عظيم
رونجهو
جعفر شاهاڻي جي ڪهاڻين جي مجموعي ”ڪائنات جو موت“ تي هڪ نظر
جعفر شاهاڻي سان منهنجي پهرين ڳالهه
ٻولهه E-chat جي
ذريعي هلال پاڪستان اخبار ۾ سنڌي ادب ۾ تنقيدي رجحانن جي حوالي سان شايع ٿيندڙ هڪ
مضمون جي باري ۾ ٿي. ان وقت تائين آئون سندس پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب ”اذيتن جي آس“ پڙهي چڪو هئس، پر مون
ان ڪتاب تي پنهنجي ڪا راءِ نه رکي هئي. خوشي ان ڳالهه جي ٿي جو پاڻ ئي چيائين ته
سندس ٻيو ڪهاڻي ڪتاب ”ڪائنات جو موت“ ڇپجي رهيو آهي ۽ مون ڪوشش ڪئي آهي ته ان ڪتاب ۾ اهي غلطيون نه
هجن جيڪي پهرئين ڪتاب ۾ ٿيون آهن. ڪنهن به ليکڪ جي پنهنجي پاڻ ڏانهن تنقيدي نظر
يقينن هڪ خوش آئند ڳالهه هوندي آهي، ان ڪري جعفر شاهاڻي جي ٻئي ڪتاب جو مون انتظار
پئي ڪيو، جيئن ڪتاب ڇپيو ته پياري سعيد سومري کي چيم ته موڪلي، ان بنا دير جي
موڪلي ڏنو.
منهنجي اها عادت رهي آهي ته ڪو به ڪتاب پڙهندو آهيان ته ان ۾
جيڪي تبصرا، مهاڳ يا ليکڪ جون ڳالهيون هونديون آهن، اهي آخر ۾ پڙهندو آهيان، جيئن
پنهنجي ذهن کي ٻين جي راءِ جي ماتحت ٿيڻ کان بچائي سگهان. سو ڊائريڪٽ ڪتاب جي
پهرئين ڪهاڻي ”بريڪنگ نيوز“ تي ويس. ڪتاب جي پهرئين ڪهاڻي جو پهريون پئراگراف پڙهندي
ئي ائين محسوس ٿيو جيئن ڪا شيءِ کائيندي وات ۾ پٿر اچي ويو هجي، ان جو سبب هي جملا
هئا. (ڪچي جي آبادي) (مارڻ جا جهڙا هئا) (ڀڳ مٽ يار). ڪتاب جي شروعاتي سٽن ۾ پروف
جون اهي غلطيون ڏسي سوچيم، اڳتي ڇا حالت هوندي، پر جيئن جيئن پڙهندو ويس، اها
مايوسي هڪ خوشي ۾ بدلبي وئي ته جعفر شاهاڻي جيڪو چيو هو سچ چيو هو، هن ڪتاب جي
ٻولي توڙي پروفن تي ڪافي محنت ڪيل آهي، ڪتاب ۾ شامل 18 ڪهاڻيون نهايت سادي سليس
انداز ۾ پڙهندڙن جي اڳيان پيش ڪيون ويون آهن، مون جعفر شاهاڻي جي ڪهاڻين کي جيئن
محسوس ڪيو، سو دوستن جي سامهون راءِ جي صورت ۾ پيش ڪيان ٿو.
ڪتاب جي پهرئين ڪهاڻي ”بريڪنگ نيوز“ ڪراچي ۾ ٿيندڙ وارتائن جي
عڪاسي ڪري ٿي.
ڪتاب جي ٽائٽل ڪهاڻي ”ڪائنات جو موت“ قلندر شهباز جي درگاهه تي
ٿيل بم ڌماڪي جي پس منظر ۾ هڪ ٽريجڊڪ لو اسٽوري آهي، جنهن ۾ ٻن پريمين جي ملڻ جي
تمنا کي خوبصورت ڊائيلاگن وسيلي بيان ڪيو ويو آهي، سڀ کان اهم ڳالهه ته بم ڌماڪي
کي ”ڪائنات جي موت“ سان ڀيٽيو ويو آهي، مطلب انسانيت جو خاتمو.
