30/07/2020

احساس جي شاعره - شبانه نواز پنهور - ميرچند اوڏ (Mir Chand Oad)


ميرچند اوڏ
احساس جي شاعره - شبانه نواز پنهور

توڙي جو هر عام ماڻهو شاعر ۽ تخليقڪار نه هوندو آهي ۽ نه ئي وري شاعر ۽ تخليقڪار عام ماڻهو هوندو آهي. شاعر محسوسات ۽ فڪر جي گهرائي جومحتاج هوندو آهي. زندگيءَ ۾ جڏهن ڪو اهڙو واقعو پيش ايندو آهي جنهن سان سندس دل ۽ دماغ تي اهڙا ته نقش چٽجي ويندا آهن جيڪي سموري زندگي لاءِ نه مٽجندڙ نقش بڻجي ويندا آهن ۽ انهن جي اظهار لاءِ هو ڪو نه ڪو ذريعو ڳولي وٺندو آهي. ان جذبي تحت ئي ماڻهوءَ جي اندر جو آرٽسٽ، فنڪار، تخليقڪار، مصور ۽ شاعر جنم وٺندو آهي.

ڪهاڻي ڪتاب ”ڀانڊارو“ جو اڀياس - مختيار چنو (Mukhtiar Chano)


مختيار چنو
ڪهاڻي ڪتاب ڀانڊارو“ جو اڀياس

نيٺ انتظار ختم ٿيو. ڀانداري ڀڄڻ سان سڀ راز پڌرا ٿي پيا.
ڀانڊارو ياسمين چانڊيو جي ڪهاڻين جو پهريون ڪتاب آهي. سَو سٺ صفحن تي مشتمل ڪتاب ۾ ننڍيون وڏيون 27 ڪهاڻيون شامل آهن. ڪتاب سنسار پبليڪيشن اينڊ پرنٽرس ڪراچي ڇپرايو آهي.
ڪتاب جو مهاڳ نامياري ڪهاڻيڪار
طارق قريشي لکيو آهي. بيڪ پيج ڪهاڻي جي شهزادي ضراب حيدر لکيو آهي. ڊاڪٽر عابد مظهر، فرزانہ شاهين، سامي ميمڻ، مير عباس ٽالپر، جمشيد زهراڻي ۽ مرتضى ناريجو ڪتاب، ڪهاڻي جي فن فڪر ۽ ڪهاڻيڪار جي شخصيت مطلق لکيو آهي.
روايتي طور تي ڪتاب جي پبلشر، ”پبلشر نوٽ“ جي شروعات پراڻي بحث کي ڇيڙڻ سان ڪئي آهي.
اسلم کٽياڻ پبلشر نوٽ ۾ لکي ٿو ته ”سنڌي ڪهاڻي مري وڃڻ وارو بحث هاڻي وقت جي دز ۾ لٽجي چڪو آهي. ڪهاڻي کيتر ۾ هر آئي ڏينهن نت نوان تجربا ٿي رهيا آهن. جيڪي ڪهاڻي کي نہ رڳو ڏيھ پرڏيھ ۾ بہ پاڻ مڃائڻ جو جوهر ۽ سگھ رکن ٿا.“

28/07/2020

مشتاق گبول جي شاعريءَ تي ھڪ نظر - مير حاجن مير (Mir Hajan Mir)


