غزل گو
شاعر پيرل قنبر
ڪوڙل قربدار
سنڌ جي تاريخ تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌ ڌرتيءَ تي
ڪيترائي عالم، فاضل، شاعر اديب، سگهڙ ۽ فنڪار نظر ايندا جن پنهنجي علم ۽ قلم ذريعي
انسان کي انسانيت ۽ ماڻهپي جا درس ڏنا آهن انهن پنهنجي پيار محبت جا پيغام عام
ڪيا. انهن پنهنجي لفظن سٽن، جذبن ۽ خيالن کي سهيڙي شاعراڻي گلدستي جي صورت ۾ پيش
ڪيو جيڪي انهن جي نقش قدم ۽ تخليقي سفر جا پانڌيئڙا آهن انهن جي دنيا الڳ ٿلڳ
هوندي آهي اهي پهنجي دنيا ۾ مست مگن رهندا آهن انهن جي ڪا معمولي دنيا نه هوندي
آهي هو تخيل جي پرواز جي بلند مقام تي نظر ايندا آهن اهڙي دنيا جو رهاڪو هڪ پيرل
قنبر شاعر به هو. جنهن پنهنجي شاعري جي شروعات 1956ع کان باقائده ڪئي. پهريون
”تخلص“ پيرل نالي مولود، قصيده نعت ۽ حمد ججها لکيائين سندس هڪ حمد باري تعاليٰ جو
هيٺ ڏجي ٿو
الله ته اهــڙو ڏيندڙ آ، نــڪي دان کٽي نڪي نان
کٽي،
سـؤ سال حياتي انسان جي پر ان جو نٿو احسان
کٽي،
هٿ آه شفا ڀي شافيءَ جي لوچڻ ۾ ائين لقمان
کـٽــي،
هن نفس نڀاڳي گندي جو نٿو گوڙ کٽي گمسان
کٽــي.
جڏهن عشق مجازي جي چوٽ لڳس تڏهن پيرل نالي مان پيرل قنبر
لکيائين.
تڏهن ته استاد پيرل قنبر سدائين متحرڪ رهيو سدائين هٿ ۾ قلم
۽ بُڪ هوندو هيس جيڪو پنهنجي اندر جي آتر ويلا ۽ تاريخ سهيڙڻ ۾ رُڌل رهندو هو تڏهن
ته لکيائين:
ديدار ڏنو هـن
هـڪ ڀـــــيرو دم دم جــو تدارڪ ڪـــير ڪــري
بي غم ته
اهو بي غم ئي رهيو پر غم جو تدارڪ ڪير ڪري
خود خاص خدا
جو حڪم ٿيو مشرق ڪو ويــو مغرب ـو ويـــو،
هوءَ بي بي
حوا ڀي ٿي وئي هوا آدم جو تدارڪ ڪـير ڪـــري
استاد پيرل قنبر فنون لطيفه سان خوب نڀايو ان اسان جي محسن
شاهه عبدالطيف ڀٽائي جي پيرو ڪار جنهن قلم ذريعي بگڙيل سماج جي ريتن رسمن کان باغي
ٿي بغاوت ڪندڙ هن ڌرتيءَ ڄائي صوفي مسلڪ ۽ منشا جو ماڻهو آزاد خيال جيڪو پنهنجي
غزل، گيتن، واين، نظمن ۽ ڪافين جي ڪسوٽيءَ
ذريعي سچ ۽ ڪوڙ کي عيان ڪيو. پيرل
قنبر، قنبر شهر جو ڀلوڙ شاعر سڄي سنڌ جو
شاعر بڻجي ويو. ڪيترن ئي سنڌي فلمن جا گيت ۽ غزل سڄي سنڌ جي سڃاڻپ ٿي ويا. نمايان
طور سورٺ، غيرت جو سوال، هاري پرائي زمين ۽ سنڌي ٻولي کان علاوه مختلف زبانن ۾ شاعري ڪري داد حاصل ڪيو. ۽
ڪيترن ئي مشاعرن جو سينگار بڻيو. ۽ هن ڪيترائي انعام ۽ سرٽيفڪيٽ حاصل ڪيا.
