درپن ـــــ ’چنڊُ ڪو جاڳي پيو!‘
مولائي ملاح
سنڌوءَ جي بادامي پاڻيءَ کي ٻُڪ ۾ پي ٻالڪپڻ کان جوانيءَ
جون وکون کڻندڙ احمد سولنگي ادبي کيتر ۾ ڪنهن تعارف جو محتاج ناهي. سندس سرجيل
سندر جذبن جي اظهار جهڙي شاعري ئي سندس سنڌ ۽ هند ۾ وڏو تعارف آهي. سندس فن، فڪر ۽
شخصيت سان ته کڻي ڪنهن جا به ڪيترا اختلاف ٿي سگھن ٿا پر سندس خيالن جي اڏام، بلنديءَ
۽ لفظن جي اُڻت پوءِ به اهل دل ماڻهو کان سندس شاعريءَ تي واهه واهه.... جا بي ساخته
لفظ چورائڻ تي مجبور ڪري ٿي.
شاعري ڏات آهي يا ڏانءُ اهو فيصلو ته ڪوئي ماهر ساهتڪار
۽ ڪوي ئي ڪري سگھي ٿو، پر احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ جو جادو اهو آهي ته ان کي پڙهڻ
کان
پوءِ هر نئين پڙهندڙ جي دل
شاعري ڪرڻ ۽ شاعر بڻجڻ لاءِ اڌما کائي ٿي. سندس شاعري علم عروض ۽ ڇند وديا تي ڪيترو
پورو لهي ٿي اهي ماڻ ماپا پاڻ ڪونه ڄاڻون پر سندس خيال دل جي پاتال ۾ پيهي وڃن ٿا
۽ هر پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ کي خوابن جي واديءَ ۾ کڻي وڃن ٿا، جتان موٽڻ کان پوءِ هر ماڻهو عشق، حسن جو مجاور بڻجي وڃي ٿو. احمد
جي شاعريءَ ۾ تخيل جي نواڻ اپسرا جي هار ۾ پويل موتين جيان جگمگائيندي هر زندهه دل
ماڻهو کي پاڻ ڏانهن متوجھ ڪري وجھي ٿي.
لفظ لڙڪن جيان قطارون ڪري ذهن جي ڪينواس تي تڏهن ئي
لهندا آهن جڏهن دل ۾ عشق جي آڳ جلندي آهي پر احمد سولنگيءَ وٽ رڳو لفظن جي ئي نه پر
تخيل، خيالن جي به؛ اپسرا جهڙي آمد ٿئي ٿي. سندس پيار جي پهرين پورهئي ’خواب آوارا پکي‘ جي جنهن به ورق کي اٿلائجي ٿو ته ان مان عشق ليئا پائيندي نظر اچي ٿو،
پوءِ پڙهندڙ جون اکيون سندس، عشق جي اکين
۾ اٽڪي پون ٿيون، اهڙي سمي دل جي ڪيفيت سڪتي جهڙي ٿي پوي ٿي. يقيناً احمد سولنگيءَ
جي ڪيفيت به اياز کي پڙهڻ مهل اهڙي ئي ٿي پئي هوندي ۽ اياز جي به، لطيفؒ کي پڙهڻ مهل
اهڙي ڪيفيت ٿي پئي هئي؛ جنهن لاءِ چون ٿا ته: ’پوءِ اياز پنهنجي شاعراڻي اصلوب کي برقرار
رکڻ ۽ لطيفؒ جي اثر کان پنهنجي شاعريءَ کي بچائڻ لاءِ زندگيءَ جي هڪ حصي ۾ لطيفؒ کي پڙهڻ ڇڏي ڏنو هيو‘، يقيناً احمد سولنگيءَ به
ائين ئي ڪيو هوندو.
ڪنهن چيو آهي ته: شاعري شاعر جي آتم ڪٿا هوندي آهي،
ائين ئي ’خواب آوارا پکي‘ به احمد جي آتم ڪٿا آهي، جنهن ۾ سندس آتما آوارا پکين جيان
نظر اچي ٿي. سندس سڄي شاعريءَ ۾ حقيقت جي ڏياٽين جي روشنيءَ کان علاوه، مسئلن جا ڏس
۽ گس به محسوس ڪجن ٿا. احمد سولنگيءَ جي ڪيفيتن ئي سندس شاعريءَ ۾ احساسن جي رنگ کي
اتساهه ڏنو آهي. جنهن کي پڙهڻ کان پوءِ هڪ منصف، فراخ دل پڙهندڙ جھومي پوي ٿو. ۽ هو
واهه وا .... جا لفظ چوڻ تي مجبور ٿي پوي ٿو، ان ۾ سڄي ڳالهه محنت جي آهي جيڪو جيتري
محنت ڪندو معيار جي ميدان ۾ اوتروئي مانُ لهندو، منهنجن تعريفي ڪلمات سان ڪو ڪوي وڏو
شاعر ته ڪونه ٿي سگھندو ۽ تنقيد سان ڪنهن جو قد ڪاٺ ننڍڙو نه ٿيندو، ان ۾ وري ڪٿي ڪٿي
نصيب جو به عمل دخل آهي ته ڪنهن جي نصيب جي جھول ۾ لفظن جا موتي ٿا پون، ته ڪنهن جي
وات مان وري باهه جا شعلا ٿا نڪرن…!!
