ادب
۽ انتهاپسندي
عباس
ڪوريجو
اڄ اسين ٻرندڙ دنيا جي
اهم ترين ۽ ايندڙ ڪيتري ئي عرصي تائين عالمِ انسان لاءِ انتهائي پيچيدهه ۽ حل طلب
مسئلي انتهاپسنديءَ کي فوڪس ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، گڏوگڏ اهو ته ادب ۽ انتهاپسنديءَ
جو پاڻ ۾ ڪهڙو ربط آهي ۽ اڄ جو ادب ڪٿي بيٺل آهي. انتهاپسنديءَ جديد دنيا جون ننڊون
حرام ڪري رکيون آهن. اڄ جو آدم جيترو سائنسي ترقيءَ وسيلي اڳتي نڪري آيو آهي، اتي
چند انتهاپسند ڌريون ان راهه ۾ رڪاوٽ پڻ آهن. روشنيءَ جي رستي روڪ لاءِ قدامت پسند
قوتون سرگرم آهن. ادب وسيلي ان عمل کي ڪيئن روڪي يا مات ڏئي سگهجي ٿي. موضوع کي
سمجهڻ واسطي پهرين ادب کي سمجهون ٿا.
ادب Literature ڇا آهي؟
ٿلهي ليکي ادب Literature جي وصف بيان ڪبي ته اها هن طرح ٿيندي، ”جيڪا به
لکت موجود آهي، سا ادب آهي.“
انگريزي لفظ literature لاطيني ٻوليءَ جي لفظ Literatura مان ورتل آهي، جنهن جي معنى ۽ مفهوم آهي، ”اکرن جي دنيا“ يا ”ڳالهايل
۽ ڳايل اکر.“
علامه آءِ آءِ قاضي پنهنجي مضمون ”ادب ۽ زندگي“ ۾ ادب جي وصف هن طرح ڏني
آهي ته، ”ادب، لفظ ”دب“ مان ورتل آهي، جنهن جو مطلب آهي، پٽ تي ريڙهيون پائڻ. لغت
جي لحاظ کان معنى ريڙهيون پائيندڙ ٻار کي پنڌ سيکارڻ. سنڌي اصطلاحي معنى ۾ اڻ گهڙيل
ڪاٺ کي رندو هڻڻ، ۽ ماضيءَ ۾ اهو فن سيکاريندڙ استاد کي اديب چئبو هو.“
ادب ايترو قديم آهي
جيتري تهذيب. پهريان پهريان ادب لکت جو صورت ۾ قديم مصر ۽ سُميري تهذيبن مان 4000
ق.م ۾ مليو، لوڪ ادب جي حوالي سان ان جي تاريخ اڃا به پراڻي ٿي سگهي ٿي. جيئن جيئن
ماڻهن مهذب ٿيڻ شروع ڪيو، لوڪ ادب جي شڪل ۾ هڪ ٻئي کي گيت ۽ قصا ٻڌائڻ شروع ڪيا.
سُميري ۽ مصري تهذيبن جي ادب کي دنيا جو قديم ترين ادب تصور ڪيو وڃِي ٿو، ان دور
جو ادب، دعائن ۽ ڏند ڪٿائي ڳالهين يا قصن تي مبني هو ۽ شاعريءَ جي فارم/هيئيت ۾
هو.
جيئن ته اسين سڀ ڄاڻون
ٿا ته دنيا جي مڙني علمن ۽ فنن جو سرچشمو يونان ئي آهي، ادب جا جيڪي اصول افلاطون
۽ ارسطوءَ جوڙيا، صديون گذرڻ باوجود به اڄ جو شارح انهن جي چوگرد ئي ڦري ٿو.
افلاطون پنهنجي ڪتاب Republic ۾
لکي ٿو، ”علم ادب هڪ ڌوڪو آهي، شاعري سڀني ڪوڙن جي ماءُ آهي ۽ شاعر اخلاق جو دشمن
آهي.“ ارسطوءَ پنهنجي استاد افلاطون جي مٿين اعتراضن جا دل کولي جواب ڏنا ۽ چيو
ته، ”تخليقي ادب نقالي ۽ محاڪات آهي، جنهن جو مقصد دل جي تفريح آهي.“
خليفي مامون رشيد جي
دور ۾ يوناني علمي خزانو عربيءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ ائين اهو فڪر عربن تائين پهتو، عربن
ادب جا ٻه قسم بيان ڪيا، هڪ الهامي ۽ ٻيو مدرسن مان حاصل ڪيل ۽ تشريح هن طرح ڪئي،
”اهو علم ، جو انسان جي دل ۽ ذهن کي وڌائي ، خيالن ۾ بلندي، نزاڪت ۽ قلب ۾ خوشي ۽
سرور جي ڪيفيت پيدا ڪري ، ان کي ادب چئبو آهي.“
يورپ جي نظر وري مختلف
آهي، يورپي عالمن جي راين ۾ تضاد ضرور آهن پر ادب جي حقيقي وضاحت ضرور ملي ٿي.