پيرل قنبر ان وقت
1968ع ۾ ننڍڙا ڪتاب چوپڙيون ڇپايون جيڪي هي آهن.
1.
سلام محبت
2.
جذبه دل
3.
نِگاهه محبت
4.
تصوير صنم
۽ ٻيون کوڙ ساريون ننڍڙيون چوپڙيون
پڻ شامل آهن.
استاد پيرل قنبر پنهنجي دور جو هڪ سٺو استاد هو
جنهن قنبر ميروخان شهدادڪوٽ جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن ۾ تعليمي خدمتون سرانجام ڏئي
79-1978ع ۾ رٽائر ٿيو. هن سڄي عمر شادي نه ڪئي. هو مست الست قلندرانه خيال پسند
ماڻهو هو اڪثر ڪري محويت جي حالت ۾ رهندو هو جڏهن هوش سنڀاليندو هو ته غور فڪر ۾
محسوس ٿيندو هو. آءُ ڪتابن ۾ پڙهيو آهي ته استاد پيرل قنبر جو والد صاحب شاعر هو
جنهن جونالو امام بخش هو ۽ سندس تخلص ”آسي“
لکيو وڃي ٿو. جڏهن ته آءٌ ۽ عبدالله شاهه اطهر، سندس ڀاءُ مولابخش کان پڇو هو ته توهان جو والد صاحب
شاعري ڪندو هو. ان تي مولا بخش ٻڌايو ته اسان جو والد صاحب شاعريءَ جي شين کان به
واقف ڪو نه هو. هو سدائين خان صاحب دوست محمد هڪڙي جي ڪارخاني تي منشي طور ڪم ڪندو
هو ۽ ٿورو ڪي گهڻو محوسي هو ۽ پنهنجي دوائن ٺاهڻ ۾ رڌل رهندو هو ۽ جذباتي قسم جو
بابا هو ساڳي ڳالهه اسان استاد جي پياري پاڙيسري شاگرد سٺي سگهڙ ۽ شاعر علي گوهر
ميراڻي کان پڇون ٿا ته هو به اها ساڳي ڳالهه ڪري ٿو ۽ اڳتي چوي ٿو ته استاد پيرل
قنبر کي ڪيترائي ڀيرا تاڪيد ڪيائين ته شاعري وقت جو زيان آ. شاعريءَ مان ڇا ٿو
حاصل ٿئي.
استاد پيرل قنبر جي اندر ۾ هڪ
اهڙي آنڌ مانڌ موجود هئي جيڪا قلم کڻڻ تي
مجبور ۽ تڙپ پيدا ڪندي هيس. استاد پيرل قنبر جو شهدادڪوٽ لڏي وڃڻ جو سبب مولا بخش
تپيدار هو جنهن جي پوسٽنگ شهداد ڪوٽ ۾ ٿي. استاد پيرل قنبر ڀاءُ کان هڪ پل به ڌار
نه رهي سگهندو هو. انهن جو پاڻ ۾ تمام گهڻو پيار هو. ڄڻ هڪ ٻئي تي عاشق معشوق هئا.
۽ هڪ ٻئي نموني ٻئي ڏٺاسين. ان ڪري استاد پيرل قنبر ڪمبوهه محله شهدادڪوٽ ۾ رهڻ
لڳو اتي شهر شهداد ڪوٽ ۾ المهراڻ ادبي انجمن سيلرا شهدادڪوٽ سان لاڳاپيل رهيو ۽
بزم پيرل قنبر شهرشهدادڪوٽ ۾ ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار برپا ڪئي جنهن جو صدر پيرل
قنبر کي ڪيو ويو. ۽ جنرل سيڪريٽري ولي محمد مڱڻهار رهيو ۽ اڄ تائين اها برقرار
آهي. بزم پيرل قنبر جي طرفان طرحي ۽ غير طرحي مشاعرا ٿيا ۽ ان کان علاوه محله
ڪنبوه شهدادڪوٽ ۾ استاد پيرل قنبر جي جڳهه
تي ڪيترائي شاعر اديب فنڪار ڪچهري لاءِ ايندا رهندا هئا. ۽ شاعر پنهنجي شاعري
ٻڌائي اصلاح وٺندا هئا. پيرل قنبر هڪ نه ٻئي ڏينهن ضرور قنبر شهر ۾
ايندو هو، قنبر شهر سان پختو پيچ پيل هيس. ان ڪري قنبر شهر جي دوستن ۽ شاگردن کي
چوندو هو ته منهنجو شهدادڪوٽ ۾ ساهه ٻوساٽجي ٿو ڪڏهن ڪڏهن ته راتيون رهي پوندو
هو پيرل قنبر جو قنبر ۾ رهڻ ٿيندو هو ته قنبر شهر ۽ پسگردائي جا شاعر اچي گڏ ٿيندا هئا. ڪڏهن ته سائين سرمد جي اوطاق
جيڪا سنڌي ادبي سنگت جي حوالي هوندي هئي.