مير حاجن مير
مشتاق گبول جي شاعريءَ تي ھڪ نظر
مشتاق گبول جي شاعريءَ جو رنگ الڳ ۽ منفرد آهي، جنهن مان هميشه گلاب جي گل جي خوشبو ايندي آهي. جديد دؤر جي تقاضائن موجب مشتاق گبول شاعري جي هر صنف کي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ سان خوشبودار بڻايو آهي، جنهن ۾ فن ۽ فڪر جي گهرائپ ۽ ڳوڙهاڻ آهي.
مشتاق جي شاعريءَ ۾ اُهي احساس محبوب جي مرڪ جهڙا آهن، ته ڌرتي جهڙا سهڻا به آهن، غزل، بيت، وائي، ڏيڍڻو، ترائيل، دوهو، ٽيڙو، ٻين صنفن سان گڏ گيت کي نواڻ ڏني آهي، جنهن ۾ جدت به آهي ته سادگي، سچائي به آهي ته سونهن به آهي. مشتاق گبول اهي سمورا رنگ خوبصورت نموني نِکاريا آهن، جيڪي هڪ سٺي شاعر ۾ خوبيون هونديون آهن. گهاڻيٽا، هيئتون، تشبيهون، تمثيلون، استعارا ۽ ڪنايا توجهه طلب آهن. مشتاق مشاهدي ۽ مطالعي جي نظر ۾ رکي انهن کي خوبصورت نموني استعمال ڪيا آهن جن ۾ محبوب جا ماڻا به آهن ته صبح جي باک به آهي.

27/07/2020

اجمير ڀُٽي جي ناول”ڪجلا سَر“ جو جائزو - بخشل باغي (Bakhshal Baghi)


بخشل باغي

اجمير ڀُٽي جي ناول”ڪجلا سَر“ جو جائزو
ڪجلا سَر جي ڪنڌيءَ کان اورتي

لکڻ جو عمل، زندگيءَ سان پيار ڪرڻ جي عمل وانگر هُجڻ گُهرجي. لفظ لفظ جي لَڄ توڙي مريادا رکڻ بِنهه ضروري آهي. ۽ اُنهن لفظن جي منظر توڙي پس منظر جي سموري سچائي پنهنجي احساسن جي گهرائيءَ سان اُنهن مان اُجاڳر ٿي دل ۽ دماغ کي هڪ تحرڪ ۾ تبديل ڪري ڇڏي. لکڻ مَهل ڪنهن به صنف ۾ ليکڪ جو پنهنجي پوري ذميواريءَ سان لاڳاپيل هُجڻ لازمي آهي، نه ته اُها غير واسطيداري يا عَدم دلچسپي اُن لکڻيءَ جي روح کي رهڙي ڪمزور ڪري مَنجهس تخليقي تَرنگ ۽ آهنگ کان خالي ۽ سَطعي لفظن جو مجموعو بڻائي، پڙهندڙ لاءِ بي دليءَ جي بور ڪندڙ ڪيفيت طاري ڪري لکڻيءَ کان بيزار ڪري وجهندي. شاعري، ڪهاڻي، ناوليٽ،ناول يا ٻيون ادب جون صنفون پنهنجي پنهنجي گُهربل ضرورتن جي گُهر ڪنديون آهن، جن سان اُنهن ۾ موجود مواد جي فني ادائگيءَ، ٻولي، تسلسل، روانگي، تخليقي قوت ملي هڪ نِج تخليق کي تحرير ڪنديون آهن. خاص طور تي جڏهن ناول جهڙي ڪُشادي، مُشڪل، انتهائي نازڪ نفيس صنف هُجي ته ليکڪ کي اُن جي لاءِ بُنيادي تياري، طريقڪار، اُن جي ڪهاڻي يا ڪهاڻين جو هڪ ٻئي سان فني ڳانڍاپو، ۽ آرٽسٽڪ رَچاءُ، ڪهاڻين جي ڪيئنواس جي هُنرمنديءَ سان جوڙجَڪ، اُنهن جي ڪردارن جي تخيلاتي سطع تحت بَناوٽ، اُنهن جي پيشڪش، اسلوب جي انوکائپ، سڀ باريڪ باريڪ ۽ اهم ڪڙيون پاڻ ۾ ڳنڍجي هڪ اهڙي زنجير کي جَڙي وجهن، جو پڙهندڙ اُنهن کي پڙهندي پاڻ کي تخليق جي سحر ۾ گهرائيءَ سان مَنڊجندو محسوس ڪرڻ لڳي.
سُٺي ناول لکڻ لاءِ، نه رڳو زندگيءَ جو عظيم ۽ عجيب تجربو ضروري آهي پر مَتن، ٻولي، ماحول، ڪردارنگاري ۽ مَڪالمي جي بيساختگيءَ جو هُجڻ به اَڻٽر آهي، ڇاڪاڻ ته ناول صبر آزما ۽ وقت وٺندڙ پورهيو آهي.

