22/01/2014

فرينچ ناول نگار چيزو جون لکڻيون ذوالفقار هاليپوٽو (Zulfqar Halepoto)



فرينچ ناول نگار چيزو جون لکڻيون
ذوالفقار هاليپوٽو
12  ڊسمبر 2013ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي تحقيقي ڪتاب "سنڌي شاعري جو سفر" جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن چيو ته شاعري جي صنف ۾ اسپيشلائيزيشن ضروري آهي. ٻئي ڏينهن اخبارن ان ڳالهه کي جيئن ڪور ڪيو، ان مان تاثر اهو ملي رهيو هو ته ڄڻ قلم ڌڻي اهو چئي رهيا آهن ته غزل لکڻ وارا رڳو غزل لکن، متان نظم، ٽيڙو يا وائيءَ ۾ هٿ وڌو اٿن. نثري نظم يا نثراڻو نظم لکڻ وارا همٿ نه ڪن گيت لکڻ جي. ٿي سگهي ٿو ته ڳالهه ڪرڻ جو تناظر ڪو ٻيو هجي، پر ايترو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، هاڻ شاعر به انجنيئر، ڊاڪٽر، ائٽمي سائنسدان يا محقق وانگر رڳو مخصوص موضوع تي طبع آزمائي ڪن.
هوڏانهن گذريل ٻن ڏهاڪن اندر ادب جو سڀ کان معتبر عالمي اعزاز، نوبل پرائيز ماڻيندڙ اديبن جي ڪم تي نظر وجهنداسين ته واضح نظر ايندو ته اهي عالمي سطح جا تخليقڪار هڪ ئي وقت شاعر به آهن، ڪهاڻيون به لکي رهيا آهن، صحافت ۾ به آهن، اسڪولن ۽ يونيورسٽين جا استاد به آهن ته ٻيو به گهڻو ڪجهه. هنن وٽ فطرت ۽ سماج کي تخليقي اک سان ڏسڻ ۽ ڪجهه تحرير ڪرڻ جا پئمانا ايترا ته وسيع ۽ سندن تحريرن جو ڪينواس ايترو ته عريض آهي جو ان کي فني يا ٽيڪنڪ جي لاڪ اپ ۾ بند نٿو رکي سگهجي. ايئن ئي اسان جا ڪجهه دوست سرد جنگ واري باڪس ۾ زندگي گذارين ٿا ۽ سندن نظر ۾ هزارن جو پيٽرول ساڙي لئبرٽي بڪ اسٽور يا آڪسفورڊ تان هٿو هٿ خريد ڪري پڙهيل ڪتاب ئي دراصل اصل پڙهائي آهي ۽ وٽن وقت ايترو ميسر آهي جو اکر اکر چٻاڙي ايئن پڙهجي جو هڪ مهينو بس هڪ ڪتاب کي لڳو پيو هجي. ان پڙهائيءَ کي Horizontal  ريڊنگ چئبو آهي. جڏهن ته جديد دور ۾ آئي پيڊ يا ٽيبليٽ تي ڪريڊٽ ڪارڊ چارج ڪرائي اوهان پوريُن لائبريرين کي سافٽ ڪاپي جي صورت ۾ پڙهي سگهو ٿا. ڪن دوستن وٽ اڄ به پڙهائيءَ جو تصور مدي خارج، زرعي سماج جي سوچ وارو آهي. جيئن تخليقڪار کي صنف جي قيد يا لاڪ اپ ۾ نٿو رکي سگهجي. ايئن ئي پڙهائيءَ ۽ تحقيق کي به حبس بيجا ۾ نٿو رکي سگهجي. پنهنجي پڙهائي، علم ۽ تحريرن کي پنهنجي ئي واتان معتبر قرار ڏيڻ ۽ ٻين جي پورهيي کي گهٽ ڪري پيش ڪرڻ وارو مزاج به وڏيرڪو ۽ ڄٽڪو آهي.
ڄاڻ جي هر سطح جي هر قسم جي اها شيئرنگ عزت جوڳي آهي، جيڪا فطرت جي رنگ رنگين ۽ حسناڪين کي تخليقي دڳ سان مثبت انداز ۾ پيش ڪري ٿي ۽ سماجي تبديلي سان اتساهي ٿي. سو بنيادي مسئلو سماجي روين ۽ اخلاقيات جو آهي.