”وقت جو چرخ“ اينٽي ڪلائيميڪس رکندڙ
سادي ڪهاڻي آهي، جنهن جو ڪلائيمڪس فلمي انداز ۾ برائي جي هار ۽ حق جي جيت تي ٿيل
آهي، ڦوڳ جو جيل مان آزاد ٿي، اليڪشن وڙهڻ جي تياري ڪرڻ ڊرامائي/ فلمي سين وانگر
محسوس ٿيو. هن ڪهاڻي ۾ هڪ جاءِ تي لفظ ”خيالات“ استعمال ٿيل آهي، جڏهن ته سنڌيءَ ۾
خيال جو جمع ”خيالَ“ آهي.
ڪهاڻي ”بگڙو پاپي“ ۾ ٻولي ڏاڍي ڀلي ۽ ماحول سان مطابقت رکندڙ
استعمال ٿيل آهي، جنهن ۾ پکين سان ظلم ڪندڙ ظالم شڪاري جي ڀيانڪ انجام کي نصيحت
آميز انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
ڪهاڻي ”ليبر ڊي“ ۾ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي تي مزدوري ڪندڙ ٻن
مزدورن جي ڳالهه ٻولهه تي مبني آهي، هن ڪهاڻي جي ٻولي ڪردارن جي سماجي حيثيت سان
مطابقت نه ٿي رکي، هن ۾ شامل مزدور ڪردار عالمي سياست کان ويندي مزدور تحريڪن ۽
عالمي انقلابن تي به ڳالهائين ٿا، جنهن ۾ 1345ع ۾ مزدور يونين جي ٺاهڻ جي شروعاتي
ڪوششن کان ويندي شڪاگو جي شهيدن تائين ڳالهه ٻولهه ٿيل آهي، سندن مزدوري ڪندي اتان
مزدورن جي ڏهاڙي تي نڪرندڙ جلوس کي ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ ليکڪ هڪ طنز شامل ڪرڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي ته مزدور ان ڏينهن به پنهنجي پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ محنتن ۾ مصروف
آهن ۽ اين جي اوز ۽ سياسي ماڻهو جلوس ڪڍي رهيا آهن. منهنجي خيال ۾ هن ڪهاڻي ۾ جن
ڪردارن کي ايترو باشعور ڏيکاريو ويو آهي، اهي ان ڏهاڙي جي حساب سان ڪٿي ڪنهن تحريڪ
۾ حصو وٺندي ڏيکارجن ها ته بهتر هو، هن ڪهاڻي ۾ شامل هڪ خوبصورت جملو ”چوندا آهن
ته خواهشن جي غلامي ڪندڙ ڪڏهن به ڪاميابي ماڻي ناهن سگهندا.“
”رازدار“ به هڪ فلمي/ ڊرامائي انداز
جي ڪهاڻي آ، ان جي پڄاڻي به فلمي انداز سان ڪيل آهي.
”ميرٽ“ عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ لاءِ بيروزگارن جي انٽرويو ۽
ميرٽ جي نالي ۾ ٿيندڙ تذليل جي ڪهاڻي آهي، جيڪا شئي اسان جي سنڌي سماج ۾ هاڻي عام
ٿي ويئي آهي. هي سادي پر سنجيده ڪهاڻي آهي، پر ان جي شروع ۾ منظر جي شروعات ۾
تاريخ طور ٻارهن سيپٽمبر اوڻيهه سئو اونداهه لکيو ويو آهي، اوڻيهه سئو اونداهه
اسان وٽ طنز و مزاح ۾ استعمال ٿيندڙ غير سنجيده لفظ آهي، اهو ڪهاڻي جي پلاٽ سان نه
ٿو ٺهڪي. هن ڪهاڻي جو ڪلائيمڪس هنن خوبصورت سٽن تي ڪيو ويو آهي، ”اونداهي کي مات ڏيڻ لاءِ سجاڳ رهڻ
سان گڏ اميدن ڀريا خواب ڏسڻ ڪو ڏوهه ناهي، نيٺ سوجهرو ٿيڻو آهي، ان لاءِ مايوس
ناهي ٿيڻو ۽ جدوجهد جاري رکبي.“
”پشيمان“ هڪ ڪمپني جي ملازم جي سندس
ئي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ سندس مرحوم ساٿي جي زال تي نظر رکندڙ همراهه جي ڪهاڻي آهي، پر
ان عورت کي آخر ۾ ان ئي ڪمپني جي جو باس ڦٻائي ٿو وڃي.
