25/04/2020

ڊاڪٽر بلوچ جي شخصيت ۽ شاهه تي ڪيل ڪم جو اڀياس - ڊاڪٽر فياض لطيف (Dr. Fayaz Latif)


ڊاڪٽر فياض لطيف

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي شخصيت ۽ شاهه لطيف تي ڪيل ڪم جو مختصر اڀياس

Abstract:
 Dr Nabi Bakhsh Khan Baloch was a prominent scholar, Researcher, Educationist, Historian, Administrator, translator, Critic, Linguist, and above all a multidimensional man, who has given new trends and tracks to Sindhi Language and Literature, especially in the arena of Folk Literature and compilation and explanation of `Shah jo Risalo`, in ten volumes is his great and matchless contributions. Baloch sahib was a versatile researcher and a genius Writer, who not only have command over Sindhi, Balochi, Siraiki, Urdu, Arabic, Persian and English Languages, but he had his own vision and wisdom. Dr. sahib not only have given a lot of books on different themes and thoughts to Sindhi Literature but he established many cultural, educational and research institutions in Sindh. He dedicated his entire life, for the betterment of Sindhi Language and Literature. No doubt his towering personality will always be remembered in Sindh and all over the world for his Literary and research works.
In this research paper it is tried to discuss different aspects of personality and possess of baloch Sahib and apprehended some sights of his intellectual achievements, particularly in the field of Sindhi Language, Literature, History and specially Shah jo Risalo.            

ادب ۽ تاريخ جي تاليف، تدوين، تخليق، تحقيق ۽ ترويج جي سلسلي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ادب تي، خاص طرح سان پنجن عالمن، اديبن ۽ عِلم پَروَرن جا وڏا وَڙَ آهن، جن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه، ترقي ۽ ترويج لاءِ، نه رڳو عمر ڀر پاڻ پتوڙيو ۽ ان جي سگهائي ۽ سندرتا لاءِ پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي، پر انهن ان جي ڀلي ۽ بهتريءَ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون، وسيلا، سُرت، سگهه، علم ۽ دانش پڻ صرف ڪيون آهن.
انهن سُماني هستين مان سڀ کان پهريون نالو شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو اچي ٿو، جنهن پنهنجي گهڻ رُخي علمي، ادبي، تاريخي، تخليقي، لسانياتي ۽ ترجمي جي پورهئي سان، نه فقط سنڌي ادب، ٻولي ۽ ڪلچر جي نئين سِر تعمير ڪري، ان جا بنياد مضبوط ڪيا، ان کي نين روايتن، نئين اسلوب ۽ ترقي پسند سوچ سان روشناس ڪيو، پر ان کي گھڻ پاسائين تخليقي وسعت، جدت ۽ فني فڪري حُسناڪي عطا ڪري، سنڌي ادب کي ان پد تي رَسايو، جو اهو ڪنهن حد تائين ادب جي دنيا ۾ پاڻ ڳڻائڻ جي قابل ٿي سگهيو.

هن ادب جي آفتاب، سنڌي ادب کي نه رڳو ٻولي، تاريخ، سماجيات، نفسيات، فلسفي، حڪمت، ڊراما، ڪهاڻي ۽ ناول نگاري کان وٺي ترجمي، تخليق ۽ ٻين انيڪ علمي ۽ ادبي شعبن جي مختلف مواد تي مشتمل 350 کان مٿي اَملهه ڪتاب ڏنا آهن، پر حقيقت ۾ هن سنڌي ادب کي نئون جنم ڏنو آهي. سچ ته قليچ جو سنڌي ٻولي ۽ ادب لاءِ اهڙو ئي ڪردار آهي، جهڙو هڪ باغ جي مالهيءَ جو پنهنجي گلستان لاءِ هوندو آهي. هو نه فقط گلن ۽ ٻوٽن جون نيون نيون ورجيسون آڻي، پنهنجي باغ ۾ پوکي، ان جي سونهن ۽ سُندرتا ۾ اضافو ڪندو آهي، پر باغ ۾ موجود ٻوٽن ۾ نئين جنسن جا پيوند لڳائي، نوان ڦَل ۽ ڦول پڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. جيئن باغ جي سنوار، سُڌار، زيب ۽ زينت ۾ مالهي جسم کان روح تائين رُڌل هوندو آهي، نتيجي ۾ هر گؤنچ ۽ گُل ان جي پورهئي ۽ پگهر مان اُسري ۽ نِسري، هن جي محنت ۽ محبت جي گواهي ڏيندو آهي، ائين ئي سنڌي ادب جي چمن جي هر شاخ، نه صرف پنهنجي ابتدائي علمي مالهي مرزا قليچ جي محنت ۽ محبت جي شانائتي شاهدي پيش ڪري ٿي، پر ان جي پيار ۽ پورهئي جا ڳُڻ ڳائيندي، سموري سنڌ ان جي ٿورائتي ۽ احسانمند هجڻ جو هر دؤر ۾ احساس اوريندي رهي آهي.
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگھيو، مرزا صاحب جي علمي عظمت جو اعتراف ڪندي لکي ٿو،”هن عالم سنڌي ٻولي ۽ ادب کي اهڙي اوج تي پهچايو، جو اڄ تائين ٻيو ڪو به اديب ۽ عالم سنڌي ادب کي ايڏي وڏي پيماني تي مالامال نه ڪري سگهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو مرزا قليچ بيگ سنڌي ادب جي عرش ۽ فرش تي سدا روشن سج وانگر پنهنجي پوري آب ۽ تاب سان چمڪي، سنڌي سماج جي ڪائنات کي روشن ڪري رهيو آهي. منهنجو ويساهه آهي ته، جيسين سنڌي ادب جو وجود قائم ۽ دائم آهي، تيسين سندس نالو ائين چمڪندو رهندو ۽ ان مان ٻيا ڪيترائي روشنيءَ جا ڪِرڻا ڦُٽي هن جڳ کي منور ڪندا رهندا“ (1).  
       ٻي هستي، جنهن سنڌي ادب کي ’ڳالهيون منهنجي ڳوٺ جون، هو ڏوٿي هو ڏينهن، مهراڻ جون موجون، ۽ ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون‘ جهڙا قيمتي ڪتاب ڏيڻ سان گڏوگڏ خاص طرح سان سنڌ جي تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ڪري، سنڌ کي نئين ۽ حقيقي تاريخ ميسر ڪئي، اهو حسام الدين راشدي آهي. راشدي صاحب سنڌ جي تاريخ سان ٿيل ويڌنن ۽ ويساهه گهاتين کي نه رڳو وائکو ڪيو، پر ان جي پنهنجي علم ۽ استدلال آڌار تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ ڪري، سنڌ جي تاريخ کي هڪ نئون موڙ عطا ڪيو. هن تاريخ جي ڪيترن ئي قلمي نسخن ۽ ڇپيل مواد، جيڪو گھڻو ڪري فارسي زبان ۾ لکيل هو، ان جي وڏي عرق ريزي سان کناکيڙ ڪري، سنڌ جي تاريخ بابت اسان کي نه صرف نئون، ناياب ۽ حقيقتن ۽ سچائين تي مبني مواد ڏنو آهي، پر نوَن محققن ۽ تاريخ جي شاگردن لاءِ تاريخ جي ڇنڊڇاڻ جا جديد ۽ سائنسي طريقا پڻ متعارف ڪرايا آهن، جن کي هنئين سان هنڊائي ۽ انهن تي عمل ڪري سنڌ جي تاريخ کي نئين سري سان مرتب ڪري سگهجي ٿو.
شاهه صاحب روايتي طرح وڏيون سندون رکندڙ ماڻهو نه هو، پر وڏي علميت ۽ آگهي رکندڙ عالم ۽ تاريخدان هو. اها هن جي ڏاهپ ۽ علمي فضيليت ئي هئي، جو جرمن خاتون ايني ميري شمل جهڙي عالم به سندس علم ۽ دانش کان تمام گهڻي مرغوب ۽ متاثر هئي. پير صاحب تاريخ جي تاليف ۽ تدوين جو ڪم نهايت ئي نرالي ۽ معياري انداز سان ڪيو آهي. خاص ڪري، ’تاريخ مظهر شاجهاني، مڪلي نامو، حديقته الاولياءَ، تذڪره مشائخ سيوستان، تڪمله مقالات الشعرا، مرزا عيسى ترخان‘ وغيره سندس اهم تصنيفون ۽ تاليفون آهن، جيڪي ’سنڌ شناسيءَ‘ جي سلسلي ۾ وڏي رهبري ۽ رهنمائي ڪن ٿيون.  