2008ع ۾ ادب جي نوبل پرائيز ماڻيندڙ فرانسيسي اديب لي چيزو لکي ٿو:
"Colonialism is alive and well in the publishing world"
(بيٺڪيت نه رڳو زندهه آهي، پر اها ڇپائي (پرنٽنگ) جي دنيا ۾ به موجود آهي.)
جيڪڏهن دنيا جي جديد حصي يورپ جي انتهائي ترقي يافته ملڪ فرانس جو ليکڪ اهڙي شڪايت ڪري ته پوءِ اسان جي ڪهڙي مجال جو اسين ويهي اسان جي ادب، آرٽ، صحافت، سياست وغيره ۾ آپيشاهي روين جي شڪايت ڪيون.
جان ڪيٽس ۽ ارنيسٽ هيمنگوي کان متاثر فرانسيسي ليکڪ چوي ٿو ته انگريزي ٻولي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ Colonial (بيٺڪي) ٻولي آهي. مار! جيڪڏهن انگريزي جي اهڙي حالت آهي ته پو سنڌي ٻولي جيڪا انگريزي کان پنهنجو ترقياتي سفر ۾ سوين سال پٺتي آهي. ان جو ڪهڙو حشر هوندو. اهڙي صورتحال ۾ پنهنجو پاڻ کي معتبر قرار ڏيڻ وارو خود ساخته فرمان ۽ ليکڪن کي ڊاڪٽرن ۽ انجنيئرن وانگر اسپيشلائيزڊ هجڻ جون صلاحون ڏيڻ ته ڪي وڏا هاڃا يا سانحا ناهن. شڪر ٿيو جو اها صلاح شيخ اياز، طارق عالم ابڙي، قمر شهباز، نصير مرزا، نور الهديٰ شاهه، مظهر لغاري ۽ اهڙن ڪيترن ئي ٻين ڀلوڙ تخليقڪارن کي نه ڏني وئي، نه ته انهن سميت ٻين ڀلوڙ تخليقڪارن جي تحريرن کان محروم رهجي وڃون ها. سنڌي کان سواءِ ٻين ٻولين ۾ هڪ ئي وقت ڪيترين ئي صنفن توڻي شعبن ۾ لکندڙ توڻي ڪم ڪندڙ اديبن جا نالا لکڻ شروع ڪيم ته درجن کن صفحا ڀرجي ويندا.
جيڪڏهن ادب جو نوبل پرائيز ماڻيندڙ چيزو کي برطانيا جا پبلشر اهو چئي سندس ڪهاڻين جا مسودا منهن تي اڇلائي هڻن ٿا ته هن کي فڪشن جي ڪهڙي خبر، ته پو ادا اسان تي ڪهڙي معيار جو ويهي عدالتون لڳايون، هڪڙن جي وڌيڪ ڄاڻو هجڻ، وڌيڪ ڪتاب پڙهڻ ۽ هڪ هڪ سٽ پڙهڻ ۽ ٻين جي گهٽ ڄاڻو هجڻ بابت. چيزو کي جنهن مهل انگريز پبلشرن مسودا اڇلائي ڏنا ته هن فيصلو ڪيو ته هو پنهنجي مادري زبان ۾ لکندو.
هي فرانسيسي اديب 13 اپريل 1940ع ۾ فرانس جي ندين جي وسندين طور جڳ مشهور شهر نائيس ۾ ڄائو. ٻي مها ڀاري جنگ ۾ چيزو جي والد نائيجريا ۾ برطانوي فوجي طور ڪم ڪيو. هن جنهن ماحول ۾ اک کولي اهو علائقو فرانس جي قبضي مان برطانوي قبضي ۾ هليو ويو ۽ ايئن هن جو ننڍپڻ فرانس ڪلچر ۽ برطانوي حڪمراني جي ٻن متضاد رجحانن ۾ گذريو. نائيجيريا ۾ هن آفريقي ڪلچر ۽ برطانوي سامراجي راڄ جون بلنديون ڏٺيون، ايئن هو مختلف ۽ متضاد رجحانن مان گذرندو وڏو ٿيندو ويو. فرانس مان به پڙهيو ته برطانيا جي سٺين يونيورسٽين ۾ پڙهندو ۽ پڙهائيندو رهيو. بيلجيم جو مشهور يورپي شاعر هينري ميچوخ سندس ماسٽرز جي ٿيسز جو موضوع هو، جيڪا