اخلاق انصاريءَ جي ڪهاڻين جي اردو ترجمي ’سائي ۾ ڌوپ‘ تي ٻه اکر
اخلاق انصاري ــ ٻوٽيل نيڻن ۾ جاڳندڙ خوابن جو ليکڪ
فياض لطيف
اخلاق
انصاري چند انهن جديد سنڌي ڪهاڻيڪارن منجهان آهي، جن جديد ڪهاڻيءَ کي نه رڳو ان جي
حقيقي مفهوم ۽ معنى ۾ سمجهيو آهي، پر ان
کي پنهنجي پوري روح ۽ رنگ سان پيش پڻ ڪيو آهي. هُن ٿورو، پر تمام گھڻو سگهارو ۽
تخليقي فڪشن سِرجيو آهي. سنڌيءَ ۾ هن وقت تائين هن جا ٻه ڪهاڻين جا مجموعا، ’رُڃ ۾
رابيل‘ ۽ ’مان ڪائنات آهيان‘ ۽ هڪ ناوليٽ ’اُڏوهي‘ جي نالي سان ڇپجي چڪا آهن، جڏهن
ته سندس هم عصرن مان ڪيترن جا هن کان ٻيڻا ٽيڻا ڪتاب منظر عام تي اچي چڪا آهن، پر
هُن هميشه لِکڻ لاءِ نه لکيو آهي، ليڪن ’لِکڻ کي عشق بڻائي‘، ’جياپي لاءِ‘ لکيو
آهي ۽ بلاشبه اخلاق جون ڪهاڻيون، سنڌ ۾ پڙهيون به ويون آهن، ته انهن جو انداز ۽ اثر
به اپنايو ويو آهي ۽ اها ڳالهه ڪنهن به آرٽسيٽ ۽ ليکڪ لاءِ اعزار کان گھٽ نه ٿي
هجي، ته ان کي پڙهيو ۽ ان جي پوئواري ڪئي ويندي هجي.
اخلاق
جي ڪهاڻين جا موضوع ته منفرد آهن، پر هن جي اظهار جو انداز ۽ ڪهاڻي ۾ فني ٽريٽمنٽ
به ڪمال جي آهي. هن جي ڪهاڻين ۾ لفظ ۽ لفظن ۾ ڊائلاگس ته پنهنجي زبان جو منفرد
تاثر پيش ڪندا آهن، پر هن جا جملن ۾ ڊاٽس (.......)، ڪوئيشن مارڪس (؟؟؟) ۽ پنچوئيشن
جون ٻيون نشانيون به ڳالهائينديون ۽ پنهنجو گهربل تاثر ۽ احساس پيش ڪنديون آهن. بي
جان لفظن ۾ زندگيءَ ۽ زندگيءَ ۾ تاثريت ۽ تازگيءَ جو هنر پيدا ڪرڻ هو خوب ڄاڻي ٿو،
انهيءَ ڪري هو پنهنجي ڪهاڻين جي ننڍڙي ننڍڙي جملن ۾ ڪڏهن ڪڏهن اهڙي وڏي ۽ ڳوڙهي ڳالهه ڪري ويندو آهي، جو دل کي
ڏينهن تائين بي چينيءَ جو ڏهاڳ ڀوڳڻو پئجي ويندو آهي. جيئن هو پنهنجي هڪ ڪهاڻي ۾
چوي ٿو، ”قبرستان مون کي ڏاڍا سٺا لڳندا آهن. قبرستانن ۾ لائبررين وانگر سڪون ۽
خاموشي هوندي آهي. هر قبر هڪ ڪتاب ۽ هر ڪتبو ڄڻ ان جو ٽائيٽل....“. لفظ نه آهن، ڄڻ
درد جو هڪ صحرا آهي، جيڪو سِٽن جي سيني ۾ ڦهلجي ويو آهي ۽ اڪيلائي جو گهگهه انڌيرو
هجومن ۾ به اندر کي کائي رهيو آهي.
اخلاق انصاريءَ جون ڪجهه ڪهاڻيون انگريزي ۽ اردو ٻوليءَ
۾ ترجمو ٿيون آهن، پر پهريون ڀيرو نوجوان مترجم ۽ ليکڪ ننگر چنا سندس 23 سنڌي
ڪهاڻين کي اردو ۾ ترجمو ڪيو آهي، جن کي سهيڙي، ’سائي مين ڌوپ‘ جي نالي سان اردو ۾شايع
ڪيو ويو آهي. هي ڪهاڻيون اخلاق جي مذڪوره ٻن ڪهاڻي ڪتابن مان چونڊ ڪري ترجمو ڪيون
ويون آهن، جيڪي هڪ لحاظ سان سندس پوري ڪهاڻيءَ جي پورهئي جو احاطو ڪرڻ سان گڏوگڏ
سندس ذهني اوسر جو عڪس پڻ پَسائن ٿيون.
