21/04/2014

امداد حسيني ۽ سندس شاعري - سحر امداد (Sahar Imdad)



امداد حسيني ۽ سندس شاعري
سحر امداد
امداد جي شاعريءَ بابت مان جڏهن جڏهن به لکڻ ويهندي آهيان، تڏهن تڏهن واقعن ۽ ڳالهين جو هڪ سمونڊ پنهنجي تيز تکين ڇولين سان مون ڏانهن ڊوڙندو ايندو آهي ۽ پنهنجي تيز تکي وهڪري ۾ مون کي لوڙهي ويندو آهي. امداد پنهنجي سِٽ سِٽ کي ڪيڏي پيار ۽ پاٻوهه مان لساريو آهي. پٽ- ڪِيئين جيان پنهنجي ئي Cocoon ۾ پٽَ-سِٽ کي پنهنجي ئي وجود تي ويڙهيندو ويو آهي. هن لاءِ هن جي سموري ڪائنات سميٽجي ان Cocoon ۾ اچي وئي آهي.
هو جو راتيون جاڳي شعر لکي ٿو ۽ مان جا هُن جي انهن اوجاڳن جي گواهه آهيان. مان جا گذريل پاءُ صديءَ کان هن سان گڏ آهيان ۽ هن سزان راتيون جاڳي صبح ڪيو اٿم:
سڀ سنپا ساڻ کڻي وئين
اکين سان اوجاڳا پرتا!
شاعري اُها محبوبا آهي جا اکين کان ننڊون کسي، انهن کي اوجاڳا ارپيندي آهي. ان ڪري ئي شاعريءَ سان عشق آڙانگي وٿ آهي، پوءِ به شاعر جي دل جا دروازا ان محبوبا لاءِ ”نيڻن وانگي آهن وا“ ۽ پوءِ به هو ٻٽيهن دلين سان ان کي اهو ئي چئي ٿو ته:
تون مون ڏانهن
جڏهن به
ڪڏهن به
ڪٿي به
جٿي به
ڪيئن به
جيئن به
اچڻ گهرين جي
اچي سگهين ٿي!
امداد حسيني جنهن جو ادبي نالو آهي، تنهن جو اصل نالو سيد امداد علي شاهه آهي ۽ جو سيد فضل محمد شاهه جو پٽ آهي. هونئن ته امداد شاعريءَ جي شروعات پنهنجي ننڍپڻ ۾ ئي ڪئي هئي، قريبن يارنهن ٻارنهن سالن جي عمر ۾.
هن جي شروعاتي غزلن جي بندي، هن جو هڪڙو اسڪول ٽيچر پڙهڻ لاءِ کڻي ويو ته پوءِ واپس نه ڪيائين. هن جي شاعري ٻارن جي رسالي ”گلستان“ ۾ باقاعدي ڇپجڻ لڳي. ان دور ۾هن پنهنجو مڪمل نالو ئي شاعر جي طور تي استعمال ڪيو. ۱۹۶۰ع کان پوءِ امداد حسيني ۽ ”روح رهاڻ“ ۾ ڪڏهن ڇڙو ”امداد“ ته ڪڏهن رڳو ”حسيني“ به استعمال ڪيائين. هن ۱۹۷۳ع۾ ”سوجهرو“ ۾ ڇپيل پنهنجي ڪهاڻي ”ڳالهيون سلڻ نه جهڙيون“ ۾ ”سانول“ نالو استعمال ڪيو، جنهن نالي سان مان کيس سڏيندي هئس. اڳتي هلي هن بحيثيت ڪهاڻيڪار اهو ئي نالو قائم رکيو. ”جاڳو“ اخبار ۾ هن ”مارو“ جي ادبي نالي سان قطعا لکيا. جيتوڻيڪ هو روزاني اخبار: ڪاوش، برسات ۽ بختور ۾ پنهنجي اصلوڪي نالي ۾ ئي ڪافي عرصي تائين قطعا لکندو رهيو هو. هن جي ”قطعن“ ۾ جيڪا ڪاٽ هئي، چُهنڊڙي هئي، طنز هو، سو هن جي سماجي شعور جو آئينه دار هو. سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته انهن ۾ جيڪا Perfect Timing هئي، سا سماج جي منهن تي لوڻي ڀر لپاٽ هئي. ”چوڏس“ جي ٽنهي پرچن جا ايڊيٽوريل سندس لکيل هئا، جن تي سندس نالو به نه هو. هن ڪيترن ئي شاعرن جي تصحيح ڪندي پنهنجو اَمُلهه سِٽون به انهن کي ڏئي ڇڏيون، جنهن تي مان ساڻس جهيڙيندي به هئس. ان ريت ”گيت-کيڏوڻا“ جو نه رڳو نالو هن جو ڏنل آهي، پر ان جا سمورا معياري ترجما امداد جا ئي ڪيل آهن. هن جو ريڊيو، ٽي وي ۽ نصاب لاءِ ڪيل ڪم ۽ مهراڻ جي ايڊيٽر طور ڪيل ڪم پڻ هن جي شخصيت جو هڪ رُخ آهي.