’خواب
آوارا پکيءَ‘ تي جيڪڏهن ڪوئي ڄاڻو ماڻهو ڪائي تنقيد ڪري ته اها احمد سولنگيءَ کي به
دل سان قبول ڪرڻ گھرجي. باقي ڪتاب ’خواب آوارا پکيءَ‘ جو مواد معيار جي مارڪيٽ ۾ ائين
نه ڏسجي، جئين چون ٿا ته: ”ڪنهن مصور، آرٽسٽ پنهنجي ٺاهيل تصوير کي تنقيد لاءِ شهر
جي ڪنهن چوراهي تي ٽنگي مٿان لکي آيو ته: هن تي تنقيد ڪريو، ٻئي ڏهاڙي جو هو اها تصوير
ڏسي ته دنگ رهجي ويو، سڄي تصوير تي لڪيرون پاتل هيس، هن چيو واهه وا هت ته فن جا ڪي
وڏا ڄاڻو ماڻهو آهن، سکڻ جو به وڏو موقعو آهي، هن ڇا ڪيو جو ان مٿان وري لکيائين ته:
هاڻ هن جي اصلاح ڪريو، ڪيترن ئي ڏهاڙن تائين اها تصوير اتي ئي ٽنگيل رهي ان تي اصلاحي
ڪنهن هڪ سٽ به نه لکي. مطلب ته تنقيد ڪندڙ ته سڀ شهري هيا پر انهن ۾ اصلاح ڪرڻ جي صلاحيت
ڪنهن هڪ ۾ به نه هئي. اصلاح ئي انسان ۽ آرٽسٽ
کي سنواريندي آهي، باقي تنقيد ته مون جهڙو مولائي مڙس به ويٺو ڪري ته ڪنهن ڪويءَ تي
ڪوئي فرق ڪونه پوندو. احمد سولنگيءَ جا ’خواب آوارا پکي‘ به تنقيد جي تيرن جو نشانو
بڻجي زخمي ته ٿيا آهن، پر انهن تي اصلاح جا پها اڃان ڪو نه پيا آهن. اهو سوال به ان
تصوير جيان پنن جي ڪنڊن تي اصلاح جي آسري ۾ ان ٽنگيل تصوير جيان رهجي وڃي ٿو.…!!
احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ خيالن جي بلنديءَ سان گڏ
تشبيہون ۽ استعارا به نرالا سمايل آهن. جئين سندس هي سٽون آهن ته:
سپ
ساحل جي مٿان،
سمنڊ
کي سوگھو ڪيو،
چنڊُ
ڪو جاڳي پيو …
هونءَ ته احمد سولنگي رومانوي شاعر آهي پر هن رڳو رومانوي
شاعري ئي ناهي ڪئي پر سندس شاعريءَ ۾ ڌرتيءَ جي درد جو احساس به سمايل آهي. هن حالتن
جي جبر کي به پنهنجي شاعراڻي انداز سان تخيل ۾ قلم بند ڪيو آهي. لڇمڻ ڪومل جي لفظن
۾ ته: ”احمد سولنگيءَ جي شاعري پڙهندڙ کي نئين ۽ جديد سوچ سان روشناس ۽ نئين سچ سان
مُنهان مُنهن ڪرائي ٿي. اهڙي شاعريءَ کي ڪنهن هڪ دؤر يا دائري اندر قيد نه ٿو ڪري
سگھجي، جو اڳتي هلي به اها ’ڪالهه‘ جي شاعري نه پر ’اڄ‘ جي شاعري ڪري تسليم ڪئي ويندي.
اها شاعري ماضي پرستيءَ وارا لڪ لتاڙي، مستقبل جا اهي روشن شعاع اُجاگر ڪندي، جيڪي
ڪڏهن به اڳتي هلي ڪنهن به دؤر ۽ جاءِ تي جھڪا نه ٿيندا.“ ماتر ڀوميءَ جي احساسن کي
نه وسارڻ واري جذبي تي لڇمڻ ڪومل جهڙي ڪوِيءَ به سندس هنن سٽن کي رڳو هڪ حوالو ئي نه
پر، سَند جو درجو به ڏنو آهي ته:
ديس
هر هڪ جي مٽي،
مون
ته ڌرتيءَ جي دونهاٽيل،
سرخ
گولي تان کڻي،
پنهنجي
خوابن ۾ سنڀالي آ رکي …
هن قلوپطره جي سونهن ۽ درد ڀرين احساسن کي پنهنجي نظم
جي زينت بنائيندي جيڪو انصاف ڪيو آهي، بيشڪ اهو عالمي ادب ۾ جوڳي جاءِ والاريندو، جنهن
کي هت لکڻ کان رهجي نه ٿو سگھجي:
ڪشادي
رات جي ٻيڙي،
رسيون،
ساڪا، لنگر لوها،
نماڻن
ميربحرن جا،
ٿڌا
ڪي خوابَ جا پاڇا،
مٿان
فانوسُ فطرت جو،
سمورا
منتشر تارا،
حسين
ڪنهن حادثي جي لئه،
الئه
ڇو منتظر آهن؟
جواني
قيمتي تنهنجي،
اکين
۾چاندني پوکي،
هوا
مضبوط تخطن تي،
لهي
ٿي اپسرا وانگي،
درياءِ
نيل جو پاڻي،
ڏسي
ٿو اک کڻي توکي،
قلو
پطره …
احمد سولنگيءَ جي شاعريءَ ۾ تشبيهن جي به ڪائي کوٽ
ناهي، هن اکين جي پنبڻين جي ڪارن ڇپرن کي نڀور ڪارن ڪڪرن سان ڪيڏي نه سهڻي ۽ من موهيندڙ
تشبيهه ڏني آهي جيڪا واﻫـه واﻫـه… چوڻ تي مجبور ڪري ٿي؛ جيئن سندس ئي نظم جي هيءَ سٽ
آهي ته:
تنهنجي پنبڻين جا ڇپر ڪارا ڪڪر،
رات ڇانيل ڄڻ ته مئخاني مٿان.
No comments:
Post a Comment