جهڙيءَ ريت هڪ سونارو سُون کي پنهنجي ڪسوٽيءَ سان ڪچ ۽ ڪوڙ کان ڌار ڪندو آهي، ائين ئي راشدي صاحب سنڌ جي ملاوٽ زده ۽ ميري تاريخ کي پنهنجي پرک ۽ تجزئي جي ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻي، اَڇو اُجرو ڪري، الڳ ڪيو آهي. انهيءَ عمل لاءِ سنڌ ۽ سنڌ واسي سندس آڀاري آهن. جويو صاحب سندس ’سنڌ شناسي‘ جي سلسلي ۾ ڪيل ڪم ۽ ڪردار جي تعريف ڪندي پنهنجي هڪ ليک ۾ رقم طراز آهي، ”پير صاحب ’سنڌ شناسيءَ‘ جي سلسلي ۾ جيڪو وسيع ۽ اعلى ڪم ڪيو آهي ــ سنڌ جي تاريخ جي بنيادي تاليف ۽ تحقيق جي سلسلي ۾، سو واقعي بي مثال آهي....هن پنهنجي مطالعي، تحقيق ۽ قلمي پورهئي جي رخ ۽ ان جي محرڪ جذبي جو جيڪو ڏسُ، عملي طور، سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ محققن جي آڏو واضح ڪيو آهي، اهو انهن لاءِ اهم هئڻ گهرجي ۽ اهو دراصل آهي ئي ’سنڌ شناسيءَ‘ جو ڏس، جيڪو هنن لاءِ انفرادي ۽ اجتماعي خود آگهيءَ جو ڏسُ آهي ۽ اهو ئي کين پنهنجي هر تحقيقي ۽ تخليقي، علمي ۽ ادبي بلڪ زندگيءَ جي هر عمل جو محرڪ ۽ بنياد بنائڻو آهي“ (2).
ٽين شخصيت، جنهن سنڌ جي علمي، ادبي، تعليمي، تاديبي، تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي تعمير ۽ اوسر ۾ ڪليدي ڪردار ادا ڪيو، اهو محمد ابراهيم جويو آهي. جويو صاحب پنهنجي ذات ۾ انجمن آهي. جيترو پاڻ پنهنجي وجود ۾ علم جو ڀنڊار آهن، ايترو ئي پنهنجي شخصيت ۾ نهايت حليم، ٻاجهارا ۽ نرمل آهن. هو علم ۽ دانش جو اهو سايه دار وڻ آهي، جنهن جي علمي ڇانو ۽ ڇپر هيٺ رهي، هُن جي گيانن مان انيڪ پرُشن نه رڳو محبت، امن، انسان دوستي، ادب شناسي، حب الوطني ۽ روشن خياليءَ جا درس پِرايا ۽ پُرجهيا آهن، پر هن جي شخصي ڪردار ۽ ڪم مان اُتساهه وٺي ڪيترن ئي پنهنجي زندگيءَ جو سفر سجايو ڪيو آهي.
جامي چانڊيو پنهنجي هڪ مضمون ۾ جويي صاحب لاءِ لکي ٿو،”سائين محمد ابراهيم سدائين سنڌ جو خاموش خادم رهيو آهي. مون ساڻس زندگيءَ جو پاءُ صديءَ کان به وڌيڪ عرصو گڏ سندس فڪري، ذاتي ۽ ادبي صحبت ۾ گذاريو آهي. مون کيس ڪڏهن به خودنمائي ڪندي، پنهنجا ڪم ۽ ڪارناما ڳڻائيندي، سنڌ يا عوام کي ڏوراپا ڏيندي يا ٺَلهيون شڪايتون ڪندي نه ڏٺو. هن هميشه هر ڪم اهو سمجهي ڪيو، ته اِهو سندس ڪم آهي، جيڪو هن پنهنجي وطن، قوم ۽ عوام لاءِ ٻولي کنيو. ان حوالي سان جديد سنڌ جو هي ڏاهو، لطيف جو کاهوڙي نظر ايندو، جنهن وٽ رَيا، محبت جي موٽ، مهڻو، ميار ۽ خود قياسي عجيب هو. اهو وَڙُ مون سنڌ ۾ پنهنجي حياتيءَ ۾ تمام گھٽ ماڻهن ۾ ڏٺو آهي“ (3).
محمد ابراهيم جويو ادارا سازي سان گڏوگڏ شخصيت سازيءَ جو هنر به خوب ڄاڻي ٿو. اڄوڪي اَقربا پروري، سياسي نااهليت، علم ۽ عمل جي قحط واري دؤر ۾، جيڪو نوجوان نسل سنڌ جي چڱي لاءِ مختلف شعبن ۾ فرض شناسي، دل جمئي، جفاڪشي، جذبي جي سچائي ۽ آدرشي احساس سان ڪم ۽ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، اهو سچ ته ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان هن انسان دوست ۽ سُڄاڻ سنڌ پرست مفڪر جي فڪري ۽ شخصي تربيت جي اثر جو نتيجو ئي آهي. هن سؤ ورهين جي سُچيت، بهادر، سنڌ سان بي لوث محبت ڪندڙ، روشن خيال ۽ جوان جذبن جي مالڪ آدرشي بزرگ، سڄي عمر سنڌ ۽ سنڌي ادب جي سيوا ڪئي آهي. هن علمي پورهيت، سنڌي ادب کي نه رڳو دنيا جي ڪلاسڪ ادب، فڪر ۽ فلسفي جا ناياب ڪتاب جهڙوڪ: ’فڪر جي آزادي، وحشي جيوت جا نشان، فلسفي جو ابتدائي ڪورس، ايملي عرف تعليم، فرينچ انقلاب، محرڪيءَ جا مضمون، ۽ علم تدريس مظلومن لاءِ‘ سنڌي ترجمي جي صورت ۾ ارپيا آهن، پر پنهنجي تخليقي پورهئي، جنهن ۾، ’شاهه سچل سامي، هوءَ جا ٽمڪي باهڙي، ادب ٻولي تعليم، سنڌ جا مون سپني ۾ سوچي، سنڌ منهنجي خوابن جي‘ ۽ ٻيا ڪيئي شاهڪار شامل آهن، سان پڻ سنڌي ادب جي جهولي ڀري، ان جي سينڌ ۾ سُرت ۽ سجاڳيءَ جا ستارا جرڪايا آهن. سنڌ پنهنجي هن فرض شناس استاد، آدرشي انسان، اعلى مفڪر، ادب، ٻولي ۽ سماج جي سچي سيوڪ جي پيار سان ڪيل پورهئي ۽ پورهئي سان ڪيل پيار کي ڪڏهن به وِساري نه ٿي سگهي. 
چوٿين هستي، جنهن سنڌي ٻولي، ادب ۽ خاص طرح سان جديد سنڌي شاعريءَ جي تخليقي ڪِرت ۾ هڪ مها ڏاتار وارو ڪردار ادا ڪيو، اهو شيخ اياز آهي. اياز نه فقط پنهنجي ڪلاسيڪي ورثي کي سنڀاليو ۽ ان جي گيڙوءَ رتي رنگن سان پنهنجي شاعريءَ جو ڪئنواس سجايو، پر هن هڪ نيرولي جيان پنهنجي شاعريءَ ۾ جديد، نئين ۽ نرمل رنگن جو روح بيدار ڪري، پنهنجي ڏات جي سُڳنڌ ۽ ڦلڙيون ڦلڙيون فڪر سان ساري سنڌ کي واسي ڇڏيو.
شاهه لطيف سنڌي شاعريءَ جي زمين جي چَپي چَپي کي کيڙي، ان ۾ گلابن ۽ سورج مُکين جو حسين مانڊاڻ منڊيو ۽ ڀانت ڀانت جا ڦلدائڪ فڪري فصل پوکيا آهن، جنهن مان سنڌ صدين تائين کائڻ، اوباهڻ ۽ انهن مان احساساتي سڳنڌون ماڻڻ کان پوءِ به، ان جي تازگي ۽ تاثير جي سرور ۾ مسرور آهي. لطيف سنڌي شاعريءَ جي، نه صرف زمين کيڙي آهي، پر ان جي جَر ۾ جاٽون هڻي، سنڌ کي فڪر ۽ جماليات جا هيرا موتي آڇيا آهن. شيخ اياز جو ڪمال اهو آهي، ته هن سنڌ ۾ لطيف جهڙي باڪمال شاعر جي موجودگيءَ ۾، سنڌي شاعريءَ ۾ پنهنجي هڪ منفرد ۽ الڳ جاءِ جوڙي آهي. اياز، جديد سنڌي شاعريءَ جي کيتيءَ کي هڪ کيت مزدور وانگر ميڙيو، کيڙيو، تخليقيو ۽ ان جي پنهنجي خون سان آبياري ڪئي آهي.