”ادب انساني زندگيءَ جي
تنقيد ۽ ان جو تفسير آهي.“ ميٿيو آرنولڊ
”قدرت انسان ۾ جن سرمدي
شين کي امانت رکيو آهي، تن جي اظهار کي ادب چئجي ٿو.“ ميلڪن
”ادب به هڪ تاريخ آهي.“ هيگل
”اها تمام معلومات جيڪا
ڪتابن مان حاصل ٿئي، اها ادب آهي.“ آرنولڊ سڪورسس
”لائق مردن ۽ عورتن جي
لکيل احساسن ۽ خيالن کي اهڙي نموني سان ترتيب ڏيڻ ، جو پڙهندڙ کي خوشي حاصل ٿئي،
ادب آهي.“ بروڪ
جديد ادب جي شروعات
يورپ کان ٿي، جڏهن 18هين صديءَ ۾ سجاڳيءَ واري تحريڪ زور ورتو، ان وقت تائين ادب
رڳو شهنشاهن جو درٻار جو سلامي هو ۽ انهن جي وندر، تفريح ۽ خوشنوديءَ جو ذريعو هو.
ان وقت ادب ۾ وليم ورڊس ورٿ ۽ ڪالرج ”سريلا گيت Lyrical Ballads “ جي
ذريعي تبديليءَ جو باظابطه اعلان ڪيو. رومانوي تحريڪ جيڪا فرينچ انقلاب جو مضبوط
پائو هئي، سا ادب جي موضوعاتي انقلاب جو سبب بڻي، جنهن ڪري ادب پڻ شاهي درٻار مان
نڪري عوامي ۽ فطرت پسند بڻيو ۽ اڳتي هلي 20 صديءِ تائين آيل ادبي تحريڪن ادب ۾
نواڻ ۽ سماجي تبديلي پيدا ڪئي، جن ۾ رومانوي تحريڪ، سوشلسٽ تحريڪ، وجوديت، فطرت
پسندي، حقيقت پسندي ۽ ٻيون تحريڪون پڻ اهم آهن.
ادب هر دور ۾ هر نظريي Ideology جي ڦهلاءَ توڙي مخالفت ۾ پنهنجو ڪردار ادا پئي
ڪيو آهي. تنهن هوندي به چيو ويندو آهي ته، ”تاريخ ڪوڙ ڳالهائي سگهي ٿي پر ادب نه!“
نتيجي طور اسان چئي
سگهون ٿا ته ادب انهي علم جو نالو آهي، جنهن مان اسان کي روحاني آرام ۽ خوشي حاصل
ٿئي.
هاڻي هڪ نظر
انتهاپسنديءَ طرف:
انتهاپسندي
ڇا آهي؟
انتهاپسندي، دهشتگردي، Terrorism طالبان، ڊرون حملا ۽ اهڙا ڪيترائي ٻيا لفظ اسان
هرروز پنهنجي گهر، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيءَ، بازار يا ڪنهن ٻئي هنڌ ويهي
اليڪٽرانڪ توڙي پرنٽ ميڊيا جي وسيلي ٻڌون ۽ پڙهون ٿا. خبرن ۽ تبصرن جو گهڻو ڀاڱو
ان موضوع تي مشتمل هجي ٿو، اچو ته ڏسون آخر اها انتهاپسندي ڪهڙي بلا جو نالو آهي؟
ڪابه شيءِ انتها طرف
وٺي وڃي سگهجي ٿي، جيئن ڪجهه ماڻهو انتها جو کائڻ پسند ڪندا آهن، ڪجهه انتها جو
پيئڻ پسند ڪندا آهن، ڪجهه جُوا کيڏڻ يا ڪا ٻيو اهڙو ڪم.
