31/10/2012

انور بلوچ جي ڪتاب ”ٿوهر ڳاڙها گُل“ جو تنقيدي جائزو - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)


انور بلوچ جي ڪتاب ”ٿوهر ڳاڙها گُل“ جو تنقيدي جائزو
ٿوهر-هٿراڌو گُل
پروفيسر نذير احمد سومرو
ادب جو تخليقي عمل، ادب جي مختلف صنفن ۾ ورهايل ٿئي ٿو. هر تخليقڪار پنهنجي ڪيفيت، تجربي ۽ مشاهدي جو مختلف نمونن سان ادب جي الڳ الڳ صنفن ۾ اظهار ڪري ٿو. ادب جي انگريزيءَ ۾ لغوي معنيٰ ”اکرن جي دنيا“ لکيل آهي. اڄ ڪلهه کوڙ سارو ادبُ سائنسي ادب، ڪلاسيڪل ادب، مذهبي ادب، ثقافتي ادب، سياسي ادب، تاثراتي ادب ۽ معلوماتي ادب جي نالي سان لکجي رهيو آهي.
ڊاڪٽر فهميده نسرين چواڻي؛ ”هر قسم جو لکيل مواد، ادب ڪو نه هوندو آهي.“ اردوءَ جو مشهور ليکڪ سردار جعفري چوي ٿو؛ ”اخبار جي هر خبر، سياسي تبصرو يا مضمون ادب جو حصو ڪونه ٿئي ٿو.“ پر ڊبليو-ايڇ هڊسن جي چوڻي آهي؛ ”ادب مان مطلب اُهي ڪتاب آهن، جيڪي موضوع ۽ طرزِ بيان جي لحاظ کان عام دلچسپيءَ وارا هجن.“

انور پيرزادي جي ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ تي هڪ نظر - ادل سولنگي (Adal Solangi)


انور پيرزادي جي ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ تي هڪ نظر
ادل سولنگي
هن ڪتاب ۾ انور پيرزادي جا مختلف وقتن تي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل مضمون تعارف، تبصرا، مهاڳ، اڀياس، ادبي ۽ شخصي خاڪا سهيڙي شامل ڪيا ويا آهن. ڪتاب ”جديد سنڌي ادب“ کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهايو ويو آهي.
ڪتاب جي پهرين ڀاڱي ۾ 20 مضمون، ٻئي ڀاڱي ۾ 12 ڪتابن جا مهاڳ ۽ ٽئين ڀاڱي ۾ 20 ادبي شخصي خاڪا ڏنا ويا آهن، جنهن ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي، امر ڪهاڻيڪار جمال ابڙي، شمشير الحيدري، ماڻڪ، بدر ابڙو، ڪيهر شوڪت، فقير محمد لاشاري، مهتاب اڪبر راشدي، قمر شهباز، عبدالرحمان نقاش، ڊاڪٽر سليمان شيخ، انور ابڙو، محمد علي پٺاڻ ۽ منٺار سولنگي جا ادبي ۽ شخصي تعارف شامل ڪيا ويا آهن.

30/10/2012

لفظ ناهن کيڏوڻا - شوڪت لوهار (Shoukat Lohar)


لفظ ناهن کيڏوڻا
ادب جي درٻار ۽ جناب پوتيفار
شوڪت لوهار
ادب جي درٻار جا رنگ، ڍنگ نرالا ۽ ادب جي درٻار جا قانون تمام سخت آهن. ادب جي درٻار ۾ غلامي جو شرف حاصل ڪرڻ ايترو آسان ڪونه آهي. هنن هَر اکر تي پهريدار بيهاري ڇڏيا آهن، هر لفظ جي نڙي ۾ طوق وجهي ڇڏيو آهي. هر فقري جي زبان کي گونگو بڻائي ڇڏيو آهي. هر جملي تي بندوقن جا فائر ڪري ان جا ڦڦڙ ڦاڙي ڇڏيا آهن.
ادب هنن جي قيد خاني ۾ واڙيل آهي. ڪال ڪوٺين ۾ عقوبتون سهي پيو، ادب جي ڪنهن به صنف تي ڪنهن به عام ماڻهو، ڪنهن به ڳوٺاڻي، ڪنهن به ٻڪرار، ڌنار، سگهڙ جي پهچ نه آهي. ڀلا ادب سان اٻوجهه ماڻهن جو ڪهڙو واسطو؟ ادب جون سڀئي ڌارائون شاعري، ناٽڪ، نثر سڀ ڪجهه سندن ڪروڙن سالن کان نسل در نسل غلام بڻيل آهن. هتي سندن مرضي کان سواءِ ڪو به شاعري نٿو ڪري سگهي، جي ڪرڻ به گهري ٿو ته پهريائين اچي مريدي ۾ پيش پوي. پهريائين سندن درن تي مٽيون ڀري سندن سڀني ڳالهين، دعوائن ۽ ادب لاءِ ڪيل سندن اڻ ٿڪ محنتن جي مان ۾ سيس نوائي سجدو ڪري، نڪ رڳڙي، پوءِ جناب پوتيفار ۽ پيروڪارن جي گڏجاڻي ٿيندي، ڪميٽي ويهندي ۽ اها توهان جي ڪيل شاعريءَ جو گهيراءُ ڪندي. توهان جي هر نظم جي تلاشي ورتي ويندي. توهان جي هر غزل جا ڪپڙا لاٿا ويندا. توهان جي سڀئي ترائلن کي ٽانڊن جي باهه تان پيرين اگهاڙي چرٻيلي تان گذرڻو پوندو، توهان جي هر چوسٽي جي ٻانهن ڀڳي ويندي، توهان جي هر هائيڪي کي منڊو ٽنڊو ڪيو ويندو. توهان جي هر نثري نظم جا ننهن پلاس سان آڱرن کان ڌار ڪيا ويندا. توهان جي هر آزاد نظم جي نڙي ۾ اسٽيل جا ڪوڪا هنيا ويندا ۽ پيرن ۾ گهوڙاوان نيل هنيا ويندا.