23/07/2020

ڪھاڻي-ڪتاب ”ھٿي جي وڍي“ جو مقدمو - ڊاڪٽر انور ‘فگار’ هَڪڙو (Dr Anwar Figar Hakro)


ڊاڪٽر انور ‘فگار’ هَڪڙو
انجنيئر عبدالوھاب سھتي جي ڪھاڻي-ڪتاب
ھٿي جي وڍي“ جو مقدمو

ادب انساني زندگيءَ ۽ سماج جي آرسي آهي، ته ’ڪھاڻي‘ ان آرسيءَ جي چمڪندڙ سطح آهي. سماج جي تبديليءَ ۾ شعر ۽ ڪھاڻي، نھايت اثرائتيون صنفون آهن، جن جو سماجي ڪارج به مثالي ٿئي ٿو. سنڌي سماج جي اخلاقي، علمي، روحاني، مذهبي ۽ اقتصادي قدرن کي، جنھن قوت سان سنڌي ڪھاڻيءَ مثبت رخ ڏنا آهن، تنھن جا گهڻا ئي مثال تاريخ ۾ موجود آهن. هتي ضرورت ان جي آهي ته مان ”بلو دادا“ (اياز قادري)، ”پشو پاشا“ (جمال ابڙو)، ”چھڙي“ (بشير مورياڻي) کان وٺي ”ڪافر“ (نسيم کرل) ڪھاڻيءَ تائين هر هڪ جو سماجي ڪارج پيش ڪريان. منھنجي نظر ۾ سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۾، حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪندڙ ڪھاڻين جو جيترو به تعداد ٿيندو، اوترو ئي انھن جو مثبت سماجي ڪارج به نظر ايندو. حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪندڙ چوڏهن ڪھاڻين جو هڪ مجموعو ”هٿ جي وڍِي“ جي نالي سان منھنجي اڀياس هيٺ آهي. جنھن جو ليکڪ انجنيئر عبدالوهاب سھتو آهي. ڪھاڻي ڪَلا جي اتھاس ۾ اهو اسم اڳ ۾ به موجود آهي. ڇاڪاڻ جو آڪٽوبر ۱۹۸۹ع ۾ سندس چوڏهن ڪھاڻين جو مجموعو ”هراس“ جي نالي سان مُرڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻو پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو ۽ نومبر ۱۹۹۲ع ۾ سندس ڏهن ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ”جڏهن بت ئي چوي ڪافر“ جي نالي سان سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو پاران ڇپايو ويو آهي. مٿين ٻنھي مجموعن جي اشاعت جي وچ ۾ ٽن سالن ۽ ٽن مھينن جي وڇوٽي رهي. مگر ڇھن سالن جي مدي کان بعد، هيءُ ٽيون مجموعو منظر عام تي اچڻ وارو آهي. ڏسجي ٿو ته ملڪي ۽ سياسي، سماجي ۽ ادبي حالتن جي اثر ڪري، هونءَ به ڪھاڻيءَ جي اشاعت ايتري تيزيءَ سان ٿي نه سگهي آهي، جيتري رفتار سان ڪھاڻي اڳ ۾ اشاعت هيٺ آيل آهي. سھتي صاحب جي ڪھاڻين جي اشاعت تي به اهو اثر پيل ٿو ڏسجي.

