غربت نمائي باشهيدانش فرانم
زين العابدين شاهه سعادت نما در سلک خاص بند گانم
بحق نور فيض بدر باقر بفرو عزو مردي کن عيانم
بحق جعفر صادق دلم را مصفا سازي از زنگ گمانم
بحق موسى کاظم غضب را فرو براز تحمل ده نشانم
بحق والي ملک خراسان بنون صبليم کن وارثانم
بحق آن تقي زيبائش جود بهمت بخشش وتقوي دهانم
بحق آن علي شاهه نقي نام بصحت برخوراني آب و نانم
بحق عسکري نيک فرجام دهي فيروزيم بر دشمنانم
بحق حجة قائم محمد کني روشن کسي اين دودمانم
الهى تاب درد و غم ندارم امانم ده امانم ده  امانم
عريضي بهره خواه هر دو عالم کريما بهره ور سازي ازانم
ڪتاب جي مؤلف وٽ صوفي شاهه عنايت شهيد جو وڏو مرتبو ۽ شان آهي، اهو ثابت ڪرڻ لاءِ صوفي شاهه عنايت شهيد بابت مولف جو رايو هيٺ ڏجي ٿو:
”ناظم صوبه اعظم خان بن صالح خان بن فداي خان از سادات خافي آفت بر سر مردم آن مرزبوم انداخت علي الخصوص بر اينها که شيخ حق شناس شريعت اساس آهو صحرا کرو طريقت خمخانه وحدت جوش حقيقت ساقي سرمست بزم ارشاد ساغر سرشار باده جواد آئينه معرفت مجردي رهنماءِ ملک بيخودي از کثرت يکتاي کزين بمحفل خلوت نشين صوفيه راه شاهه عنايت الله بن مخدوم فضل الله بن ملا يوسف بن ملا شهاب الدين بن ملا آجب بن مخدوم صدوا لانگا عليهم الرحمة بافرقه فقيران خود صوفي مشرب وخيل خاد مان صلح مذهب که آئينه دل را از غبار زنگ کينه وکدورت صاف ... ... الخ.“
ڪتاب جي مقدمي ۾ بهر ور هڪ طويل قطعه تاريخ چئي آهي، جنهن مان ڪتاب جي تاليف جو سن معلوم ٿئي ٿو، يعني اهو ڪتاب شاهه عنايت شهيد جي شهادت کان هڪ سال پوءِ ۱۱۳۱هه/۱۷۱۹ع ۾ تصنيف ٿيو. ان قطعه تاريخ جا چند بند هيٺ ڏجن ٿا.
بنام آنکه بسپردم باد سرمايئه خودرا زشوقش ياد احمد ساختم پيرايئه خودرا
”هزار ويک صدوسي بود از هجرت يکي بالا“ که آور دم بسلک نظم دُراين مايئه خودرا
۱۱۳۱هه
زداغِ مهرِ آل مصطفى دل جلوه گر دارم نمودم ’بهره ور‘ چون شمع روشن پايئه خودرا
مير ابوالبقا بهره ور جي هن تصنيف جو هي قلمي نسخو ’فريئر نامه‘ جي مصنف مير ميان يار محمد خان ابن مير مراد علي خان ٽالپر، آخوند محمد صالح ولد آخوند گل محمد کان  ۴ جمادي الاول ۱۲۷۹هه (۲۸ آڪٽوبر۱۸۶۲ع) ۾ نقل ڪرايو. ٻه سئو پنجاهه صفحن جي هن قلمي ڪتاب جي آخر ۾ ترقيمه واري عبارت (ڪاتب جو نوٽ) هن طرح لکيل آهي:
”حسب الارشاد فيض رشاد ماهه آسمان سلطنت و سروري سروسرو بوستان خلافت و برتري مهر سپهر عظمت قمر انور حشمت بلند شوڪت عظيم الشان والاهمت عالي مڪان مير صاحب والا مواهب مير ميان يار محمد خان صاحب ادام اقباله واجلاله از دست حقير پر تقصير بري اعمال طالح آخوند محمد صالح ولد آخوند گل محمد مرحوم بروز سه شنبه وقت دوپاس روز مورخه تاريخ چهارم شهر جمادي الاول ۱۲۷۹هه حسن انصرام و صورت سر انجام يافت“.
هن وقت ان نسخي کانسواءِ سنڌ ۾ هن جا ٻيا گهڻا نسخا ڪٿي ڪٿي موجود آهن. تن بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي. اهو نسخو اڃا تائين قلمي صورت ۾ آهي ۽ ٽنڊي آغا جي ميرزائن مان نامور محقق، تاريخدان، عالم ۽ شاعر ميرزا عباس علي بيگ جي ڪتب خاني ۾ موجود آهي. ”تاريخ چراغ هدايت“ جو هي مستند نسخو اصلوڪي صورت ۾ تفصيلي مقدمي سان محترم صفدر حسين ميرزا ترتيب ڏئي چڪو آهي.

No comments:

Post a Comment