ماڻهو شهر ڀنڀور جا (ڪتاب) - ناصر پنهور (Nasir Panhwar)

ماڻهو شهر ڀنڀور جا

(ڪتاب)
ناصر پنهور
گهڻي وقت کان پوءِ سنڌي ادبي بورڊ پاران هڪ سٺو ڪتاب پڙهندڙن تائين پهتو آهي. غلام رباني آگري صاحب جو لکيل ڪتاب ماڻهو شهر ڀنڀور جا نه رڳو سنڌي ادب ۾ هڪ بهترين اضافو آهي پر هڪ دور جي تاريخ آهي، جن ماڻهن سندس لکيل ڪتاب جهڙا گل گلاب جا پڙهيو آهي تن کان  اڄ به سندس ٻولي جي چاشني نه وسري آهي. ڪتاب جي 576 صفحن ۾ جن 26 شخصيتن جا خاڪا شامل آهن، انهن ۾ سائين جي ايم سيد، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، مخدوم سجاد قريشي، ڊاڪٽر اينميري شمل، ايلسا قاضي، سوڀو گيانچنداڻي، شيخ اياز، جمال الدين ابڙو، ڊاڪٽر جي ايم مهڪري، شيخ حفيظ، نورالدين سرڪي، تنوير عباسي، حميد سنڌي، جمال رند، استاد اظهار حسين، ارنيسٽ ٽرمپ، ڊئوڊ چيزمين، ليڊي ڊايانا، ڀڳت ڪنور رام، حسين شاهه راشدي، پروين شاڪر، ڊاڪٽر نجم الدين ، محمد حسن ڀٽو، اعجاز قريشي ۽ غلام علي شامل آهن. ليکڪ انهن شخصيتن ۾ ڪن سان گهڻو، ته ڪن سان ٿورو وقت گڏ گذاريو. سواءِ ليڊي ڊايانا جي، جنهن لاءِ ليکڪ سيڪنڊري مواد مان معلومات حاصل ڪئي آهي. غلام رباني آگرو 18 جنوري 2010 تي گذاري ويو ۽ ايئن پنهنجي پڙهندڙن کي نامور شخصيتن تي خاڪا لکي آخري سوکڙي ڏئي ويو. پر اها رڳو عام سوکڙي نه، پر سنڌ جي هاڻوڪي ۽ ايندڙ نسل تي سندس وڏو احسان ان ڪري به آهي، جو اڄ جو نوجوان پنهنجن هيرن کان اڻ واقف آهي. بالي ووڊ جي فلمي هيروز جي ته ڄاڻ آهي پر افسوس ته کين پنهنجي سياسي، سماجي، علمي، ادبي مشاهيرن ۽ مدبرن جو ڪو پتو ناهي. ان  جو اندازو تازو مون کي تڏهن ٿيو جڏهن شمشير الحيدري جي گذاري وڃڻ تي ٽي وي تي مسلسل خبرن هلڻ تي مون کان نوجوان پڇيو ته شمشير الحيدري ڪير هو؟
رباني صاحب بنيادي طور افسانه نگار آهي. کيس لفظن جي چونڊ ۽ انهن جي استعمال جو ڪمال فن آهي.

29/10/2012

رضوان گل جي ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جو جائزو - جھانگير عباسي (Jahangir Abbasi)



رضوان گل جي ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جو جائزو
جھانگير عباسي

ڪنهن به تخليقڪار جي تخليقي پورهئي کي ادب جي ڪسوٽي تي پرکڻ لاءِ سڀ کان بهترين طريقو اهو به آهي ته ان جي شايع ٿيل لکڻين جو اونهائيءَ سان اڀياس ڪيو وڃي، ائين ڪرڻ سان انهيءَ جي درست معنى ۾ ڇنڊڇاڻ ۽ ڪٿ ڪري سگھجي ٿي. تنقيد جي ڪسوٽي جا معيار فڪري ۽ نظرياتي حوالي سان به جاچڻ گھرجن ته جيئن هڙئي لوازمات پورا ٿي سگھن. ادبي تنقيد جي اهڙن معيارن تي دنيا ۾ بي انت اهڙا ڪتاب آهن جن کي پرکيو ويو آهي. ڪتاب جو موضوع ئي خود ڪنهن به ڪتاب جو تعارف هجي ٿو.
اديبن، شاعرن، ڏاهن، محققن ۽ فلسفين جي شخصيتن تي مشتمل نثري ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ به اهڙي ئي طرز جو ڪتاب آهي جيڪو پنهنجو تعارف پاڻ ئي ڪرائي ٿو. هن ڪتاب جو ليکڪ نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مترجم رضوان گل آهي جنهن جو نالو تعارف جو محتاج ناهي، جو هو گذريل 21 سالن کان مسلسل لکندو رهيو آهي ڪڏهن ڪالم، ڪڏهن ڪهاڻيون، ڪڏهن شاعري، ته ڪڏهن ٻاهرين ادب مان ڪيل سندس ترجما مختلف ادبي رسالن ۽ ادبي صفحن ۾ پڙهڻ لاءِ ملندا رهيا آهن. رضوان هي ڪتاب به اهڙي ئي مستقل مزاجي ۽ محبتن واري محنتن جو نتيجو آهي.

الطاف شيخ، فطرت پسندي ۽ پرڏيهي پکي - امر لغاري (Amar Laghari)

