اسان جي ڳالهه جي ڳل تان،
اڃا ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو
واحد پارس هيسباڻي
حسن درس جي وڇوڙي جي خبر هر ان ماڻهو تي وڄ
جيان ڪڙڪي، جيڪو شاعراڻي دل رکي ٿو. حسن درس ڇا هو؟ ان جو اندازو هڪ باذوق کي ئي
ٿي سگهي ٿو. هو پنهنجي ٽهيءَ جو بلڪل ئي منفرد ۽ مختلف شاعر هو، جنهن جي شاعري ۾
ڪنهن الهڙ جواني جي آلن وارن جهڙو هڳاءُ آهي.
هن جي شاعري ۾ بانسري جهڙو آلاپ آهي. حسن جا نظم محبوبا جي نهار جهڙا آهن. سندس
شاعري کان شيخ اياز جهڙو روح به متاثر هو. اياز ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ جي مهاڳ ۾ هڪڙي هنڌ حسن درس لاءِ
لکي ٿو ته: ”حسن درس نظم جو دانشور شاعر آهي.“ شاعراڻي دل رکندڙ عمر قاضي جيڪو اياز جي تمام گهڻو ويجهو رهيو، هن ٽيون
ڏينهن ڪچهري دوران ٻڌايو ته: ’مان جڏهن به حيدرآباد ايندو هئس ۽ هتي اديبن شاعرن
سان ٿيل ملاقاتن جو ذڪر اياز سان ڪندو هئس ته اياز پهريون سوال اهو پڇندو هو ته
حسن درس مليو.‘ اهو حسن جي شاعري جو ڪمال آهي، جنهن ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر کي به
پاڻ ڏانهن ڇڪيو. حسن ڪنهن کان متاثر ٿي شاعر ڪونه ٿيو، نه ئي فاعلن فاعلاتن سکڻ
لاءِ ڪنهن ڪهنه مشق شاعر کان سڳو ٻڌرايائين. هو شاعراڻي دل سان ئي پيدا ٿيو هو.
جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاهي ڏني وئي هئي، تڏهن هي ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هو
۽ ان وقت ئي هن:
”ڦاهي جي جهولي تي هن کي ننڊ اچي وئي“
جهڙو شاهڪار نظم لکيو هو.