امداد حسيني کي ڀيٽا
سنڌ جي ڳالهه ڪريو.....
مشتاق گبول
سٺ واري ڏهاڪي ۾ امداد حسيني وڏي واڪ هيئن چوندو رهندو
هو ته:
”سنڌ
جي ڳالهه ڪريو، ڳالهه نه ٻي ٻُڌنداسين.“
امداد حسيني اُنهن ڏينهن کان وٺي اڄ تائين سنڌ جي ئي
ڳالهه ڪري رهيو آهي. اڄ به چئي رهيو آهي ته:
”سنڌ
جي سينڌ پهريان سرتي،
پوءِ پنهنجي سنوارڻي آهي.
سڄي دنيا وسارڻي آهي،
سِنڌ ئي سنڌ سارڻي آهي.“
امداد حسيني سنڌ جو آواز بڻجي چُڪو آهي. امداد، سنڌ
جي سُڃاڻپ بڻجي چُڪو آهي. امداد، اڄ سراپا سنڌ بڻجي چُڪو آهي. ڇو ته امداد نه رُڳو
پنهنجي محڪوم، مجبور، ڏُتڙيل، بيوس ۽ مظلوم قوم جو ترجمان آهي، پر سنڌ جو ترجمان آهي.
جيئن سج، سچ آهي، تيئن سنڌ سچ آهي، امداد حسيني جي شاعريءَ اهڙي سُندر سچائي جي خوبصورت
شڪل ۽ انوکو آواز آهي. اهڙو آواز جيڪو لفظن جي ذريعي گونجي رهيو آهي:
”آئون
سپنو ئي سهي، سج ته سپنو ناهي،
آئون ڪُوڙو ئي سهي، سنڌ ته ڪوڙي ناهي.“
مايوسي واري موجوده دؤر ۾ امداد حسيني، سچ، سُونهن،
اُميد، آشا ۽ آٿت جو هڪ مضبوط ۽ روشن مينار آهي. امداد جاڳائي رهيو آهي. آواز لڳائي
رهيو آهي ۽ اسان کي به آواز لڳائڻ جي لاءِ چئي رهيو آهي. امداد، پاڻ به ڪُڇي رهيو آهي
۽ اسان کي به ڪُڇڻ لاءِ چئي رهيو آهي:
”پوءِ
هي چنڊ چڙهي يا نه چڙهي،
سمنڊ ۾ لهر لُڇي يا نه لُڇي،
اچ ته آواز لڳايون گڏجي،
پوءِ سُڀاڻي ڪو ڪُڇي يا نه ڪُڇي!“
موجوده وقت ۾ امداد جو شمار، سنڌ ۽ پاڪستان جي سڀ کان
وڏي شاعر طور ٿئي ٿو. ڏٺو وڃي ته هِن وقت ايشيا ۾ ٻه وڏا شاعر آهن. هند ۾ گلزار ۽ سنڌ
۾ امداد حسيني. اِها سنڌ جي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خوش قسمتي آهي جو اُن ۾ نارائڻ شيام،
شيخ اياز ۽ امداد حسيني جهڙا وڏا شاعر پيدا ٿيا آهن. مان انهن ٽنهي شاعرن کي جديد سنڌي
شاعريءَ جي ٽمورتي سڏيندو آهيان. سچ اياز جهڙي سينئر همعصر وڏي شاعر جي موجودگي ۾ ان
جي اثر کان بچندي، امداد حسيني پنهنجي هڪ نئين واٽ ٺاهي ۽ انهيءَ واٽ تي هلڻ لڳو ۽
اڄ تائين هلندو رهي ٿو. امداد حسيني سنڌي شاعريءَ کي نئين واٽ، نئون رُخ، نوان لاڙا
۽ رُجحان ڏنا. امداد حسيني، شيخ اياز وانگي سنڌي شاعريءَ کي نيون سمتون ڏنيون. نئون
رنگ، نئين شڪل، نئون شعور تاريخي ۽ بين الاقوامي شعور، نئون آواز، نئين جدت، نئين آفاقيت،
نئين ليءِ، نئون رڌم ۽ نوان سُر ڏنا آهن.