سو منهنجو سانول ۽ سنڌ جو شاعر امداد حسيني ۱۰ مارچ ۱۹۴۰ع تي ٽکڙ ۾ ڄائو. ان ٽکڙ ۾- جنهن جون گهٽيون حافظ حامد سينڌ جيان سِڌيون ليڪيون هيون، انهن ئي سِڌين گهٽين ۾ هي ڏِنگو ٻار وڌي وڏو ٿيو. ٽکڙ جيڪو علمي، ادبي، سياسي، طبي، تعليمي، هنري ۽ واپاري لحاظ کان سنڌ جو هڪ نهايت سُکيو ۽ سڌريل ڳوٺ هو. جتي جون اجرڪون، سوسيون ۽ گربيون ڏيهه پرڏيهه ۾ مشهور هيون، جنهن ڳوٺ جي دائود موچيءَ جون ٺاهيل جُتيون هِند-سنڌ ۾ مشهور هيون ۽ مير عبدالحسين سانگي شوق منجهان اهي جتيون پائيندو هو. اها ٽکڙ جتي جي مڏِي پلي، مڇي ۽ گانگٽ جي ڪري مشهور هئي. جتي حاجي پور جو بندرگاهه هو، جتان مال جي اچ وڃ ۽ واپار ٻيڙن ۽ آگبوٽن وسيلي ٿيندو هو. ٽکڙ جتي اَنن جا انبار هئا، جتي آب آگوندرو هو ۽ جتي امن سُک ۽ سُڪار هو. جنهن ڳوٺ مان وڏا سياستدان اُڀريا. جنهن ڳوٺ وڏا تعليمدان پيدا ڪيا، جن انگلينڊ کان مڪي مديني تائين پنهنجو نالو روشن ڪيو. جنهن ڳوٺ وڏيون علمي ادبي شخصيتون ۽ ناميارا شاعر پيدا ڪيا، تنهن ڳوٺ جون ڦِٽل جايون ۽ ڊٺل ديوارون اڄ به نوحه ڪنان آهن.
امداد جي ڏاڏي جو ننڍو ڀاءُ سيد حافظ شاهه پڻ نهايت پُرسوز ۽ سُريلو ڪافي گو شاعر ٿي گذريو آهي. حافظ شاهه جي اوطاق تي روز رات جو ٿيندڙ ”رس رهاڻيون“ امداد پاڻ ته نه ڏٺيون، نه ٻڌيون، پر حافظ شاهه جي ٽن ڳائڻن موٽيو، عيسو ۽ لونگ شيديءَ مان امداد عيسي شيديءَ کان حافظ شاهه جو ڪلام ٻڌو هو. هن پنهنجي ماسات سعيد ٽکڙائيءَ جي سُريلي صحبت مان پڻ گهڻو ڪجهه پرايو. اسان جي ڳوٺ جون مڱڻهارڻيون ۽ شيدياڻيون: مائي زينون، راستي، حوا، مِري، سڪينه، خاتون ۽ بصران انهن وڏن سيدن جون ڪافيون ڳائينديون هيون، تن ئي امداد جون ڪافيون سڀ کان پهرين ڳايون، انهن مان هڪڙي ڪافيءَ جو ٿلهه آهي:
ڇو ٿا ڇڏيو ڪُلهن تي، ڇڙواڳ وار ڇوڙي
هي نانگ نيٺ دل کي، نِيندا نِپٽ نهوڙي.