نئين سنڌ جي علمي، عملي ۽ فڪري تعمير ۾ اياز جي شاعريءَ جيڪو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، اهو ته روشن سج وانگر عيان آهي، پر هن پنهنجي شاعريءَ ذريعي سنڌ جي جياپي ۽ بقا جي جيڪا جنگ وڙهي، مختلف استحصالي ۽ جابر قوتن سان مُهاڏو اَٽڪايو آهي، اهو پڻ مثالي ۽ اُتساهيندڙ آهي. هن پنهنجي شاعريءَ کي تلوار بڻائي ڌرتي ۽ انسان دشمن قوتن تي وار به ڪيا آهن، ته ان کي امن پسند، وطن پرست ۽ انسان دوست ماڻهن جي ڍال بڻائي، انهن جي خودداري، آزادي، خودمختيار جياپي ۽ آزاد اظهار جي حق جي طرفداري به ڪئي آهي.
ڊاڪٽر اسحاق سميجو، اياز جي علمي ۽ تخليقي ڪردار بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي لکي ٿو، ” گذريل اڌ صديءَ جو سنڌي ادب ۽ خاص طور ان جي شاعري، اياز جي نالي ۽ حوالي کان سواءِ هر لحاظ کان اڌورا ۽ اڻ پورا آهن. جيتوڻيڪ اڌ صديءَ جي ان ڊگهي پنڌ ۾ دنيا جهان جي انسانن، سندن آزادين ۽ مرضيءَ سان جيئڻ جي ويڙهه ۾ سندن سهڪاري ٿي بيهڻ، پنهنجي تحفظ ۽ تشخص کي برقرار ۽ بحال رکڻ لاءِ جابر قوتن سان ٽَڪر کائڻ ۽ پنهنجي وطن، ان جي ماڻهن ۽ سندن ٻوليءَ سان محبت جي ان عبادت جهڙي رستي تي، اياز سان ساٿ ۾ هڪ پورو قافلو هيو، پر ان قافلي جي واڳ، نمائندگي ۽ سرواڻي اياز وٽ ئي رهي ۽ هو ئي صحيح معنى ۾ ان جي اهل به هيو. هو پنهنجي اڀياس، شعور، احساس ۽ فنڪارانه نگاهه وسيلي، ماضيءَ جي ماضي ۽ مستقبل جي مستقبل ۾ جهاتي پائي سگهڻ جي غيرمعمولي سگهه جو مالڪ هو. ڏات ۽ ڏاهپ هن جي ذات ۾ ائين رلي ملي ويون هيون، جيئن پاڻي مٽيءَ سان يا محبت دل جي ڌڙڪنن سان رلي ملي ويندي آهي، ۽ اهو سمجهي نه سگهبو آهي، ته ڪير ڪنهن جي زندگي آهي. هن جي شاعري هڪ مڪمل ديس جو روپ اختيار ڪري چڪي آهي. توهان هن جي شاعري پڙهي، هڪ مڪمل سنڌ سان ملي سگهو ٿا“(4).  
اهڙيءَ طرح پنجين شخصيت، جنهن پنهنجي سموري زندگي سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ ڪلچر کي ارپي، ان جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ ڪم ڪيو، اهو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ آهي. علم التعليم، لغت، لسانيات، لطيفيات، آثار شناسي، تاريخ نويسي، لوڪ ادب، ثقافت، موسيقي، ادبي تنقيد ۽ ادبي تاريخ جي وڏي پارکو پُرش، نبي بخش خان بلوچ جو شمار ويهين صديءَ جي سنڌ جي انهن چند وڏن عالمن، اديبن ۽ مشاهيرن ۾ ٿئي ٿو، جن پنهنجي علمي ۽ تحقيقي پورهئي سان، سنڌ ۽ سنڌي ادب جو اڱڻ اُجاري، ان جي آڪاش ۾ ڪهڪشائون پکيڙيون آهن.
ڊاڪٽر صاحب هڪ ئي وقت سنڌي، سرائڪي، اردو، عربي، فارسي ۽ انگريزي ٻولين تي دسترس رکندڙ اسڪالر هو. سندس لکيل، مرتب ۽ ايڊيٽ ڪيل ڪتابن جو ڳاڻيٽو سوَن ۾ آهي، جن ۾ خاص طرح سان لوڪ ادب جي مختلف صنفن جهڙوڪ: لوڪ شاعري، لوڪ قصن، ڪهاڻين ۽ لوڪ ماڻهن سان ڪيل ڪچهرين تي مشتمل 50 کان وڌيڪ ڪتاب، 12 ڪلاسيڪي ۽ نيم ڪلاسيڪي شاعرن، ’قاضي قاضن، شاهه لطف الله قادري، ميون شاهه عنات، خليفو نبي بخش، شاهه شريف ڀاڏائي، صوفي صادق فقير، غلام محمد خانزئي، حمل فقير، نواب ولي محمد لغاري، مير عبدالحسين سانگي، لطف علي ۽ خليفي غلام نبي‘ جا مرتب ڪيل ڪليات، جن مان هر هڪ شاعر جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي بلوچ صاحب اهڙا ڀرپور مقدما ۽ جامع مهاڳ لکيا آهن، جو همصر دؤر ۾ ان جهڙو مثال ڪو ورلي ملندو.    
پنج جلدي جامع سنڌي لغات، شاهه جي رسالي جي لغت، اردو سنڌي لغت، شاهه لطيف جي رسالي جي 10 جلدن ۾ ترتيب، تدوين ۽ تحقيق، فارسي متن ۾ ’تاريخ طاهري، لب تاريخ سنڌ، تاريخ معصومي، تحفته الڪرام، بيگلارنامو، چچ نامو، تاريخ بلوچي‘ ۽ ٻين ڪيترن ئي ڪتابن جي ايڊيٽنگ، حاشيه نگاري ۽ مفصل مقدمه نگاريءَ جو اهم ڪم ڪرڻ کان علاوه بلوچ صاحب ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، سنڌي صورتخطي ۽ خطاطي، سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ، ۽ سنڌي ٻوليءَ جو آڳاٽو منظوم ذخيرو‘ جهڙا بيش بها ڪتاب سنڌي ادب کي ڏنا آهن.
ان کان علاوه ڪيترن ئي عربي ٻوليءَ جي ڪتابن کي ايڊيٽ ڪرڻ ۽ انهن تي مفصل مقدما لکڻ جو ڪم پڻ پاڻ سهڻي سليقي سان ڪيو اٿائون. پنهنجي انگريزي ۾ لکيل ڊاڪٽريٽ جي مقالي، National System of Education and Education of Teachers, کان علاوه ڊاڪٽر صاحب جا انگريزيءَ ۾ لکيل ڪجهه ٻيا اهم ڪتاب ۽ مقالا جهڙوڪ: ’Arts and Crafts of the Lower Indus Valley, The Education policy, The Musical Instruments of Sindh, Education in Sindh before the British Conquest and the Educational policies of the British government, Development of Music in Sindh, The Historical Sindh Era, Curriculum and Teachers Education, Folk Literature of Pakistan    وغيره آهن، جن جي پنهنجي علمي، ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تعليمي اهميت ۽ افاديت آهي.
ڊاڪٽر صاحب نه فقط علمي ۽ ادبي کيتر جا مور ۽ ملوڪ ماڻهو هئا، پر پاڻ وڏن انتظامي عهدن تي پڻ فائز رهيا. جڏهن سندن جيون ــ خاڪي تي نگاهه وجهجي ٿي، تڏهن معلوم ٿئي ٿو، ته 16 ڊسمبر 1917ع تي ضلعي سانگهڙ تعلقي سنجهوري جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جعفر خان لغاري ۾ جنم وٺندڙ نبي بخش بلوچ پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان هر اها منزل ۽ مرتبو ماڻيو آهي، جيڪو عام حالتن ۾هڪ غريب ۽ ٻهراڙيءَ جي ٻار لاءِ مشڪل ۽ جهڙوڪر ناممڪن هوندو آهي.