امداد پنهنجي نظم: ”هيمنگوي جي ياد ۾!“ ۾ چئي ٿو ته:
”زندگي
آهه ڄڻ ته ڪا توڦاڪ،
جنهن جي ڍڍريءَ ۾ ڪارتوس ڀريل،
پنهنجي آڱر ئي آ ٽرئگر تي،
سا به چوويهه ئي ڪلاڪ ڌريل،
پاڻ ئي آهيون نشاني تي،
بس ڇُٽي ڄاڻ ڪنهن بهاني تي.“
هيمنگوي جنهن خودڪشي ڪئي هئي. انهي جي ياد ۾ لکيل انهيءَ
نظم ۾ شامل مواد، اسان جي حيات جو عڪس ۽ اولڙو آهي. سنڌ جي ڏتڙيل، محڪوم، مجبور، غربت
۾ پيڙجندڙ ۽ خودڪشي ڪندڙ نسل جي حيات جو آئينو آهي. موجوده دؤر ۾ موت جي مُنهن ۾ آيل
نسل جي حيات تي انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪو ئي فنڪار، اهڙو چٽي سگهي ٿو ڇا!؟
امداد حسيني، جڏهن حيات کي ”گئس چئمبر“ لکي ٿو، تڏهن
”گئس چئمبر“ جو لفظ ٻُڌندي اسان جا لونءَ ڪانڊارجي وڃن ٿا ۽ هٽلر جا يهودين تي ڪيل
ظلم ياد اچي وڃن ٿا ۽ ”گئس چئمبر“ پڙهي، اسان جي تصور ۾، اکين جي آڏو ”هزارين يهودي“
ساهه ٻُوساٽجڻ ڪري، گئس چئمبر ۾ تڙپندي ۽ مرندي نظر اچن ٿا. امداد حسيني، حيات کي گئس
چئمبر ڪوٺي، موجوده وقت جي هٽلرن ڏانهن اشارو ڪري ٿو:
”حيات
آهي يا گئس چئمبر،
بٽڻ دٻائڻ جي دير آهي.
رڳن اندر پيٽرول جو وهڪرو،
رُڳو لائيٽر جلائڻ جي دير آهي.
هڏن اندر مِک ناهه باروت آهه،
تيلي رُڳو دُکائڻ جي دير آهي.
۽ سيني
۾ دل جي هنڌ ٽائيم
بم رکيل،
ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ ٽِڪ،
انهيءَ صدا کان سواءِ سڀ آواز
بئنڪ اسٽرانگ روم ۾ گُم
نشان يو اين او جو ڳيرو نه آهه
ڳِجهه آهه
نظريا آدرش،
سمورا ئي ڍُونڍ آهن!“
”حيات
کي گئس چئمبر“ چوڻ، ”رڳن ۾ رت جي بدران پيٽرول جو وهڪرو“، ”هڏن اندر مِک جي جاءِ تي
بارود“ جو هُجڻ ۽ سيني ۾ دل جي جاءِ تي ٽائيم بم رکيل“ هئڻ ۽ دل جي هر ڌڙڪن کي ”ٽائيم
بم جي ٽِڪ ٽِڪ“ چوڻ ۽ ”سمورا آواز بئنڪ اسٽرانگ ۾ گُم“. اهڙي حالت ۾ اهڙي ماحول ۾ جڏهن
يو اين او پنهنجو گهُربل ڪردار ادا نه پئي ڪري، تڏهن اُن بابت اُهو چوڻ ته: ”يو اين
او جو نشان ڳيرو ناهي، ڳِجهه آهي.“ جڏهن يو اين او دنيا ۾ امن قائم نه ڪرائي سگهي
۽ ڳجهه بڻيل هُجي. بارود ۽ بم ڌماڪن ۾ دنيا ورتل هجي. بُک، ڏُر، بيوسي، افراتفري، وِک
وِک تي قتل و غارت، قدم قدم تي بم ڌماڪا ۽ کائڻ لاءِ ماني جي بجاءِ ”گولي“ هُجي! تڏهن
ائين چئبو آهي ته: ”نظريا، آدرش، سمورا ئي ڍُونڍ آهن!“
جڏهن سموري دنيا اهڙين حالتن ۾ گهيريل هُجي. جڏهن سنڌ
اهڙين مصيبتن ۾ ورتل هُجي. جڏهن سنڌ جي ماڻهن جي حيات ”گئس چئمبر“ جهڙي هُجي ۽ سنڌ
جي ماڻهن جي رڳن ۾ رت بدران ”پيٽرول جو وهڪرو“ هُجي ۽ سيني ۾ دل جي جاءِ تي ٽائيم بم
رکيل هُجي. اهڙين حالتن کي اهڙي نموني اڪيلو امداد حسيني ئي پيش ڪري سگهي ٿو. جڏهن
سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو اهڙين اذيت ناڪ حالتن ۾ هُجن، تڏهن سنڌ جا قلمڪار، سنڌ جا فنڪار
جيڪڏهن اکيون ٻُوٽي ڇڏن ۽ رُڳو حُسن ۽ عشق تي ئي لکي رهيا هُجن، تڏهن امداد حسيني کي
پنهنجي دؤر جا قلمڪارن ۽ فنڪارن سان اِها ئي هڪڙي شڪايت به آهي ته تنقيد به، تنبيهه
به ۽ هڪڙي وڏي شاعر جي نصيحت به:
”جام
جام ۾ ڀرجي ڀرجي زهر ملي پيو زهر،
طاق طاقت تي ڏيئي ڏيئي ۾ خُون ٻري پيو خُون!
