”مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ جو مختصر جائزو
غوث پيرزادو
”مينهن ڪڻيءَ جو سڏ“ سنڌي ٻوليءَ جي خوبصورت شاعر سعيد سومري جي
شعري مجموعي جو نالو آهي، جيڪو ڏٺو وڃي ته تخليقي حوالي سان سندس چوٿو ن ڪتاب آهي.
هن مجموعي کان پهرين هو ”سرءُ جي اداس سانجهه“ جي نالي سان (2000ع) ۾ غزلن جو مجموعو پڙهندڙن
کي پيش ڪري چڪو آهي، جڏهن ته سندس ٻيو شعري مجموعو ”درد جي باک“ (2001) ۾ ڇپيو ۽ وري 2006ع ۾ هن ”دعا مان ڪريل لفظ“ جي نالي سان شاعراڻي نثر جو
هڪ ٻيو ڪتاب پڻ مارڪيٽ ۾ آندو.
سعيد جي اکين ۾ ڪجهه اهڙن چنچل
خوابن جو جنم ورتو آهي ته هو کيس ڪٿي ٿا سمهڻ ڏين. هو مسلسل جنگ جي ميدان تي ڪنهن
اڻموٽ ۽ اڙٻنگ جيان للڪاريندو رهيو آهي ۽ لڳاتار پنهنجي ڀرپور موجودگيءَ جو احساس
به ڏياريندو رهيو آهي. هن جي پيڙا جو سفر تخليق جي صورت ۾ جاري ۽ ساري رهندو پئي
آيو آهي. جستجوءَ جي چڻنگ سندس من ۾ ڀنڀٽ ڀڙڪائيندي رهي آهي. ڳڀوريو ئي مس ته وڃي
احساسن جي آويءَ جي ور چڙهيو. اها جستجوءَ جي چڻنگ ئي آهي جيڪا جڏهن ڪنهن من تي
واسو ڪندي آهي ته پوءِ من ڪڏهن به ان تي قناعت نه ڪندو آهي ته بس هاڻي گهڻو ٿيو يا
هاڻي اهو سڀ ڪجهه ٿي ويو جيڪو مون چاهيو پئي، ائين نه هجي ها ته شايد ڀٽائي سائين
به ائين نه چئي ها ته: ”جان جان هئي جيئري ورچي نه ويٺي“. تڏهن ئي ته شايد هن
نشيلي نوجوان تخليقڪار پنهنجي هن تخليقي سفر کي تيزيءَ سان جاري رکندي 2007 ۽ 2009
۾ اسان کي ڪهاڻين جا ٻه مجموعا ”کير ٿر تان اڏار“ ۽ ”کير ٿر تي صبح“ سهيڙي ڏنا. سندس ڪيترائي ڪتاب اڃا تياريءَ جي مرحلن مان به
گذري رهيا آهن. سهيڙيل ڪهاڻين جي ڪتابن جا نالا به هن پنهنجي ثقافتي حسن جي ادارڪ
جو ثبوت ڏيندي تجويز ڪيا آهن. ڪنهن تخليقڪار جو اهو پڻ معراج هوندو آهي جو هو
پنهنجي ثقافتي قدرن سان به هڪ محبوب جيان پيار ڪندو آهي.
سڳداسي چانورن جي سرهاڻ
پکيڙيندڙ لاڙڪاڻو، جنهن سنڌ کي شاعر واجد ڏنو، سعيد ميمڻ، غلام نبي گل، رضا،
محمدعلي پٺاڻ، رضابخاريءَ ۽ ٻيا ڪيترا جهلملائيندڙ ڏيئا جهول ۾ وڌا آهن پر مون کي
لاڙڪاڻي جي سمورن شاعرن ۾ هڪ عجيب قسم جي انفراديت نظر اچي ٿي، هنن جي شاعريءَ ۾
جماليات جو رنگ انوکي نموني جو نظر اچي ٿو، سندن شاعريءَ جي جماليات مون کي ڪڏهن
به هٿ جي ٺاهيل نه لڳي آهي، هنن هروڀرو به اهڙا لفظ، محاورا يا لهجا پنهنجي
شاعريءَ ۾ ڪتب نه آندا آهن جيڪي سندن ذات سان ٺهڪندڙ نه هجن، هنن شاعريءَ جي اڳواٽ
طئي ٿيل فارميٽس کان هٽي ڪري پنهنجي جذبن جو خوبصورت اظهار ڪيو آهي. هنن جي
شاعريءَ ۾ معصوميت، نماڻائي، حسن، فن، ٻولي ۽ منظر جيئن جو تيئن موجود آهن پر انهن