ايئن امداد جي شاعريءَ کي شروعات ”سُريلي شاعريءَ“ (Lyrical Poetry) سان ٿي هئي. جا ئي دراصل سنڌ جي اصل ۽ سچي شاعري آهي.
اسان وٽ دستور رهيو آهي، ته ڪنهن به شاعر جي وڏائي ثابت ڪرڻ لاءِ هن جي ڪنهن ٻئي وڏي شاعر سان ڀيٽ ڪئي ويندي آهي. مثال طور اياز جي ڏائي ثابت ڪرڻ لاءِ اسان جن ڪن نقادن اياز کي ”لطيف ثاني“ چيو. امداد حسيني جديد دور جو نهايت بولڊ ۽ بيباڪ آواز آهي، جو وڏي ۾ وڏو سچ، بيحد ڪؤڙو سچ، وڏي واڪ چئي سگهي ٿو، سچل وانگي:
”سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي!“ (سچل)
پر مان امداد حسينيءَ کي نئين دور جو سچل سرمست نه چونديس، نه ئي منهنجو ارادو امداد کي سچل سان ڀيٽڻ جو آهي، مان امدا کي امداد سان ئي ڀيٽينديس. امداد جي شاعريءَ جو گناگون ۽ ڪڏهن ڇرڪائيندڙ ۽ انوکا موضوع، هن جي شاعريءَ جو سهڻو سٽاءُ، هن جو الڳ ۽ نرالو اسٽائيل، هن جو بيحد منفرد ۽ جاندار ڊڪشن Diction هن جي شاعريءَ جي نغمگي ۽ آهنگ، هن جي شاعريءَ جو لوچ ۽ رس، هن جي شاعريءَ ۾ موجود رومانويت جو رنگ، هن جي شاعريءَ ۾ موجود آفاقيت جو رنگ، صرف امداد جو ئي، صرف امداد وٽ ئي آهي. امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جو يڪتا رنگ نه هن کان اڳ ۾ ڪنهن جو هو، نه هن وقت ڪنهن جو آهي، نه ئي شايد هن کانپوءِ ڪنهن وٽ هوندو. بحيثيت شاعر امداد ايڏو ته ڳوڙهو ۽ گهڻ رُخو آهي، جو اسين هن کي پنهنجي آسانيءَ خاطر ڪنهن ”فارمولي“ ۾ قيد نٿا ڪري سگهون. امداد جي شاعريءَ جي چوٽيءَ تائين رسڻ لاءِ اسان کي ڪيترين ئي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن جي شاعريءَ جي Content تائين اُڇاتراپئ ۽ اٻهرائپ سان رسڻ ناممڪن آهي.
امداد جي شاعريءَ جي منفرد موضوعاتي سنجيدگي نهايت گهڻي اهميت جي حامل آهي. امداد نهايت گنڀير مسئلن کي اڪثر پنهنجي نظمن جي ٿيم Theme ڪري کنيو آهي، هن جي منظوم ڪرڻ Versification جي بيپناهه صلاحيت، هن جو شاعرانه ادراڪ، هن جي Vision جي وسعت، هن جي پنهنجي موضوع تائين سڌي، گهري، تيز ۽ تکي پهچ حيرت انگيز آهي. اهي سڀئي ڳالهيون ملي ڪري هُن کي باشبه وڏو شاعر ثابت ڪن ٿيون. امداد حسيني يقينن سنڌ جي انهن شاعرن منجهان آهي، جيڪي پنهنجي دور کي هڪ منفرد سڃاڻپ عطا ڪن ٿا.