الطاف شيخ، فطرت پسندي ۽ پرڏيهي پکي
الطاف شيخ جي ڪتاب ”پکين جي ديس ۾“ جو مھاڳ
امر لغاري
سنڌ جي نهايت مانواري ليکڪ، سوين ملڪن جا سئر ڪندڙ، سياح، جهاز ران، انجنيئر، سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي ثقافتن، سماجي ڄاڻ، سائنس، جانورن، پکين ۽ ٻوٽن ۽ ٻين انيڪ ڳالهين کان واقف ڪرائيندڙ، ڪيترا ئي سفرناما لکندڙ الطاف شيخ تازو عبرت اخبار ۾ پکين بابت نهايت ڪارائتا مضمون لکي، نه فقط اسان کي جيئاريو آهي، پر هڪ ڀيرو ٻيهر ڄڻ ته سنڌ کي ويهي ڳايو آهي. ڏيهي پرڏيهي پکين بابت سندس انهن مضمون ۾ پکين سان پيار ۽ انس جا ڪيئي مثال ۽ داستان بيان ڪيل آهن.
الطاف شيخ اهو ليکڪ آهي، جنهن جي ڪتابن کي ٻاراڻي وهيءَ ۾ اسان پڙهي لکڻ ۽ پڙهڻ سکيو. ذاتي طور منهنجي لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اعزاز ٿي پئي سگهيو، جو هڪ ڏينهن الطاف شيخ پاڻ ”ٽوٻاڪر پکيءَ“ تي عبرت اخبار ۾ منهنجي ڇپيل هڪ ڪالم جي فون ڪري، نه فقط تعريف ڪئي، پر اهو به ٻڌايائين ته هو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پکين بابت مضمونن جو هڪ طويل سلسلو شروع ڪرڻ وارو آهي، جن جي ڇپجڻ کان پوءِ پاڻ مون کان انهن بابت منهنجي راءِ لاءِ چيائين.

نئون ديرو: دل منجهه ديرو - انجنيئر عبدالوهاب سهتو (Engr. Abdul Wahab Sahito)


نئون ديرو: دل منجهه ديرو
عاشق منگي جي ڪتاب جو مهاڳ
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
نئون ديرو سان منھنجي وابستگي ته پاءُ صديءَ کان مٿي رهي آهي، جيڪا منھنجي هم جماعت رشيد احمد ڪٽپر جي ڪري آهي. بي اي (سول) يعني انجنيئرنگ جا چار سال، پورن ستن سالن ۾ پڄائڻ دوران، نوابشاھ توڙي ڄامشورو ۾، ڪڏهن به هڪ ٻئي کي هٿ ڏيڻ ته پري جي ڳالهه، سلام به نه ڪيو هوندوسين. جڏهن ته سندس رول نمبر ۲۲ ۽ منھنجو ۲۹ هيو. پريڪٽيڪل جي هر گروپ ۾ گڏ، امتحان هال ۾ نمبر به ويجهڙا لڳندا هيا، تنھن هوندي به هڪ ٻئي سان وابستگي نه رهي.
پڙهڻ پڄاڻان، جڏهن نوڪرين جي تلاش ۾ نڪتاسين، تڏھن به انٽرويوز ۾ هڪ ٻئي کي سلام نه ڪيو هوندوسين. پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ڊپارٽمينٽ ۾ آڪٽوبر ۱۹۸۴ع ڌاري، ٻئي گڏ ڀرتي ٿياسين. پاڻ ۲۲ تاريخ تي نوڪريءَ تي اچي چڙھيو، جڏھن ته مان ۲۹ تاريخ تي اچي ساڳي آفيس ۾ چڙھيس. ڪلاس جي رول نمبرن ۽ نوڪريءَ تي چڙھڻ وارين تاريخن ۾ هڪجھڙائي ۽ مماثلت ھئڻ باوجود، ٻنھي جو ھڪ ٻئي سان جوڙ، ڄڻ گھٽ رھيو. هن کي به لاڙڪاڻي ۾ نوڪريءَ تي چڙھڻ جو حڪمنامو مليو ته مون کي به اتي چڙھڻ لاءِ حڪنامو صادر ٿيو. پھرئين ڏينھن به هڪ ٻئي سان اتي ڪو نه ملياسين. راجا ڪوڙومل ٻنھي جو هم ڪلاسي به هئو ته ساڳئي عھدي تي ساڳي آفيس ۾ ساڳئي انٽرويو ذريعي، اسان سان گڏ سرويئر ٿي اچي چڙھيو ھيو. اھو به ڄڻ اسان جو ھم-پيشه ٿي پيو. پاڻ ڏوڪري شھر جو ھيو. پڙھڻ دوران، منھنجي ساڻس وابستگي ھئي. ساڳئي کاتي ۾ ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ رشيد صاحب سان ڄڻ، ان نئين سر ملاقات ڪرائي ھئي.

28/10/2012

ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ بابت ڪجهه ڳالهيون - خادم رند (Khadim Rind)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب
”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“
بابت ڪجهه ڳالهيون
خادم رند
ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي سياسي مضمونن جي سهيڙ آهي، جيڪي سندس حياتيءَ ۾، سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجي پڌرا ٿيا هئا.
ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قنبر پاران ڇپايل هيءُ ڇويهون ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جو اٺون ڪتاب آهي. ڊيمي سائيز ۽ آفسيٽ پيپر تي ڇپايل هي ڪتاب 264 صفحن تي مشتمل آهي. ڪتاب جو مُلهه 90 رپيا رکيو ويو آهي ۽ اڄوڪي هن نائين ورسي (اپريل 2006ع) جي موقعي تي پڌرو ڪيو ويو آهي.
هن ڪتاب لاءِ ”ٻه اکر“ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي جي جنرل سيڪريٽري ۽ ڊاڪٽر محبت جي ڀاءُ رياضت ٻرڙي لکيا آهن ۽ ”مهاڳ“ نامياري ليکڪ ۽ سياسي تجزيي نگار جامي چانڊيي لکيو آهي.
ڪتاب ”سنڌ: حڪمران، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌي عوام“ ۾ ڪل ايڪيهه مضمون آهن. هي سمورا مضمون 1991ع کان 1997ع تائين، لڳ ڀڳ ڇهن سالن جي عرصي تي محيط آهن. انهن ڇهن سالن ۾ عام طرح پاڪستان ۽ خاص طرح سنڌ جي سياسي ميدان ۾ جيڪي واقعا ۽ هيراڦيريون رونما ٿيون، تن کي خالص علمي ۽ پختن دليلن جي بنياد تي پرکڻ ۽ سولو ڪري سمجھائڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي آهي.