ناصر علي پنھور جو ڪتاب ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو“ - امر لغاري (Amar Leghari)


امر لغاري
ناصر علي پنھور جو ڪتاب ”اڇو پاڻي لُڙ ٿيو“

سنڌ ۾ ماحولياتي حوالي سان تمام ٿورڙا نالا اهڙا آھن، جن ماحوليات جھڙي وڏي تناظر واري موضوع تي سنڌي ٻوليءَ ۾ انتھائي شاندار لکيو آھي. انهن نالن منجهان ناصر علي پنھور پڻ هڪ آهي. هو ماحولياتي حوالي سان نه فقط هڪ ماهر پروفيشنل آهي، پر گڏو گڏ ماحولياتي مينيجمينٽ توڙي صحافت جهڙن شعبن ۾ ڪيتري ئي عرصي کان ڪم ڪندو پيو اچي. انهي سڃاڻپ هيٺ هن گهڻو ڪجهه پڻ لکيو آهي. ناصر جو سڀ کان اهم ڪم قلم ذريعي ماحولياتي سجاڳي پکيڙڻ، پائدار ترقيءَ بابت ڄاڻ ڏيڻ، عالمي ماحولياتي تبديلين بابت خبردار ڪرڻ، آب هوا جي تبديلي، سنڌو درياهه ۽ ان جي وهڪرن، ڊئمن، بئراجن، پاڻيءَ جي ڍنڍن، درياهه جي ڇوڙ واري علائقي ڊيلٽا توڙي انهن تي انحصار ڪندڙ جهنگلي جيوت، زراعت ۽ عام آدم بابت ماڻهن کي معلومات ڏيڻ آهي. ويجهڙائيءَ ۾ هن جو جيڪو نئون ڪتاب ”اڇو پاڻي لڙ ٿيو“ ڇپجي پڌرو ٿيو آهي، تنهن ۾ پڻ انهن ئي مسئلن کي سائنسي، سماجي ۽ تاريخي ڄاڻ جي حوالن سان اجاگر ڪيو ويو آهي.

ڳالھيون ڳُجھ اندر جون! - عاشق چانڊيو (Ashiq Chandio)


عاشق چانڊيو
ڳالھيون ڳُجھ اندر جون!
(ڪتاب ”مانوارن سان ملو“ جو جائزو)
پاڻ ڪجھ ڏينھن کان انٽرويو پڙھڻ شروع ڪيا آهن جو ان ۾ ڪيئي مزيدار ۽ ڳجھين ڳالھين جي پروڙ پئجي وڃي ٿي. اسان جو سنڌي ادب به شاھڪار آهي جو ان ۾ پڙھندڙ جي چونڊ ملي وڃي ٿي، کڻي جو ان جو مقدار ٿورو ئي ھجي پر پڙھندڙ پنھنجي خواھش کان محروم نه ٿو رھي. ڪھاڻيون، ناول، مضمونگاري، انٽرويو، فلسفو سڀ ڪجھ موجود آهي، بس ڳالھ آھي ته مقدار جي، ڪا شيءِ ججھي آھي ته ڪا ٿورڙي. سو پاڻ کي به انٽرويو پڙھڻ جي خواھش جاڳي ته پاڻ سنڌي ۾ انٽرويوئن جا ڪتاب جاچڻ لڳاسي.، ان ۾ پاڻ کي مايوسي پلئه ڪونه پئي. پھريون ته ھمسفر گاڏھي جو ڪتاب "سنڌ جي ڏاھپ کان انٽرويو" ھٿ لڳو. پڙھيوسين، گھڻيون ڳالھيون سکيونسين. امر اقبال جو ڪتاب "آءُ اسان وٽ ويھ" به ان ئي ڪڙي جو اسان کي ملي ويو. اوريان فلاشي جو ھڪڙو مشھور انٽرويوز جو ڪتاب "interviews with history" جو اردو ترجمو "تاریخ کا دریچہ" به پڙھي ورتوسين ۽ ان ئي سلسلي کي اڳتي وڌائيندي پاڻ کي جڏھن سنڌي انعام پاران ڪتاب پڙهڻ ۽ لکڻ عيوض ڪتابن ملڻ جي آڇ ٿي ته پاڻ ھي ڪتاب "مانوارن سان ملو" به چونڊيو آهي جيڪو پڻ انٽرويوز جو ڪتاب آهي جنهن جو انٽرويو ڪندڙ آهي نصير مرزا!

