22/02/2015

پورهيو، آرٽ ۽ اسلوب - نصير سومرو (Naseer Soomro)

پورهيو، آرٽ ۽ اسلوب
نصير سومرو
تنقيد سان تخليقي ذهن جي سنوار سڌار ٿئي ٿي. هي تخليقي ذهن  پنهنجي شناخت ۾ هيري (الماس) وانگر آهي. هيري (Diamond) جي تراش خراش سان جون اصل يعني لڪل خاصيتون اجاگر ٿي پونديون آهن. فن ادب ۾ هيءَ تراش خراش تنقيد آهي،  عڪس ذهن جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پلٿي ماري ويهي رهندا آهن. انهن عڪسن جا وري ننڍا ننڍا عڪس به آهن. جيڪي موبائيل فون جي سيٽنگ ۾ طئي ٿيل فنڪشن وانگر هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر جي آهنگ ۾ هوندا آهن. فنڪشن کي هڪ هڪ ڳڻي ٻڌائڻ جي بدران موبائيل سيٽ جو رڳو ماڊل نمبر کڻبو آهي. موبائيل صحيح آهي.ان ۾ انٽرنيٽ، هلائڻ جا سڀ فڪشن موجود آهن. ٻيو ماڻهو سيٽ هلائيندو هوندو ته امڪاني صورت غلط ناهي ته سو سيڪڙو صحيح به ناهي.
خبر پئي ته موبائيل سيٽ جي مالڪ کي سيٽ هلائڻ ئي نٿو اچي جو هو انٽرنيٽ جي ڪا ويب سائيٽ کولي سگهي. هاڻ هو سکي وٺي ٿو ته انٽرنيٽ ڪيئن هلندو آهي. سکيا اڌوري هوندي کائنس ڏينهن رات هڻ هڻان جي باوجود فيس بوڪ نٿو کلي، اهو ٻڌائڻ سان مبادا کيس ٺٺوليون ۽ کلون ٻڌڻيون پون ته هن جو جڏهن فيس بوڪ تي اڪائونٽ ئي کليل نه آهي ته بنا آءِ ڊي ۽ پاس ورڊ جي سائيٽ کلي سگهندي؟ ان ۾ موبائيل سيٽ جي هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر جو قصور ڪونهي. اصل معاملو سکڻ جو آهي سکڻ جي ڪيڏي نه افاديت آهي. سکيا ناهي ته ڌن وان به پنهنجي ڌن مان فائدو وٺي نه ٿو سگهي. تخليقي ڏات پڻ ائين آهي.

