12/08/2016

نثري نظم ۽ ”اٿي اور اللھ سين“ - ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ (Dr. Parveen Moosa Memon)

نثري نظم ۽ ”اٿي اور اللھ سين“
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

نثري نظم، نثر جو اهو قسم آهي، جيڪو شاعريءَ سان لاڳاپيل هوندي به نثر جو اهم حصو آهي. هن صنف جي شروعات 1897ع ۾ ٿي، نثري نظم تمام گهڻي مقبوليت سبب هاڻي ادب ۾ خاص جڳهه والاري ٿو. نثري نظم جي باري ۾ ڪجهه معلومات ڏيڻ کان اڳ اهو ڏسڻ ضروري آهي ته ”نثري نظم“ نثر جو حصو آهي يا نظم جو؟
انسائيڪلو پيڊيا ۾ نثري نظم کي هن ريت واضح ڪيو ويو آهي.
Prose poem, brief composition that may contain all the attributes of lyric poetry but that is set on a page as prose. The form was introduced into French literature by Jacques Bertrand. (In 1897)
ويبسٽرس ڊڪشنري هن نموني "Prose Poem" کي تشريح ڪيو آهي.
Prose, poem - A prose composition resembling poetry in emotional tone, use of rhythm, or metaphorical language.
مٿين وصف موجب معلوم ٿئي ٿو ته نثري نظم، شاعري ۽ نثر جو امتزاج آهي. اردو ادب ۾ هن صنف جي شروعات تي ڊاڪٽر انور لکي ٿو ته:

”اردو ادب ۾ نثري نظم کي باقاعده صنف طور متعارف ڪرائڻ جي منظم ڪوشش 1924ع جي لڳ ڀڳ ٿي. 1929ع ۾ ”نيرنگ خيال“ جي مدير حڪيم يوسف حسن، انهيءَ قسم جي نثري تحريرن کي مجموعي ”پنکهڙيا“ ۾ مرتب ڪيو آهي. انهيءَ کان پوءِ ڊاڪٽر وحيد قريشي، وزير آغا، رياض مجيد، شمس الرحمان فاروقي ۽ ڊاڪٽر گوپي چند نارنگ هن قسم جي نثر جي مدلل نموني سان وڪالت ڪئي.
ڊاڪٽر انور سديد موجب ته، ”نثري نظم جي صنف ۾ بحر، وزن ۽ قافيي کان آزادي ملي ٿي وڃي ۽ تاثر جي گهڻي اهميت آهي ۽ انهيءَ ڪري ئي نون لکندڙن هن صنف کي وڌيڪ قبول ڪيو، جن ۾ فاطمه حسن، اصغر نديم سيد، شائسته، ڪشور ناهيد ۽ ٻيا شامل آهن.“
سنڌي ادب ۾ نثري نظم جي حوالي سان پرک ڪجي ٿي ته معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي نثر جا ابتدائي اهڃاڻ نثري نظم جي نموني تي مشتمل آهن. سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي علمي مايي ڏي ڏسنداسين ته مخدوم ابوالحسن جي سنڌي ۽ مخدوم جعفر بوبڪائي ۽ ٻين جي تصنيفات جا جيڪي جملا نثر جو حصو شمار ڪيا ٿا وڃن، سي نثراڻي نظم تي مشتمل آهن. جيئن: ”ڀلا پير پٺا، هڪ مئا ٻيا ٺٽا“ يا ”ڏڏو ڪجي ڏيڪر ڪجي، هو نه ڀڄي ته پاڻ ڀڄجي“ وغيره. اڳيان هلي سڌريل نموني هن صنف ۾ ترقي ٿي ۽ جديد نثري نظم جو وجود عمل ۾ آيو. جديد نثري نظم سنڌيءَ ۾ ورهاڱي کان اڳ ملي ٿو. جڏهن کان ادب ۾ ترجمي جي فن جو زور وڌيو ۽ ڏيهي ۽ پرڏيهي ٻولين جا ترجما سنڌي ٻوليءَ ۾ عام ٿيڻ لڳا، تڏهن کان گهڻيون نيون صنفون نظم ۽ نثر جو حصو ٿيون. انهيءَ حوالي سان هيءَ صنف جنهن جي ڪا واضح صورت سامهون نه هئي سا باقاعده طور اڀري سامهون آئي.
”نثراڻو نظم“ ادب ۾ اهميت رکندي، پوريءَ دنيا جي ٻولين جي ادب ۾ موجود آهي. مختصر، مائيدار، معنيٰ دار لفظن سان عام فهم ۽ آسان نموني سان خيالن جو اظهار ئي هن صنف جي اهم خوبي آهي، عام طور اسان وٽ (Prose Poem) لاءِ ”نثري نظم“ لفظ ئي رائج آهي، پر ڪٿي ڪٿي هن صنف کي ”نثراڻو نظم“ يا ”شعر نثر“ پڻ لکيو ويو آهي. هن نظم ۾ ڀلي وزن، بحر ۽ قافيي جون پابنديون نه آهن، پر ته به موضوع ۽ مواد ۾ ترتيب جي حوالي سان ڇڙواڳيءَ جي به اجازت نه آهي. هڪ مڪمل تاثر، لساني ۽ فطري آهنگ، ڀرپور بيان جي قوت، ضروري آهن، بظاهر ته هيءَ صنف آزاد نظم (Free verse) وانگر آسان لڳي ٿي، پر حقيقت ۾ ٻنهي صنفن جون ڪجهه اهم گهرجون آهن. آزاد نظم، قافيي ۽ وزن کان آزاد هوندي به رس رچاءُ ۽ فن جي پختگيءَ تي مشتمل آهي، جنهن ۾ موسيقيءَ جو عنصر پيدا به ڪري سگهجي ٿو، پر نثري نظم کي ڳائڻ ڪجهه حد تائين مشڪل امر آهي. عروضي پيرايي کان آزاد هن صنف ۾ نثري آهنگ هوندو آهي، مروج شاعريءَ وانگر مصرعن جي ڪابه ورهاست نٿي هجي.
جديد نثري نظم جي حوالي کان لالچند امر ڏنو مل جو، ”سدا گلاب“ هڪ اهم ڪاوش شمار ٿئي ٿو. انهيءَ کان علاوه ڪيترن ئي نثر نگارن ۽ شاعرن هن صنف تي طبع آزمائي ڪئي آهي، جن ۾ خاص طور نارائڻ شيام، شيخ اياز، موتي لالجوتواڻي، شيخ عبدالرزاق ”راز“، شمشير الحيدري، تنوير عباسي، امداد حسيني، موهن ڪلپنا، سرويچندر ”شاد“، سڳن آهوجا، ملڪ نديم، نعيم دريشاڻي، بشير مورياڻي، قمر شهباز، اياز گل، تاج جويو، ادل سومرو، نصير مرزا، بردو سنڌي، سحر امداد، نورالهديٰ شاهه، مريم مجيدي، نجمه ع- ق شيخ، شبنم موتي، نذير ناز، پشپا ولڀ، گوري ولڀ، شبنم گل، شگفته شاهه، فردوس مزناڻي، عطيه دائود، امر سنڌو، پارس عباسي، گلبدن جاويد مرزا، ارم محبوب، فرزانه ڪنول بلوچ، آشا ۽ ٻين عورتن هن صنف ۾ لکيو آهي. (پروفيسر تنوير جوڻيجو جي ڪتاب ”عورت سماج ۽ ڏاڍ“ ۾ صفحي 98 کان 165 تائين اديبائن ۽ شاعرائن جي نثراڻي نظم جو انتخاب ڏنل آهي، جنهن مان انهن جي پيش ڪيل فن، موضوع ۽ مواد جي ڄاڻ ملي ٿي).