”لکيي سندا ليک“ ۾ مڪافات عمل ڏيکاريو ويو آهي، جنهن ۾ الهرکيو،
ملوڪان سان شادي ڪرڻ لاءِ هر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي، پر ملوڪان جا مائٽ کيس سڱ ڏيڻ
کان انڪاري آهن، هو ملوڪان کي حاصل ڪرڻ جا پهه پچائيندو ٿو رهي جو هڪ رات سندس ئي
ڀيڻ ڪنهن سان گهران ڀڄي ٿي وڃي.
”نورو نانگ“ اسان جي معاشري تي پوندڙ
ڊرامن جي اثرن کي ڏيکاري ٿي، هن ڪهاڻي ۾ ڪجهه جهول آهن، مثال طور ٻارن جي ڳالهه ۽
انهن جا ايڪٽ سندن عمر ۾ تضاد وارا آهن، هنن جي ڳالهه ٻولهه مان هو ڪافي معصوم ٿا
لڳن، پر ڊرامي جي اثر هيٺ هڪ ٻئي کي مارين به ٿا. ٻيو تضاد اهو آهي ته ان ڪهاڻي ۾
ٻارن جو ڏاڏو جيڪو ليکڪ طور ڏيکاريو ويو آهي، سو به ان ڊرامي جو ليکڪ جنهن جو ٻارن
تي تمام گهڻو اثر آهي، پر اهو ڏاڏو ٻارن کي سمجهائڻ جي حوالي سان ڪو متحرڪ ڪردار
ادا نه ٿو ڪري، هو پنهنجي ڪم ۾ رڌل به آهي، حالانڪه هو محسوس به ڪري ٿو ته ٻارن تي
مثبت بجاءِ منفي ڪردارن جو اثر وڌيڪ ٿي رهيو آهي، ان تي هن کي افسوس به ٿئي ٿو، ان
جي باوجود هو پاڻ منفي ڪردار تخليق به ڪري ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ئي پوٽي کي ڌڪ
کائڻا ٿا پون. ٽريٽمينٽ جي حوالي سان هي هڪ ڪمزور ڪهاڻي آهي.
”بري هن ڀنڀور ۾“ سنڌي هندن سان
ٿيندڙ وارتائن سان ٿيندڙ ڪهاڻي آهي، پر هن ۾ صرف هندن جي معاشي استحصال کي ڏيکاريو
ويو آهي، جڏهن ته هن وقت سنڌ ۾ هندن کي سڀ کان وڏو خطرو مذهبي انتها پسندن کان ۽
زوري مذهب مٽائيندڙن کان آهي. ان ڪهاڻي ۾ فرسٽ پرسن جيڪو ڪردار آهي ليکڪ ان کي
بيان ڪرڻ ۾ تضاد جو شڪار ٿي ويو آهي، شروع ۾ اسلام آباد ۾ ويٺل اهڙو شخص ٿو نظر
اچي جيڪو بظاهر سنڌين کان نفرت ڪندي محسوس ٿئي ٿو، جنهن جو اظهار هڪ ڊائيلاگ ۾
ائين ڪري ٿو ته ”سنڌي ٻڌائي وڏي غلطي ڪيم“. پر اڳتي هلي ان ڪردار جو سڀاءُ وري
ڪافي مثبت انداز ۾ بيان ڪيو ويو آهي.
”بي لوڀ انسان“ ڳوٺاڻي لوڪ ڏاهپ کي
ظاهر ڪندڙ سهڻي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڪردارن جو لهجو، ٻولي ماحول جي مطابقت جي حساب
سان سهڻي انداز ۾ بيان ڪيل آهي.