امداد جو پهروين مجموعو ”امداد آهه رول“ مون ئي ترتيب ڏنو هو، ۷۱-۷۰ تاري. جيڪو مون هڪ Theme تحت ترتيب ڏنو هو: ”رولاڪيءَ“ جو فلسلو آڏو رکي. ”رولاڪي“ اِن اَ سينس آف (In a sense of) تلاش، جستجو، سرگرداني، ويهي نه ووڙڻ. مون امداد جي ئي هڪ مشهور غزل جي سٽ مان مجموعي لاءِ نالو ”امداد آهه رول“ چونڊيو هو. اهو مجموعو ۱۹۷۳ع ڌاري پريس جي شڪل ڏسي سگهيو. ان دوران ئي مون ان مجموعي لاءِ هڪ جامع مهاڳ پڻ لکيو. جنهن جي ڪاپي به مون پاڻ وٽ نه رکي هئي. ان مجموعي جا اڌ کان مٿي اڻ ڇپيل پنا ان ”مهاڳ“ سوڌو پبلشر صاحب کان گُم ٿي ويا! مون کي ان مهاڳ جي گُم ٿيڻ جو اڄ تائين افسوس آهي، پر ان کان وڌيڪ افسوس مون کي ”امداد آهه رول“ جي ايئن رُلي وڃڻ جو آهي. ٽن سالن کان پوءِ انهن ساٺيڪو کن پنن کي- جڏهن ته انهن پنن جو رنگ به پيلو ٿي چڪو هو هڪڙي ٻئي پبلشر هِتان هُتان ڪجهه شاعري هٿ ڪري، انهن ڇپيل پنن کي مڙئي اگهايو. اهو اڌورو ۽ اڻپورو مجموعو امداد جي ان دور جي شاعريءَ جي ئي مڪمل نمائندگي نه پيو ڪري سگهي. امداد جا ان دور جاکوڙ سارا نظم، آزاد نظم، بيت، وايون، ڪافيون، دوها، گيت... ان مجموعي ۾ نه اچي سگهيا. مثال طور امداد جو نظم ”ماحول“ جيڪو ۱۹۶۴ع ۾ لکيو ويو هو ۽ جيڪو اپريل ۱۹۶۵ع ۾ ”روح رهاڻ“ (سالنامو) ۾ ڇپيو هو. ان نظم کي تڏهن ”روح رهاڻ“ پاران ڪرايل هڪ چٽاڀيٽيءَ ۾ پهريون انعام پڻ مليو هو ”اياز ادبي انعام“ ۽ خود ان نظم کي ”روح رهاڻ “ ۾ جيڏي اهميت سان ڇپيو ويو هو، سو پڻ ڏسڻ وٽان هو/آهي. نه رڳو اهو نظم پر امداد جا اڪثر ڪري ننڍا نظم سادين ليڪائين تصويرن سان ”روح رهاڻ“ جي ٽائيٽل تي ڇپيل هوندا هئا ۽ جن کي بقول ادا بيدل ته: ”اسين فريم ڪري رکندا هئاسين.“ سو امداد جو نظم ”ماحول“ جو هڪ نهايت ئي پاورفل ۽ ”امداد-اسٽائيل“ نظم آهي، سو هاڻ هن مجموعي ۾ شامل آهي.
امداد جو توڙ کان وٺي اهو اصول رهيو آهي ۽ مان سمجهان ٿي ته هر Genuine شاعر ۽ اديب جو اهو ئي اصول آهي ته: جو پنهنجي هڙا خرچ ڪري ڪتاب ڇپرائي، سو شاعر )۽ اديب) ناهي. پوءِ ڀل ته ان جي شاعري ساميءَ وانگيا، ڪنهن مَٽ ۾ ئي ڇو نه پئي رهي. جي اُها شاعري آهي ته پوءِ اُها جڏهن به ڇپبي، پنهنجي جاءِ ٺاهيندي ۽ مڃتا ماڻيندي... پر شايد
پر شايد مشيت ايزدي وٽ اهو ايئن ئي طئي ٿيل هو، ته، امداد جي سورج-ورڻي شاعري ”روشني“ ذريعي ئي پکڙجڻي هئي.
(ڪتاب: هوا جي سامهون جي مهاڳ مان ورتل چونڊ ٽڪرا)

No comments:

Post a Comment