بلوچ صاحب ابتدائي تعليم ڀرواري ڳوٺ پليو خان لغاريءَ مان پِرائڻ کان پوءِ مئٽرڪ بمبئي يونيورسٽيءَ مان پاس ڪئي، تنهن کان پوءِ گريجوئيشن ۽ پوسٽ گريجوئيشن جهوناڳڙهه مان ڪري، عليڳڙهه يونيورسٽيءَ مان ايم اي ۽ ايل ايل بيءَ جون سندون حاصل ڪيائين. ڪولمبيا يونيورسٽيءَ مان ايم ايڊ ۽ ڊي ايڊ جون ڊگريون ماڻڻ کان پوءِ 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي تعليم واري شعبي ۾ استاد ٿيو، سندس محنتن ۽ ڪوششن سان جڏهن اهو ڊپارٽمنٽ مان انسٽيٽوٽ بڻيو، تڏهن پاڻ ان ۾ پهريان پروفيسر ۽ پوءِ ڊائريڪٽر طور خدمتون سرانجام ڏنائون. 1973ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائس چانسلر مقرر ٿيو. 1976ع ۾ کيس وفاقي وزارت تعليم ۾ سيڪريٽري ۽ 1977ع ۾ وزارت ثقافت، آثار قديمه ۽ سياحت جو قلمدان سونپيو ويو. 1980ع ۾ کيس اسلاميه يونيورسٽي اسلام آباد جو باني وائس چانسلر بڻايو ويو. پاڻ 1991ع کان 1994ع تائين سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ چيئرمين رهيا. ان کان علاوه ٻين ڪيترن ئي عهدن ۽ انتظامي منصبن تي رهڻ سان گڏوگڏ، ’تمغه پاڪستان، ستاره قائد اعظم، تمغه حسن ڪارڪردگي، تمغه امتياز‘ وغيره جهڙا اعلى اعزاز ۽ ايوارڊ به ماڻيائين، پر منجهس ڪڏهن به ڪو غرور، اڊنبر ۽ تڪبر نه رهيو. هو فقط سنڌي علم ۽ ادب جا درياءَ نه هئا، پر پنهنجي شخصيت ۾ پڻ نرمل، نهٺا، سٻاجها ۽ نماڻا هئا، اهو ئي سبب آهي، جو پاڻ پنهنجن ماڻهن لاءِ سدائين بڙ جي گهاٽي وڻ وانگر ڇپر ۽ ڇانورو ٿي رهيا.
استاد لغاري، هِن مدبر، پارکو ۽ وڙائتي شخص بابت پنهنجي هڪ ليک ۾ لکي ٿو، ”ايڏين وڏين ڊگرين رکڻ باوجود، ڪُڙمي، ڪوري، لوهار، درزي، موچي، واڍي، رازي، پورهيت، شاعر، سگهڙ توڙي فقير سان فقير ٿي پَٽَ ويهي رهندا هئا. انهن سان رهاڻيون رچائي، ڪچهريون ڪري، معلومات جا موتي ميڙي، علم ۽ ادب جون خرزينون ڀريندا هئا. هن وٽان نهٺائي، نوڙت ۽ اخلاقي سُهڻائي ڪير سِکي! هو گهاٽي بڙ جي ٿڌي ڇانو وانگر نيڻن ٺار ۽ ميويدار وڻ وانگر جهڪيل هئا“(5).     
ڊاڪٽر بلوچ انهن مهان ۽ اعلى دماغ ماڻهن مان هو، جيڪي قسمت ۽ خوشنصيبيءَ سان ڪن قومن ۽ ملڪن ۾ پيدا ٿيندا آهن. اهڙن ماڻهن لاءِ نه فقط ملڪ ۽ قومون منتظر هونديون آهن، پر انهن لاءِ وقت بذات خود انتظار ۽ اوسيئڙي ۾ هوندو آهي. اهي جڏهن پيدا ٿيندا آهن، ته پنهنجي ڪردار، علم ۽ عمل سان ملڪن ۽ قومن جون نه صرف تقديرون تبديل ڪري ڇڏيندا آهن، پر تاريخ ۾ خود به امر ٿي ويندا آهن. بلوچ صاحب پنهنجي شخصيت ۾ جيترو وضعدار، ويچارڪ ۽ وڙائتو ماڻهو هو، ايترو ئي علمي ۽ عملي طرح پارکو، سُڄاڻ، مدبر ۽ عالم ماڻهو هو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ علمي ۽ فڪري حوالي سان معروف عالم علامه آءِ آءِ قاضيءَ جو پوئوار ۽ پيروڪار هو، پر عملي پورهئي ۽ تحقيقي پتوڙ ۾ نهايت ئي يگانو ۽ پنهنجن رَندن ۽ پنڌن جو راهي هو. سچ ته سنڌ ۾20 صديءَ جي موجود عالمن مان، هي ودوان شخص پنهنجي اندر ۾ سنڌ جي علم ۽ ادب جي زندهه انسائڪلوپيڊيا هو.
هن زندگيءَ جي هر ساعت ڪم ۾ مشغول ۽ مگن رهي، سجائي ۽ سڦل گذاري. ايتري تائين جو زندگيءَ جي آخري لمحن ۾ به هن کي پنهنجي علمي ۽ ادبي ڪم کي پورو ڪرڻ جو اونو ۽ فڪر دامن گير رهيو. سندس نياڻي حميده بلوچ ان حوالي سان لکي ٿي، ”بابا پنهنجو لکڻ جو ڪم باقاعدي ڪندا رهيا ۽ آخري شام جو به پنهنجو ڪم ڪيائون. مون بابا سائين لاءِ ڪپڙا ڪڍي رکيا ۽ بدلائڻ لاءِ چيم. ٿوريءَ دير کان پوءِ آيس ته اهي ڪپڙا اتي ئي رکيل هئا. مون چيو ته بابا سائين توهان ڪپڙا ڪو نه مَٽايا آهن، ته چيائون ته امان توکي ته خبر آهي، ته مون کي ڪپڙن مَٽائڻ ۾ به ٽائم لڳندو آهي. سوچيم ته جيڪو ڪم هٿ ۾ آهي، اهو پورو ڪري وٺان ۽ اهو وقت به انهيءَ ڪم کي ڏيان“(6).
هو رواجي ۽ روايتي ماڻهن وانگر وقت وڃائڻ وارو ماڻهو نه، پر وقت جي هر گهڙيءَ کي سليقي ۽ سيبتائيءَ سان استعمال ڪري، ان مان پِرائڻ ۽ پُرجهڻ سان گڏوگڏ ٻين کي علم ۽ آگهيءَ جا جهول ڀري ڏيڻ وارو انسان هو. هن سدائين سنڌ ۽ سنڌ واسين سان اَٿاهه محبت ڪئي. هن جيڪو به علمي ۽ ادبي پورهيو ڪيو آهي، لوڪ ادب کان وٺي سنڌي لغت ۽ شاهه لطيف جي رسالي تائين، ان جي سٽ سٽ ۾ ’سنڌ ۽ سنڌيت‘ سج وانگر جرڪي رهي آهي. ڊاڪٽر صاحب سنڌ، سنڌي ٻولي، ثقافت ۽ ادب جي ترقي ۽ فلاح لاءِ نه رڳو مقامي سطح تي پاڻ پتوڙيو آهي، پر ان کي دنيا جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ ۽ روشناس ڪرائڻ لاءِ هن هر ممڪن ڪوشش ڪئي، جنهن ۾ هو ڪنهن حد تائين سوڀارو پڻ ٿيو آهي.