هن فرانس جي هڪ يونيورسٽي مان پاس ڪئي. 1967ع ۾ آمريڪا پهتو ۽ ماستري ڪرڻ لڳو. کيس فرانس جي فوجي ڪميشن ۾ ٿائلينڊ موڪليو ويو. فوجي ڪئمپن ۾ ٿيندڙ جرم هن جي اندر جي تخليقڪار ۽ شاعر کي پريشان ڪيو ۽ هڪ حساس ماڻهو هجڻ ڪري هن فوجين جي معصوم ٻارڙن سان ٿيندڙ جنسي ڏاڍائي ۽ تشدد خلاف هڪ پمفليٽ لکيو. نتيجي ۾ کيس نوڪريءَ مان برطرف ڪري ميڪسيڪو موڪليو ويو ته جيئن هو پنهنجي لازمي ملٽري ڪورس کي پورو ڪري سگهي. ميڪسيڪو ۾ لاطيني آمريڪا جي سونهن، فطرت جي حسن کان متاثر ٿيو ۽ تحريرن ۾ به تيزي آيس ته شادي به پناما جي هڪ خوبصورت عورت جئميا سان ڪيائين. ايئن ميڪسيڪو سان لڳو لڳ آمريڪا جو خوبصورت ۽ من موهيندڙ شهر الباڪرڪي نائيس ۽ ماريشس ۾ رهڻ لڳو. زال موراڪو جي هئي. ايئن هن جي اندر جي تخليقڪار ايترا ته گهڻا ثقافتي ۽ گهڻ رنگي علائقا، جاگرافيون ۽ ماڻهو ڏٺا جو هن جو مشاهدو هن جي لکڻين کي چنڊ لڳائيندو ويو. پهرين ڪهاڻي ستن سالن جي وهي ۾ سمنڊ بابت لکيائين، ڇاڪاڻ ته ارنيسٽ هيمنگوي جو ناول "پوڙهو ماڻهو ۽ سمنڊ" سندس پسند جو ڪتاب هو. اڳيان هلي فوڪالٽ مان متاثر ٿيو ۽ هڪ ملڪ کان ٻي ملڪ، هڪ ماحول کان ٻئي ماحول ۾ ايندي ويندي ٽريول جي ڪري سندس لکڻين ۾ مئچورٽي آئي ۽ هن پنهنجو شاندار ناول "The Interrogation" (فرانسي ٻولي ۾  Le Process-verbal) لکيو. سندس اهو ناول ڏاڍو مشهور ٿيو، جنهن ۾ هن هڪ اهڙي شخص کي هيرو ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪو وڏن وارن ۽ شهپرن ڪري فقير تصور ۽ اڪيلائپ جو شڪار آهي. هو پهرئين فوجي ٽريننگ ڪئمپ ۽ پو هو نفسياتدان وٽان ڀڄي نڪري ٿو. آدم نالي نوجوان شخص پنهنجي باغيانه خيالن جي ڪري مشهور آهي ۽ نيٺ هڪ ڏينهن هجوم کي خطاب ڪندي گرفتار ٿئي ٿو ۽ پو جلا وطن ٿئي ٿو.
ڪن نقادن جو خيال آهي ته هن ناول ۾ آدم دراصل چيزو جو پنهنجو ڪردار آهي. هو پنهنجي پوري ڪٿارسس کي آدم ذريعي اڳيان رکي ٿو. سائيمن واٽسن ٽيلر پاران فرانسيسي زبان ۾ لکيل چيزو جي هڪ ٻي ڪتاب "The book of flights. An adventure story" ترجمو ٿي ميدان ۾ لٿو ته چيزو جي تحريرن تي وڏو بحث شروع ٿي ويو. هن پنجاهه کان مٿي ڪتاب لکيا ۽ ڪيترائي انگريزي ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن، جن ۾ اهم ڪتاب ٽيرا اماٽا- The Giants wandering star شامل آهن. چيزو لاءِ ادب جي نوبل پرائيز جي اعلان مهل ڪميٽي جي چيئرمين پاران هي اکر چيا ويا
"Author of new departures, poetic adventure, and sensual ecstasy, explorer of a humanity beyond and below reigning civilization".
