25/01/2016

سعيد ميمڻ جو ڪتاب ”آنءُ لهر سمونڊ جي“ اسير امتياز (Aseer Imtiaz)

سعيد ميمڻ جو ڪتاب ”آنءُ لهر سمونڊ جي“
اسير امتياز
منهنجي ڪمري جي ڪٻٽ ۾ ڪيئي اهڙا ڪتاب رکيل آهن، جنهن کي مون بار بار پڙهيو آهي ۽ انهن سان گڏ ڪجھ اهڙا بہ ڪتاب رکيل آهن، جنهن کي اڃا تائين مون کوليو بہ ڪونهي، اُھا سُستي چوان يا بدذوقي، پر الائي ڇو اُهي ڪتاب بنا پڙهڻ ۽ پرکڻ جي اڄ تائين منهنجي مطالعي جي انتظار ۾ رهن ٿا.
شاعر جو پنهنجو موڊ هجي ٿو، هُو پنهنجي موڊ تحت سوچي ٿو ۽ پنهنجي ئي موڊ تحت لکي بہ ٿو تہ پڙهي بہ ٿو.
ڪڏهن ڪڏهن من جي بيقراري دور ڪرڻ لا ڪتابن ۾ پناھ وٺبي آهي تہ ڪڏهن وري ڪتابن کان پري بہ رهڻو پوي ٿو. اها هڪ ڪيفيت هوندي آهي.جنهن ۾ شاعر هر وقت گم رهندو آهي.
منهنجي تنهائي مون کي هر وقت ڪتابن سان ملايو آهي ۽ ڪتابن وري سٺن خيالن سان روشناس پئي ڪرايو آهي.

سنڌ جي سهڻي شاعر سعيد ميمڻ کي پڙهڻ جو الائي سارو شوق ڪافي وقت کان رهندو آيو آهي. سندس تخليق جي ڳٽن کي اکين جي چُمين تڏهن ڇُهيو جڏهن سعيد سومري طرفان سعيد ميمڻ جو ڪتاب” آئون لهر سمونڊ جي“ پڙهڻ لئہ مليو. مون ان کان اڳ سعيد ميمڻ کي ڪڏهن ناهي پڙهيو، ائين ڪڏهن ڪنهن جي واتان سندس ڪو شعر ٻُڌو،ڪنهن اخبار رسالي ۾ پڙهيو تہ پڙهيو نہ تہ بس. سعيد ميمڻ جي هن دوهن جي ڪتاب کي مون بار بار پڙهيو آهي. تقريبن هن ڪتاب ۾ سعيد جا لڳ ڀڳ ست سئو دوها شامل آهن.
سعيد ميمڻ جا نواڻ جا متلاشي تجربا پڙهڻ وٽان آهن. هن جا ٻيا بہ ڪتاب شايع ٿيل آهن جنهن ۾ ”ڪاري بر ۾ چنڊ“، ”نيڻ سفر ۾“، ” درد جون آيتون“، ”خواب چارا“، ”اسان جو عشق اڻپورو“، ”دل دنبورو“ ۽ هاڻ طويل غزل جو ڪتاب ”ازل جو آڏاڻو“ پڻ ڇپيو آهي، جنهن کي پڙهڻ چاهيان ٿو ۽ ضرور پڙهندس.سعيد ميمڻ کي انهي سموري تخليق ڪيل ادبي مايا تي پڙهندڙن وٽان ڀرپور موٽ بہ ملي آهي.
مون کي سعيد ميمڻ جو ڪنهن جي واتان ٻڌل هي شعر ڏاڍو وڻندو آهي. خبر ناهي تہ سعيد جي ڪهڙي ڪتاب ۾ شامل آهي.
ننگ غربت جا نيلام ٿيندا رهيا،
واڪ ڏيندي ۽ وٺندي اميري رهي.
