سنڌي ڪھاڻي ۽ غلام رباني آگرو
مدد علي سنڌي
سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڇيڙ ۽ رسائي هڪ ناسور هوندو هو. جاگيرداري سماج ۾ ۱۹ صدي جي سنڌ ڪهڙي هئي؛ ان جو چٽو پٽو عڪس، اوهان کي پير علي محمد راشديءَ جي ڪتاب ”اهي
ڏينهن، اهي شينهن“ ۾ موجود ملندو.
جيتوڻيڪ سال ۱۹۱۷ع ۾، سنڌ جي مشهور سياسي رهبر رئيس غلام محمد خان ڀرڳڙي، بمبئي ڪائونسل ۾ وڏيون تقريرون ۽ دانهون ڪري، ڇيڙ ۽ رسائي خلاف هلچل
هلائي. نتيجي ۾ اها عملي طور ته بند ٿي وئي هئي، پر سنڌ جو زميندار، جيئن اڄ آهي، انهيءَ
زماني ۾ پڻ ساڳئي مزاج جو هو؛ اڀرندڙ سج جو سلامي ۽ پنهنجي غريب ڪڙمين کي غلام رکڻ
سندن طبعيت ۾ شامل، اهڙي وڏيرڪي وايو منڊل ۾ ساھه کڻندڙ سنڌ جي عام ماڻهوءَ جي مظلوميت
اوهان کي ربانيءَ جي هن ڪهاڻيءَ ۾ نظر ايندي. مئي ۱۹۵۵ع جي ’نئين
زندگي‘ مخزن ڪراچي ۾ هن ڪهاڻيءَ ”ڪارا ۽ ڳاڙها ليڪا“، ڊسمبر ۱۹۵۵ع ۾ ”پن ٻوڙين پاتال ۾، پهڻ تارين تون“ جون ۱۹۵۶ع ۾ ”هوندا سي حيات“ ٽماهي ’مهراڻ‘ ۱۹۵۶ع ۾ ”الا جهري مَ شال غريبن جي جهوپڙي،“ آگسٽ ۱۹۵۷ع نيئن زندگيءَ ۾ ”نيٺ بهار ايندو“ سيپٽمبر ۱۹۵۷ع جي ’نئين زندگي‘ ۾”اکڙيون اڃايون،“ مارچ ۱۹۵۸ع جي ’نئين زندگي‘ ۾ ”ڪوئڪ“ ۽ نئين زندگيءَ جون ۱۹۵۸ع ۾ ”آب حيات“ شايع ٿيون.
ربانيءَ جي ڪهاڻي ”بري هن ڀنڀور ۾“ حشو ڪيولراماڻيءَ
انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪئي هئي. ننڍي کنڊ جي هن مهان ڏاهي، حشو ڪيولراماڻيءَ کي ۱۹۴۸ع ۾ گرفتار ڪري، ڪراچي سينٽر جيل ۾ ۸ مهينا نظربند ڪيو ويو. بعد
۾ کيس ڪراچي جيل مان ڪڍي، ملڪ بدر ڪري، بمبئي اماڻيو ويو. سنڌ جو هيءُ عظيم فرزند،
اتي به سنڌ کي ياد ڪندو رهيو. حشو هڪ ئي وقت سياسي مفڪر، فلاسفر ۽ اديب هو. ورهاڱي
کان اڳ، هن ڪافي ڪهاڻيون لکيون. انهن مان ”پدم“ سندس مشهور ڪهاڻي آهي. هو انگريزيءَ
جو وڏو ڄاڻو هو. سائين جي
ايم سيد جي ڪتاب ”نئين سنڌ لاءِ جدوجهد“
کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو هئائين. ڀارت ۾ هن مشهور انگريزي اخبار هندستان ٽائمز ۾ سنڌي
ڪهاڻيڪارن جو ڪهاڻيون ترجمو ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. ۱۹۵۶ع ۾ هن غلام رباني آگري جي ڪهاڻي ”بري هن ڀنڀور ۾“ ترجمو ڪري شايع ڪئي.