يا وري ميهر مجاهد جي سيلون تي
طرحن تي غزلن جو مقابلو ٿيندو هو. طرح جو
طارح استاد پاڻ هوندو هو. جنهن جو غزل سٺو هوندو هو ته ان کي استاد پنهنجي کيسي
مان ڏهه روپيه انعام طور ڏيندو هو. ڏهه روپيه ان دور ۾ وڏي اهميت رکندا هئا. پيرل
قنبر جي شاعري مختلف فنڪارن جي آواز ۾ گونجندي هئي سا مونکي ڏاڍي پسند هوندي هئي
آءٌ هڪ نه ٻئي ڏينهن تي ڳوٺ کان ضرور قنبر ويندو هيس. ميهر مجاهد جي سيلون تي اڪثر
ڪري سگهڙن،. شاعرن، فنڪارن ۽ اديبن جو ويهڻ ٿيندو هو. ان سيلون تي استاد پيرل قنبر
سان پهريون ڀيرو ملاقات ٿي. اهو سال 90-1989ع جو هو. استاد پيرل قنبر ان وقت
حاضرين کي غزل ٻڌائي رهيو هو. غزل جون ڪجهه سٽون
تنهنجي اک مان جو اڏي نينهن جـا
جـــلوا نڪتا
شام مـــــــان باک ڦٽي صبح مان سـجدا
نــــڪـتا
تنهنجي مـنهن تي جو مڙهيا هيٺ مٿي تـر
ڪارا
سي ته قـــرآن جـــــا ڪــــي پيش ۽
نقطا نــــڪتا
استاد پيرل قنبر دردمندن جي دوا
وقت جي نبض تي هٿ رکندڙ حال ماضي ۽ مستقبل مهل موقعي ڪچهرين جو في البديهه شاعر هو
سندس شاعريءَ ۾ رومانوي رنگ خوبصورتي خيال موجود اٿس سندس غزل جو چند سٽون هيٺ ڏجن
ٿيون:
ڪنهن ساڻ منهنجي دوستو محبت اڃا به آ
پـــٿر سان گويا شيشي جي نسبت اڃـا بـــه آ
ڪــٿ تاج محل ٿو ٺهي هڪ قبر جي مٿان
ڪــٿ تنگ هڪ چراغ لهءِ تربت اڃـــا به آ
پيرل قنبر جڏهن جنهن وقت غزل، گيت
يا ڪو نظم پڙهندو هو ته اهو غزل، گيت يا نظم ماڻهن جي دلين تي اثرانداز ٿيندو هو.
هن جي اڳيان لفظ هٿ جو ڙيون حاضر ۽ محتاج بيٺا هوندا هئا. هو لفظن جو ڪاريگر ڪويسر
تخليقڪار هو، سندس غزل، گيتن، ڪافين ۽
واين ۾ تشبيهون، تمثيلون، استعارا، منظر نگاري ۽ حسناڪيون گهڻي انداز ۾ ملن ٿيون.