سعيد ميمڻ هاڻوڪي ٽهي جو سرموڙ شاعر آهي. هن جي اندر رنگين طوالت رقص ڪندي نظر اچي ٿي.
سندس هي ڪتاب انهي طوالت جي گواهي بہ آهي جنهن ۾ خوبصورت تجرباتي شعرن جو حُسن ملي ٿو. اڪثر ڪري طويل تجربا ورجاءَ جي ور چڙهي ويندا آهن پر سعيد ميمڻ ڪٿي بہ انهي ورجاءَ جو شڪار اڃا تائين ناهي ٿيو. سعيد ميمڻ جي دوهن متعلق هن ڪتاب جي مهاڳ ۾ تفصيل سان علي زاهد ڳالهايو آهي. دوهو پنهنجي پوري حُسناڪي سان سعيد وٽ ترسيل آهي ۽ سعيد بہ پوري سچائي سان ان سان نڀاءَ ڪيو آهي.
شاعري جي حُسناڪي شاعر جي فني تجربن مان پرکي سگهجي ٿي. شاعري جو ڪمال رڳو لفظن ۾ ترنم پيدا ڪرڻ ناهي پر شاعري جو وڏو ڪمال تشبيھ کان ويندي خيال تائين. منظرنگاري کان ويندي فني سٽاءَ تائين لفظن ۾ تاثير ڀرڻ ئي آهي. سعيد ميمڻ جي لفظن جو تاثير وڻندڙ آهي. شاعر اڪثر ڪري شاعري سان زبردستي بہ ڪندا رهن ٿا، جڏهن انهن جي تخليق کي پڙهجي ٿو تہ اُها زوري ڪيل شاعري پاڻ ئي پنهنجي وارتا بيان ڪندي نظر اچي ٿي. سعيد ميمڻ راضپي سان لفظن سان رهاڻيون ڪيون آهن.
هينئڙو ڄڻ تہ حڪيم آ، ڦڪين وانگر فن،
زخم ڇُٽايون ٿا پيا، مان ۽ منهنجو منُ.
شاعراڻي ترنم سان جنجهيل سعيد ميمڻ جا دوها نئين تاريخ جو اولڙو محسوس ٿين ٿا. فني اعتبار تي پورا لهندڙ سعيد ميمڻ جا دوها هڪ نئين انداز جو آواز کڻي نمودار ٿيا آهن. سعيد ميمڻ جي فڪري لڳاو تي ڀرپور اعتماد ڪري سگهجي ٿو.
سعيد ميمڻ پنهنجي انداز جو منفرد ڪوي آهي. هن تقريبن سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آهي. سعيد جو غزل پنهنجي ٽهي ۾ مقبوليت ماڻي چُڪو آهي. سعيد غزل جو بهترين شاعر آهي. توڙي جو هي ڪتاب سعيد مڪمل دوهن جو سنڌي ٻولي جي جهولي ۾ وڌو آهي. پر سعيد جي سڃاڻپ غزل گو شاعر ۾ ڪري سگهجي ٿي.
شاعري محنت ۽ مڪمل رياض جو نالو آهي. سعيد اُهو رياض ڪندو رهي ٿو جيڪو هن جي شاعراڻي معيار کي اڳتي وٺي وڃي رهيو آهي.
نانءُ تہ هُن جو پيو لڪايان، هو ڪٿ ڍڪجي ٿو،
هُن جو حسن سمورو منهنجي، فن ۾ ڏسجي ٿو.
سعيد ميمڻ جي دوهي ۾ هڪڙي مڪمل وارتا بيان ٿيل آهي، جيڪا سعيد جي درد ڪهاڻي بہ چئي سگهجي ٿي، فني لحاظ کان هن جي دوهن اندر ڀرپور موسيقيت شامل آهي، جيڪا سندس تخليق جي سهڻائي مان ئي معلوم ڪري سگهجي ٿي.