22/07/2020

”ڪاش!“ جنهن ۾ درد به آهي ته شاعري به آهي! - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻي
”ڪاش!“ جنهن ۾ درد به آهي ته شاعري به آهي!

موسيقي روح جي غذا آهي. ساز ۽ آواز گڏجي ان غذا کي وڌيڪ لذيذ، قوت بخش ۽ شفا ڏيندڙ ڪري پيش ڪندا آهن. شاعر ان غذا جو راڌارو، موسيقار راڌاري جو معاون ۽ آلاپيندڙ وَڌ ڪرڻ وارو هوندو آهي. علي محمد ’درد‘ سولنگي اهو شاعر آهي، جنهن پاڻ ملهائڻ ۽ مڃائڻ، پنهنجي پڙهندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي مطمئن ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري، پنهنجي جاءِ جوڙي آهي. سندس شاعري ۾ اهو سڀ ڪجهه موجود آهي، جيڪو اڄ ڪلهه جي شاعري ۾ عام ميسر آهي. ان جو مثال مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾، وقت به وقت شايع ٿيندڙ سندس شاعري آهي، جيڪا پوءِ مجموعن جي صورت ۾ پڙهندڙن ۽ فنڪارن تائين به پهتي آهي. ”ڪاش“ علي محمد ’درد‘ سولنگي جو تازو ڇپجي آيل شاعري جو مجموعو آهي، جنهن ۾ موجود هي ٻه سٽون به سندس سڃاڻپ ڪرائڻ لاءِ ڪافي آهن:
مِٺي مُرِڪ تُنهنجي ڇڏيندي آ لاهي،
مايوسي سندو ڄارو مايوسُ من تان.
يا وري سندس هي سٽون پڙهو:
ڪڏِ آفتاب وانگي، ڪڏِ ماهتاب وانگي،
اڀرِين ۽ تون لهين ٿي، نيڻن جي ڀاڪُرنِ ۾.

ناول ”طوائف“ جو تنقيدي جائزو - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
سليم جماليءَ جي ناول ”طوائف“ جو تنقيدي جائزو
جسم فروشيءَ جي موضوع تي مغرب توڙي برصغير ۾ ڪيترائي ناول، ڪهاڻيون ۽ فلمون ٺهي چڪيون آهن. سنڌي ۾ به ڪجه مواد موجود آهي. هي ناول به ان ئي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.
يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ هڪ نوجوان سرمد هاسٽل ۾ رهي ٿو ۽ کاٻي ڌر سان لاڳاپيل هجڻ سبب کيس ڪامريڊ سڏيو وڃي ٿو. هو هڪ حساس نوجوان آهي ۽ عورتن ۽ فقيرن سان همدرداڻو رويو رکي ٿو. هڪ دفعي هو حيدرآباد ۾ رهندڙ دوستن سان ملڻ اچي ٿو جن هڪ ڪال گرل گهرايل هوندي آهي. ان ڪال گرل سان ڪچهري ڪندي کيس، طوائفن جي دردن جي ڄاڻ ملي ٿي ۽ هو هن موضوع تي وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪري ٿو.

ناول ”عشق تمام بره تمام“ - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)


اڪبر لغاري
ناول ”عشق تمام بره تمام“

هي ناول ٻڌ مت جي فڪري پس منظر ۾ لکيل، عشق جو هڪ داستان آهي جنهن جو ڪئنواس سنڌ کان وٺي، لداخ، لمبيني ۽ ويٽنام تائين ڦهليل آهي. سڀ ڪردار ڪنهن اهڙي ڳولا ۾ آهن جيڪا کين شانتي ڏيئي سگھي.
هن ناول ۾ داستان گوئي جو وڏو رس ۽ چس آهي. ٻوڌي ساڌوئن جا داستان، ٻوڌي ڏند ڪٿائون، ويٽنام جون سياسي حالتون، لداخ جي ٻوڌيشالائن جا قصا، مک ڪردارن جي زندگين جو احوال... سڀني ۾ ڪنهن ڪاروان سراءِ جي قصه خواني جو ذائقو آهي.