شهر شهر ۾، نگر نگر ۾ پوءِ به هر فنڪار،
حسن عشق جو صفحي صفحي تي لکي پيو مضمون!“
”چنڊ
جنڊ، رات دانگي ۽ سُورج- لولو“ جهڙا استعارا نج امداد جا آهن. امداد حسيني جي سڄي شاعريءَ
اهڙن نون استعارن، نين تشبيهن ۽ نون لفظن سان ڀري پئي آهي. ”سُورج- لولو“ جهڙو استعارو
ته آس ۽ اُميد سان گڏ آٿت به آهي. امداد حسيني، آس، اُميد ۽ روشن آئيندي جو ساکي شاعر
آهي. انهيءَ ڪري هُن ڪڏهن به پنهنجي قوم کي مايوس ٿيڻ ناهي ڏنو. هُن سدائين سنڌ، سچ،
سونهن، عشق، آس، اُميد ۽ آشا جي ڳالهه ڪئي آهي. ”سورج- لولو“ جهڙو استعارو روشن آئيندي
جي علامت ئي ته آهي ۽ اهو ڪيتري قدر نه اَڇوتو ۽ هر دؤر ۾ نئون لڳندڙ استعارو آهي!
رات بيگاهه سهي،
انڌ اونداهه سهي،
امداد حسيني جي شاعري، امداد جي زندگيءَ ۾ ئي ”ڪلاس“
جو درجو ماڻي چُڪي آهي. امداد جون اڄ کان پنجاهه سال اڳ واريون لکيل شيون، اڄ به ساڳي
نموني نيون نڪور ۽ ائين خوبصورت آهن ڄڻ اڄ لکيون ويون آهن. امداد جا غزل:
”عيد
جو چنڊ ته ناهيان جو نهارين مون کي.“
”اسان
روئي روئي کِلايو ٿي جن کي.“
تائين ڪيترا مثال لکي لکان، امداد جي ته سڄي شاعري
”جدت ۽ ڪلاسڪ“ جو اعليٰ نمونو آهي. ”حملو“ نظم ته هڪڙي شهر جي لاش تي لکيل مرثيو آهي،
جنهن کي الياس عشقي، سنڌي ٻولي جو پهريون ۽ آخري ”جديد نظم“ سڏيو آهي.
اِهو نظم، هر دور جو ”جديد نظم“ آهي، جيڪو پنهنجي انوکي
جدت سبب ”ڪلاسڪ“ جو درجو ماڻي چُڪو آهي. نظم شهر جي موت تي ۽ اُن جي نڌڻڪائي ۽ لاوارثي
تي لکيو ويو آهي. اِهو نظم ”تجسم“ جو سڀ کان اعليٰ نمونو آهي. ”تجسم“ کي اهڙي نموني
شايد ئي ڪو استعمال ڪري سگهيو هوندو. نظم ”حملو“ کان علاوه امداد جو نظم ”شهر“، ”شهرِ
آشوب“ جو جديد نمونو آهي، جيڪو حيدرآباد جي ماضي ۽ حال تي لکيل آهي. انهيءَ نظم جي
ورجاءُ واري سِٽ:
”هي منهنجو
شهر آهه يا دشمن جو شهر آهه.“
هڪ حيرت به آهي، بيوسي به آهي. اِها سِٽ ناهي، درد
جي سٽ آهي. هڪ ڦَٽ آهي جيڪو ڪُرندو رهي ٿو ۽ ان جي تڪليف اسين ڀوڳيون پيا.
امداد حسيني، زندگيءَ جو شاعر آهي. زندگيءَ جي رنگن
۽ روشنين جو شاعر آهي. امداد زندگيءَ جي معنيٰ خيزيءَ ۽ ابديت جو شاعر آهي.
”رات
کي ڏينهن ڪرڻ،
ڏينهن کي شام ڪرڻ،
شام کي رات ڪرڻ،
جيڪڏهن صرف اِها ئي آهي،
زندگي پوءِ ته اَجائي آهي.“
No comments:
Post a Comment