اسان وٽ تمام ٿورڙن شاعرن شاعري ۾ تجربا ڪيا آهن، اُهي تجربا ڪامياب آهن الئہ نہ پر هر روز نون تجربن ۾ واڌارو ٿيندو رهي ٿو. سعيد ميمڻ بہ نواڻ جي ڳولا ۾ پنهنجي اسلوب تحت تجربا ڪيا آهن. هن جي طويل غزلُ جو ڪتاب ۽ هي دوهن جو ڪتاب انهي نواڻ جا ساکي آهن. سعيد ميمڻ جو دوهو فني حوالي سان ڪيترو پاورفل آهي، اُهو سندس ڪو ڄاڻو پاٺڪ ئي پرکي سگهي ٿو.
فڪري حوالي سان سعيد وٽ جيڪا جدت آهي، اها هر وقت تخليق جي سرواڻي ڪندي نظر اچي ٿي. سعيد ميمڻ ٻولي جي لحاظ کان بہ پختي شاعري تخليق ڪري روايتن جي دائرن ۾ قيد ٿيل محدود شعور کي ٻيڻي معني بخشي آهي.
ڪوي لکندين ڪيترو، پنن ڀربو پيٽُ،
ٻن سٽن ۾ ماجرا، جيٗ جي سڀُ سميٽ.
سعيد پنهنجي اندر جي درد کي ٻن سٽن ۾ سهڻي انداز سان پلٽي پنهنجي دل جو ڪنهن قدر بار هلڪو ڪيو آهي.
سعيد ميمڻ نہ صرف غزل ۽ دوهي جو پختو شاعر آهي پر هن نظم، پنجڪڙي ۽ وائي سان بہ واھ جو نڀاءُ ڪيو آهي.
ھڪڙو سچ اُھو بہ آهي تہ سعيد ميمڻ ٻين سمورين صنفن کان وڌيڪ غزل سان ئي ڀرپور نڀاءُ ڪيو آهي ۽ سعيد جي ڀرپور سُڃاڻپ هڪ غزل گو شاعر جي ئي آهي. سعيد ميمڻ جي هڪ غزل جو بند ڏسو، جيڪو ڪيڏو نہ خوبصورت آهي.
منهنجي عنيڪ جا شيشا نہ ديوار ها،
تو اکين ۾ اچڻ ئي نہ چاهيو هُيو.
هڪڙي ميار آهي، جنهن کي وائکو ڪندي سعيد ڪهڙي نہ سُندرتائي سان لفظن ۾ استعمال ڪري شاعراڻي حُسن کي عظيم منظرنگاري عطا ڪئي آهي.
سعيد ميمڻ هيل تائين سنڌي ادب کي اٺ ڪتاب ڏنا آهن، سنڌي ادب جي صحرا ۾ سعيد ميمڻ جي تخليق خوشبودار گُل جيان محسوس ٿئي ٿي. سعيد ميمڻ وٽ ادبي ارداڪ پنهنجو آهي، هُو شعرن جي نغمگي ۾ ڪيئي ڪائناتون اڏيندي نظر اچي ٿو.
شهر ڳُتيل کان ويڪري، وستي بهتر آھ،
جت هر شخص کڻي سگهي، آزادي سان ساھ.
سعيد ميمڻ جي اظهار جي نرمائي ٿڌي ڇانو جيان ڀاسجي ٿي. شاعري جي سمورين حسين نظارن مان هڪڙو دلفريب نظارو حُسن ئي آهي، جيڪو شاعري سان رلجي ملجي وڃڻ کان پو پنهنجي خوبصورتي جدا متعارف ڪرائيندو آهي، اُهو ئي خوبصورت نظارو سعيد ميمڻ جي شعوري سفر جو بهترين سڏ آهي، جنهن کي پنهنجي انوکي معني بہ آهي تہ ان ۾ سمايل سُرهاڻ بہ آهي.پر ڪاش… اُها سُرهاڻ ڪوئي محسوس بہ ڪري سگهي. سعيد ميمڻ ڏکن سکن جي ساٿين کي بہ نہ ٿو وساري،پر سنسار جي دوکيبازي کان هڪڙو سُريلو ساٿي ڳولي لهي ٿو، جيڪو هڪ شاعر جي ڪيفيت کي سمجهي سگهي ٿو.