ڪتاب تي تبصرو ”صحت سڀني لاءِ“ - محمود علي گهوٽو (Mahmood Ali Ghoto)


ڪتاب تي تبصرو ”صحت سڀني لاءِ“
محمود علي گهوٽو
اڄڪلهه جي هن نفسانفسي واري دور ۾ ڪنهن ٻئي انسان جي ڀلي جو سوچڻ ڪنهن به وڏي نيڪي کان گهٽ نه آهي، اهو به جيڪڏهن صحت جي شعبي ۾ هجي ته وڏي ڳالهه آهي. موجوده دور ۾ انسان ڄڻ ته ڪمپيوٽر ٿي ويو آهي. سڄو ڏينهن ڪمپيوٽر جيان پيو هلي گهمي. کيس ايتري فرصت به ناهي ته هو ڪنهن سان کلي ڳالهائي. اهڙي حال ۾ ڪي شخصيتون آهن جيڪي نه صرف انسان لاءِ سوچڻ ٿيون پر انهن جي مسئلن جي حل ڪرڻ جي صلاحيت به رکن ٿيون.
اهڙين شخصيتن ۾ هڪ نيڪ انسان ڊاڪٽر مرلي ڌر جو به آهي، جنهن ڊاڪٽر جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ جيڪو انسانيت جي خدمت جو حلف کنيو هو، ان حلف کي اڄ ڏينهن تائين سچائيءَ ۽ ايمانداريءَ سان نڀائيندو پيو اچي.

دوستو وسڪي جو خوبصورت ناول - شبنم شميم (Shabnam Shameem)


دوستو وسڪي جو خوبصورت ناول
شبنم شميم
بدي ۽ ڀلائي، اخلاق ۽ بد اخلاقي، سٺائي ۽ خرابي جو تصور اُن وقت کان وجود ۾ آهن، جڏهن کان خود انسان ذات جي پيدائش. مٿيان تصور طاقت جي ٽوڙ لاءِ نه به سهي، پر طاقت تي قابو رکڻ لاءِ آندا ويا. آدم ۽ حوا جي دسترس ۾ سڄي جنت ڏيئي کين صرف هڪ وڻ جي ميوات کائڻ کان منع ڪيو ويو.
اخلاق ۽ بداخلاقي جا ماپا ڏسجن ته هر دور ۾ ٿوري گھڻي ڦير ڦار سان بدلبا رهيا آهن، جنهن وقت ۽ جنهن دور ۾ جنهن کي به جن اخلاقن جي ضرورت پئي، اُهي اپنايا ويا. هڪڙا اخلاق جنهن دور لاءِ صحيح هئا سي ضروري ناهي ته ٻئي دور لاءِ به اوترا ئي دُرست سمجھيا ويا هجن. نتيجتن اُنهن ۾ ڦير ڦار ٿيندي رهي (ڏسو زرعي ۽ صنعتي دور جا تضاد).

27/10/2012

نالي واري شاعر مختيار سمي جي شخصيت ۽ شاعري - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


وِک وِک تي اقرار
نالي واري شاعر مختيار سمي جي شخصيت ۽ شاعري
رياضت ٻرڙو

سائين مختيار سمون هڪ ملنسار، محبتي مزاج رکندڙ، ماٺيڻائپ سان ڳالهائيندڙ، سلجهيل سوچ وارو، پڙهيل لکيل، علم ۽ ادب دوست هئڻ سان گڏوگڏ هڪ ڄاتل سڃاتل استاد، سماجي اڳواڻ، ناليج سينٽر جو روح روان، سٺو مقرر ۽ نالي وارو ٻارڙن توڙي وڏن جو شاعر آهي، جيڪو پيار ڀرين داخلي ڪيفيتن تي سهڻا شعر لکڻ سوڌو سماج جي خرابين کي به پڌرو ڪندڙ شاعري ڪري ٿو.
مختيار سمون هر لحاظ کان ان لائق آهي ته ساڻس مانائتي رهاڻ رچائي وڃي ۽ سندس خوبين کان عام توڙي خاص ماڻهن کي آگاهه ڪيو وڃي ته جيئن هو به اسان جي پٺتي پوندڙ معاشري ۾ مختيار سمي وانگر پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري سگهن.
مختيار احمد سمون ولد حڪيم يار محمد سمون 18 آگسٽ 1960ع تي، لاڙڪاڻي ضعلي جي تعلقي ڏوڪريءَ ۾ پيدا ٿيو. هن گريجوئيشن تائين لاڙڪاڻي ۾ تعليم پرائڻ کان پوءِ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽيءَ مان 1986ع ۾ ۽ بِي ايڊ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ مان ڪئي. هُو 1987ع ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو ۽ 1991ع کان وٺي سنڌ زرعي ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. هن 1992ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ علمي ۽ تعليمي اداري ناليج سينٽر جو بنياد پڻ رکيو، جنهن جو هُو ڊائريڪٽر آهي. اهو ادارو هن وقت لاڙڪاڻي ۾ اهم ادارن ۾ شامل آهي.

”اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو“ جو تنقيدي جائزو - پروفيسر نذير احمد سومرو (Prof. Nazeer Ahmed Soomro)


ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي ڪتاب
”اکين ڏٺو ڪنن ٻڌو“ جو تنقيدي جائزو
پروفيسر نذير احمد سومرو
ڪامريڊ مير محمد ٽالپر
گذريل ويهين صديءَ جي آخري ۲۰ سالن واري عرصي ۾، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر پنهنجي ڪتابن ۾ ڇرڪائيندڙ ڳالهين لکڻ ڪري گهڻو مشهور ٿيو. ”اکين ڏٺو، ڪنن ٻڌو“ سندس پنجون نمبر ڪتاب آهي، جيڪو روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو طرفان جنوري ۲۰۰۴ع ۾ شايع ٿي، پڙهندڙن جي هٿن ۾ پهتو آهي.
ڪتاب جي آخري صفحي تي، سنڌ جي هڪ مانائتي اديب، مرحوم علي احمد بروهي طرفان ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي ڪتاب ”يادگيرين جو سفر“ بابت راءِ ”اڃا ڪي آهين جوڳي سندي جوءِ ۾“ جي نالي سان لکيل آهي، جنهن ۾ مرحوم علي احمد بروهي لکي ٿو: ”هيءُ ڪتاب سنڌ جي مشهور ۽ معروف اديب رئيس ڪريم بخش نطاماڻي جي منفرد تصنيف ”ڪيئي ڪتاب“ جي طرز تي لکيل پنهنجي نوعيت جو ”انوکو“ ڪتاب آهي. اميد آهي ته پارکن کي پسند پوندو.“ خبر نه ٿي پوي ته مرحوم علي احمد بروهيءَ جهڙي سڄاڻ اديب ۽ قلمڪار، ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي تاثراتي ڪتاب ”يادگيرين جو سفر“ کي مرحوم رئيس ڪريم بخش نطاماڻي جي شاهڪار ڪتاب ۽ سندس آتم ڪٿا ”ڪيئي ڪتاب“ سان ڪيئن ڀيٽ ڏني آهي؟ جڏهن ته حقيقت هيءَ آهي ته رئيس ڪريم بخش نظاماڻيءَ جي ڪتاب ۾ ماڻهن کي گاريون ڏنل ڪو نه آهن. ان جي ابتڙ ڪامريڊ مير محمد ٽالپر جي ڪتابن ۾ گهڻي قدر ماڻهن کي گاريون ڏنل آهن. هتي ڪتاب ”يادگيرين جو سفر“ تي تبصرو ڪرڻ مقصود ڪو نه آهي، ان ڪري ان کي ڇڏي، ڪامريڊ جي نئين ڪتاب ”اکين ڏٺو، ڪنن ٻڌو“ جو اڻ ڌريو جائزو پيش ڪجي ٿو.

26/10/2012

علامه عنايت الله مشرقيءَ جو بيمثال ڪتاب: انسان جي تقدير - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


انسان جي تقدير

برک عالم علامه عنايت الله مشرقيءَ جو بيمثال ڪتاب

رکيل مورائي

سنڌيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب ڇپبا رهيا آهن جن جا موضوع الڳ آهن، پر سچ اهو آهي، انهن ۾ ٿورڙائي اهڙا ڪتاب هوندا آهن جن کي علم ۽ ڏاهپ جا ڪتاب چئي سگهجن ٿا ۽ اهڙا ڪتاب ئي پڙهندڙن کي علم ۽ ڏاهپ جي ويجهو آڻيندا آهن. هيءُ ئي اهڙو علم آهي جنهن لاءِ اسلام جي پيغمبر ۽ دنيا جي عظيم شخص محمد صه چيو هئو ته علم حاصل ڪيو پينگهي کان قبر تائين! ۽ هي ئي اهڙا ڪتاب آهن جن ۾ علم آهي، جيڪو هڪ شخص کي ڪامل انسان بڻائي ٿو.
ذڪر لائق هڪ اهڙو ئي ڪتاب تازو انجنيئر محترم مومن علي شاهه سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري سنڌين تي وڙ ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب ننڍي کنڊ جي برک عالم علامه عنايت الله خان مشرقيءَ جو لکيل ڪتاب آهي جنهن جو نالو آهي ”انسان جي تقدير.

نوجوان شاعر واحد سوز ملاح جو ڪتاب ”سڏ سڏڪا سارون“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


سڏ سڏڪا سارون

نوجوان شاعر واحد سوز ملاح جو ڪتاب
رکيل مورائي

واحد سوز ملاح لاڙپٽ جي سجاول شهر جو نوجوان شاعر آهي ۽ سندس شاعريءَ ۾ لاڙ جي ٻوليءَ جي اها سموري سونهن آهي، جيڪا لاڙ جي سڃاڻپ آهي. ۱۹۷۳ع ۾ ڄاول واحد سوز ملاح چڱي وقت کان لکي رهيو آهي ۽ پاڻ ڏانهن شاعريءَ وسيلي ڌيان ڇڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سندس محبتن ۽ محنتن جو ثمر سندس پهريون ڪتاب شايع ٿيو آهي، جنهنڪري هاڻ هو صاحب ڪتاب شاعر چوائڻ جو حق رکي ٿو، ان کان اڳ ۾ به سندس شاعري الڳ الڳ رسالن ۾ شايع ٿيندي رهي آهي. پهريون ڪتاب اچڻ تي ليکڪ کي جيڪا خوشي ٿيندي آهي ان خوشيءَ ۾ اسين واحد سوز ملاح سان شريڪ آهيون پر کيس اهو نه وسارڻ گهر جي ته هيءَ سندس شروعاتي وک آهي، اڳتي پنڌ اڻانگو آهي ۽ منزل ڏور آهي.

سنڌي زبان ۾ فَنِي اصطلاح سازي ۽ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون لساني مهارتون - ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي (Dr. Shamsuddin Ursani)

سنڌي زبان ۾ فَنِي اصطلاح سازي ۽
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون لساني مهارتون
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
ڊاڪٽر محبت جي شخصيت جا ڪيئي اڻ وسرندڙ پهلو آهن. هُو اولين طور هڪ اديب، مترجم ۽ قابل ڊاڪٽر جي حيثيت سان سڃاڻپ رکندڙ هو، پر ان کان علاوه به انسان دوستي ۽ ماڻهپي جون منجهس ڪيئي قابل داد خوبيون هيون، جنهن ڳالهه جي تصديق اڄوڪي تقريب ۾ رکيل سندس ترجمي ٿيل ڪتاب ”موسيٰ کان مارڪس تائين“ منجھان به ٿي وڃي ٿي، ڇاڪاڻ ته اهو ڪتاب خود انسانيت جي ارتقا ۽ طبقاتي جدوجھد جي وسيع تناظر ۾ لکيل آهي. ان ڪتاب کي ترجمي لاءِ فقط اهڙو شخص منتخب ڪري سگھي ٿو، جيڪو جمهور پسند ۽ فڪر جي آزاديءَ ۾ يقين رکندڙ ۽ خود وسيع ذهانت جو مالڪ هُجي. پر هتي آئون سندس جنهن رخ تي روشني وجھندس، سو هن جو خاص علمي انداز آهي، جنهن باعث آئون سندس شخصيت طرف ڇڪجي ويو هئس. منهنجو اشارو سندس لساني کوجنا طرف آهي، جيڪا پنهنجي اندر بلڪل نوان پهلو رکي ٿي. ان باري ۾ ئي آئون پنهنجا ويچار پيش ڪندس. ڊاڪٽر محبت بي قدريءَ واري ماحول ۽ ناموافق حالتن ۾ ان کي انتهائي جرئت منديءَ سان پيش ڪيو.

ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جون ڪهاڻيون ۽ انهن جا ڪردار - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

 ڊاڪٽر محبت ٻُرڙي جون ڪهاڻيون
۽ انهن جا ڪردار
(هڪ جائزو)
رياضت ٻرڙو
ڪتاب ”يادون ۽ سُڪونُ“ (2001ع) ۾ ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جون ڪل 14 تخليقي ڪهاڻيون آهن. هتي انهن ڪهاڻين ۾ پيش ڪيل ڪردارن جو جائزو پيش ڪجي ٿو:
پهرين ڪهاڻي ”بهترين بوٽ“: هيءَ ڪهاڻي ضمير متڪلم جي صورت يعني ”مان“ ۾ لکيل آهي. ڪهاڻيءَ ۾ ڪل ٻه ڪردار هڪ ’مان‘ ۽ ٻيو دڪاندار، جنهن جو نالو ’انجم‘ آهي، پيش ڪيل آهن. ڪردار ’مان‘ پُختو بوٽ وٺڻ چاهي ٿو، جنهن لاءِ هن مشهور ليکڪ ڊيل ڪارنيگي جا 6 اصول ياد ڪيا آهن جيڪي هي آهن:
(1) مُرڪڻ،
(2) نالو ياد ڪري مِٺي آواز ۾ سڏڻ،
(3) ٻين ۾ سچي دلچسپي وٺڻ،
(4) ماڻهن جون ڳالهيون توجھه سان ٻڌڻ ۽ کين پنهنجين ذاتي ڳالهين ڪرڻ تي اڀارڻ،
(5) مخاطب جي دلچسپيءَ وارين شين بابت ڳالهه ٻول ڪرڻ، ۽
(6) دل جي خلوص سان سندن تعريف ڪرڻ.

شعور جو فلسفو - ستار هڪڙو (Sattar Hakro)


شعور جو فلسفو
ڊاڪٽر محبت ٻرڙي جي ڪتاب ”شعور“ تي تبصرو
ستار هڪڙو

سنڌي ٻوليءَ ۾ فلسفي جي موضوع تي تمام گھٽ مواد ملي ٿو ۽ خاص طرح سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ هن مضمون کي مڪمل نظر انداز ڪيو ۽ وساريو ويو آهي. ڏٺو وڃي ته ڊاڪٽر محبت ٻرڙو بنيادي طرح فلسفي جي شعبي جو ماڻهو هو ۽ مٿئين موضوع تي سندس ٻه شاهڪار لکڻيون ”شعور“ ۽ ”جدلي ماديت جا بنيادي اصول“ (ترجمو) سنڌي ٻوليءَ ۾ ان کوٽ کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا.
اڄ جي دهشتگرديءَ، انتها پسنديءَ ۽ سرمائيدار سامراجن جي نين چالن ۽ عالمگيريت واري ماحول ۾ ڊاڪٽر صاحب جو ڪتاب ”شعور“ روشن خياليءَ، حقيقت پسنديءَ ۽ عقليت پسنديءَ جي اهميت لاءِ هڪ سنگ ميل آهي.

25/10/2012

سچل جو اردو ڪلام - احسان بدوي (Ahsan Badvi)

سچل جو اردو ڪلام
احسان بدوي 

سنڌ جي زمين، پنهنجيءَ گود ۾، جن باڪمال شاعرن ۽ اديبن کي پاليو آهي ۽ اُنهن جي ادبي ڪاوشن جي نشو نما جو حصو ورتو آهي، تنهنجو ذڪر ۽ بيان ايترو ته دلچسپ ۽ وڻندڙ آهي؛ جو اُن کي پڙهي خوشيءَ ۽ حيرت جي انتها نٿي رهي. حقيقت ۾، سنڌ جي صحرائي خطي مان، اهڙن گلن جو پيدا ٿيڻ، جي پنهنجيءَ لازوال خوشبوءِ سان اِن کي معطر ڪندا رهيا آهن؛ پنهنجيءَ نوعيت جو اڪيلو مثال آهن. شايد اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي اِنهن خصوصيتن کان متاثر ٿي، شاهه ڀٽائيءَ پنهنجي مشهور دعا واري سٽ سنڌ لاءِ ڇڏي آهي:
سائينم! سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

رضوان گل جو ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ - برڪت جيهو (Barkat Jeho)

رضوان گل جي ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جو مختصر جائزو
برڪت جيهو

نوجوان شاعر ۽ نثرنگار مانواري رضوان گل پاران سوانحي خاڪن ۽ مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ سندس هٿ اکرن سان لکيل تحفي طور مليو، جنهن ۾ سنڌي ادب جي آسمان تي کڙندڙ خوبصورت کير ڌارا Galaxy جي ٻٽيهه ستارن کي شامل ڪيو ويو آهي. رضوان گل هن ڪتاب ۾ انهن شخصيتن تي مختصر پر جامع نموني سان لکيو آهي. ڪتاب کي مڪمل پڙهيم ته هڪ تشنگي محسوس ٿي ته ڪاش هن ڪتاب ۾ 100 شخصيتن کي شامل ڪيو وڃي ها، ته جيئن اسان جي پڙهڻ جي وڌندر اشتها ڪجهه جھڪي ٿي ها.

24/10/2012

غيرسامي مذهبن جا بانيڪار - حميد سبزوئي (Hameed Sabzoi)


حميد سبزوئي

تازو سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ساک واري علمي اداري سنڌيڪا اڪيڊمي نامور مذهبي اسڪالر ۽ گهڻ پڙهئي انسان الطاف جاويد (جنهن کي برصغير جي عظيم قومي اڳواڻ مولانا عبيدالله سنڌي جي شاگرد هئڻ جو فخر به حاصل آهي) جو ڪتاب غيرسامي مذهبن جا باني ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.
هن ڪتاب ۾ هندو ڌرم، ٻڌمت، جين مت، اَخناتون، زرتشت، ڪنفيوشس ۽ يونان جي فڪري اساس ـــــ سقراط جو ڀرپور مطالعو ۽ تجزيو ڏنو آهي. ليکڪ جي وسيع مطالعي، ڪشادي دل ۽ تحقيقي رمزن جي ڀرپور ڄاڻ کي داد ڏيندي چئي سگهجي ٿو ته سنڌيءَ ۾ شايد ان معيار جو ڪو به ڪتاب موجود نه آهي.