۱۹۵۹ع ۾ حشو ڪيولراماڻي، برک سنڌي ڪهاڻيڪارن جون انگريزيءَ
۾ ترجمو ڪيل ڪهاڻيون سهيڙي ”چونڊ سنڌي مختصر ڪهاڻيون“ جي نالي سان هڪ ڪتاب جي شڪل
۾ شايع ڪيون. ورهاڱي کان پوءِ پهرين ڀيرو چونڊ سنڌي افسانن کي انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو
ويو هو. ان ڪتاب کي عام خاص ۾ غير معمولي مشهوري حاصل ٿي. روزاني ڊان ڪراچي ان ڪتاب
تي تبصرو ڪندو لکيو هو ”۸۰ صفحن جو هيءُ ڪتاب سونَ ۾ تورڻ لائق آهي.“ سنڌ ۽ هند
۾ مقبوليت حاصل ڪرڻ سبب، حشو ڪيولراماڻي مذڪوره ڪتاب ۾، وڌيڪ ۹ سنڌي ڪهاڻيڪارن جون ڪهاڻيون
ترجمو ڪري، ڪل ۲۱ ڪهاڻين
جو نئون مجموعو تيار ڪيو، ۽ سنڌي شارٽ اسٽوريز جي نالي سان ٻيهر ۱۹۶۴ع ۾ ان کي شايع ڪيو. ”سنڌي شارٽ اسٽوريز“ ۾ سنڌ مان
محمد ابراهيم جويي، جمال ابڙي، غلام رباني آگري ۽ غلام نبي مغل جون ڪهاڻيون شامل هيون.
باقي ٻيا هند جا سنڌي ڪهاڻيڪار هئا؛ امر لعل هڱوراڻي، اچاريا ڪرپالاڻي، تيرٿ وسنت،
نارائڻ ڀارتي، ڪيرت ٻاٻاڻي، ڪلا پرڪاش، سندري اتمچنداڻي، پوپٽي هيراننداڻي، ڪرشن کٽواڻي،
گنو سامتاڻي، اتم، آنند گولاڻي، سڳن آهوجا، ايشور آنچل، موهن گيهاڻي، موهن ڪلپنا ۽
حشو ڪيولراماڻي.
”سنڌي شارٽ اسٽوريز“ ڪتاب ۾،
غلام رباني جي ”بري هن ڀنڀور ۾“، جمال ابڙي جي ”پيراڻي“ ۽ غلام نبي مغل جي ”شيشي جو
گهر“ ڪهاڻيون شامل هيون. رباني جي ڪهاڻيءَ جو نالو هو.The Deluge
حشو ڪيولراماڻي، انگريزي ٻوليءَ جو وڏو ڄاڻو هو. ڏسو ته هن رباني جي ڪهاڻيءَ
جو سڄو تت ان انگريزي لفظ ”ڊيلوگ“ ۾ ڪيئن سموهي ڇڏيو آهي. ”ڊيلوگ“ لفظ جي اکري معنيٰ
آڪسفورڊ ڊڪشنريءَ موجب هن ريت آهي؛ Deluge:
a severe flood or very heavy fall of rain
”بري هن ڀنڀور ۾“ ربانيءَ، ٻوڏ
۽ برسات ۾ هڪ ڳوٺاڻي جي لاچاريءَ جو دردناڪ نقشو چٽيو آهي. حشو ڪيولراماڻي انهيءَ جو
بهترين انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري، ڪهاڻيءَ جو نالو ”ڊيلوگ“ ڏيئي، ان کي امر بڻائي ڇڏيو.
اها ڪهاڻي پهرين ”ٽائمز آف انڊيا“ ۾ شايع ٿي، جتان ان کي دنيا جي ٻين ڪيترن ٻولين
۾ ترجمو ڪري شايع ڪيو ويو.