ڪاٿي ڪُل سنسار ٿو، ساٿي سعيد ٿئي،
ڪافي آ هڪ دوست جو، ڏک ۾ ساٿ ڏئي.
سعيد جتي خوشحالي جي ڳالھ ڪري ٿو اتي امن ۽ آشتي جي بہ ڳالھ ڪري ٿو، مذهب جي مالڪن تي هلڪي چٿر ڪندي، پنهنجي انداز مطابق سعيد انهن کان پکين جي آرامي جو سبب بہ پُڇي ٿو تہ انهن کي بي دين بہ ڪوٺي ٿو.
مُلان شايد ٿي ويا، ڪافر ۽ بي دين،
مسجد جي مينار تي، ڪبوتر هن ڪين.
سعيد ميمڻ دوهي ۾ نئون رنگ ڀرڻ جي بہ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. انهي ڪوشش کي ڪيترو ڪامياب قرار ڏجي ٿو اُهو وقت تي ڇڏجي ٿو.
ڪوئي شوق عروج ۽ رسائي ڪمال،
ڪوئي شوق ڇڏي ڀڃي، رسائي پاتال.
شاعري ڪوبہ شوق يا ڪاريگري ناهي، پر شاعري محنت جو ثمر آهي، سعيد ميمڻ مسلسل شاعري سان عشق جي حد تائين رشتو نڀائيندو اچي ٿو، جيڪو هن جي ذوق جو بهترين پهلو چئي سگهجي ٿو.سعيد ميمڻ جي هن ڪتاب جا دوها پنهنجي بيهڪ ۾ سهڻا تہ نظر اچن ٿا، پر اُهي سنڌي ادب جي ميدان ۾ ڪيتري سهڻائي قبولائن ٿا اهو ئي هن ڪتاب جو حقيقي ملھ هوندو، جيڪو هڪ شاعر جي لازوال محنت تي هڪ شاعر کي ضرور ملڻ کپي. سعيد ميمڻ جو اثاثو شال سنڌي ادب کي مالامال ڪندو رهي ۽ سنڌي ادب پڻ سعيد ميمڻ جي محنت تي کيس مڪمل مڃتا ڏئي سگهي.
سعيد ميمڻ جي شاعري پنهنجي ٽهي جي سمورن شاعرن کان جدا شاعراڻو اميج رکي ٿي، سنڌي شاعري جي هن فقير شاعر کي خبر ناهي ڪيترو داد هيل تائين شاعري متعلق مليو هوندو، پر هن درويش شاعر کي راتين جي اوجاڳن کان ويندي،شاعري جي حاصلات تائين دردن ڪنگال ڪري ڇڏيو آهي، سعيد ميمڻ جي اُها ڪنگالي سندس ئي تخليق جي اميري ۾ جرڪندي نظر اچي ٿي.ان هوندي بہ سعيد وٽ پنهنجا منظر، پنهنجو ڊڪشن ۽ پنهنجي نواڻ آهي جيڪا سندس ئي ڏات اندر سموري ڪائنات کي ٻن سٽن ۾ سمائي هن جي محبوباڻي رمز کي ڇُهي وٺي ٿي.
آئون مڃيندو آهيان، سعيد اُتم سا ڏات،
جيڪا ٻن سٽن اندر، سانڍي ڪائنات.
هي دوهو آخري پد تي شايد پورو ناهي، ان طرف شاعر کي ڌيان ڏيڻو پوندو.
جيون جي هر موڙ تي بيٺو هوندس مان،
رابيلن جا گل جهلي، تولئہ او جانان.