انتهاپسندي ( Extremism ) هڪ نظريو آهي، (جيڪو خاص ڪري مذهب ۽ سياست ۾ عام جام ملي ٿو.)
جيڪو رائج سماجي اصولن ۽ ضابطن جي ابتڙ زوريءَ مڙهيو ويندو آهي ۽ رائج اخلاقي
معيارن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ هوندو آهي.
انتهاپسندي هڪ منجهيل ۽
ڳتيل فلسفو آهي، سولي نموني ائين سمجهي سگهجي ٿو ته اهڙا عمل ( عقيدا، رويا،
احساس، ردِ عمل يا حڪمت عمليون ) ڪنهن به فرد يا گروهه جا، جيڪي سماجي رويتن کان
هٽي ڪري مڙهيا ويا هجن، تن کي انتهاپسنديءَ جي دائري ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. ان جو
هڪڙو مثال هٽلر به آهي، هٽلر جرمنيءَ جو شدت پسند نيشنلسٽ هو، جنهن چيو پئي ته، ”جرمن
هڪ اعلى قوم آهي ۽ ان کي دنيا تي حڪمراني ڪرڻ جو حق آهي.“ ٻيو مثال هي آهي ته ڪوئي
اڌ رات جو اچي اوهان جو دروازو کڙڪائي ۽ گهري ننڊ مان اٿاري ائين چوي ته، ”اسان بي
سڪونيءَ جي ڪري جاڳي رهيا آهيون، تنهن ڪري اوهان کي به سڪون جي ننڊ ڪرڻ جو ڪوبه حق
ناهي.“
هونئن ته انتهاپسنديءَ
جا ڪيترائي قسم آهن پر اسان هتي هنن هيٺين تي ڳالهائينداسين:
§
مذهبي انتهاپسندي Religious
Extremism
§
سياسي انتهاپسندي Political
Extremism
§
ثقافتي انتهاپسندي Cultural
Extremism
§
قومي/نسلي انتهاپسندي Nationalist
Extremism
مذهبي انتهاپسندي:
انتهاپسندي هڪ رويي جو نالو آهي ۽ خيال يا عقيدو ئي Extreme بڻجي سگهجي ٿو. ڪوبه مذهب انتهاپسنديءَ کان خالي ناهي، هر مذهب ۾
انتهاپسند ڪنهن نه صورت ۾ موجود رهن ٿا، جيڪي عام رواجي عبادتن ۽ رسمن کان هٽي ڪري
عمل به ڪن ٿا.
اسلام ۾ القائدهه ۽
داعش، عيسائيت ۾ Klue Klux Klan يهوديت
۾ Terror Against Terror ۽ هندومت ۾ جڳران منچ ۽ شيوسينا. اهي
انتهاپسند ٽولا ماڻهن کي عام سماجي زندگي گذارڻ بجاءِ مذهبي قدامت پسند ٿيڻ لاءِ
اڪساهيندا يا مجبور ڪندا آهن، اهي دهشت وسيلي ماڻهن کي خدا جي نالي تي ڪنهن مخصوص
عقيدي يا فڪر لاءِ سر ڪپڻ/ ڪپائڻ تي مجبور ڪن ٿا.
مذهبي انتهاپسندن کي ان
ڪري به غلط سمجهيو ويندو آهي ته اهي خدا جي نالي تي ٻين معصوم انسانن جو قتلِ عام
ڪندڙ هوندا آهن. اهڙا قدامت پسند مذهبي ٺيڪيدار، پنهنجي پنهنجي مذهبي عقيدن، رسمن،
عبادتن ۽ ڪردارن جي تحفظ ۽ وڌاءَ لاءِ انتها درجي جي موتمار process تائين پهچي وڃن ٿا. هندو، مسلم، عيسائي، يهودي ۽ ٻيا پيروڪار مشهور
آهن.
انتهاپسند هجڻ جو ليبل Label ڪابه جماعت/ڌر/گروهه/فرد پاڻمرادو ناهي وٺندو. ڪوبه پاڻ کي ساڄي
يا کاٻي ڌر جو انتهاپسند ناهي سڏرائيندو. اهڙو ڪوبه مذهبي فرقو يا سياسي ٽولو ناهي
جيڪو پاڻ کي غلط يا انتهاپسند سڏي.