هي اعتراف ڪندي پنهنجو قد اوچو ٿو محسوس ڪريان ته منهنجي ادب ۽ فني سکيا ۾ پرائمري کان انجنيئرنگ يونيورسٽي تائين باقائده تعليم ۽ ادبي تنقيدي ويهڪن ۾ شرڪت جو دخل آهي. سنڌي ادبي سنگت جي دستوري ويهڪن ۾ اچڻ وڃڻ  ۽ تنقيد ۾ حصو وٺڻ سان جنهن ماحول مان گذرڻو پيو، اهو محسوس باللمس آهي. چائنٺ جي اندر هڪ پير ۽ پيو ٻاهر هجڻ جي مصداق موڙ هو. پير اندر رکيا. پير رکڻ ۽ پير ڄمائڻ سان ئي زمان مڪان ۾ جڳهه ٺاهڻ جا امڪان پيدا ڪري ورتا. واريءَ جو ڪوٽ ڊاهڻو پيو. دل جا ٻه دوار (Valves) ساٿ نه ڏيئي رهيا هئا. ته اهي مٽائڻا پيا. امڪانن جون نيون ڳڙکيون ۽ دروازا کلي پيا،محسوسات جي هر طرح لمس سار جو روپ ڌاري ورتو. ها! ٽاڪري جو نتيجو ڏکيرو ۽ اُگرو رد عمل وارو پڻ رهيو ۽ تلخ يادگيريون پڻ پلئه پيون پر اهو اُتساھ مليو ته ڪجهه ڪرڻ جو ارادو نصب العين بڻيو.
لمس عربي لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ  سنڌيءَ ۾ ڇهاءُ آهي. ڇهڻ پنجن حواسن  مان هڪ آهي. هيءُ حواس بدن ۾ دماغ تائين معلومات ۽ رپورٽون پهچائڻ جا  وسيلا آهن، ڇهين حس، يا ڇهون حواس به آهي اهو مقام آهيExtra sensual perception هي تخليقي ڏات آهي. ڏات ڌڻي جيڪڏهن واقعي هجي ته اهو اسلوب ۾ ٻين کان منفرد تجربو متعارف ڪرائيندو.
اسلوب ڇا  آهي. سالن تائين ڪجهه ڳالهيون ٻڌبيون رهبيون آهن ۽ انهن بابت ذهن ۾ پنهنجي طرفان سوچي ڇڏيو هوندو آهي ته اهي هيئن هونديون يا هونءَ هونديون پر لازمي ناهي ته ائين هجن.ظاهر ۾ طرز، اسلوب ۽ لهجو، ٽي ئي لفظ هڪجهڙيون معائنون ڏيندي به الڳ الڳ معنيٰ ڏيندڙ آهن. اهڙي موقعي تي ٻن ٽن ٻولين جي ڊڪشنرين مان مدد وٺڻي پوي ٿي. ڏسو! لفظ ڊڪشنري ته ڪٿي ڊڪشن (Diction) مان اخذ ڪيل ڪونهي، ڊڪشن جي معنيٰ لغت ۽ لغات آهي. اسلوب جو سڌو واسطو لفظن جي چونڊ، انهن جي استعمال جي ڏانءُ (شاعراڻو بحر ۽ وزن) ۽ ابلاغ سان آهي. لفظيات مان مراد ٻولي آهي. ٻوليءَ جو واسطو ثقافت سان آهي. ثقافت جو واسطو زمان مڪان سان آهي. يعني ڪهڙي دور جا لفظ آهن ۽ ڪهڙي ڌرتيءَ جي هنڌ ۽ خطي سان لاڳاپيل آهن. ميداني علائقن،جابلو علائقن ۽ شهري وسندين ۾ ساڳيا لفظن به الڳ الڳ اچار ۽ آهنگ ۾ استعمال ٿيندا آهن.هي علائقي سان جڙيل لهجو جهڙوڪ مزاج هجي. مزاج شاعراڻو به ٻين شاعرن کان نامياتي رنگ ڍنگ جي ڪري ڌار ڌار  هوندو آهي. شاعر جي هيءَ انفراديت الڳ طرح جي طرز فڪر ۽ طرز عمل جي سبب آهي. معاملات بابت شاعر جو پنهنجو انداز ڪهڙو آهي، جڏهن شعر ۾ اظهار ڪندو ته انهيءَ جو عڪس تخليق تي پوندو. غزل آهي ته سڄي غزل تي اثر هڪجهڙو پوندو.
ائين ناهي ته هڪ شعر جو اسلوب هڪڙو ۽ ٻئي شعر جو ٻيو ۽ ٽئين جو ٽيون هجي ۽ اسلوب مان مراد پوري تحرير ۽ لکڻي جي لفظيات جي رنگ ۽ ڍنگ سان آهي. نامياتي طور شخصيت جو اسلوب حيات پڻ به مڪمل پڻي جو متقاضي آهي. اهو توازن ۽ آهنگ آهي. اعتدال ۽ امتزاج آهي. نفي ۽ اثبات جو سنگم آهي، جيڪو ڪارڪردگي سان ٻٽُ آهي.
سنگت جي گڏجاڻين ۾ ڳالهائڻ جو ڍنگ ۽ نتيجا ڪڍڻ ۽ خاص طور ٻڌڻ جي دوران معاملي جي تهه تائين پهچڻ جي صلاحيت ئي ياداشت جو اندراج (Input) ۽ اخراج (Output) آهي.
تخليق ۾ تخيل (Imagery) آهي. تخيل جا پڻ ايترا قسم آهن. جيترا حواس آهن، ساڳي ٻولي، ساڳي ثقافت ۽ ساڳيا موقعا ملڻ جي هوندي به شيخ اياز جي شاعري ۽ نثر جو اسلوب همعصر شاعرن ۽ اديبن کان الڳ طرح جو آهي. اها انفراديت الڳ طرح جي انداز فڪر ۽ عمل سان مشروط آهي. ڪائنات بابت، سماج بابت،حياتي ۽ مماتيءَ بابت، مختلف معاملات جي باهمي تعلقات ۽ڪارج بابت، ادب، فن ۽ نئين تجربي بابت جيڪي موقعا شيخ اياز کي ٻين وانگر ساڳيا مليا پر انهن کي ڏسڻ جي اثر وٺڻ جي طرز ۾ ٻين کان منفرد آهي.رڳو دعويءِ ڪرڻ جي حد تائين  نه پر لکڻيون ڏنائين ۽ اهو هن جو ڪردار يعني ڪارڪردگيءَ تڪ تور جو بڻ واد آهي. اياز جي اسلوب جا دور آهن ننڍا ننڍا دور هڪ وڏي دور کي جنم ڏيندا آهن. انهن دورن ۾ شاعر ۽ اديب ارتقا جون منزلون تڏ هو ڪين حالتن ۽ امڪانن ۾ رهندي پنهنجو ويليو ايڊ ڪري ٿو. ويليو ايڊ ڪرڻ ئي پورهيو آهي. پورهيو Craftsmanship ۽ اسلوب (انداز) آرٽ آهي.
ادب آرٽ ۽ اديب ٽڪنڊائي وحدت ۾ ڏسڻ سان پتو پوي ٿو ته شيون ڳالهيون ۽ معاملات جزئيات ۾ الڳ الڳ هجڻ جي باوجود گڏيل آهن. ڪيفيت شخصي شاعر ۽ ادب جي هجي يا حالت سڄي سماج جي هجي دوئيءَ ۾ تعلق (ڳانڍاپو) هڪ ئي آهي. هي تعلق شاعر جو شاعريءَ ڏانهن، ڪهاڻيڪار جو ڪهاڻي ڏانهن، ناول نويس جو ناول ڏانهن ۽ آرٽسٽ جو آرٽ ڏانهن ڪيترو پڪو پختو ۽ مسلسل آهي ۽ ڪيترو فصلي/مندائتو/ Seasonal آهي. اڃا اڪلائڻ هن ريت به ممڪن آهي ته ڪير تخليقڪار سمنڊ جو هڪ قطرو آهي ۽ ڪير قطري اندر ڪل سمنڊ آهي، هي سڃاڻپ آهي. سڃاڻپ، فقط ۽ فقط خود کي پورهئي ڏانهن سنجيدي رويي سبب مقبوليت ۽ مڃتا ماڻڻ سان ملي سگهي ٿي. ڇاپ ڪمائڻ کانپوءِ تخليقڪار ”ناميارو“ سڏارائڻ جو حقدار بڻبوآهي. فيس بوڪ ۽ موبائيل مسيج ذريعي  القاب خوشامد ۽ اگهه تي پڻ الاٽ ڪيا وڃن ٿا. ان ڪارڻ، ڪيترائي مقدس ۽ حرمت ڀريا لفظ پنهنجو تقدس وڃائي ويٺا آهن. شاعريءَ جي مجموعن جا لکيل مهاڳ اڃا تائين تنقيدي تڪ تور جي تارازيءَ تائين نه پهتا آهن. تارازيءَ جي هڪ پُڙ ۾ وٽ (معيار/Standard) ۽ ٻئي پُڙ ۾ وکر وجهي تور ڪبي آهي. تارازيءَ ۾ ڪاڻ هوندي ته هڪ ڪلو وکر ٻه ڪلو  يا اڌ ڪلو تور شمار ۾ اچي سگهيٿي. تنقيد ۾ وٽ اصول ۽ وکر تخليقي اسم آهن. اصول پنهنجي ست ۽ سُرت ۾ آفاقي نوعيت جا ٿيندا آهن. بين الاقواميت کان مڪانيت ڏانهن سفر ڪندڙ اصول هجن يا مڪانيت کان بين الاقواميت ڏانهن سفر ڪندڙ اصول هجن، اهو فلسلو (نظريو) انسان جي گڏيل ميراث آهي.

