12/08/2016

ڪتاب ”نئون ديرو؛ دل وارن جو ديرو“ - امتياز منگي (Imtiaz Mangi)

ڪتاب نئون ديرو؛ دل وارن جو ديرو
امتياز منگي

جيڪڏهن دنيا جي نقشي کي گول ڦيرائبو ته ائين لڳندو ته ڪو جسماني تنتي سرشتو، گولائي ۾ گهمي رهيو هجي. گهڻو غور سان ڏسبو ته دنگن ۾ قيد رياستون، نيرو آسمان ۽ سمونڊ، صحرائون ۽ تڪراري يا مقبوضه علائقا، آڱرين هيٺان ڍڪجي ويندا. ڪنهن مهل ته نه نقشو سمجهه ۾ ايندو نه پري ڪيل هٿ جون ليڪون. ان نقشي ۾ اهڙي ڪا علامت يا ليجنڊ ڏيکاريل ناهي جيڪا شهر جي ڪيفيت يا قرباني ظاهر ڪندي هجي. هر شهر بس ائين ڏسڻ ۾ ايندو ڄڻ ته ڪنهن پائلٽ جي سهولت لاءِ ليڪيو ويو هجي.
نقشي ۾ ڪجهه عالمي اهميت جا شهر واضح نموني نظر ايندا. جيئن روم، ڪراچي، استنبول، پئرس، لنڊن ۽ واشنگٽن وغيره. وري دماغ ويڙهائبو ته ڪتابن کان وڌيڪ فلمن جا منظر ذهن ۾ ڦرندا.