”گمراهه“ مذهبي انتها پسند جي ڪهاڻي آهي، جيڪو ڪنهن خودڪش حملي
جي تياري ڪري رهيو آهي ته کيس سندس محبوبه جو خط ٿو ملي، اهو تفصيلي خط پڙهڻ جهڙو
آهي، سموري ڪهاڻي ان خط تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ليکڪ ڀرپور انداز سان انتهاپسندي کي
ننديو آهي ۽ ان جي اثرن تي ڳالهايو آهي، خودڪش جيڪيٽ پاتل رحمت گل تي اهو خط اثر
ڪري ٿو ۽ هن جا خيال تبديل ٿيندي نظر اچن ٿا، پر اتفاقيه سندس هٿ ريموٽ کي لڳي ٿو
جنهن ۾ پاڻ ۽ کيس خط پهچائيندڙ گل رحمت به ڌماڪي جو شڪار ٿي وڃي ٿي.
”مهان ڪوي“ هڪ ليکڪ جي ڪهاڻي آهي،
جيڪو پاڻ معاشي فائدو نه هجڻ سبب ليکڪ هجڻ واري ڳالهه کي غلط ٿو سمجهي، هو پنهنجي
پٽ کي ڪتابن پڙهڻ کان منع ڪري ٿو، پر سندس پٽ ان جي باوجود شاعري سان لڳاءُ رکي
ٿو، جيڪا ڳالهه سندس ليکج پيءُ تي تڏهن عيان ٿئي ٿي جڏهن سندس پٽ نوڪري به حاصل
ڪري چڪو هوندو آهي، ان ڳالهه تي به سندس پيءُ خوشي جي بجاءِ طنز ڪندي نظر ٿو اچي.
منهنجي خيال ۾ معاشي مسئلو يقينن اسان جي سنڌي اديبن جو هڪ وڏو مسئلو آهي، پر هڪ
ليکڪ ائين نه ٿو سوچي سگهي جيئن هن ڪهاڻي ۾ ڏيکاريو ويو آهي. ڊائيلاگن ۾ ڪافي تضاد
آهي. جعفر شاهاڻي ان ڪهاڻي ۾ چوڻ ڇا ٿو چاهي، اها ڳالهه منهنجي سمجهه ۾ نه آئي.
”وحشي“ هڪ بدڪردار شخص جي ڪٿا آهي
جنهن جو انجام قدرت طرفان سندس برن ڪمن جي نتيجي ۾ ٿيل موزي مرض تي ٿئي ٿو.
”نئين دنيا“ هڪ وئيشا جي خود ڪلامي تي مشتمل ڪهاڻي آهي. جنهن جي
پيٽ ۾ حرام جو ٻار آهي، اها ڪو فيصلو ڪرڻ جي حوالي سان ڪشمڪش ۾ نظر اچي ٿي، هن
ڪهاڻي جا جملا ڪافي پر اثر آهن، ماڻڪ، نورالهدى شاهه ۽ شهيد آفتاب نظاماڻي ان
اسٽائل ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي چڪا آهن، ان حساب سان جعفر شاهاڻي جي ڪهاڻي به اثرائتي
آهي.
”غلط فهمي“ به اينٽي ڪلائيمڪس رکندڙ مثبت پيغام ڏيندڙ سٺي ڪهاڻي
آهي. ڪتاب جي آخري ڪهاڻي ”ننڍڙي خواهش“ ڪهاڻي جي حساب سان ته ٺيڪ پر ان ۾ ليکڪ
واقعن کي بيان ڪرڻ جي حساب سان ڪجهه جذباتيت جو شڪار نظر اچي ٿو ۽ حساسيت پيدا ڪرڻ
جي جيڪا ڪوشش ڪئي وئي آهي اها ٿوري مصنوعي محسوس ٿئي ٿي.
مجموعي طور جعفر شاهاڻي جي ڪهاڻين جي مجموعي مان ليکڪ جي ڪهاڻي
جي صنف سان ڪمٽمينٽ نظر اچي ٿي. جديد سنڌي ڪهاڻي ۾ هي ڪتاب بحث هيٺ اچي سگهي ٿو ۽
هن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگجهي.
No comments:
Post a Comment