انور
بلوچ جي ڪتاب ”ٿوهر ڳاڙها گُل“ جو تنقيدي جائزو
ٿوهر-هٿراڌو
گُل
پروفيسر
نذير احمد سومرو
ادب جو تخليقي عمل، ادب جي مختلف صنفن
۾ ورهايل ٿئي ٿو. هر تخليقڪار پنهنجي ڪيفيت، تجربي ۽ مشاهدي جو مختلف نمونن سان
ادب جي الڳ الڳ صنفن ۾ اظهار ڪري ٿو. ادب جي انگريزيءَ ۾ لغوي معنيٰ ”اکرن جي
دنيا“ لکيل آهي. اڄ ڪلهه کوڙ سارو ادبُ سائنسي ادب، ڪلاسيڪل ادب، مذهبي ادب،
ثقافتي ادب، سياسي ادب، تاثراتي ادب ۽ معلوماتي ادب جي نالي سان لکجي رهيو آهي.
ڊاڪٽر فهميده نسرين چواڻي؛ ”هر قسم جو
لکيل مواد، ادب ڪو نه هوندو آهي.“ اردوءَ جو مشهور ليکڪ سردار جعفري چوي ٿو؛
”اخبار جي هر خبر، سياسي تبصرو يا مضمون ادب جو حصو ڪونه ٿئي ٿو.“ پر ڊبليو-ايڇ
هڊسن جي چوڻي آهي؛ ”ادب مان مطلب اُهي ڪتاب آهن، جيڪي موضوع ۽ طرزِ بيان جي لحاظ
کان عام دلچسپيءَ وارا هجن.“