عنايت بلوچ ان سلسلي ۾ پنهنجي هڪ مضمون ۾ لکي ٿو ته، ”1986ع ۾ آءٌ آمريڪا جي گاديءَ واري هنڌ واشنگٽن ڊي سي ۾ قائم سمٿسونين ميوزم گهمڻ ويس. هيءُ ميوزم اَٺن کان ڏهن مختلف عمارتن تي مشتمل آهي. هڪڙي جڳهه تي لکيل هو ’A Sindh Home‘ عبارت پڙهي بجليءَ جهڙو ڪرنٽ محسوس ڪيم، سمجهه ۾ نه ٿي آيم ته اهو هتي ڪنهن ٺاهيو آهي......سنڌي گهر ۾ اندر وڃي ڏسان ته سوسيءَ جا ڪپڙا پاتل هڪ ٿري عورت ڏُڌُ پئي ولوڙي، ٻي مائي ڇڄ ۾ اَنُ ويٺي ڇنڊي ۽ ٽين مائي سنهي سُئي سان ٽُڪَ جي رلهي ويٺي سِبي. جذبات ۽ خوشيءَ ۾ سرشار ٿيندي ميوزم جي رکوالي کان پڇا ڪيم، ته هن هڪ دم رجسٽر کولي مون کي ٻڌايو ته هڪ صاحب پاڪستان کان هتي آيو هو، سندن نالو اين اي بلوچ هو. پاڻ ڪيترا ڏينهن هتي ترسيو ۽ هي سنڌ هوم به انهن ئي هتي قائم ڪرايو آهي. پاڪستان واپس ورڻ تي جڏهن ڊاڪٽر صاحب کان اها ڳالهه معلوم ڪيم، ته پاڻ ٻُڌايائون ته پاڪستان حڪومت مون کي حڪم ڪيو، ته سمٿسونين ميوزم ۾ پاڪستان جي ثقافت جي حوالي سان ڪا اهڙي شيءِ قائم ڪري اچان، جيڪا پاڪستان جي نمائندگي ڪري. مون گهڻي سوچ ويچار کان پوءِ فيصلو ڪيو ته سنڌ جي ثقافت پوري پاڪستان ۾ سڀني کان وڌيڪ قديم به آهي، ته بين الاقوامي سطح تي جڳ مشهور به آهي، تنهنڪري مون ڊاڪٽر ڪنيز (Dr. Knez) جيڪو هن منصوبي جو انچارج هو، تنهن کي ’سنڌ هوم‘ ٺاهڻ جو مشورو ڏنو، جيڪو هن بنا دير قبول ڪيو…  مون هي واقعو انهيءَ ڪري لکيو آهي، ته ان کي پڙهي من اسان جو نوجوان نسل به سنڌ جيئارڻ لاءِ اهڙا عملي قدم کڻي“(7).       
بلوچ صاحب، سنڌي علم ۽ ادب جو اهو سچو سيوڪ ۽ حقيقي پورهيت هو، جنهن سڄي ڄمار ڪشالا ڪري، سنڌ جي جهر جهنگ، وستين ۽ واهڻن جا پنڌ ڏوري، نه رڳو سنڌي لوڪ ادب جو ٽڙيل پکڙيل ۽ ماڻهن جي سينن ۾ موجود سرمايو هٿ ڪيو، پر ان کي سوڌي سنواري، تحريري صورت ۾ آڻي، 40 کان مٿي ڪتابن ۾ محفوظ ڪري، ان کي منظرِ عام تي پڻ آندو آهي. ”سنڌي لوڪ ادب هڪ اٿاهه سمنڊ مثل آهي. اهو سڄي سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل هو ۽ اهو گهڻي ڀاڱي زباني روايتن تي ٻَڌل هو. قلمي مواد ۽ زباني روايتون گڏ ڪرڻ، انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري معياري متن تيار ڪرڻ، هر صنف تي جامع مقدمو لکڻ ۽ مختلف شاعرن جي سوانح ۽ انهن جي شاعريءَ جو تجزيو ڪرڻ ڪيڏو نه ڏکيو ڪم هو، پر ڊاڪٽر صاحب جي حوصلي ۽ همت کي سلام آهي، جنهن ايڏو وڏو ڪم سرانجام ڏنو“(8).
لوڪ ادب ڪنهن به سماج جي تهذيب، تمدن ۽ ڪلچر جي حقيقي تاريخ جو اهو دستاويز هوندو آهي، جنهن مان ان معاشري جي مجموعي جيوت، خوابن، خوبصورتين، جفاڪشين، جنگين، جولانن، پيار ۽ محبت جي سچن پچن جذبن ۽ احساسن جو اصلي عڪس ۽ اولڙو پَسي سگهبو آهي. ڊاڪٽر بلوچ سنڌي ادب جي ان سرمايي کي سهيڙي، اهو ايڏو وڏو احسان ڪيو آهي، جنهن کي سنڌ صدين تائين پئي ڳائيندي. ”جيئن ’ڌوڙ ڌويو‘ ڌوڙ مان سون ڪڍي ٿو، تئين ڊاڪٽر بلوچ هڪ ڌوڙ ڌويي وانگر سنڌي جاتيءَ جي ٻوليءَ، ادب ۽ سڀيتا جي سون سريکين ڳالهين، ريتن، روايتن، ڳيچن، ڳاهن، هنرن، فنڪارن، شاعرن ۽ ٻين تاريخ ساز هستين بابت علم جو اهو اڻ مئيو خزانو مڻين مِٽيءَ منجهان ڇاڻي، ذرو ذرو ڪري ميڙيو آهي“(9). سندس اها ميڙي چونڊي ايڏي وڏي مُلهائتي ۽ مانائتي آهي، جو انهيءَ لاءِ سنڌ کيس جيءَ ۾ جايون ڏنيون آهن.
ڊاڪٽر صاحب جو شاهه جي رسالي جي مستند متن تيار ڪرڻ، بيتن ۽ وائين جي معياري پڙهڻي ۽ انهن جي اصلي هجڻ لاءِ معيار ۽ ڪجهه ڪسوٽيون مقرر ڪرڻ، معنائن، تشريح، صورتخطي ۽ اُچارن جي ڇنڊڇاڻ وارو ڪم پڻ تمام گهڻو اهم ۽ اُتم آهي. شاهه لطيف سنڌ جو ڀاڳ، سُڀاڳ، مانُ ۽ سُمان آهي. اهي قومون خوشنصيب هونديون آهن، جن کي لطيف جهڙا مفڪر ۽ مدبر شاعر ملندا آهن. سنڌ جي کاتي مان شاهه لطيف ۽ موهين جي دڙي کي ڪڍي ڇڏجي ته، سنڌي ادب ڀٽائيءَ بنا ۽ سنڌ جي تهذيبي تاريخ مهين جي دڙي کان سواءِ باقي ڇا رهندي، اهو هر عالم ۽ اديب ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿو. شاهه جي شاعري، سنڌوءَ جي انهيءَ آب وانگر آهي، جنهن جي فڪري ۽ جمالياتي جَلَ مان سنڌ جي لڳ ڀڳ ساڍن ٽن نسلن، نه رڳو پنهنجا سينا سيراب ڪيا آهن، پر هن جي ڪلام جي پارس کي ڇُهي، ڪيئي سراپا سُون بڻيا آهن. لطيف جو ڪلام ڪيترن ئي عالمن سهيڙي مختلف صورتن ۾ پيش ڪيو آهي. شاهه جي رسالي جي هر مرتب، ارنيسٽ ٽرمپ ۽ علامه آءِ آءِ قاضي کان وٺي غلام محمد شاهواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، هوتچند مولچند گربخشاڻي، ٻانهي خان شيخ ۽ ٻين ڪيترن ئي لطيف شناسن تائين هر ڪنهن پنهنجي طرح سان سندس شاعريءَ جي ترتيب، بيتن جي پڙهڻي، سُرن جو سِٽاءُ ۽ لفظن جون معنائون مقرر ڪيون آهن. ايترو ئي نه، پر هر رسالي ۾ سُرن، بيتن ۽ وائين جي گھٽ وڌائي سان گڏوگڏ اهڙا ڪيترائي معنوي مونجهارا ۽ تشريحن جا تضاد پڻ ملن ٿا، جيڪي هڪ عام ماڻهوءَ کي ته يقينن اُلجهائي ۽ مُنجهائي وجهن ٿا، پر پڙهيلن ۽ شاعريءَ جي سوجهه ٻوجهه رکندڙ چڱن ڀلن کي اهي معاملا مختلف خيالن ۽ راين جي راهن ۾ رُلائي ڇڏن ٿا.
شاهه جي ايترن رسالن جي موجودگيءَ باوجود ڪو هڪ رسالو به اهڙو نه آهي، جنهن کي متفقه طور مستند سمجهي اَپنائجي. شاهه جي شاعريءَ جي سوڌ ۽ سنوار جي انهيءَ سلسلي ۾ پهريون اهم قدم گربخشاڻي صاحب کنيو هو، جنهن کان پوءِ ٻين ڪجهه عالمن ۽ لطيف شناسن پنهنجي حال آهر پڻ پاڻ پتوڙيو، پر اهو ڪم ڪنهن تڪميل ۽ تسلي بخش نتيجي تي نه پهچي سگهيو، انهيءَ ڪميءَ کي محسوس ڪندي بلوچ صاحب اهو بار پنهنجن ڪُلهن تي کڻڻ جي حامي ڀري. حقيقت ۾ ”ڊاڪٽر نبي بخش خان پهريون عالم آهي، جنهن سنڌ کي اهي شيون ڏنيون آهن، جن جي سنڌي ماڻهن ۽ سنڌ ڌرتيءَ کي ضرورت هئي. مثال طور ــ ’سنڌي ڪلاسيڪي شاعري ۽ لوڪ ادب جي سهيڙ، جامع سنڌي لغات، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، سنڌي موسيقيءَ جي تاريخ ۽ خاص طرح شاهه جي رسالي جو مستند متن‘ وغيره“(10).