جي مٿان هنن ڪڏهن به مصنوعيت جو خول نه چاڙهيو آهي. سعيد سومري جي مينهن ڪڻيءَ جو
سڏ پڙهندي 47 هين پني تي مون کي هڪ آسمان کي ڇهندڙ بند نظر آيو:
”منهنجي
مٺيءَ جو واس ورائي
تنهنجي
ڳل جو رنگ ڇهي ٿو“
ڪوبه پڙهندڙ جڏهن مٿيون بند
پڙهندو ته دنگ رهجي ويندو، سعيد جهڙيءَ ريت هن بند ۾ رومانوي اظهار ڪيو آهي سو سچ
به سندس شاعراڻي اظهار جو اعليٰ نمونو آهي. جيئن اسان سڀ ان تي متفق آهيون ته اسان
جي ڪلاسڪيل شاعري اسان جو عظيم ورثو آهي، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کان ويندي حمل فقير
۽ ٻڍل فقير تائين اسان جا ڪلاسيڪل شاعريءَ جا امين آهن جن ۾ هو چئي ٿو ته چاهتون
پاڻ جستجو ٿينديون ته اهي ڀٽائيءَ جي مٿئين بيت کي سمجهڻ ۾ ڪجهه مددگار ثابت ٿيون
پر جڏهن سنڌ جي اڙٻنگ شاعر سعيد سومري جون ذڪر هيٺ آيل سٽون پڙهيم، جن ۾ هو سنڌوءَ
جيڏي رواني کڻي اچي ٿو ۽ واهڙ وهائي ٿو ڇڏي ۽ ٻن وڏن شاعرن جي وچ ۾ نمايان ٿي بيهي
رهي ٿو. ڇا؟ هن کان وڌ به ڪا جماليات ٿي سگهي ٿي، هي شاعر جيڪو تقليد نه ٿو ڪري،
پنهنجي ئي راهه جو راهي آهي تنهن جيڪو وکر سوديو آهي سو هڪ نئين دنيا جو ڏس پتو
ٻڌائي رهيو آهي پر هو محبوب جي سمورين حسناڪين کان واقف آهي ۽ اسان کي حسن جا
انڊڪيٽرس ٻڌائيندي چئي ٿو:
ڪارو
هن چپ تي تر آ
پوءِ
به اجالو نانءُ رکي ٿو
اسان عشق کان خالي ماڻهو چوندا
آهيون ته هي ڪهڙا شاعر آهن جيڪي سڊول جسم جي بدران ڳل جي ڪاري تر تان ثمرقند بخارا
ئي قربان ڪري رهيا آهن پر سعيد جي ڳالهه ته تر تي ختم ٿيڻ بدران ترکان شروع ٿئي
ٿي، جيڪڏهن ڪو ڀرپور نقاد پيدا ٿيو ته ضرور هن شعر جي اوچائيءَ کي بيان ڪندو پر
تيستائين اسان هن کي هيئن ٿا ڏسون ته محبوب جي تر سڄو ملڪ روشن ڪري ڇڏيو آهي ، هر
طرف شفافيت جهومي رهي آهي، هاڻي ان سان ڪو فرق نه ٿو پئي ته محبوب جو نالو اجالو
آهي يا نه. ڇا اهو سچ ناهي ته سعيد وٽ اظهار جي ڪائنات پنهنجي آهي؟ هن جو گس نئون
۽ نج پج آهي.
هن جي
رسڻي دل پرچائڻ
ڪير
گلن سان ڳوٺ وڃي ٿو
هن بند ۾ جيڪو لفظ رسڻي بيان
ڪيو ويو آهي سا ان ڳالهه جي گواهي آهي ته جيڪڏهن ڪو شاعر فطري آهي ته هن جي ٻولي ۾
نفاست پهريون جز آهي ۽ مٿئين بند ۾ جيڪا شاعر ڳالهه ڪئي آهي سان اسان جي دل جي
ترجمان بڻجي وئي آهي، جڏهن ڪو عاشق پنهنجي رسڻي محبوب کي پرچائڻ لاءِ وڃي ٿو ته هو
گلن کي ميڙ ڪري هن ڏانهن وڃي ٿو، جڏهن سويت سوشلسٽ بلاڪ پاڻ کي وڌيڪ سگهارو ڪرڻ
لاءِ پنهنجي ماضيءَ جي سموري ڪم جو پرسٽرائيڪا ۽ گلاسنوسٽ جي سري هيٺ تنقيدي جائزو
ورتو ۽ نئين سر پنهنجي نظرياتي جوڙ جڪ کي جانچڻ شروع ڪيو ته ڪيترن نام نهاد نظرئي
دانن جا ڍڍر ئي ڍرا ٿي ويا ۽ هنن سموري طبقاتي سسٽم جي خلاف بغاوت ڪندڙ فڪر کي