انتهاپسند تنظيم،
انتهاپسند جماعت، انتهاپسند گروپ، انتهاپسند مذهب، يا انتهاپسند شخص جو ليبل هميشه
ٻين پاران ڏنو ويندو آهي جڏهن ته ان ليبل هيٺ آيل، هميشه پاڻ کي سڌارن جو حامي يا
انقلابي سڏرائيندا آهن.
انتهاپسندي هڪ سوچ يا
رويي جو نالو آهي جو بظاهر مڪمل طور تي مختلف نظريا رکندڙ مذهبي تنظيمون پڻ هڪ
جهڙيون خوبيون ۽ خاصيتون رکندڙ هونديون آهن. Ronald Wintrobe اهڙين انتهاپسند تحريڪن جو تقابلي جائزو پيش ڪندي، ”يهودي بنياد
پرستن“ ۽ ”حماس جي انتهاپسندن“ جون ڪيتريون ئي هڪ جهڙايون بيان ڪيون آهن، تن مان
ڪجهه هي آهن:
§
اهي ٻئي جماعتون مخالفن سان ڪنهن به قسم جي سمجهوتي جي خلاف آهن.
§
اهي ٻئي تنظيمون پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تشدد تي لهي اينديون
آهن.
§
ٻئي بنياد پرست ۽ قوم پرست آهن.
§
ٻنهي کي پنهنجي ڪاميابيءَ جو يقين آهن.
§
ٻنهي جي اندر ناسهپ ۽ اختلافِ راءِ واري سوچ موجود آهي.
هاڻي جڏهن ٻن الڳ نظرين
رکڻ وارين جماعتن جا عمل ساڳيا آهن ته چئي سگهون ٿا ته انتهاپسندي هڪ سوچ ۽ رويي
جو نالو آهي، جيڪو ڪنهن به ڳالهه سان جوڙي سگهجي ٿو. ڪنهن به هڪ ڳالهه/خيال تي ٽڪي
بيهي رهڻ وارا ئي عقيدي جي ڄار ۾ ويڙهجي انتهاپسند بڻجن ٿا. مذهبي ۽ سياسي
انتهاپسندي ان جا مثال آهن.
سياسي
انتهاپسندي: انتهاپسندي فقط مذهب
۾ شامل ناهي پر اها سياست، ڪلچر، رنگ و نسل، معاشيات، فڪر ۽ سوچ ۾ پڻ موجود هوندي
آهي.
سياسي انتهاپسند پنهنجي
فڪر يا نظريي ۾ تمام گهڻا Extreme ٿيندا آهن. اهي پنهنجي سياسي رهنما توڙي
پارٽيءَ جي موقف لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا. سياسي انتهاپسندن کي ان ڪري
غلط سمجهيو وڃي ٿو ته اهي اقليتن يا مخالفن جي اثر کي ٽوڙڻ لاءِ انهن جي آزادي،
اظهار ۽ حقن کي لتاڙيندي، انهن کي ذليل ۽ خوار ڪرڻ چاهيندا آهن. شهرن ۾ فساد،
وڳوڙ، ذاتي فائدن لاءِ سرڪاري مشينري جي استعمال کان ويندي Power جو
غلط ترين استعمال سياسي انتهاپسندي آهي.
ثقافتي
انتهاپسندي: هر قوم پنهنجي پنهنجي
ڪلچر کي مقدس ۽ شانائتو سمجهڻ لڳندي آهي، جڏهن ته ڪوبه ڪلچر 100 سيڪڙو مثبت يا
معتبر ناهي ٿيندو ۽ نه ئي عظيم هوندو آهي. ڇو ته اڪثر ڪلچر جهالت جي دور جي
پيداوار هوندا آهن ۽ انهن ۾ عورت دشمني، قدامت پسندي، جهالت ۽ عقيدن تي آڌاريل
عنصر موجود هوندا آهن. جيئن ته ڪلچر جا ڪيترائي پاسا ٿين ٿا، جن ۾ لباس، کاڌخوراڪ،
رويا ۽ عقيدا پڻ شامل هوندا آهن. ساڳي نموني ڪلچر جا ڪجهه پاسا روشن ۽ مثبت پڻ
ٿيندا آهن. ساڳي ڳالهه هر ڪلچر ۾ ٿوري ڦيرگهير سان موجود آهي. جيڪڏهن ڪو به شخص يا
قوم اها دعوى ڪري ته انهن جو ڪلچر مقدس ۽ شانائتو آهي ته اها قوم يا اهو فرد
انتهاپسند آهي. ڇا اسان جي سنڌي ثقافت جا هيٺيان پاسا پڏائڻ لائق آهن؟
ڪارو ڪاري، قران سان
شادي، سڱ چٽيءَ ۾ ڏيڻ، پيٽ لکي ڏيڻ، ننڍپڻ جون شاديون، ڄمڻ کان پهرين ئي نالي ڪري
ڇڏڻ، قبيلائي جهڳڙا ۽ خونيءَ کي مُڙُس ماڻهو سمجهڻ!؟
قومي/نسلي
انتهاپسندي: پنهنجي ڌرتي يا قوم سان پيار هجڻ الڳ ڳالهه آهي،
پر ايترو قوم پرست/نسل پرست هجڻ جو پاڻ کي سڀ کان اتم ۽ اعلى سمجهڻ ۽ ان بنياد تي
ٻين کي ڪمتر ۽ نيچ سمجهڻ پڻ قومي/نسلي انتهاپسندي آهي.