ڊاڪٽر صاحب نه رڳو شاهه لطيف جي سوانح، جيڪا گھڻو ڪري حڪايتن، روايتن ۽ عقيدت جي مودا تي محيط هئي، تنهن کي عملي ۽ تجزياتي تحقيق جي ڪسوٽيءَ تي پرکي، ڇنڊي ۽ ڇاڻي، ڪافي حقيقتون پڌريون ڪيون آهن، پر شاهه جي ڪلام جا 16 ڇپيل ۽ 50 کان مٿي قلمي نسخا هٿ ڪري، 32 سالن جي مسلسل محنت، مشقت ۽ تحقيقي عرق ريزيءَ کان پوءِ 10 جلدن تي مشتمل شاهه جي رسالي جو ڪنهن حد تائين هڪ مستند متن تيار ڪيو، جيڪو سندن وڏو ڪارنامو آهي. بلوچ صاحب جي انهيءَ ڪم تي سرسري نظر وجهنداسين ته، سُڌ پوندي ته هن علم جي پورهيت ۽ لطيف جي عاشق ڪيتري نه لگن ۽ دل جي حضور سان محبت جي مزدوري ڪئي آهي.

پهريون جُلد ــ (شاهه جو رسالو ــ شاهه جو ڪلام):
شاهه جي رسالي جي مستند متن جو هي پهريون جلد، جيڪو 629 صفحن تي محيط آهي ۽ ان ۾ ڊاڪٽر صاحب خاص طرح سان ’سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ‘ جي بيتن ۽ وائين جي سٽ وار سمجهاڻين، مختلف ڪاتبن جي قديم ۽ جديد صورتخطين ۽ مختلف ڇاپن ۾ موجود شاهه جي ڪلام جي مواد جي ڇنڊڇاڻ تي پنهنجو نور نچويو آهي. هي جلد ڇهن بابن، ٻن مهاڳن ۽ هڪ جامع مقدمي تي مشتمل آهي. پهريون باب، جنهن ۾ بلوچ صاحب شاهه سائينءَ جي سوانح بابت موجود روايتن ۽ حڪايتن جي اوک ڊوک ڪري، نه فقط لطيف تي حقيقتن تي مبني مواد سامهون آندو آهي، پر ڀٽائي کي هم گير، گهڻ رخو ۽ سدا حيات شاعر ثابت ڪيو آهي. ٻي باب ۾ شاهه جي رسالي جي اصليت، حقيقت، قلمي نسخن ۽ ڇپيل ڪلام جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ان تي پنهنجا قيمتي رايا ۽ ويچار پيش ڪيا آهن. ٽين باب ۾ شاهه جي رسالي جي تدوين ۽ تاريخ، چوٿين ۾ رسالي جي ترتيب، پنجين ۾ شاهه جي ڪلام جي پرک جي معيارن جو تعين ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڇهين باب ۾، جامع مستند متن لاءَ صورتخطي جي تقرري جي معاملن تي خيالن جي اظهار سان گڏوگڏ ’سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ‘ جي فڪر ۽ فلسفي تي، نه صرف عالماڻي انداز ۾ روشني وڌي وئي آهي، پر هر بيت توڙي وائيءَ جو مختلف ڇپيل ۽ قلمي مواد سان موازنو ڪري، انهن جي اُچار، لکت، درست پڙهڻي، لفظن جي اصليت ۽ صحيح معنى تي پڻ جوڳو ڌيان ڏنو ويو آهي.            
ٻيو جلد ــ (شاهه جو رسالو ــ شاهه جو ڪلام):
شاهه سائين جي ڪلام جو هي جلد، جيڪو 521 ورقن، هڪ 34 صفحن جي مقدمي ۽ پنجن مهاڳن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ چئن سُرن يعني ’سُر کنڀات، سُر بروو، سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊي‘ جي فڪري، جمالياتي، فلسفياڻي ۽ لوڪ پسمنظرن کي پيش ڪرڻ سان گڏ داستان وار بيتن ۽ وائين جي شاهه جي ٻين قلمي ۽ ڇپيل رسالن سان ڀيٽ ڪري، انهن جي معياري پڙهڻي مقرر ڪرڻ ۽ لفظن جي درست معنى ڏيڻ سان کان علاوه هر بيت جي مناسب ۽ سونهندڙ تشريح پڻ ڪئي وئي آهي، جنهن سان شاهه جي ڪلام کي نه فقط سمجهڻ ۾ آساني ٿئي ٿي، پر علمي ۽ تحقيقي حوالي سان نوان گوشا نروار ٿي سامهون اچن ٿا. هن جلد ۾ شاهه جي ڪلام کي مستند ۽ معياري بنائڻ خاطر مٿين چئني سُرن جي مِڙني بيتن ۽ وائين کي هيٺين ڇهن اهم علمي ۽ تحقيقي ڪسوٽين تي پرکيو ويو آهي.
1.        ماخذن طور رسالن جي تعداد جو معيار
2.        رسالن جي قدامت جو معيار
3.        رسالن جي ڀيٽ جو معيار
4.        سنڌي ٻوليءَ ۽ بيان جي سُهڻائيءَ جو معيار
5.        اعلى شاعريءَ جو معيار
6.        اعلى فڪر ۽ فهم جو معيار
ٽيون جلد ــ (شاهه جو رسالو ــ شاهه جو ڪلام):
هي جُلد 610 صفحن، هڪ مقدمي ۽ اَٺن مهاڳن تي متشمل آهي. هن ۾ شاهه جي ستن سُرن، ’سُر گهاتو، سُر کاهوڙي، سُر ڪاپائتي، سُر بلاول، سُر پرڀاتي، سُي ڪارايل ۽ سُر ڏهر‘ جي مختلف فني ۽ فڪري پهلوئن تي پنهنجن عالماڻي ۽ مدبرانه ويچارن جو وستار ڪندي، ڊاڪٽر صاحب هر سُر جو تفصيلي تعارف پيش ڪرڻ سان گڏوگڏ ۽ انهن سُرن جي علامتي معنائن، فڪري صداقتن، فلسفياڻي نڪتن، ڪردارن جي نفسياتي ڪيفيتن ۽ سماجي ڪارج جي حوالي سان پڻ هنئين سان هنڊائڻ جهڙيون ڳالهيون ڪيون آهن، جيڪي هڪ طرف نيون ۽ نراليون آهن، ته ٻي طرف اهي ڪيترن ئي بحث جي نقطن کي اُڀارين ۽ علمي سوالن کي جنم ڏين ٿيون، جن تي ٻين عالمن ۽ لطيف شناسن کي ضرورغور ڪرڻ انهن نقطن تي پنهنجن خيالن جو اظهار ڪرڻ گهرجي.
چوٿون جلد ــ (شاهه جو رسالو ــ شاهه جو ڪلام):
شاهه جي ڪلام جي هن مستند ۽ معياري متن جي جُلد ۾ سسئي جا پنج سُر، ’سُر آبري، سُر معذري، سُر ديسي، سُر ڪوهياري ۽ سُر حُسيني‘ شامل آهن. اڳين جلدن وانگر ڊاڪٽر صاحب هن جلد ۾ پڻ متن ۽ معيار کي اوليت ڏيندي، شاهه جي ڪلام جي علمي ۽ تحقيقي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي. خاص طرح سان مقدمي ۾ بلوچ صاحب سسئي جي حوالي سان جن ڇهن نڪتن، جيڪي هي آهن. (1. سسئيءَ جي تمثيل ۾ اعلى فهم ۽ فڪر جا اهڃاڻ. 2. سسئيءَ جو جامع ۽ مثالي ڪردار. 3. شاهه، انسان جي نفسياتي ڪيفيتن جو شارح. 4. زندگيءَ ۾ اعلى مقصد ۽ ان لاءِ جدوجهد 5. سسئي پنهون جو قصو. 6.سرن ۾ شامل ڪلام جي صحت ۽ شاهه سان ان جي نسبت.) جي عالماڻي انداز سان تشريح ۽ وضاحت ڪئي آهي، اها سسئي جي سُرن جي تفهيم ۾ وڏي سهڪاري ثابت ٿي سگهي ٿي.