اخلاق
جي ڪهاڻين ۾ پنهنجي خوبي ۽ خوبصورتي آهي، پر ننگر انهن کي جهڙي ريت سُپڪ ۽ سليس اردو
زبان ۾ اَلٿو ڪيو آهي، ان پڻ انهن کي ويتر سُندر ۽ اثرائتو بڻايو آهي، جنهن لاءِ
هو مبارڪن جو مستحق آهي.
اخلاق
جي ڪهاڻين جا ڪردار تصوراتي ۽ خيالي نه آهن، پر حقيقي ۽ ڌرتيءَ جي هن گولي تي زندگيءَ
جون اذيتون ڀوڳي، مَرندڙ، مَري، جيئندڙ، مصيبت ماريل ۽ حالتن سان جهيڙيندڙ انسان آهن.
انهن مان ڪجهه اهڙا آهن، جن جا جسم ته مئل آهن، پر ضمير زنده آهن. جڏهن ته ڪن جا جسم
زنده ۽ ضمير مَري ويل آهن، انهيءَ ڪري ئي سندس ڪهاڻي ڪتاب جي مهاڳ ۾ زاهد حنا لکيو
آهي، ”اخلاق انصاري جي هنن ڪهاڻين کي پڙهندي، انسانن جي اهڙي آباديءَ سان ملاقات ٿئي
ٿي، جيڪا آهستي آهستي برباديءَ ڏانهن وڌي رهي آهي. ڪنهن جو جسم مري رهيو آهي، ته ڪنهن
جو ضمير. جن جو جسم مري ويندو آهي، انهن کي دفنائي ڇڏبو آهي ۽ مٽي انهن جي عيبن کي
ڍڪي ڇڏيندي آهي، پر جن جا ضمير مري ويندا آهن، انهن جي نحوست سماج ۾ ڦهلجي ٻين کي به
ان بيماريءَ ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندي آهي“.(سائي مين ڌوپ، ص9)
اخلاق
جي اردو ڪهاڻين جي هن ڳٽڪي ۾ سموريون ڪهاڻيون پنهنجي تاثر، احساس، ٻوليءَ جي
برجستگي، موضوع جي اَڇوتپڻي، اظهار جي نفاست ۽ ڊڪشن جي نُدرت جي لحاظ کان منفرد ۽
انفرادي وقعت جون حامل آهن، پر خاص ڪري، ’سفيد اور سياه لامحدود دائري‘، ’مين ڪائنات
هون‘، ’ظفر اقبال ڦِر پناهه ڍونڍتا هي‘، ’گم شده شخص ڪا پورٽريٽ‘، ’انڌي سپني ڪا
دن‘، ’سائي مين ڌوپ‘، ’ٽوٽا هوا چاند‘، ’خزان رسيده ڦول‘، ’ڪُهري مين لپٽي هوئي
قدم‘، ’پياس هي پياس‘، ’نه سمجهني ڪا دک‘ ۽ ’زندگي ڪي طرف‘ اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جن کي پڙهڻ کان پوءِ جاڳ ۾ سپنن ۽
سپنن ۾ جاڳ جا احساس محسوس ٿيڻ لڳن ٿا.
اخلاق
جي اردو ڪهاڻين جو هي انتخاب، ان ڪري به ٻٽي اهميت وارو آهي، ڇو ته ان سان هڪ ته سنڌي
ڪهاڻيءَ جو اردو تخليقڪارن ۽ پڙهندڙن سان تعارف ٿيندو ۽ ٻيو ته خود اخلاق پنهنجي
ڪهاڻين جي مربوط احساس ۽ اظهار ذريعي اردو پڙهندڙ ۽ لکندڙ طبقي تائين سڌي سنئين
رَسائي حاصل ڪري سگهندو ۽ ائين ڪهاڻين جو هي منفرد ڳٽڪو پنهنجي فڪري ۽ فني سگهارپ
ڪارڻ نه فقط اردو قلمڪارن ۽ پڙهندڙن لاءِ ڪشش جو سبب بڻجندو، پر سنڌي ادب پڙهندڙ پڻ
ان مان چڱو لاڀ ۽ لطف حاصل ڪري سگهندا.
هڪ سو
چاليهه صفحن تي مشمتل اخلاق انصاري جي هن ڪهاڻي ڪتاب جو مهاڳ اردو جي نامور ليکڪا
زاهده حنا لکيو آهي، جڏهن ته اردو جي ساکائتي پبليڪشن شهرزاد طرفان هي ڪتاب شايع ٿيو
آهي ۽ ان جي قيمت 240 روپيا آهي.
No comments:
Post a Comment