اسان هٽلر جو مثال
پهرين ڏئي چڪا آهيون، ان کان علاوهه به تاريخ ڀري پئي آهي، يورپ توڙي آمريڪا ۾ اڇن
۽ ڪارن ماڻهن وچ ۾ رنگ ۽ نسل جي بنياد تي شروع ٿيل هلچل ۽ نتيجي ۾ اڄ هڪ ڪارو
“باراڪ اوباما” آمريڪا جو صدر آهي.
اوريانا فلاسي لکي ٿي،”مان
جڏهن ياسر عرفات کان انٽرويو وٺڻ ويس ته هن هڪڙو جملو چيو هو ته اسان عظيم تهذيب
جا وارث آهيون، اسان جو ڪلچر توهان جي ڪلچر کان اوچو آهي. مون کي هن چيو ته حساب
جا انگ مسلمان سائنسدانن ايجاد ڪيا. توهان کي ٻڌائيندي هلان ته ياسر عرفات ڪورو ڄٽ
هو، جنهن کي بحث ڪرڻ ڀي نه ايندو هو.“
پاڻ کي سڀ کان ڀلو ۽
معتبر سمجهڻ قومي/نسلي انتهاپسندي آهي.
انتهاپسنديءَ جا
ڪيترائي ٻيا به قسم آهن، جيڪي مجموعي طور سماج لاءِ نقصانڪار آهن. انتهاپسندي
حڪومت، عوام، سماج، اعتدال پسندي ۽ امن لاءِ وڏو چئلينج پڻ آهي.
هاڻي اچو ته ڏسون ادب ۽
انتها پسنديءَ جو پاڻ ۾ ڪهڙو تعلق يا ربط آهي.
ادب ۽
انتهاپسنديءَ جو پاڻ ۾ربط: اٽليءَ ڄائي جڳ مشهور صحافڻ ۽ ليکڪا اوريانا
فلاسي پنهنجي ڪتاب، “ The rage
and the pride ” ۾ لکي ٿي، ”لکڻ هڪ
تمام سنجيدهه عمل آهي، لکڻ صرف هڪ وندر يا ذهني آسودگي ناهي، مان لکڻ مهل اهو ڪڏهن
به ناهي وساريو ته لکيل لفظ جتي چڱائي آڻي سگهن ٿا اتي انهن لفظن سان کوڙ ساريون
برايون پڻ پيدا ٿي سگهن ٿيون. جيڪا تحرير ڪنهن جو ڀلو ڪري سگهي ٿي ته اها ئي تحرير ڪيترن ئي قتلن جو سبب پڻ بڻجي
سگهي ٿي. تاريخ پڙهو، توهان کي معلوم ٿيندو ته دنيا جي تبديل ٿيندڙ هر سٺي ۽ خراب
واقعن جي پويان تحرير ئي شامل هوندي آهي، اها تحرير هڪڙي ڪتاب، هڪڙي نظريي، هڪڙي
شعر يا هڪڙي نغمي جي صورت ۾ به ٿي سگهي ٿي.“
اهڙي طرح ادب ۽
انتهاپسنديءَ جو به گهرو تعلق آهي. ادب کي سماج جو آئينو تصور ڪيو ويندو، جيڪو
سماج ۾ هوندو اهو ئي آئيني ۾ نظر ايندو، ڇوته ادب جو Raw Material
سماج مان ئي ملي ٿو. ادب سماج جو اثر قبولي ٿو ۽ سماج تي اثر پڻ ڪري ٿو، ٻنهي جو