هن جلد ۾ ڊاڪٽر صاحب، سسئي جي پنهونءَ جي تلاش ۾، جهنگ جهر ۽ ڏونگر ڏورڻ واري سعيي ۽ سرفروشيءَ واري پهلوءَ تي جيڪو سير حاصل بحث ڪيو ۽ ان مان زندگيءَ جي جدوجهد ۽ جستجو جا نت نرالا ۽ نوان نقطا نروار ڪيا آهن، اهي هڪ آدرشي ماڻهو کان علاوه هڪ عام ماڻهوءَ لاءِ پڻ وڏي اُتساهه ۽ آجپي جو سبب ٿي سگهن ٿا.
پنجون جلد ــ (شاهه جو رسالو ــ شاهه جو ڪلام):
 هن ۾ چئن سُرن، ’سُر مومل راڻو، سُر ليلا چنيسر، سُر ڪاموڏ ۽ سُر سورٺ‘ جو مستند متن ڏنل آهي. هن جُلد جي هڪ خوبي ۽ خوبصورتي اها به آهي ته، ان ۾ نه رڳو مذڪوره مستند متن جي اصولن ۽ معيارن کي مدِ نظر رکيو ويو آهي، پر هن ۾ جيڪي چار سُر ڏنا ويا آهن، انهن ۾ هڪ موضوعي يڪسوئي ۽ ڪرداري ربط قائم ڪيو ويو آهي. مومل، ليلا، نوري ۽ سورٺ، چارئي اهڙا ڪردار آهن، جن مان ٽي ڪردار ’مومل، ليلا ۽ سورٺ‘، سُکن مان ڏکن جو ڏهاڳ پِرائن ٿيون، جڏهن ته چوٿون ’نوريءَ‘ جو ڪردار آهي، جيڪو هُنن ٽنهي جي برعڪس ڏکن ۽ سورن مان سِرجي ’سُکُ ۽ سهنج‘ پائي ٿو. هر ڪردار جي پنهنجي ڪٿا، ڪرب ۽ قرار جا احساس به پنهنجا آهن، پر ان جي باوجود ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ انهن چئني ڪردارن جي داخلي ڪيفيتن، احساساتي ڀاونائن ۽ ذاتي ڀوڳنائن جي جيڪا ڪمال عڪاسي ڪئي آهي، اها موهيندڙ ۽ متاثر ڪندڙ آهي.
ڇهون جلد ــ (شاهه جو رسالو ــ شاهه جو ڪلام):
هن جلد ۾ پڻ چار سُر، ’سُر رپ، سُر پورب، سُر رامڪلي ۽ سُر آسا‘ ڏنا ويا آهن، جيڪي فڪري لحاظ سان نه فقط ڳوڙها، گهرا علامتي ۽ احساساتي آهن، پر انهن ۾ ’درد ۽ غم جو فلسفو‘ ۽ ’خود شناسي‘ جي احساس جا رنگ جهجها ملن ٿا. هي چارئي سُر، انهن جو موضوعي مانڊاڻ، فني تاڃي پيٽو، معنوي پهلو ۽ جمالياتي جهان ايترو ته حسين، همگير ۽ اثرائتو آهي، جو ان کي ساڃاهڻ لاءِ وڏي سُرت درڪار آهي. سچ پچ ته هي چارئي سُرَ لطيف جي اعلى فڪر، احساس ۽ ادراڪ جي آرسي آهن. فڪري گهرائي ۽ علامتي اونهائيءَ ڪارڻ هي سُرَ گھڻو ڪري نه صرف عام جي فهم ۽ اراڪ کان اُتهان ۽ اوڏا رهيا آهن، پر ڪيترا ئي ’اَڪابر‘ پڻ انهن جي پرياڻ کي پرکي ڪين سگهيا آهن، انهيءَ ڪري انهن جي فڪري، فلسفياڻي ۽ علامتي پهلوئن تي اڄ تائين تُز نمونيءَ سان گھٽ روشني وڌي وئي آهي. بلوچ صاحب پنهنجي طور تي انهن سُرن جي مختلف پهلوئن تي گهڻ پاسائين تحقيق ڪري، انهن کي نئين انداز سان اُجاگر ڪرڻ ۽ سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪا لاڀائتي آهي.
ستون جلد ــ (شاهه جو رسالو ــ شاهه جو ڪلام):
شاهه جي ٽن سُرن، ’سُر مارئي، سُر سُهڻي ۽ سُر سارنگ‘ تي مبني آهي، جيڪو 648 صفحن ۽ هڪ مفصل مقدمي تي محيط آهي. هن جلد ۾ پڻ بلوچ صاحب شاهه جي شاعري جي مختلف رخن تي جامع روشني وجهڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. خاص طور تي ’سُر سارنگ‘ ۾ لطيف سائين جي فطرت نگاري ۽ جمالياتي نُدرتن جي ڪمال پيشڪش ۽ فنڪاراڻي اظهار جي آرٽ تي هُن عالماڻا ويچار ونڊيا ۽ لطيف جي بيتن جي جمالياتي تشريح ڪئي آهي. جڏهن ته ’سُر مارئي ۽ سُر سهڻيءَ‘ بابت سندن راءِ روايتي ۽ ساڳي رواجي آهي. پاڻ لکن ٿا، ”جيتوڻيڪ ظاهري معنى ۾ ’عمر مارئي‘ ۽ ’سهڻي ميهار‘ جي ڪٿا زماني ڳالهين سان تعلق رکي ٿي، مگر اعلى عرفان جي آئيني ۾ اهي تخليقِ ڪائنات جي ازلي حقيقت جا مظهر آهن، جنهن مطابق هر شيءِ پنهنجي اصليت ڏي موٽڻ لاءِ مشتاق آهي. انهيءَ ازلي حقيقت مطابق مارئي ٿر ڏانهن وڃڻ چاهي ٿي ۽ سهڻي درياءَ جي هن پار واري رسمي زندگيءَ بدران هن پار جي دائمي بقا ۽ خوشيءَ واري زندگيءَ لاءِ دنيا جي دهشت وارو درياءُ تري ٿي. تصوف جي اعلى عرفاني فڪر ۾، سالڪ لاءِ فنا ۽ وصال واريون اهي آخري منزلون آهن، انهيءَ لحاظ سان انهن ٻن سُرن کي سڀني سُرن جي آخر ۾ آندو ويو آهي“(11).         
توڙي جو ڊاڪٽر بلوچ صاحب جو نقطه نظر ڪٿي ڪٿي محدود، ڌريائتو ۽ ذاتي نوع جو محسوس ٿئي ٿو، پر ان جي باوجود سندن محنت، جذبي ۽ هن هيڏي وڏي مشڪل ۽ صبر آزما ڪم کي يڪسوئي سان سرانجام ڏيڻ ۽ ان کي ڪنهن تڪميل تي پهچائڻ لاءِ کيس جس ڏيڻ ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ کان سواءِ رهي نه ٿو سگهجي.
اَٺون ۽ نائون جلد ــ (شاهه جو ڪلام):
مٿين ستن جلدن، جيڪي شاهه جي ڪلام جي گھڻ پهلوئي تحقيق، تنقيد ۽ تجزئي تي آڌارڪ ۽ هزارين صفحن تي ڦهليل آهن، انهن جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ کان پوءِ جيڪو شاهه جو ڪلام بچيو، ان کي ترتيب ڏئي هنن ٻن جلدن ۾ سموئيو ويو آهي، جنهن کي علمي نتيجن جي آڌار تي ’شاهه جو مستند رسالو‘ قرار ڏنو ويو آهي. بلوچ صاحب، سُر ڪيڏاري کي خارج ڪري، شاهه جي هن ۾ مستند رسالي ۾ 29 سُر ’سُر ڪلياڻ، سُر يمن ڪلياڻ، سُر کنڀات، سُر بروو، سُر سريراڳ، سُر سامونڊي، سُر گهاتو، سُر کاهوڙي، سُر ڪاپائتي، سُر بلاول، سُر پرڀاتي، سُر ڪارايل، سُر ڏهر، سُر آبري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر ڪوهياري، سُر حسيني، سُر راڻو، سُر ليلا، سُر ڪاموڏ، سُر سورٺ، سُر رپ، سُر پورب، سُر رامڪلي، سُر آسا، سُر مارئي، سُر سهڻي ۽ سُر سارنگ‘ ڏنا آهن. هن جلد ۾،”29 سُر، 159 داستان، 3112 بيت، ۽ 208 وائيون شامل آهن. ڪل اسمن جو تعداد 3320 آهي. 564 صفحن تي آڌاريل هن جلد جي پڄاڻي ’سُر سارنگ‘ جي متن ۽ معنى تي ٿئي ٿي“(12).