مختصراً اهو چئي سگهجي ٿو ته نثراڻو نظم سنڌي ادب ۾ مڪمل طور رائج آهي ۽ ڪيترين اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿي رهيو آهي. هن صنف تي مشتمل ڪجهه ڪتاب پڻ شايع ٿيل آهن.
هتي مثال طور، شيخ اياز جي نثري نظم تي مشتمل ڪتاب ”اٿي اور الله سين“ جو جائزو پيش ڪجي ٿو.
شيخ اياز جو نالو ڪنهن تعارف جو محتاج نه آهي. سنڌي ادب جي هن مهان شاعر جون خدمتون سنڌي نثر ۾ تمام اهم آهن. اياز جي نثر جو معيار اعليٰ آهي. کين لطيف ۽ پيارن لفظن جي گهاڙيٽي جو مالڪ قلمڪار سڏيو وڃي ٿو. سندن ئي لفظن ۾ ته، ”مٿن لکڻ جي هڪ ڪيفيت جڏهن طاري ٿئي ٿي، تڏهن لفظ وٽن پاڻمرادو پوپٽن جيان يا رابيل جي گلن جيان چوڦيرا اڏامندا نظر اچن ٿا.“ جن کي پاڻ ڪمال ڪاريگريءَ سان جهٽي ۽ پوئي پيش ڪري اعليٰ فن جا شهه پارا سنڌي نثر ۽ نظم کي پيش ڪيا اٿن.
”اٿي اور الله سين“ تمام اثرائتو ۽ لفظن جي سونهن سان سجايل اعليٰ ويچارن وارو ڪتاب آهي، بلڪ منهنجي نظر ۾ ته اياز صاحب جي نثر ۽ نظم جي سڀني ڪتابن ۾ هڪ منفرد تصنيف آهي. هيءَ باقاعده آتم ڪٿا ڪونهي، نه ئي ڊائريءَ جا ورق آهن، ته به ائين لڳي ٿو ته ڄڻ ذاتي خيالن، ويچارن ۽ زندگيءَ جي تجربن جي نثر ۽ نظم ۾ آتم ڪٿا آهي. شعوري طور نثري نظم ۾ جڙيل هن ڪتاب هڪ شاعر ۽ اديب جي لاشعور کي اڳيان آندو آهي. هن پنهنجو اندر اهڙيءَ ريت اوتيو آهي جو هڪ معصوم، بي ضرر ۽ پوريءَ دنيا سان مخلص، سچو ۽ کرو اياز سامهون آيو آهي.
مهراڻ اڪيڊمي شڪارپور وارن، ”اٿي اور الله سين“، کي 1998ع ۾ شايع ڪيو. 278 صفحن جي 94 بابن ۾ منفرد انداز سان، خدا پاڪ کان دعائون گهريون ويون آهن. هر دعا جي شروعات ’يا رب!‘ سان ڪيل آهي. دُعائن جا موضوع سخاوت، رحمت ۽ بخشش ملڻ، علم ڏاهپ ۽ حڪمت عطا ٿيڻ ته ڌرتيءَ تان جنگ وجدل ختم ٿيڻ، نادانين جا اعتراف، حسد کان بچاءُ، خوف کان پناهه، امن و امان جون دعائون ۽ ٻيا موضوع شامل آهن. تاريخ جي اهم ڪردارن پيغمبرن، ولين، فاتحن، ليکڪن، اديبن، ڏاهن ۽ رهنمائن جي قولن ۽ چوڻين کي پنهنجين دعائن جو محور بڻائي پيش ڪيو ويو آهي. جن جا قول ۽ چوڻيون مثالن ۾ ڏنا ويا آهن. انهن ۾ ابن سينا، رازي، ابن رشد، رومي، سرمد، بيروني، رابعه بصري، منصور حلاج، امام رازي، شيخ بو علي سينا، ابور نصر فارابي، ارسطو، افلاطون، عمر خيام، غالب، محمد بن يحيٰ، محمد بن ذڪريا، شيخ ابوالحسن علي هجويري، خواجا حسن بصري، امير خسرو، جنيد بغدادي، امام احمد بن حنبل، امام جعفر رضه، حضرت عمر رضه، حضرت علي رضه ۽ سيدنا حسين ۽ حسن رضه جي قولن سان گڏ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن جي حديثن کي ذڪر ڪيو ويو آهي. هيٺ ڪتاب مان ڪجهه ٽڪرا ڏجن ٿا:
يا رب! امام جعفر چيو آهي ته وڏو زاهد اهو آهي ته ماڻهو (بنا ضرورت) ٻين سان ملڻ ڇڏي ڏي:

يا رب!
مون کي نظام الدين اولياءُ سان ملاءِ،
مان اهو سڪون پائي سگهان،
جو دنيا مون کان سازش ڪري کسيو آهي.

يا رب!
مون کي اهو شعور بخش
ته خود شناسي خدا شناسيءَ جو ٻيو نانءُ آهي.

يا رب!
مون ڀٽائيءَ جي بيت جهڙو ڏاهپ وارو
شعر ڪنهن به شاعر جو نه ٻڌو آهي
پريان سندي پار جي، مڙوئي مٺائي،
ڪانهي ڪڙائي، چکين جي چيت ڪري.

يا رب!
مون کي اها صلاحيت ڏي،
ته هر ڪڙائيءَ کي چيت ڪري ڏسان،

يا رب!
منهنجو روح رڳو تنهنجي محبت آهي،
مان تو ۾ زنده جاويد آهيان،
مون کي پنهنجي آغوش ۾ رک،
مون تان دستِ شفقت نه هٽاءِ،
پنهنجي موجودگيءَ کانسواءِ،
ٻيا احساس منهنجي ويجهو اچڻ نه ڏي،

يا رب!
هن ديس جو ڪوئي اوهي پهي نه آهي،
ڪوئي ڌڻي سائين نه آهي،
تون ئي ان جو واهرو ٿي،
ان کي واءُ سُجهاءِ
۽ ان جي راهه جا سڀ روڙا هٽائي ڇڏ،