اڪثر شهرن جي شهادت جي تشريح؟ ڪنهن عالمي جنگ ۾ جان جو قيمتي نذرانو ڏيندڙ فوجي، مذهبن جي بقاءَ لاءِ جوٽيل جنگيون جنهن ۾ ڪربلا جي قهر کان وٺي روم تائين ڦهليل جذباتي منظرناما ۽ عجائب گهرن ۾ ميدان جنگ ۾ گهوڙن هيٺان ڪريل ڌڙ کان ڌار انساني سسيون، زرهه پهريل وحشي ۽ توبن جي نالين مان نڪرندڙ دونهون، ڄڻ انسانن پچائڻ جا بٺا. جاپان جي شهرن تي ڪيرايل بمن جا بيگناه شهري. عجيب ڳالهه آهي ته نيري رنگ نقشي ۾ ڪو به اهڙو ڳاڙهو نشان ڏيکاريل ناهي جتان جي باغي حڪمرانن شهادت جو جام پيتو هجي. جيڪڏهن مان بين الاقوامي نقشه سازي جي ڪاميٽي جو ميمبر هجان ته ناگاساڪي کان وٺي نئون ديرو جهڙن شهرن لاءِ نيري گول نقشي کي خاص رنگ سان نمايان ڪيان.
نئون ديرو ئي دنيا جو اهو واحد (City of Martyrs) شهر آهي جنهن جي ڀٽو خاندان، وڌ ۾ وڌ سياسي اڳواڻن شهادت جو رتبو ماڻيو. نئون ديرو جنهن جي ماضي تي لکيل هڪ ڪتاب منهنجي هٿن ۾ آهي.
منهنجي عاشق منگي سان پهرين ملاقات سائين عبدالغفار تبسم ڪرائي، جڏهن هو ساڻس گڊو بئراج تي مشاعري لاءِ آيا هئا، جيڪو سنڌي ادبي سنگت سورهين اپريل 2016 تي منعقد ڪيو. بعد ۾ سائينءَ کان ان جا لکيل ڪتاب حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ماڻي، جيڪي بازار ۾ موجود ڪو نه هئا.
ڪتاب پڙهڻ جو موقعو ڪو نه پئي ملي جو نيچ نوڪري جان ڇڏي ته ڪنهن ڪتاب ۾ مُنهن وجهان! نيٺ ڪتاب پڙهي پورو ڪيم. جيڪڏهن ڪنهن هي ڪتاب پورو پڙهيو هوندو ۽ سمجهيو هوندو ته عاشق منگي، هي ڪتاب پنهنجي آبائي شهر نئون ديرو جي عشق ۾ ناهي لکيو بلڪ هي سندس آتم ڪٿا ۽ يادگيريون آهن جنهن جو محور نئون ديرو آهي. ان دور ۾ پنهنجي ارد گرد رهندڙ هڏ ڏوکي ڪردارن جي همدردي، منافق رويا، قدرتي آفتون، پاڙن جون اهم عمارتون، سچا کاڌا، سرڪاري منزلون ۽ محدود واقعات کي پنهنجو مرڪز بڻايو اٿائين. هن ڪٿي به اها ڪوشش نه ڪئي آهي ته پاڻ کي نمايان ڪري بيان ڪجي.
1942 کان 1973 تائين، سنڌ کي لوڙهيندڙ ٻوڏن ۾ ڪچي جي ڪجهه ماڻهن جي روايتي هٺ ڌرمي ۽ رياست پاران بچاءَ جا ناقص انتظام ۽ لاڙڪاڻي پوليس جي تُرش ڪردار ايس پي پڃل خان جون ڪارروائيون. ليکڪ عاشق، نئون ديرو جي هر ڏوه ۽ ثواب جو اکين ڏٺو شاهد آهي. چؤماسي جي مند ۾ خبرن ۾ هميشهه عاقل-آگاڻي لوپ بند کي خطري جي گهنٽي وڄائي تباه ڪارين جو نغارو وڄايو ويندو آهي. اهو بند لاڙڪاڻي ۽ نئون ديرو جي ويجهو آهي. هيءُ بند آبپاشي کاتي لاءِ سوني ڪڪڙ رهي آهي. منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن هن بند کي خطرناڪ ترين ۽ نازڪ ترين بندن جي فهرست مان ڪٽي ڇڏجي ته شايد آبپاشي کاتو بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي وڃي.
ليکڪ پاڻ کي هڪ ٻوڏ متاثر جي جڳهه تي رکي منظر نگاري ڪئي آهي. هو سنڌو جي موجن جي بي رحمي ڏسندي هڪ هنڌ لکي ٿو؛
اي سنڌو توکي ڪهڙو ڏوراپو ڏيان؟ تون ته پرين کان به پيارو آهين. تون جنون ۾ بند ٽوڙيا پر ڪجهه ته هوش ڪرين ها. تو ته ڪشتو هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. ڪکن جي ڇانءَ کسي، نيري پاند واري قيامت اسان آڏو آندي اٿئي. اسان جي عيبن کي اگهاڙو ڪيو اٿئي. ڇا چريو ٿي پيو آهين؟ سنڌي سمنڊ جي عشق ۾ اسان جون محبتون نه اجاڙ. وصال لاءِ اسان کي نه آزماءِ! نه آزماءِ!“
سياسي ڪردارن جي وڇوڙي ته ڪيترا ئي ڪتاب راتورات لکجي وڃن ٿا. چينلز تي، خاص بليٽون هلائي، پس پرده انقلابي گيت هلائي، ماحول کي سوڳوار ڪرڻ لاءِ رداليون منهن ڳاڙها ڪري ساروڻيون ٻڌائينديون پر موقعي بعد شهر تي ڪنهن گمنام چوڪ اڏائڻ کان علاوه ڪو به ڪم ناهي ٿيندو. ورسين تي ٻاهرين روڊن کان لنگهي ويندڙ ٽريفڪ ۽ لائوڊن تي تعريفي ڪلامن وارن سوزوڪين وارا قافلا ان شهر کي ڪڏهن به ڀيٽا ڪو نه ڏيندا، جتان جي مٽي اهڙا ماڻهو پئدا ڪيا. عاشق منگي جو فوڪس اهو شهر آهي، جيڪو کيس پنهنجي محبوب جهڙو لڳي ٿو. ان شهر ۾ هن کي ڪا به خامي نظر نه ٿي اچي. سموري سنگت جي لڏي وڃڻ باوجود، هو اڄ به انهن جي انتظار ۾ آهي.
سندس هن ڪتاب ۾ گهڻيون ڳالهيون مبهم آهن. ڪٿي وري سچائي جي اوچائي آهي، جيڪا چوندي چوندي رهجي ويو آهي. جنهن لاءِ سندس ڪتاب مان ورتل هن هڪ لطيفي جو سهارو ورتو آهي، جيڪو پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو.

هڪ انڌي ماڻهوءَ سان ڪنهن عورت شادي ڪئي. هڪ ڏينهن ان عورت پنهنجي نابين مڙس کي پيار مان چيو ته؛ ڪاش تو کي اکيون هجن ها ته ڏسين ها ته مان ڪيتري نه خوبصورت آهيان. نابين مڙس کيس جواب ڏنو ته نظر ته نه ٿي پوي پر ايترو ضرور سمجهي سگهان ٿو ته جيڪڏهن واَقعي تون حسين و جميل هجين ها ته هي اکين وارا تو کي منهنجي لاءِ ڪيئن ڇڏين ها.

No comments:

Post a Comment