ڏهون جلد ــ (شاهه جو رسالو ــ رسالي جو ڪلام):
لطيف سائين جي مستند ڪلام جي هن جلد ۾، جيڪو855 صفحن ۽ هڪ تفصيلي مقدمي تي محيط آهي، مختلف رسالن مان خارج ڪيل ڪلام شامل آهي. شاهه لطيف جي ڪلام جي اڳين مرتبن ۽ محققن، ڌارئي هجڻ جا مختلف سبب ۽ عذر ڄاڻائي، ڪيترو ئي ڪلام شاهه جي رسالي مان خارج ڪري ڇڏيو، پر ڪڏهن به ان کي الڳ محفوظ نه ڪيو، جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سالن جي تحقيق ۽ معقول دليلن جي بنياد تي جيڪو مواد ڌاريو ۽ ٻين جو ڄاڻائي شاهه جي رسالي مان خارج ڪيو آهي، ان سموري ڪلام کي هن ڏهين جلد ۾ سهيڙيو آهي، جنهن کي ’رسالي جو ڪلام‘ جو سِرو ڏنائون اَٿائين، جنهن ۾ تقريبن 70 کن اڳ جي عارف، عشاق ۽ سالڪ شاعرن جو ڪلام موجود آهي، جڏهن ته ڀٽائيءَ جي ڪلام جي ڇنڊڇاڻ ڪري، ان کي ’شاهه جو ڪلام‘ جو نالو ڏنو اَٿائين.
ڊاڪٽر صاحب وڏي جاکوڙ، محنت، تحقيق ۽ علمي تجزئي کان پوءِ نه رڳو ’شاهه جي ڪلام‘ کي ڇنڊي ڇاڻي مستند بڻايو آهي، پر شاهه جي ڪلام ۾ شامل ٻين شاعرن جي مواد کي پڻ الڳ ڪيو آهي، جيڪو سندن وڏو قابلِ تعريف علمي ڪارنامو آهي. بلوچ صاحب علمي ۽ تحقيقي نزاڪتن، باريڪين ۽ ان جي تبديل ٿيندڙ سائنسي سچائين کان چڱيءَ ريت باخبر آهي، انهيءَ ڪري هو پنهنجي ڪم کي حتمي ۽ حرف آخر سمجهڻ بدران هڪ سنگ ميل سمجهندي، ان سلسلي ۾ رقم طراز آهي، ”موجوده ڄاڻ ۽ مسلسل تحقيق مطابق شاهه جي رسالي جي مستند متن جون اهي ٻه جدا، پر مڪمل ۽ صاف صحيح صورتون آهن. يعني ’شاهه جو ڪلام‘ ۽ ’رسالي جو ڪلام‘. جيڪڏهن آئنده ڪي ٻيا وڌيڪ معتبر قلمي رسالا دستياب ٿيا، ته انهن جي روشنيءَ ۾، انهن ٻنهي صورتن کي اڃا به وڌيڪ پرکي ضروري ترميم ڪئي ويندي“ (13).
ان کان علاوه ”جامع سنڌي لغات ترتيب ڏيڻ، تاريخي ماخذن جي سنڌي ترجمي، تحقيق توڙي اشاعت، سنڌي لوڪ ادب سهيڙڻ ۽ شايع ڪرائڻ جهڙين اهم رٿائن جوڙڻ ۽ منظور ڪرائڻ سان گڏوگڏ انهن تي اٿاهه علمي، ادبي ۽ تحقيقي ڪم ڪري، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بيشڪ سنڌ کي فخر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي“(14).
نتيجو: ڊاڪٽر بني بخش خان بلوچ صاحب جون سنڌي علم ۽ ادب جي گھڻ پاسائين بهتري، ترويج ۽ ترقيءَ لاءِ ايتريون اهم، نمايان ۽ لاڀائتيون ڪوششون آهن، جن کان ساڻس ڪو اختلاف رکڻ وارو ماڻهو به انڪار ڪري نه ٿو سگهي. هن پورهيت قلمڪار جنهن محنت، محبت ۽ جفاڪشيءَ سان علمي مزدوري ڪري، سنڌي ادب کي اَملهه هيرن ۽ موتين سان مالامال ڪيو آهي، ان خزاني مان سنڌ جا ڪيئي نسل لاڀ ماڻي سگهن ٿا.    
ڊاڪٽر بلوچ، نه صرف مقدار جي لحاظ سان تمام گھڻو ۽ گهڻ رخو ڪم ڪيو آهي، پر پنهنجي طور تي وڏي تحقيق، ڇنڊڇاڻ ۽ مواد جو مختلف ماخذن سان موازنو ڪري، تحقيقي اصولن ۽ ڪسوٽين کي سامهون رکي، معيار کي قائم رکڻ جي ڀرپور ڪوشش پڻ ڪئي آهي.
هن سُجاڳ ۽ سُچيت اديب ۽ عالم جون سنڌي علم ۽ ادب جي اميري ۽ آسودگي لاءِ ڪيل خدمتون ڪنهن به طور تي فراموش ڪري نه ٿيون سگهجن. هن جي ڪم ۽ تحقيقي نقطه نظر سان ته اختلاف ڪري سگهجي ٿو، پر هن جنهن نيڪ نيتي ۽ جذبي جي سچائيءَ سان سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ، لغت، لوڪ ادب ۽ خاص طرح سان لطيفيات جي سلسلي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن، انهن لاءِ بنا ڪنهن ججهڪ جي کيس صدقِ دل سان سلام ۽ خراجِ تحسين پيش ڪري سگهجي ٿو.
حوالا
1.        ٻگهيو، محمد قاسم، ڊاڪٽر، ”شخص ۽ عڪس“، سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي، 2012ع، ص52.
2.        راشدي، حسام الدين، ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون“، (مهاڳ) ـــ محمد ابراهيم جويو، انجمن تاريخ سنڌ، ڪراچي، 1981ع ص8.
3.        چانڊيو، جامي، ”سندي جوڳيان ذات“، پيڪاڪ پرنٽرس اينڊ پبلشرس، ڪراچي، 2016ع، ص71.
4.        سميجو، اسحاق، ڊاڪٽر، (مرتب)، ”ڳاءِ ڳاءِ انقلاب ڳاءِ“، روشني پبليڪشن، ڪنڊيارو، سنڌ، 2015ع، ص9.
5.        لغاري، استاد، ”لطيفي اسرار“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2016ع، ص77.
6.        بلوچ، حميده، (مضمون)، ”منهنجي بابا جون يادگيريون“، ”ٽماهي مهراڻ ــ بلوچ نمبر“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، اپريل ــ جون 2012ع، ص155.
7.        بلوچ، عنايت، (مضمون)، ”آديسي آديس، هتان ڪري هليا“،”ٽماهي مهراڻ ــ بلوچ نمبر“، ص101.
8.        شوق، نواز علي، ڊاڪٽر، (مقالو)، ڊاڪٽر بلوچ جي شاهه جي رسالي تي ڪيل تحقيق جو مختصر جائزو“،”ٽماهي مهراڻ ــ بلوچ نمبر“، ص126.
9.        سحر، امداد، ڊاڪٽر، ”شعور شاعر شاعري“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، 2008ع، ص183.
10.     شوق، نواز علي، ڊاڪٽر، (مقالو)، ”ڊاڪٽر بلوچ جي شاهه جي رسالي تي ڪيل تحقيق جو مختصر جائزو“، ”ٽماهي مهراڻ ــ بلوچ نمبر“، اپريل ــ جون 2012ع، ص126.
11.     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (مرتب)، ”شاهه جو رسالو ــ شاهه جو ڪلام ــ جلد 7، شاهه جي رسالي جو جامع ۽ مستند متن“، علامه قاضي رسالو، تحقيقي رٿا ۽ اشاعت، حيدرآباد، 1998ع، ص9.
12.     لغاري، استاد، ”لطيفي اسرار“، مهراڻ اڪيڊمي، شڪارپور، 2016ع، ص122.
13.     بلوچ، نبي بخش، ڊاڪٽر، (مرتب)، ”شاهه جو رسالو ــ شاهه جو ڪلام، جلد ـــ 10“، 1996ع، ص72.
14.     فگار، هَڪڙو، انور، ڊاڪٽر، ”هڪ ئي راڻو راڄ ۾ هو، جنهن کي ساري سُرت هئي“، ”ٽماهي مهراڻ ــ بلوچ نمبر“، اپريل ــ جون 2012ع، ص308.

(ليکڪُ سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري، جي سنڌي شعبي ۾، اسسٽنٽ پروفيسر آهي.)

No comments:

Post a Comment