ٻٽو تعلق آهي. ڪارل مارڪس چوي ٿو، ”هر ٻي شيءِ وانگر ادب به معاشي حالتن جي طابع
آهي.“ ادب ۽ سماج جي تعلق کي وڌيڪ گهرائي سان سمجهڻ لاءِ سماج جي ڍانچي کي سمجهون
ٿا. سماج جا بنيادي طور تي ست وڏا ادارا هوندا آهن. هڪ خاندان Family ، ٻيو برادري Community ، ٽيون مذهب Religion ،
چوٿون حڪومت Government ، پنجون تعليم Academia ،
ڇهون ڌنڌو Business ۽ ستون ميڊيا Media
شامل آهن. سماج جا اهي ستئي ادارا ادب تي اثرانداز ٿيندا رهيا آهن، تهڙي طرح ادب
پڻ انهن تي پنهنجو اثر ڇڏيندو رهيو آهي. هاڻي جنهن سماج ۾ جيڪو ادارو وڌيڪ فعال
هوندو ان سماج ۾ ان جو اثر وڌيڪ هوندو ۽ اهڙي سماج جو ادب پڻ ان اداري جي support ۾ هوندو. مثال اگر ڪٿي مذهب سماج جي ٻين ادارن تي حاوي آهي ته
اتان جو سماج عقيدهه پرست هوندو ۽ لازماَ اتان جو ادب پڻ حالتن جي طابع هوندو.
هاڻي ادب جڏهن سماج جو
عڪس يا آئينو آهي ته لازمي امر آهي ته ادب جو استعمال منفي ۽ مثبت پڻ ٿيو هوندو،
سماج جي مڙني ادارن پاران ان جو ڀرپور استعمال پڻ ڪيو ويو هوندو، جنهن ۾ مذهب ۽
سياست ٽاپ تي اچي وڃن ٿا.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي
ته ڇا ادب به انتهاپسند رهيو آهي؟ جواب آهي...ها! جڏهن ادب ڌُر ٿي بيهي رهي ته اهو
انتهاپسند ادب ليکبو. هر دور ۾ هر نظريي کي طاقت وٺرائڻ لاءِ ادب جو اهڙو ته ڪارگر
استعمال ڪيو ويو جو ادب ڌر نظر اچڻ لڳو. ڪنهن به مخصوص نظريي جو پرچارڪ ادب ئي
دراصل انتهاپسند ادب آهي. ادب ۾ مختلف جنگين توڙي معرڪن دوران شاعريءَ جو استعمال
ڪيو ويو، شاعريءَ ۾ مدحي ۽ هجويه شعرن وسيلي هڪ پاسي ڪنهن نه ڪنهن نظريي جي پرچار
ڪئي وئي ۽ ڪنهن مخالف نظريي جي مخالفت ڪئي وئي. مذهبي ڪتابن ماضيءَ جا قصا ۽
ڪهاڻيون بيان ڪندي پنهنجي پنهنجي عقيدن جي تشريح ڪئي. ادب ۾ ڪجهه قومن کي ايترو ته
پڏايو ويو جو شدت پسند Nationalism پيدا ٿيو. پهريون انتهاپسند ڪتاب روسي ادب
جي ڪرائيميا CRIMEA کي تسليم ڪيو وڃي ٿو.