نعريبازي سڏيندي پنهنجي ذهني غربت جو مظاهرو ڪيو ۽ ان سموري ادب کي بي معنيٰ قرار
ڏئي ڇڏيو، ايتري تائين جو ادب جي ادنيٰ ڪارڪنن ۽ مطالعي کان وانجهيل دوستن ”ماءُ“ جهڙي عظيم ناول ۽ ٻين طبقاتي نظام تي چٿر ڪندڙ
ڪهاڻين ۽ شاعريءَ کي اسائنميٽ تي لکيل ادب قرار ڏنو، پر هڪ راءِ اها به آهي ته
شاعر سعيد سومري ڪنهن به نظرياتي پارٽيءَ وٽ ڪنهن به قسم جي قلمي نوڪري نه ڪئي
هوندي ۽ نه وري اسائنمينٽ تي لکيو هوندو، پر سندس شاعريءَ ۾ هن سماج جي مفلسيءَ جي
ڪيترائي اولڙا چٽا پٽا ڏسي سگهجن ٿا ۽ هن سماج جي ڪمزوريءَ کي هيٺئين نموني پيش
ڪيو آهي:
مفلس
ماڻهوءَ کي بازر ۾
عرض
به ڳورو لفظ لڳي ٿو
جيئن ته سعيد هڪ حساس فرد به
آهي ۽ هن سماج ۾ اهڙي نازڪ دل کڻي جيئندڙ شاعر جڏهن بي حس سماج سان لاڳاپي ۾ اچي
ٿو ته کيس ڪيترائي نقاب پهريل فرد ٽڪرائجن ٿا جيڪي نام نهاد وڏ ماڻهائپ جا پٽڪا
ٻڌي پيا هلندا آهن، جن جا ڏيکارڻ جا هڪڙا ۽ کائڻ جا ڏند ٻيا هوندا آهن. جن جي ڳجهن
۽ مڪروهه چهرن تان هي حساس دل رکندڙ شاعر ٻٽون لاهيندي لاهيندي هڪ پيڙا جي ور چڙهي
ويو آهي ۽ ان درد کي ڀوڳڻ سچ به وڏي ڳالهه آهي، اهو سچ به آهي، جڏهن 24 ڪلاڪ گڏ
رهندڙ ۽ مسيحا سڏجندڙ ماڻهو به ڪڏهن ڪڏهن اسان جي اڳيان اگهاڙا ٿي پوندا آهن ۽ هڪ
ڊگهي اذيت اسان جي جهول ۾ وجهيون هليا ويندا؛
چهرن
تان چهرا لاهيندي
هاڻ
ته واقعي هٿ ڏڪي ٿو
شاعر سعيد سومرو ان ڪر ي
پنهنجي همعصرن کان منفرد آهي جو هن جي پسمنظر ۾ ڀرپور ڳوٺاڻو ڪلچر موجود آهي هن جي
تجربن ۾ فطرت جو اهم ڪردار رهيو آهي، هن ته انهن منظرن کي به اظهار هيٺ آندو آهي
جيڪي منظر بظاهر ته عام لڳندا آهن پر اسان کين اورانگهي هليا ويندا آهيون، هن جي
اک جي ڪئيميرا هيٺين منظر تي وڃي بيهي رهي آهي:
وار
ڳنڌائي ٿي نم هيٺان
ڪرڻو
ڪرڻو جهات وجهي ٿو
اڪيلايون، رشتن جون لاهيون
چاڙهيون، منفاقيون ۽ ذات جي اڪيلائي اهڙا موضوع آهن، جن تان عام ماڻهو ڀلي ته چپ
چاپ گذري وڃي پر هڪ تخليقيڪار نه رڳو انهن تي بيهي رهندو آهي ۽ ڀوڳيندو آهي پر ان
منظر جو ڦوٽو ڪڍي به کڻي اسان جي سامهون رکندو آهي، انتهائي سندر شاعر امداد
سولنگيءَ پنهنجي شعري مجموعي ماٺ جي موسم ۾ چيو هو ته:
هيو
ماڻهو الائي ڪهڙو، رلياسين عمر ڀر جنهن لئه
اسان
جي ننڊ لوڙهي ويو، ڏئي ويو جاڳ جا سپنا
۽ سعيد سومرو وري چئي ٿو ته:
رشتن
جي هن رش ۾ تنها
مان
ڀوڳڻ لاءِ جيئان وو
ٿلهي ليکي کڻي ائين چئي ته
شاعر سعيد سومري جي شاعري سماج جي ڦوٽوگرافي آهي ۽ جڏهن سندس شاعريءَ کي سماجي ڦوٽوگرافي
قرار ڏجي ٿو ته ان مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته هن جي شاعري ڌرتيءَ جي سڳنڌ آهي.
No comments:
Post a Comment