نوم چومسڪي جو ڪتاب ”والار“ - امان الله شيخ (Amanullah Shaikh)

(نوم چومسڪي جو ڪتاب ”والار“)
امان الله شيخ
 پرفيسر نوم چومسڪي عالمي سطح تي مڃتا ماڻيندڙ اهو مفڪر ۽ دانشور آهي جيڪو آمريڪا ۾ رهندي به آمريڪي بالادستي ۽ زورآوري خلاف علمي ۽ عملي لحاظ کان گذريل چئن ڏهاڪن کان متحرڪ رهندو اچي پيو. سندس سياسي لکڻين کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مڃتا حاصل آهي. نوم جي اهم لکڻين ۾ Hagemonyor  What We say goes, Failed States, Survival,Gaza in Crisis Making the Future, Interventions شامل آهن.

23/10/2012

علامه اقبال جو بال جبريل - احسان بدوي (Ahsan Badvi)


اقبال جي هڪ تصنيف جو مطالع
احسان بدوي 
علامه اقبال جي شاعريءَ، ۽ هن جي فڪر، ۽ خيالات متعلق ايترو ته لکيو ويو آهي، جو آءٌ حيران آهيان، ته ڪهڙيءَ ڳالهه کي ڇڏيان ۽ ڪهڙيءَ تي لکان. اِها حقيقت آهي، ته اقبال پنهنجي فڪر، ۽ شاعريءَ مان، جو ڪجهه ڏنو آهي سو ايترو ته گهڻو آهي، جو اُن تي جيترو به لکيو وڃي، اُهو ٿورو ٿيندو. پر اِن مان ائين سمجهڻ نه گهرجي، ته هو ڪو گهڻي لکڻ جو عادي هو. هن حقيقت ۾، صحيح آرٽ کي پيدا ڪرڻ ٿي گهريو. اِهو ئي سبب آهي، جو اسان کي، هن جي ڪتابن ۾، واضح ۽ منتخب خيال ملن ٿا، ۽ جي هن جي گهري فڪر جو نتيجو آهن.

ويرونيڪا جي موت جي چونڊ - شبنم شميم (Shabnam Shameem)


ويرونيڪا جي موت جي چونڊ
شبنم شميم
زندگي ۾ کوڙ سارا ڪم آهن، جيڪي اسين ڪندا آهيون به، ته ٻين لاءِ ۽ نه به ڪندا آهيون، ته به ٻين جي ڪري نه ڪندا آهيون. نارمس (قدرن) جي نالي تي اسان ننڍپڻ کان سيکاريا ويندا آهيون ته اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي ۽ ڇا نه.

ٽي ناول جيڪي هر ڪنهن لاءِ لکيا ويا آهن - ڪليم ٻُٽ (Kaleem But)

ٽي ناول جيڪي هر ڪنهن لاءِ لکيا ويا آهن
ڪليم ٻُٽ
چوندا آهن علم انسان جي ٽين اک آهي، جڏهن اها اک کليندي آهي ته پوءِ هر  شيءِ صاف ۽ چٽي نظر اچڻ لڳندي آهي پوءِ ڀلي ظاهري اکيون بند ئي ڇو نه ٿي وڃن تڏهن به علم جي روشني راهه هموار ڪندي آهي.
مون کان اڪثر پڇيو ويندو آهي ته هاڻي سنڌي ۾ معياري ادب ڇو نٿو لکيو وڃي. جيئن ته مان ڳالهائڻ کان وڌيڪ لکڻ کي ترجيح ڏيندو آهيان (ڇو ته ڳالهايل شيون هوا ۾ غائب ٿي وينديون آهن ۽ لکيل شين جو اثر ڪيئي نسلن تائين رهندو آهي)، ان ڪري انهيءَ سوال جو جواب هن آرٽيڪل ۾ ڏئي رهيو آهيان.

21/10/2012

شاهه سائين جي رسالي جي موضوعاتي لغت - مرتضيٰ سيال (Murtaza Syal)

شاهه سائين جي رسالي جي موضوعاتي لغت
(ڪتاب)
مرتضيٰ سيال

شاهه عبدالطيف ڀٽائي رحه جو فڪر ۽ فلسفو ايترو ته جامع ۽ آفاقي آهي جو پوري دنيا ۾ ان جو مثال نه ٿو ملي. اسان سنڌي ماڻهن جي اها تمام وڏي خوشنصيبي به آهي جو شاهه سائين جهڙو عظيم ڏاهو ۽ آفاقي شاعر سنڌ ۾ پيدا ٿيو ۽ سنڌ مان پنهنجي ڏاهپ، فڪر ٿوري پيغام کي دنيا تائين پهچايائين. جيتوڻيڪ شاهه سائين جي ڪلام ۽ فلسفي تي تمام گهڻو تحقيقي ڪم ٿيو آهي، دنيا جي ٻئي ڪنهن شاعر تي ايترو ڪم شايد ئي ٿيو هجي پر باوجود اُن جي اسان جي نئين نسل ۾ شاهه سائين جي ڪلام ۽ فڪر جي اوچائي کي چڱيءَ طرح سمجهڻ وارو شعور اڃا تائين پيدا ٿي نه سگهيو آهي.

