مادري ٻولين جي ڏهاڙي جو اتساهيندڙ پس منظر
نصير ميمڻ
هونئن
ته بنگلاديش 16 ڊسمبر 1971ع تي وجود ۾ آيو، پر سياسي ڏاها چون ٿا ته، درحقيقت
بنگلاديش اُن ڏينهن وجود ۾ اچي چڪو هو، جڏهن 21 فيبروري 1952ع تي بنگاليءَ کي قومي
ٻولي بنائڻ جي مطالبي لاءِ جدوجهد ڪندڙ بنگالي شاگردن مٿان گوليون هلائي ٽن ڳڀرن
کي شهيد ڪيو ويو هو. درحقيقت پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي اهو واضح ٿي چڪو هو ته، اردو
نئين ملڪ جي قومي زبان ٿيندي، اُن وقت بنگالي ڳالهائيندڙ، ملڪي آباديءَ جو 55 سيڪڙو
هئا، جڏهن ته اردو هڪ ڏيڍ سيڪڙو آباديءَ جي مادري زبان مَسَ هئي پر اُن جي باوجود
اسلامي ثقافت اردوءَ کي ملڪ مٿان لاڳو ڪرڻ جا سانباها ٿي رهيا هئا. بنگالي ان وقت
ملڪ اندر سڀني کان وڌيڪ سُجاڳ ۽ اڳڀري قوم هئا. زبانن جي حوالي سان بنگالي ۽ سنڌي
نهايت سُڌريل زبانون هيون، انهن زبانن ۾ نه رڳو شاندار ادبي ورثو موجود هو، پر
صوبن جو سرڪاري ڪاروهنوار به انهن ئي زبانن ۾ هلايو ٿي ويو. اصولي طور 55 سيڪڙو
آباديءَ کي اهو مطالبو ڪرڻ جو حق هو ته، سندن زبان کي قومي زبان جو درجو ڏنو وڃي.
بدقسمتيءَ سان ان وقت جي سياسي قيادت ملڪ اندر هزارين سالن جو تهذيبي ورثو ۽ ثقافت
رکندڙ قومن جي تاريخي سُڃاڻپ ۽ زبانن کي مڃڻ کان انڪار ڪندي اردوءَ کي مذهب سان
ڳنڍي، ان کي قومي زبان طور مَڙهيو. بنگالي قومپرست ۽ ليکڪ ان صورتحال کي اڳ ئي
محسوس ڪري رهيا هئا. نامياري بنگالي شاعر فرخ احمد ۾ هڪ مشهور بنگالي رسالي ۾ هڪ
مضمون ”پاڪستان: رياست جي زبان ۽ ادب“ جي عنوان هيٺ لکيو. اُن مضمون ۾ لکيائين ته،
”جيتوڻيڪ اها ڳالهه چِٽي ٿي وئي آهي ته، پاڪستان يا گهٽ ۾ گهٽ اوڀر پاڪستان جي
قومي زبان بنگالي هوندي پر اوڀر پاڪستان جي ڪجهه پڙهيل لکيل ماڻهن اِنَ اياڻپ ڀرئي
خيال جو اظهار ڪيو آهي ته، جيڪڏهن بنگالي ٻوليءَ کي رياست جي زبان بڻايو ويو، ته
ان سان اسلامي ثقافت تباهه ٿيندي“.