ادب
انتهاپسنديءَ جي جمود کي ڪيئن ٽوڙيو؟
جتي ادب انتهاپسنديءَ
وارن نظرين جي لتاڙ ۾ آيو اتي ادب جو وڏو رول بغاوت وارو پڻ آهي، هر دور جي ادب،
ان دور جي قدامت پسند، مدي خارج روايتن جي بغاوت ڪندي ڪنهن به قسم جي انتهاپسنديءَ
کي ننديو آهي ۽ انسان دوستيءَ جو درس ڏنو آهي. ادب انسان کي اوليت ڏيندي عقيدي کي
ثانوي پيش ڪيو. ان جا مثال هتي فقط سنڌي ادب مان پيش ڪريون ٿا. سنڌي ادب ۾ تصوف ۽
ترقي پسند ادب ڪنهن به قسم جي انتهاپسنديءَ خلاف اٿي احتجاج ڪيو ۽ مزاحمت ڪندي
اهڙن روين کي نيچ ڏيکاريو ۽ انسان کي اتم ۽ اعلى ڏيکاريو آهي. تصوف هڪ اهڙو نظريو
آهي، جنهن هر دور ۾ مذهبي انتهاپسنديءَ جي شديد ندا ڪئي آهي ۽ انسانيت جو پرچم
اعلى رکيو. سنڌ جي صوفي شاعرن ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار نڀائيو آهي، جنهن ڪري اڄ تائين
هيءَ ڌرتي امن ۽ اعتدال پسنديءَ جو مظهر رهي آهي. دنيا جڏهن جڏهن مذهبي جنونيت جي باهه
۾ ڀڙڪي آهي، تڏهن هن ڌرتيءَ امن، رواداري ۽ اعتدال پسنديءَ جو مظاهرو ڪيو آهي.
شاهه، سچل، سامي ۽ ٻيا صوفي شاعر ان جو مثال آهن. مذهبي جنونيت مان جان آجي
ڪرائيندي سچل نينهن جو نعرو هن طرح ٿو لڳائي ته:
هندو، مومن ناهيان يار، جوئي آهيان، سوئي آهيان.
يا سندس عشق جي فلسفي
پيش ڪرڻ جي انداز کي ڏسو، جنهن ۾ ڪاروبار بڻايل مذهب کي ڀليل راهه ٿو تصور ڪري:
مذهبن ملڪ
۾ ماڻهو منجهايا،
ڪي نمازون
نوڙي پڙهن، ڪن مندر وسايا،
شيخي،
پيري، بزرگي بيحد ڀلايا،
آڏو ڪين
آيا، عقل وارا عشق جي.
شاهه سائين ان فڪر کي
هن طرح پيش ڪيو:
پاڻهين
پسي پاڻ کي، پاڻ ئي محبوب،
پاڻهي
خلقي خوب، پاڻ ئي طالب تن جو.
روحل فقير ان جو حل
ڪيتري نه خوبصورتيءَ سان پيش ڪيو آهي.
پپر ۾
پرميشور، ٻٻر ۾ ڪو ٻيو
جي نوڙت ڪرين
ٿو نم جي، ته ڪنڊو ڪٿان پيو
جي اسلام
آيو الله کان ته ڪفر ڪنهن ڪيو؟
مسجد ۽
مندر ۾ ٻري هڪ ڏيئو
روحل ڪيئن
پيو، خلل هن خلق ۾.
ترقي پسند
ادب جو ڪردار: ترقي پسند اديبن پنهنجون واٽون الڳ ڪندي نج
شعوري، تعليمي ۽ عقلي بنيادن تي سائنسي نقطه نظر سان ادب پيش ڪيو، جنهن ۾ حقيقتن
کي عقل جي ڪسوٽيءَ تي پرکيو ويو. علم، عقل ۽ شعور جون ڳالهيون ڪيون ويون. سچ جو
ساٿ ڏنو ويو. اهو ادب ان خيال جو هو ته جيئن سماج تبديل ٿيندو ٿو رهي تئين عقل ۽
شعور پڻ تبديل ٿيندو ٿو رهي، ڪالهه جو پيش ڪيل نظريو يا فڪر اڄ غلط ثابت ٿي سگهي
ٿو. سماج هر وقت تغير و تبدل ۾ آهي تئين عقل ۽ شعور ڀي تبديل ٿيندا رهن ٿا. سماج ۾
ايندڙ تبديلي ادب پڻ قبولي ٿو ۽ ردِ عمل ۾ ادب پڻ سماج کي تبديل ڪري ٿو. ان جو
مثال موبائيل فون مان وٺون ٿا.
اڄڪلهه موبائيل فون جو
استعمال عام جام ٿي رهيو آهي، جڏهن ته موبائيل فون کي عام ٿئي هڪ ڏهاڪو سال مس ٿيا
آهن، سڀ ڪجهه اسان جي اڳيان گذريو آهي. شروع شروع ۾ جيڪو پهريون GSM
وارو موبائيل فون سيٽ آيو هو اهو نوڪيا جو 3310 هيو، ڪيتري حيرت هئي ان ڳالهه تي
ته اهڙي موبائيل فون آئي آهي، جنهن ۾ SIM پوي ٿي ۽ ان تان SMS به
ٿين ٿا. اڳتي هلي موبائيل ۾ ريڊيو آيو، ته ڄڻ انتها ٿي وئي، وري ٽارچ ڄڻ ڪمال ڪري
ڇڏيو....۽جڏهن موبائيل فون رنگين بڻجي وئي ۽ فوٽو ڏيکارڻ شروع ڪيا ته ڏندين
آنڱريون اچي ويون، پوءِ ته ڪيمرا، وڊيو رڪارڊر، انٽرنيٽ ۽ ٻيو الائي ته ڇا ڇا!