سندس ڪتاب "Desert" (صحرا) يورپ، آمريڪا ۽ آفريقا جي ادبي حلقن ۾ وڏو ڌماڪو ڪيو. هن ناول ۾ هن گهڻ ثقافتي روين ۽ صحافت کي انتهائي تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هن ناول ۾ موراڪو (آفريقا) جي هڪ قبائلي علائقي جي ڇوڪري جي ابائي ڪلچر پوءِ سندس فرانس اچي يورپي ڪلچر جو حصو بڻجڻ ۽ انهي ثقافتن جي تضادن ۽ نتيجي ۾ ان جي اندر جي تضادن کي شاندار انداز ۾ پيش ڪيو آهي. آفريقا جو عرب دنيا کي لڳندڙ صحرائي پٽي، جنهن کي هو سهارا چون ٿا. ان صحرا مان نڪتل هڪ ڇوڪري جي ثقافتي مونجهارن کي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو ويو آهي. هو قبائلي علائقن مان نڪري فرانس ۽ ماڊل بڻجي ٿي، وري موراڪو موٽي هڪڙي ٻار کي جنم ڏئي ٿي ۽ پو فرانس آفريقا جي سياسي ۽ تعليمي فرق کي پنهنجي عملي زندگي ۾ محسوس ڪندي هڪ مهاجر بڻجي پنهنجي ذهني ۽ سماجي پيڙاين کي پيش ڪري ٿي.
چيزو جو ڪتاب صحرا (ڊزرٽ) پڙهي اوهان کي لڇمڻ ڪومل جي آتم ڪٿا جهڙو مزو ايندو. سڀ سهارا آفريقا جي مختلف قبيلن پاران فرانسيسي قبضي خلاف جنگ جا بهترين قصا ٻڌايا ويا آهن. لبيا موراڪو ۽ ڏکڻ آفريقا جو اهو پاسو ڪنهن دور ۾ اسپين، فرانس ۽ برطانيا جي بيٺڪيت رهيو آهي ۽ ان علائقن جي مسلمان قبيلن جو بيٺڪي راڄ خلاف جدوجهد کي انگريزي ادب ۾ گهٽ اهميت حاصل آهي ۽ چيزو انهن مسلمان قبيلن جي جدوجهد کي بهترين نموني پيش ڪيو آهي. چيزو زري گهٽ ثقافتن جي ٽڪرا واري ٿيوري "Clash of Civilizations" تي بحث ڪيو آهي. سورهن ۽ سترهن صدي ۾ يورپ جي بيٺڪي نظام ايشيا، آفريقا سوڌو دنيا جي مختلف خطن کي غلام بڻائڻ واري متروڪ ۽ آمراڻي سوچ تي ادبي پيرائي ۾ يورپ ۾ گهٽ لکيو ويو آهي. سياسي ڪتاب آهن، نج فڪشن گهٽ آهي.
چيزو بنيادي طور محڪوم ۽ حاڪم، ظالم ۽ مظلوم واري ٿيوري تي ڪم ڪندي نه رڳو استحصالي سماجن ۽ نظام بابت ناول سرجيا، پر هن هڪ استاد طور ان موضوعن تي ڪيترائي مضمون لکيا ۽ تحقيقي مقالا پڻ لکيا. فرانسيسي ادب پاران ۽ سياست هر دور ۾ وڏو اثرائتو ڪردار ادا ڪندا اچن. اڄ به يورپ جي وچين دور ۽ ادبي منظرنامي تي فرانس جو انقلاب، آرٽ، فلاسافرن جو وڏو اثر آهي. چيزو به ان اثر کان خالي ناهي، سندس تحريرن ۾ به زبردست فلو موجود آهي. سندس ڪتاب سٽ سٽ هجي ۽ صورتخطي ڪري پڙهڻ جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ ته پاڻ کي اسڪول جو امتحان پاس ڪرڻ لا رٽو ناهي هڻڻو. سندس انگريزي ۾ ترجمو ٿيل چارئي ڪتاب عالمي ادب جو شاهڪار آهن. پڙهندا ته دنيا جي مختلف خطن، ماڻهن، ثقافتن ۽ رجحانن بابت مزيدار ڄاڻ به ملندي ۽ هڪ نئين تخليقي لهجي ۽ سٽا جو به مزو ايندو. وقت ملي ته چيزو کي ضروري پڙهجو، خاص طور سندس ڪتاب ڊيزرٽ.
چيزو ناول نگار به هو ته يونيورسٽي جو پروفيسر به، ايئن ئي جيئن شيخ اياز شاعر به هو ته وڪيل به، تنهنڪري تخليقڪار جي اسپلائيزيشن جي ڳالهه ڪرڻ سندس سوچ، فڪر ۽ تخليقي اڏام کي بريڪٽ ڪرڻ نه سٺي ڳالهه آهي ۽ نه ئي سٽ سٽ ڪتاب پڙهي ٻين جي پورهيي کي هلڪو ڪري پيش ڪرڻ وارو رجحان مثبت ڳالهه آهي.

No comments:

Post a Comment