سعيد ميمڻ جي هن ڪتاب جي دوهن تي هڪ نقاد جي حيثيت سان گهري مطالعي ڪرڻ پوءِ جيڪڏهن ويهي انهن دوهن جي وارن مان جئون ڳولجن تہ ڪيئي ڳولي سگهجن ٿيون. ڇو تہ دوهي اندر ڪٿي ڪٿي سعيد ڇند کي رهڙيو آهي، سعيد ميمڻ سنڌي ٻولي جو بهترين شاعر آهي، تنهن هوندي بہ هن وٽ ڪي ڪمزوريون ترسيل آهن، اهو ضروري بہ ناهي تہ ڪو شاعر مڪمل فني ۽ فڪري طور تي شاعري ۾ فٽ رهي ۽ ڀرپور پرفامس ڪري سگهي.
سعيد ميمڻ جي هن ڪتاب ۾ ڪي دوها ٻہ ٻہ دفعا استعمال بہ ٿيل آهن.
وارن منجھ سفيدي آئي، عمر گهٽائي ديد،
آئون اڳي وانگر ئي آهيان، سادو سُودو سعيد.
سعيد ميمڻ وٽ جا بہ فڪري سادگي آهي، اها پنهنجي انفراديت ۾ معني خيز لڳي ٿي، سعيد وٽ نہ ظاهري ٺاھ آهي ۽ نہ وري تخليق اندر ڪا ٽرڙپائي اٿس. ھُو جهڙي تهڙي حال ۾ بہ عاليشان ارادن جو امين آهي.سعيد ميمڻ وٽ رومانس،غربت،بيوسي،فقيري ۽ پنهنجائپ جا موضوع آهن، هُو انهن موضوئن سان ڀوڳنائن جي باوجود بہ نڀائيندو اچي ٿو.
ڇڏ هي اجايو مسڪڻ هاڻي، پنهنجا ڳلڙا اُگھ،
کل تہ نهاريان خوش ٿي جانان، تنهنجي ڳل جو چُگھ.
سعيد ميمڻ جي شاعري اندر ڪي ظاهري معنائون آهن تہ ڪي ڳُجهون معنائون بہ اٿس. اهو ڪمال ئي آهي، اهو ڪمال سعيد جي شعرن ۾ جابجا نظر اچي ٿو.
سيارو موٽيو سانورا، تون ڀي هاڻي ور،
توري ساڙي چاندني، کائي ٿو ڄڻ گهر.
چاندني جو ساڙڻ هڪ علامتي استعارو آهي، اهڙا ڪيئي استعارا، تمثيلون سعيد جي تخليق اندر موجود آهن، اُهو گڻ هڪ سُٺي شاعر جي نشاني هوندو آهي.
هر منظر معني ڀريو، جڳ ۾ پاتو ديد،
ڪارا لفظ ڪتاب جا، سڀ ڪجھ ناهن سعيد.

لازمي اهو بہ ناهي تہ سڀ ڪجھ درست هجي، هڪ بهترين شاعر جي تخليق ۾ بہ ڪي ڪچايون ڦڪايون ٿي سگهن ٿيون. پر اهو اعتماد سان چئي سگهجي ٿو تہ سعيد ميمڻ وٽ اُهي ڪچايون ناهن جيڪي اڪثر شاعرن جي ڪتابن ۾ نظر اچن ٿيون. شال سعيد ميمڻ هر نئين ڏينهن هر اُھو نئون تجربو ڪندو رهي، ۽ ان ۾ ڪامياب ٿيندو رهي، سعيد جي هن محنت تي سعيد کي دلي داد ڏجي ٿو، پر سعيد جي منزل اڃا اڳتي آهي، اتي ئي رُڪجي رهڻ نامناسب هوندو، اسان کي ۽ سنڌي ادب کي سعيد ميمڻ جي شاهڪار تخليقن جي ضرورت آهي.

No comments:

Post a Comment