۱۹۶۰ع ۾ رباني صاحب جي ڪهاڻين جو پهريون مجموعو ”آب حيات“ شايع ٿيو. حيدرآباد مان زندگي پبليڪيشن پاران حميد سنڌي، ڪتاب جو پبلشر
هو. ڪتاب جي مهاڳ لاءِ ۱۵ جون ۱۹۶۰ع تي غلام رباني ڪراچيءَ ۾ ويهي هن ريت پنهنجي سوچ
کي بيان ڪري ٿو.
”سوال آهي ته دنيا جا ماڻهو،
سچ کي پري ڪري ڪوڙ کي پاڻ وٽ ڇو ٿا رهائين؟ ڇا انسان فطرتًا ڪوڙ پسند آهي؟ ڪوڙ ته بدي
آهي! ڇا انسان، واقعي بد آهي؟
”منهنجو جواب انڪار ۾ آهي. آءٌ
اها ڳالھه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪريان ٿو ته انسان فطرتًا بد آهي، ڪوڙ کي پسند ڪري ٿو،
ڇو ته سچ نيڪي آهي. منهنجي خيال ۾ ايامن کان وٺي، دنيا جي هر مخلص فنڪار ۽ فيلسوف جي
اها ئي ڪوشش رهي آهي، ته هو ڪوڙ جو فريبي لباس لاهي، کيس پنهنجي اصلي روپ ۾ نروار ڪري،
ته جيئن سچ کي حقيقي جاءِ ملي. ان مقصد جي حاصلات لاءِ ئي سياڻي سقراط زهر جو پيالو
چپن تي چاڙهيو هو.
”مون پنهنجي ننڍيءَ ڄمار ۾ جيڪي
واقعا ڏٺا ۽ ٻڌا آهن، تن مان ڪن کي ڪهاڻين جو ويس ڍڪائي عام ماڻهن آڏو پيش ڪيو اٿم.
منهنجي ڪوشش، بهر صورت، اها ئي رهي آهي، ته ڪوڙ کي سندس اصلي روپ ۾ نروار ڪريان. منهنجي
لکڻ جو مقصد اهو ئي آهي. حاصلات ڇا ٿيندي؟ تنهن باري ۾ ايترو چوندس ته جيئن ڪاريءَ
رات پويان چمڪندڙ صبح جو اچڻ لازمي آهي، تيئن مون کي يقين آهي ته هڪ اهڙو ڏينهن ضرور
ايندو، جڏهن نيڪيءَ جي پري گهر گهر ايندي. پوءِ دلين تي خوف جو نه، پيار جو راڄ هوندو.
پوءِ سموري انسانذات، هڪ ڪٽنب وانگر، گڏجي پورهيو ڪندي. انهن جو مقصد هوندو ته؛ دنيا
مان بک، بيماري، ۽ گناھه ختم ٿين. چوڏس، سونهن، خوشي ۽ پيار پکڙجي. آدم جو اولاد هن
ڌرتيءَ تي، وڃايل جنت وري حاصل ڪري.“
ربانيءَ جا خيال ۽ نظريا، اڳتي هلي اهي ئي هئا، جيڪي شروع شروع ۾ ترقي
پسند سوچ سان لاڳاپيل اڀرندڙ اديب جا هوندا آهن.
پير حسام الدين شاھه راشدي ۱۹۵۶ع ڌاري پنهنجي هڪ دوست کي خط ۾ لکي ٿو؛ ”سنڌي ادب جي
دنيا ۾، اڳتي هلي، اسان جو غلام رباني هڪ درخشان ستارو ٿيندو!“
پير حسام الدين ۽ پير علي محمد راشديءَ سان سندس دلي تعلق ۱۹۵۵ع کان وٺي آخري دم تائين قائم رهيو. پير حسام الدين
راشدي، ۱۹۵۸ع ۾ بيماريءَ سبب، پنهنجي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ
ڏانهن فلپائن هليو ويو. منيلا ۾ رهندي، پير صاحب پنهنجي حالت ۽ رباني جي لکيل خطن جو
ذڪر هن ريت ڪيو آهي.