اڄ اوهان جي هٿن ۾ جيڪا
موبائيل فون هوندي لازمي Touch هوندي، 3G
سپورٽيڊ هوندي، ڪيترائي Censor لڳل هوندا ان ۾.
اها ته هئي موبائيل فون
جي ارتقا، سماج به ائين مسلسل ارتقا ۾ آهي، تبديل ٿيندو ٿو رهي ۽ جيڪڏهن ڪوئي
موبائيل فون جي ارتقا وانگر ان ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌي بيهي رهي ته موبائيل فون ۾ ڪيمرا
اچي وئي، بس ڪمال ٿي ويو، ان وڌيڪ ڪجهه ڀي نٿو ٿي سگهي ۽ ان ڳالهه تي اٽڪي
مرڻ/مارڻ لاءِ تيار ٿي وڃي، اها ئي انتهاپسندي آهي.
اديب ذميوار فرد آهي ۽
اهو سجاڳي پيدا ڪندو آهي ۽ اهڙن روين جي خلاف مزاحمت ڪندي پنهنجي تحرير وسيلي شعور
۽ عقل ڏيندو آهي، Rational سوچ پيدا ڪندو آهي ۽ برابريءَ وارو سماج
ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪندو آهي.
نيٺ ڇا
ڪرڻ گهرجي؟
اڄوڪي جديد دور جون
گهرجون ۽ ضرورتون مختلف آهن. منهنجي خيال ۾ اڄ صوفي نه پر سائنسي سوچ رکندڙ سماج
جي ضرورت آهي، جڏهن سماج جو بنياد سائنسي اصولن تي هوندو ته ادب خودبخود روشن
خيال، اعتدال پسند ۽ عقليت پسند بڻجي ويندو. ادب زندگيءَ جي اصلاح ڪندي، تشخيص توڙي علاج پڻ ڪري سگهندو. اڄ جو ترقي پسند روشن خيال
ادب سڀاڻي جو اعتدال پسند سماج ڏئي سگهي ٿو. هيٺ ڪجهه تجويزون پيش ڪجن ٿيون، جن
سان ادب وسيلي انتهاپسنديءَ کي منهن ڏئي توڙي ختم ڪري سگهجي ٿو.
ادب وسيلي هيٺيان شعوري
قدم کنيا وڃن.
·
پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ جي ترغيب ڏيندي، انسان دوست ماحول جوڙجي.
·
تنقيدي شعور پيدا ڪندي، سوال پڇڻ جي عادت وجهجي.
·
عقلي بنيادن تي رايا/فڪر پيش ڪجن.
·
تاريخي غلطيون سڌاريندي، قومن ۾ سهپ ۽ رواداري پيدا ڪجي.
·
تعصب کان پاڪ روشن خيال ادب تخليق ڪجي ۽ ڌر نه بڻججي.
·
اجايو خوف ختم ڪندي، مذهب فرد جو نجي معاملو ڪوٺجي.
·
ڄاڻڻ جي حق
Right To Information جي
حاصلات طرف مائل ڪجي.
·
ادب کي عالمي ۽ انسان دوست بڻائجي.
·
تصوف، ترقي پسندي ۽ ٻين وقتي ڪارگر لاڙن کي هٿي وٺرائجي.
·
ماڻهوءَ کي ذهني، جسماني ۽ فڪري آزادي ڏيارجي ته هي دنيا جنت مثل
بڻجي پوي ۽ انتهاپسنديءَ جي عذاب کان هميشه لاءِ آجا ٿي پئون.
وڃين ڇو
وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي،
لڪو ڪين
لطيف چوي، ٻاروچو ٻئي پار،
نائي نيڻ
نهار، تو ۾ ديرو دوست جو.
(شاهه سائين)
No comments:
Post a Comment