20/07/2020

حَسن پنهيار جا چُمي وارا سڀ گناھہ معاف ڪرائيندڙ ھڪ غزل - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)


مٺل جسڪاڻي
سواءِ چُمي جي گذارو ڏکيو آ
(حَسن پنهيار جا چُمي وارا سڀ گناھہ معاف ڪرائيندڙ ھڪ غزل)


چُمي جي حوالي سان، حَسن پنھيار جو ھي غزل، ائين کڻي چئجي تہ حَسن جي سمورن اسمن جي ھي شاھہ ڪڙي، ٻين جي مرضي، پر مون کي دل سان وڻي. ان ڪري سندس شاعري جي مختلف اسمن ۾، چمي جا بند پڙھي، جڏھن جڏھن بہ چڙ چڙھي، ھر چڙ لھي وئي، ان ڪري چمي وارا حسن جا سڀ گناھہ معاف ڪجن ٿا.
ان ھڪ غزل جي ڪري، حَسن پنهيار جا چمي وارا سڀ گناھہ ان ڪري معاف ڪجن ٿا، ڇو تہ غزل جو ھر بند، بي ڏوھي ھجڻ جو جاندار دليل آھي.
ڇا تہ حق سچ تي مبني مطلع آھي:
چُميءَ جي لذت جو مزو جنهن چکيو آ.
سواءِ چُمي جي گذارو ڏکيو آ.
مطلع کان ڪير بہ انڪار ڪري، تہ مطلع بعد ھي بند پڙھي چُپ ڪري:
امڙ جي چُمي ۽ ابي جي چُمي ڏِس،
اِنهيءَ پيار کان وڌ ڀلا ڇا رکيو آ.
امڙ ۽ ابي جي ابتدائي چُمي، جيڪڏھن تربيتي چمي چئجي، تہ غلط نہ ٿيندو. ڇو تہ چمي ڏيڻ وٺڻ بہ امڙ ابي جي ڏنل بنيادي سکيا مان ھڪ آھي. ان کان پوءِ ئي چمي جو عمل اڳتي وڌي ٿو.
نصيبن ۾ ملندو تہ مرشد جو در آ،
وتي جنهن چُميءَ هڪ سدائين سُکيو آ.
مرشد لفظ ھڪ، ان جو استعمال انيڪ معنائون، مطلب ۽ مقصد رکندڙ آھي. ان سان گڏوگڏ حَسن تي کڻي حاجي، مديني، ڪعبي جو ذڪر ڪيو آھي، پر چمي تہ ڪنھن بہ مذھب ۽ ڪنھن بہ فڪر ۾ غلط نہ سمجهي وئي آھي.
وڃن روز حاجي مديني ۽ ڪعبي،
انهن کان چُميءَ جو ڀلا ڪنهن پُڇيو آ.
صحت جي اصولن پٽاندر چمي کان وقتي پرھيز ڀلي تہ ڦَلائتو ھجي، پر جنھن تي ضابطو لاڳو ڪبو آھي، تہ ان جو اندازو موجودہ ڪورونا وبا جي صورتحال آڌر بھتر نموني سمجهي سگهجي ٿو، تڏھن، جڏھن ھي بند پڙھندا، محسوس ڪندا، سمجهندا:
ٻچن ۾ نياڻي نہ ملھ تنهن چُميءَ جو!
اهو ئي تہ رحمت جو رستو مليو آ.
اڳتي وک کڻجي، تہ دوست. ڪھڙا دوست دل وٽان چمي نہ ڏيندا نہ وٺندا؟ پڙھو:
اڃان دوست پيارا ملڻ ڪان سَڪن ٿا،
چُميءَ تي دلين جو تہ ميلو مچيو آ.
حد جي حد مقطع آھي. مقطع پڙھي سڀ شڪ شبھا، شرڪ شيطان ختم. اخلاقي قدرن جي آبياري ان کان وڌيڪ ڀلا ٻيو ڪيئن ٿي ڪري سگهجي:
نرالي چُميءَ آ وني جي تہ مون لئہ،
تڏهن ئي تہ منزل حَسن ڪو رَسيو آ.
حَسن پنھيار، يار، سچ تہ اڄ تو دل کٽي ورتي. منھنجي طرفان چمي وارا تنھنجا سڀ گناھہ معاف.