”منيلا ۾ پاڪستان مان جڏهن اخبارون
اينديون هيون ته کوليندي هٿ ڏڪندا هئا. يا الاهي خير! اوڙي پاڙي جو خير! هندو، مسلمان
جو خير! اهڙي ڳنڀير وايومنڊل ۾ منهنجي دل کي ڇڙو ربانيءَ جا دلچسپ خط، ٿڌو ڇنڊو هڻندا
هئا. منهنجي دل کي وندرائڻ لاءِ هو طرحين طرحين لطيفا ٽوٽڪا لکي مون کي خوش رکندو هو.
خدا سندس ڀلو ڪري. منهنجي بيمار روح کي اهڙا خط لکي پيو وندرائيندو هو.
مشهور جرمن عالم، ڊاڪٽر
ائنميري شمل سان غلام ربانيءَ جو دلي
رستو قائم هو. ڊاڪٽر شمل سان سندس تعلق، لڳي ٿو پير حسام الدين راشديءَ جي ڪري ٿيو.
ڊاڪٽر شمل سنڌ ۾ پهريون ڀيرو مارچ ۱۹۶۱ع
۾ آئي. هن گهڻو وقت ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ گذاريو. پير حسام الدين راشدي، سڄو
وقت ساڻس گڏ هو. هوءَ ٺٽي به ويئي ۽ مڪليءَ جو شاندار قبرستان ۽ قديم آثار ڏسي عجب
۾ پئجي ويئي.
ڊاڪٽر شمل، ۱۳
مارچ ۱۹۶۱ع تي سومر ڏينهن ڳڙهي ياسين ۾ ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي
يوم ولادت واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. پير صاحب جي دل گهريي دوست ۽ علم دوست انسان آغا
بدر الدين دراني اها محفل منعقد ڪرائي هئي. تقريب ۾ ڊاڪٽر شمل، پير حسام الدين راشدي
۽ آغا بدر الدين درانيءَ سان گڏجي شرڪت ڪئي. شاھه جي رسالي، سنڌي گرامر ۽ سنڌي رسم
الخط جوڙڻ ۾ عظيم اوائلي ڪارنامو ڊاڪٽر ٽرمپ ئي سر انجام ڏنو هو. سنڌ ۾ پهريون ڀيرو
سندس ورسي، ۽ ان ۾ ڊاڪٽر شمل جي شرڪت، سنڌ لاءِ وڏو اعزاز هئي.
رباني سان ٿيل ڪچهريون، سدائين علم ۽ ڄاڻ سان ٽمٽار هونديون هيون. ان
جو ڪارڻ هڪ اهو به هو ته رباني صاحب، جن عظيم شخصيتن سان، پنهنجا شب و روز گذاريا،
اهي ننڍي کنڊ جا عظيم ماڻهو هئا. مثال طور؛ سائين جي ايم سيد، جيڪو پاڻ هڪ درسگاھه،
۽ سن ۾ سياسي يونيورسٽيءَ وانگر هو. ان وقت ڪراچيءَ ۾ سائينءَ جي ڪچهرين ۾ ويهڻ وارا
هوندا هئا. پير حسام الدين راشدي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، شيخ اياز، پير علي محمد راشدي،
محمد ابراهيم جويو، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو، رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳِڙي، عثمان
علي انصاري، سيد ميران محمد شاھه ۽ ٻيا ڪيترا ڳاڻ ڳڻيا قومي ڪارڪن، اديب ۽ ڏاها، ڪنهن
جا نالا کڻي ڪنهن جا کڻجن.
No comments:
Post a Comment