جذباتون - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

جذباتون
 (پروفيسر مينا روپچنداڻيءَ جي تخليقي ۽ تنقيدي لکڻين جو ڪتاب)
رکيل مورائي

دادي پروفيسر مينا روپچنداڻيءَ جو هيءُ ڪتاب به سندس ئي ميڙي چونڊيءَ جو حصو آهي. جڏهن عمر تي آخري پڙاءَ پوندا آهن، تڏهن هر شخص پنهنجي ميڙي چونڊي سموهيندو آهي، ايئن ليکڪه به ڪيو آهي. تازو ڪتاب جنهن جو نالو ”جذباتون“ آهي، ان ۾ دادي مينا جون ڪهاڻيون، ليک ۽ شعر ڏنل آهن. ٽن بابن تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ به داديءَ سڀ ڪجهه اهو ڏيڻ چاهيو آهي، جيڪو  رهجي ويو آهي ۽ هاڻ هوءَ پاڻ پنهنجي سموري پونجي پنهنجي هٿن سان سيهڙي پڙهندڙن ۾ ورهائي رهي آهي، ڇاڪاڻ ته هن عمر ۾ هر ليکڪ جيان هن به محسوس ڪيو آهي، ته جيڪو سهيڙڻو آهي، پنهنجي هٿن سان، ايندڙ نسل تي ڀاڙڻ اجايو ٿيندو. خاص طور هند جو سنڌي نوجوان نسل سنڌي ڪتابن کان جنهن تيزيءَ سان پري ٿي رهيو آهي، ان سنڌي ليکڪ کي گهڻو مايوس ڪيو آهي.

جڏھن بت ئي چوي ڪافر - روشن علي تنيو (Roshan Ali Tunio)

روشن علي تنيو
جڏھن بت ئي چوي ڪافر
عبدالوهاب سهتي جي ڪھاڻي-ڪتاب جو مھاڳ

’ڪھاڻي‘ نالو آهي ان حقيقت جو، جا ڪن ڪردارن جي چرپر پٺيان واقعي يا واردات جي صورت وٺي پيدا ٿي پئي ٿي. هن حقيقت جو عملي پھلو آهي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ.
اهو ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ، تڏهن کان شروع ٿيل ٿو ڀانئجي، جڏهن کان ڌرتيءَ جي گولي تي پيدا ٿيل انسان کي زبان ملي ۽ هن ڳالھائڻ جو ڏانءُ سکي ورتو. اهو ڏانءُ ايترو ئي پراڻو آهي جيترو انساني جيوت جو داستان.
اسان پنھنجي زباني لفظن ۾، ڪھاڻيءَ کي ”ڳالهه“ چئي، ٻڌندا ۽ ٻڌائيندا، آيا آهيون.
اسان جي معاشرتي زندگيءَ ۾، لفظ ڳالهه، وزنائتي حيثيت والاريون بيٺو آهي.
”فلاڻو خان، ڳالهه وارو جوان آهي!“
”فلاڻي، واهه جو ڳالهه وهاري ڇڏي!!....“
”هن لوسيءَ ۾ غيرت واري ڳالهه ئي ڪانھي!....“
”مڙسن جون پيون ڳالھيون ڳائجن....“
”امان ڳالهه کڻي ٻڌاءِ .....“

ھَٿ جِي وڍِي - ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو (Dr. Anwar Figar Hakro)

ھَٿ جِي وڍِي
انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪهاڻي-ڪتاب جو مقدمو
ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو

ادب انساني زندگيءَ ۽ سماج جي آرسي آهي، ته ’ڪھاڻي‘ ان آرسيءَ جي چمڪندڙ سطح آهي. سماج جي تبديليءَ ۾ شعر ۽ ڪھاڻي، نھايت اثرائتيون صنفون آهن، جن جو سماجي ڪارج به مثالي ٿئي ٿو. سنڌي سماج جي اخلاقي، علمي، روحاني، مذهبي ۽ اقتصادي قدرن کي، جنھن قوت سان سنڌي ڪھاڻيءَ مثبت رخ ڏنا آهن، تنھن جا گهڻا ئي مثال تاريخ ۾ موجود آهن. هتي ضرورت ان جي آهي ته مان ’بلو دادا‘ (اياز قادري)، ’پشو پاشا‘ (جمال ابڙو)، ’چھڙي‘ (بشير مورياڻي)، کان وٺي ’ڪافر‘ (نسيم کرل) ڪھاڻيءَ تائين هر هڪ جو سماجي ڪارج پيش ڪريان. منھنجي نظر ۾ سنڌي ڪھاڻيءَ جي تاريخ ۾، حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪندڙ ڪھاڻين جو جيترو به تعداد ٿيندو، اوترو ئي انھن جو مثبت سماجي ڪارج به نظر ايندو.
حقيقت نگاريءَ جي عڪاسي ڪندڙ چوڏهن ڪھاڻين جو هڪ مجموعو ”هٿ جي وڍي“ جي نالي سان منھنجي اڀياس هيٺ آهي، جنھن جو ليکڪ انجنيئر عبدالوهاب سھتو آهي. ڪھاڻي ڪَلا جي اتھاس ۾ اهو اسم اڳ ۾ به موجود آهي، ڇاڪاڻ جو آڪٽوبر ۱۹۸۹ع ۾ سندس چوڏهن ڪھاڻين جو مجموعو ’هراس‘ جي نالي سان ”مُرڪ پبليڪيشن لاڙڪاڻو“ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو هو ۽ نومبر ۱۹۹۲ع ۾ سندس ڏهن ڪھاڻين جو ٻيو مجموعو ’جڏهن بت ئي چوي ڪافر‘ جي نالي سان ”سنڌي ادبي سنگت نئون ديرو“ پاران ڇپايو ويو آهي. مٿين ٻنھي مجموعن جي اشاعت جي وچ ۾ ٽن سالن ۽ ٽن مھينن جي وڇوٽي رهي، پر ڇھن سالن جي مدي کان بعد، هيءُ ٽيون مجموعو منظر عام تي اچڻ وارو آهي. ڏسجي ٿو ته ملڪي ۽ سياسي، سماجي ۽ ادبي حالتن جي اثر ڪري، هونءَ به ڪھاڻيءَ جي اشاعت ايتري تيزيءَ سان ٿي نه سگهي آهي، جيتري رفتار سان ڪھاڻي اڳ ۾ اشاعت هيٺ آيل آهي. سھتي صاحب جي ڪھاڻين جي اشاعت تي به اهو اثر پيل ٿو ڏسجي.