سدائين ساڳيو رهڻ غير ساهدار شين جي خاصيت آهي. تخليقڪار جيئرو جاڳندو انسان آهي. جاڳ جي حالت ۾ ئي ڪجهه ڪري سگهي ٿو ۽ اهو ڪجهه، جيڪو کيس پتو هجي ته ڇا ڪري رهيو آهي. ڪيئن ڪري رهيو آهي. سو اسلوب آهي، ڳالهائڻ ۾ طرز ڪلام مهذب به ٿئي ته ڇڙواڳ Slang Expression پڻ. لکڻ مهل بازاري لفظن جي چونڊ ڪرڻ بدران جمالياتي، بليغ ۽ فصيح لفظن جي اڻت کي وڻندڙ ۽ برجستي گهڙت ڏبي آهي. لفظ جمالياتي چنڊ جي ٿڌڙي روشنيءَ وانگر ۽ جلالي سج جي تپش وانگر  ٻنهي قسمن وارا موجود آهن. لهجو تکو ۽ ترش آهي يا جهيڻو ۽ ڌيمو آهي، هر شاعر جي پنهنجي سڃاڻپ آهي. بي ساختگي جو اثر فطرت سان هم آهنگ هجڻ ڪري اهو انساني قدرن وارو ۽ دل کي ڇهندو ٿيندو آهي. ان کي نامياتي يا انساني قدرن سان منسوب ڪبو ۽ برعڪس قدر غير انساني ۽ سپاٽ معاشي قدر چئبا، هڪ طرف فطرت آهي ۽ ٻي طرف مارڪيٽ مشهوري معاشي قدرن جي ٽيڪ تي پلئه ضرور پوندي پر شاعري صرف ۽ صرف فطرت سان هم آهنگ اظهار آهي. شهري (Urban) رهڻي ڪهڻي ۾ فطرت سان حواسن کي جوڙي رکڻ قدري مشڪل ٿي پيوآهي. ڍنگ جو ڪو پارڪ ڪونهي، جتي ٻه گهڙيون فرصت سان گهارڻ جو موقعو ملي. تخليقي عمل  Creative Process ۽ ويچار ڌارا Thought Process ۾ رُڌل رهڻ سان ڪڏهن ڪڏهن گهڻو ڪجهه ڪرڻ به ”ڪين“ آهي ۽ ڪڏهن وري ”ڪجهه نه ڪرڻ، به ”ڪجهه ڪرڻ، آهي. ”ڪين کي ڪين ڪرڻ سان ڪجهه پلئه پوندو آهي.“

No comments:

Post a Comment