هي ڏسو غزل
يا ته تيري نظر ڏي نظر ۾ ڍڪي يا ته پردي ڍڪڻ جو تون انجام ڪر
ڪيئي محفل ۾ عاشق مري ٿا مرن بند بحرِ
خدا تون قتلِ عام ڪر
تون ڳلن تي نه آلا ڇنڊي وار وجهه تون زهر جي نه پاڻيءَ ۾ تلوار وجهه
يا ته دل جي بها ڪر تون سر جي بها يا ته دل جو ڪکن کان نه گهٽ دام ڪر
قنبر شهر جي مٽيءَ مان جنم وٺندڙ اديب ۽ دانشور جامي چانڊيو
جنهن ڪيترائي ادب، سياست ۽ سماج تي ڪتاب ڏنا آهن. انهيءَ ڪنهن ادبي ڪانفرنس ۾ چيو
ته استاد پيرل قنبر هڪ غزل گو شاعر آهي جنهن جي غزلن ۾ عام ٻولي سمايل خوبصورت
تشبيهون ۽ تمثيلون استعارا موجود آهن جنهن جي شاعري مان عام پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ لطف
وٺن ٿا اها حقيقت به آهي ته استاد پيرل قنبر غزل جو شاعر آهي جنهن جو غزل تشبيهن
سان ٽٻٽار آهي . جنهن جي هر هڪ سٽ متوجهه ڪرائيندڙ آهي. ۽ هن غزل جون هي سٽون
محبوب جي ماهه لقا چهري جي نمائندگي ۽ عڪاسي ڪري رهيون آهن.
تــــر ڀي ته آ رخ تــي ڳـوڙهـو ڀي ڳـل تـي آ
ڪعبو وٺان مان هم نشين يا ڪربلا وٺان
مــحبوب آهـــي آڏو تـــه هـتڙي ئــي حج آ
ڪهڙا وٺـان
مدينه مـان ڪهڙا مڪا وٺان
ڏسو ته ڪيڏي نه خوبصورت تشبيهه آهي محبوب جي تر جي ڪعبي سان
۽ ڳل جي ڳوڙهي جي ڪربلا سان. سندس خيال رنگين چٽ واري پوتيءَ جيان محسوس ٿين ٿا.
استاد پيرل قنبر کي پنهنجي دور جي ڪيترن ئي فنڪارن، ريڊيو ۽ ٽي وي تي خوب ڳايو ۽
هينئر به ريڊيو ٽي وي چينلن تي ڳايو وڃي
ٿو. استاد کي موسيقي سان به خاص لڳاءُ هوندو هو .پاڻ غزل، گيتن ۽ ڪافين جو ڌنو پڻ تيار ڪندو هو. ۽
ڪنهن شاعر جي چواڻي ته استاد تبلو، پڪواز ۽ گهڙي وڄائڻ جو ماهرهو. استاد پيرل قنبر
جهڙو شاعر، موسيقار ۽ سگهڙ هن تر ۾ پيدا ڪو نه ٿيو آهي. هو ڳجهارتون، هنر، بيت، سينگار
۽ پهاڪن جي سٺي معلومات رکندو هو. ۽ ڳوٺاڻي، دهقاني ادب جي به چڱي پر ڄاڻ رکندو
هو. سندس ٻه ڪتاب مارڪيٽ جي سونهن بڻيل آهن. هڪ ”اگهاڙا پير ٽانڊن“ تي جيڪو بزم
پيرل قنبر جي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ ولي محمد مڱڻهار جي ڪوششن سان پڌرو ٿيل آهي. ۽
ٻيو ڪتاب ”سجدو اداس آ“ پيرل قنبر ادبي سنگت جي صدر عبدالله شاه اطهر جي ڪاوشن سان
مارڪيٽ ۾ آيل آهي. جيڪي ٻئي ڪتاب هن وقت مارڪيٽ ۾ اڻ لڀ آهن.