يا رب!
مون کي پنهنجي اخلاق جي خيرات ڏي.
مون مان سڀ مدايون نهوڙي ڇڏ،
۽ مون ۾ هر ڪنهن جي لاءِ،
خير جي خواهش پيدا ڪر،
نه فقط مون تي ٻاجهه ڪر،
منهنجي بدخواهه تي به ٻاجهه ڪر،
هن ۾ نيڪ نيتيون ائين اڀار
جيئن ٿوهر ۾ ڳاڙها گل ڦٽي پوندا آهن.
هنن دعائن ۾ اياز صاحب انهن چوڻين ۽ قولن کي نه صرف "Quote" ڪيو آهي، بلڪ انهن سان متفق ٿي لبيڪ چئي شامل حال ٿيو آهي.
ربَ سان روبرو دعائيه ڪلام، اهڙيءَ طرح پيش ڪيل آهي، جو ڄڻ ليکڪ ڌڻيءَ سڳوري جي حضور ۾ سربسجود آهي ۽ هُو ڌڻيءَ در منٿ ٿو ڪري ته مون کي، بلهي شاهه ۽ ڀٽائيءَ جون اکيون ڏي، جيڪي تنهنجي اسرارن ۾ پيهي سگهن. مون کي امير خسرو بناءِ، مون کي گاهه جي پتي کان نهٺو بناءِ ۽ ان کي هر طوفان کان وڌيڪ مضبوط ڪر، مون کي دارا ۽ سڪندر جي قد و قامت نه گهرجي، مون کي حافظ جو ترنم ۽ خيام جي سرمستي عطا ڪر، مون کي شمس تبريزي ۽ روميءَ واري حيرت ڏي ۽ ان ۾ قلندري شان پيدا ڪر، تنهنجي ساٿ کانسواءِ منهنجي لاءِ دنيا جو هر ساٿ عارضي آهي. تون منهنجي زندگي ۽ موت، حال ۽ مستقبل آهين، مون تان پنهنجو هٿ نه هٽائي، مون کي ايتري سگهه ڏي، جڏهن مان تنهنجي پٺيان اچان ته منهنجا پير نه ٿڪجن.
انهن دُعائن جو مقصد هڪ ڪامل ۽ نيڪ انسان ٿيڻ جي تمنا آهي. ليکڪ موجب ته سڀ فخر، دنياوي نعمتون، آسائشون، ذلتون ۽ عزتون، ڪوشش ۽ ڪاميابيون ڪجهه ڪونه آهن. ڏات ۽ ڏانوَ به صرف هڪ الله جو دين آهي. انساني زندگي ته قلزم اندر قطرو آهي. زير موضوع ڪتاب تي ڊاڪٽر انور فگار لکي ٿو ته،
”شيخ اياز پنهنجي حياتيءَ جي آخري حصي جي ڪجهه سالن جي عرصي ۾ تاريخ، فطرت، ادب ۽ زندگيءَ بابت ڪجهه اهڙا ويچار پيش ڪيا آهن، جيڪي فڪري لحاظ کان غير منطقي آهن.“
”فطرت زندگي ۽ ان نسبت ويچارن ۾ تبديلي ۽ تغير هڪ فطري لقاءُ آهي ۽ ان حوالي سان اياز جي سوچ ۽ فڪر ۾ انهن تبديلين کي ڪنهن حد تائين Justify ڪري سگهجي ٿو، پر ڳالهه رڳو تبديليءَ جي جوهر جي آهي جو اها تبديلي اياز جو فڪر ۽ سوچ اڃا وڌيڪ منطقي ۽ ڳنڀير ۽ سائنسي حقيقتن سان ٺهڪندڙ آهي ته پوءِ ٺيڪ آهي نه ته ان جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي.“
هاڻي لفظ ”ڇنڊڇاڻ“ ته وڏو لفظ آهي، مون هتي ته فقط ڪتاب جو مختصر جائزو ڏنو آهي، پر منهنجي نظر ۾ انسان جي دل ۽ دماغ جي متاثر ٿيندڙ صلاحيتن تي قيد و بند ۽ آزاد هئڻ جا جواز ڳولهڻ صحيح ناهي، جڏهن ان کي فطري لقاءُ سڏيو ويو آهي ته پوءِ بحث ڇا جو؟ حياتيءَ جو پويون وقت هونئن به بيوسي، بيماري ۽ موت جو احساس کڻي ايندو آهي. تڏهن دنيا جا گهڻائي حرص ۽ خوف خود بخود ختم ٿي وڃن ٿا ۽ ڪائنات کي هلائيندڙ عظيم قوت جي هئڻ جا يقين، اڻٽر ۽ پختا ٿي سائنسي حقيقت جو روپ وٺي بيهندا آهن. شيخ اياز کي ڏيهي، پرڏيهي عملي ۽ ادبي نظرين جي به وڏي ڄاڻ هئي. کيس سندس علم، مشاهدي ۽ عمر جي تجربي ۽ آخري وقت انهيءَ فڪري تبديليءَ ڏي موڙيو آهي ۽ اها تبديلي هر عام ماڻهوءَ جي وس جي ناهي. اهڙيون تبديليون اهڙن Legend شخصيتن ۾ ئي اينديون آهن، جيڪي بظاهر ته اڇوتيون ۽ انوکيون لڳنديون آهن، پر انهن ۾ سندن ذهني ۽ قلبي قوت جو وڏو ڪمال هوندو آهي.
سندن ئي لفظن ۾ ته، ”اي ڪاش! هتان جا ترقي پسند اديب اهو سمجهي سگهن ته هن وهيءَ جي موڙ تي مون ۾ انسان جي انت ۽ ان جي اڳتي لاءِ سوچ ۽ ويچار فطري آهي.“
پنهنجي آخري وقت جي هنن دُعائن تي لکيو اٿن ته:
”هي دعائون اسلامي دنيا ۾ پهريون مثال آهن. هي دعائون نثري نظم ۾ لکيون ويون آهن. منهنجي اندر جو آواز آهن، جيڪي مان سنڌي نوجوانن اڳيان پيش ٿو ڪريان ته هو دور جديد کي نظر ۾ رکي انهن کي ويجها ٿي ڏسن.“
هيءُ ڪتاب نثري نظم ۾ پنهنجي موضوع ۽ مواد جي حوالي سان الڳ ۽ انوکو آهي، جنهن کي هن صديءَ جي هڪ وڏي شاعر لکيو آهي. هڪ شاعر ۽ اديب جي حساس قلم مان سندس شاعراڻي قوت ۽ نثري صلاحيتن سان نروار ٿيل هي تحريرون نه فقط سندس اندر جو آواز آهن، بلڪه نئين نسل جي اصلاح لاءِ رهنمائي ۽ رهبري آهن.
نثري نظم جي فن جي لحاظ کان به، هن ڪتاب کي ڪارائتو قرار ڏئي سگهجي ٿو، ان جو تاثر، آهنگ ۽ ايڪانيت مطابق هيءَ هڪ اهم تصنيف آهي.

”اُٿي اور الله سين“ کان علاوه ”پتڻ ٿو پور ڪري“، ”واٽون ڦلن ڇانيون“، ”گهاٽ مٿان گهنگهور گهٽا ۾“ شيخ اياز جا نثري نظم جا اهم مجموعا آهن. 

No comments:

Post a Comment