عربي ادب ۽ شاعريءَ جو تحقيقي جائزو - عرفان ڏاھري (Irfan Dahri)


عرفان ڏاھري
عربي ادب ۽ شاعريءَ جو تحقيقي جائزو

عربن وٽ سڀ کان پهرئين لفظادبجو استعمال تعليم و تربيت،تهذيب و نفس ۽ اخلاق سيکارڻ وغيره جي معنيٰ ۽ مفهوم هيٺ وجود ۾ آيو.جنهن جو استعمال ساڳي ئي معنيٰ ۾ ايامِ جاهليت واري دور ۾ لکيل ڪجھھ خطن، شاعرن جي شعرن ۽ اسلامي دور ۾ ڪجھھ حديثن وغيره ۾ ملي ٿو،جيئن هڪ حديث ۾ اچي ٿو تھ،ادبني ربي فاحسن تاذيبي  يعني منهنجي رب منهنجي تربيت احسن طريقي سان ڪئي!  اهڙي ريتتحفتھ الادبوارو صاحب لفظادببابت لکي ٿو تھ،ادب لفظ جي اصل تاريخ بنو اميه جي دور کان شروع ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تھ ان زماني ۾ ئي اهو لفظ رائج ۽ شايع ٿيڻ لڳو ۽ ان زماني کان ئي ان لفظ جو استعمال سڀ کان پهرئين تعليم و تربيت ڪرڻ جي معنيٰ هيٺ وجود ۾ آيو. 6،7)جڏهن تھ ٻي،ٽئين ۽ چوٿين صدي هجريءَ  ۾ ادب لفظ جي معنائن ۾ ڪيتريون ئي تبديليون آيون،جنهن جي نتيجي ۾  پنجين صدي هجريءَ  ۾ ادب لفظ مڪمل طور تي هڪ علم جي صورت اختيار ڪئي،جنهن ۾ نثر ۽ شعر وشاعري سان گڏوگڏ لغت، صرف و نحو،اشتقاق،علم عروض ۽ علم معاني ۽ بديع وغيره جهڙا علم به شامل هئا،پر اڳتي هلي لفظ ادب جو دائرو الڳ مقرر ڪري ان کي هڪ الڳ ۽ منفرد حيثيت ڏني وئي. اهڙي ريت لفظ ادبمادبهمان ورتل آهي، جنهن جي لغوي معنيٰ دعوت ڏيڻ آهي يعني ڪنهن کي طعام جي لاءِ ڪوٺڻ کي  مدعاۃ   يا  مادبهچئبو آهي ۽ اصطلاحي معنيٰ ۾ ادب لفظ جو اطلاق ڪنهن سٺي شاعري يا ڪلام ۽ نثر جي لاءِ ٿيندو آهي،جنهن جي باري ۾لسان العرب ۾ اچي ٿو تھادبماڻهن کي هميشه ڀلائي جي لاءِ راغب ڪري ٿو جڏهن تھ برائي کان روڪي ٿو. اهڙي ريت سنڌي شعبي جي هڪ محسن استادڊاڪٽر فياض لطيف  شعبي جي هڪ پروگرام ۾ چيو هو تھاهو ادب ئي آهي جيڪو ماڻهوءَ کي صحيح معنيٰ ۾ انسان بڻائي ٿو!