اهو واضح ڪندو هلان ته عبدالله
شاهه اطهر جيڪو استاد پيرل قنبر جو پيارو شاگرد آهي ان شهدادڪوٽ ۾ سنڌي ادبي سنگت
پيرل قنبر قائم ڪئي استاد پيرل قنبر کي هر سال خراج تحسين پيش ڪندو رهي ٿو. ۽
ڪيترائي شاعر، اديب، سگهڙ ۽ فنڪار گهرائي استاد جي ياد کي تازو ڪري ڇڏيندو آهي. ان
ڳالهه لاءِ هو لک کيرون لهڻيون.سجدي اداس ڪتاب مان ٻه ٽي غزل جون سٽون:
تــون نيڻ جـو آلا اڳتان جهلين، مان
ڪيئن نه ڀلا مئه نـوش ٿيان
تنهنجي حسن ۾ جلوه طور سينا ڇو نه موسيٰ
جيان مدهوش ٿيان
هڪ حسن ادا ٻــيــو عشق بــقــا رهيو
آهـــي ٻــنهي ۾ جلوه خـــدا
تـون مون لاءِ غلاف ٿي ڪعبي جو مان تو
لاءِ قرآن جو پوش ٿيان.
استاد
جي هن غزل ۾ ڪيڏيون نه سهڻيون تشبيهون نيڻن جي آلاڻ کي مئه سان ۽ محبوب جي حسن کي
جلوه طور سان ڏنل آهن. ۽ هيٺين سٽ ۾ حسن ۽ عشق جي بقا ۽ فنا جي فلسفي کي سمويو
اٿائين. استاد پيرل قنبر جي شاعري ۾ انڊ لٺ جهڙا تخليقي رنگ سمايل آهن. سندس
شاعريءَ ۾ سنجيدگي، پختگي ۽ رواني آهي.
استاد پيرل قنبر هن ديس جو درد
رکندڙ سنڌ پرست هن ڌرتيءَ جو ڏاهو شاعر هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگيءَ جو پورهيو فن
۽ فڪر پنهنجي سهڻي سنڌڙيءَ کي ارپيو. ڪڏهن به پنهنجي حياتيءَ ۾ ماٺو ٿي نه ويٺو.
پنهنجي ديس جي آجپي لاءِ پنهنجي قلم ذريعي هر جدوجهد ۾ پيش پيش رهيو. سندس نظم جو
ن ڪجهه سٽون؛
مان تـــــــولئه پــــــاڻ نه رولــــيندس،
مان ٻيجل ڪو ٻيو ڳــــــــولـيـندس،
مــــان آڱـــر نه ٻڌنـــــــدس اڳڙيءَ ۾،
مــــــان لعل نه ٻڌندس لـــــــغڙيءَ ۾ ،
مـــــان پيار نه ٻڌندس پڳــــــــڙيءَ ۾،
مان گيدي نــه سهـــندس سنڌڙيءَ ۾،
مان سورهيه پـــــڙ ڏي ســـــــوريندس،
ڀــــل پـــيرل ڪــــوبه ويـــس ڏيـــــو،
پرديـــس ۾ کـــــٿيــون کيس ڏيــــــو،
ٻيو لبن تي ڪونـــه لبيــــس ڏيـــــو،
او سنگدل ســــــنڌو ديــــس ڏيــــــو،
مان ٻول نه ٻيـــا ڪــــي ٻوليـــندس
مـــان ٻيجل ٻيو ڪــو ڳـــولينـدس
استاد پيرل قنبر سان ڪچهريون تمام
گهڻيون ٿينديون هيون. انهن ڪچهرين جي ڪري آءٌ ڪوڙل مان ڪوڙل قربدار ٿيس. سندس
شاعريءَ ۾ حسن ۽ حسناڪي رمزن جا عنصر موجود آهن استاد نه رڳو مٺا مڌر گيت ۽ سندر
ٻول سرجيا پر هن پهنجي اٿاهه محبت پيار شانتي ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي. جنهن جو غزل
مور جيان نچندو هجي ۽ سندس نظم تترن ۽ آڙين جيان اڏامندڙ هجي جيئن موهن دڙي جي
ڳاڙهي مٽي جي هٻڪار ۽ ٿري ڪولهياڻي جي پهريل چنريءَ جا سڀ رنگ غزل ۽ گيتن ۾ رچيل
آهن.
عشق مجاز کان پوءِ عشق حقيقي ٿي
ويو اهڙي دلربا درويش شخص اسان کان 24 ڊسمبر 1994ع تي وڇڙي ويو جنهن جو آخري آرام
گاهه ڪڙڪ مقام شهدادڪوٽ ۾ آهي.
No comments:
Post a Comment