30/01/2013

اڃا ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو - واحد پارس هيسباڻي


اسان جي ڳالهه جي ڳل تان،
اڃا ڳوڙهو ڳڙي ٿو پيو
واحد پارس هيسباڻي
حسن درس جي وڇوڙي جي خبر هر ان ماڻهو تي وڄ جيان ڪڙڪي، جيڪو شاعراڻي دل رکي ٿو. حسن درس ڇا هو؟ ان جو اندازو هڪ باذوق کي ئي ٿي سگهي ٿو. هو پنهنجي ٽهيءَ جو بلڪل ئي منفرد ۽ مختلف شاعر هو، جنهن جي شاعري ۾ ڪنهن الهڙ جواني جي آلن وارن جهڙو هڳاءُ  آهي. هن جي شاعري ۾ بانسري جهڙو آلاپ آهي. حسن جا نظم محبوبا جي نهار جهڙا آهن. سندس شاعري کان شيخ اياز جهڙو روح به متاثر هو. اياز ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“ جي مهاڳ ۾ هڪڙي هنڌ حسن درس لاءِ لکي ٿو ته: ”حسن درس نظم جو دانشور شاعر آهي.“ شاعراڻي دل رکندڙ عمر قاضي جيڪو اياز جي تمام گهڻو ويجهو رهيو، هن ٽيون ڏينهن ڪچهري دوران ٻڌايو ته: ’مان جڏهن به حيدرآباد ايندو هئس ۽ هتي اديبن شاعرن سان ٿيل ملاقاتن جو ذڪر اياز سان ڪندو هئس ته اياز پهريون سوال اهو پڇندو هو ته حسن درس مليو.‘ اهو حسن جي شاعري جو ڪمال آهي، جنهن ننڍي کنڊ جي وڏي شاعر کي به پاڻ ڏانهن ڇڪيو. حسن ڪنهن کان متاثر ٿي شاعر ڪونه ٿيو، نه ئي فاعلن فاعلاتن سکڻ لاءِ ڪنهن ڪهنه مشق شاعر کان سڳو ٻڌرايائين. هو شاعراڻي دل سان ئي پيدا ٿيو هو. جڏهن شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي کي ڦاهي ڏني وئي هئي، تڏهن هي ستين ڪلاس ۾ پڙهندو هو ۽ ان وقت ئي هن:
”ڦاهي جي جهولي تي هن کي ننڊ اچي وئي“
جهڙو شاهڪار نظم لکيو هو.

فاطمه ڀٽو جي نقطئه نظر کي چئلينج - طارق اسلام


فاطمه ڀٽو جي نقطئه نظر کي چئلينج
طارق اسلام
فاطمه ڀٽو جي ڪتاب ”رت ۽ تلوار جا گيت“ جو حوالو ڏيندي مان هي محسوس ڪيان ٿو ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ واقعي کي چٽو ڪرڻ جي حوالي سان مون مٿان ذميواري عائد ٿئي ٿي.
فاطمه ڀٽو هن ڪتاب ۾ ٻڌائي ٿي ته ڪهڙي ريت شهيد ذوالفقار علي ڀُٽي فوجي آمر ضياءُ الحق سان جنگ جاري رکڻ لاءِ عسڪريت پسندن جي اڏي قائم ڪرڻ لاءِ پنهنجي پٽ مرتضيٰ ڀٽو کي افغانستان وڃڻ لاءِ خط لکيو هو. مان اهو خط پيش ڪرڻ لاءِ ڪنهن کي به چئلينج ڪري سگهان ٿو، ڇا لاءِ جو اهڙو ڪو خط آهي ئي ڪونه.

29/01/2013

جناح-لياقت تضاد، پنجابي-مھاجر تضاد - غلام نبي مگسي

جناح-لياقت تضاد، پنجابي-مھاجر تضاد
تبصرو: غلام نبي مگسي وڪيل
هي ڪتاب پاڪستان جي سياسي تاريخ آهي. هي ڪتاب پنجابي دانشور ۽ ڏاهي تجزئي نگار تاريخ جي ماهر زاهد چوڌري لکيو آهي جيڪو ۷۰ واري ڏهاڪي ۾ لکيو ويو. زاهد چوڌري ڏيهي/پرڏيهي اخبارن ۾ ۾لکندو رهيو آهي. هن ڪتاب جي ڇپجڻ سان پاڪستان ۾ رهندڙ قومن، فاشٽ پنجابين ۽ استحصالي سازشي اردو ڳالهائيندڙن ۾ بحث مباحثو شروع ٿي ويو آهي. هن ڪتاب پڙهڻ سان ڪيتريون سازشون ظاهر ٿين ٿيون. اقتدار تي وقتن به وقتن قبضن پنهنجن کي نوازڻ، قومن کي سياسي، سماجي ۽ معاشي طور ڪمزور ڪرڻ جا واقعا ثبوتن سان ڏنل آهن. لياقت علي خان ڪيئن قائد اعظم کي مارايو، لياقت علي کي ڪنهن، ڇو ۽ ڇا لاءِ مارائڻ بابت تفصيلي بحث ڪيل آهي.

لاڙڪاڻي جي شاعرن جي نئين انٿالاجي - رکيل مورائي


لاڙڪاڻي جي شاعرن جي نئين انٿالاجي:
”مون ڏات انوکي آندي آ“
رکيل مورائي
هيءُ ڪتاب لاڙڪاڻي جي شاعرن جي ان انٿالاجيءَ جي ٻي ڪڙي آهي، جنهن جي پهرئين ڪڙي ڪجهه سال اڳ ۾ اسان جي نوجوان شاعر دوست رياضت ٻرڙيڏات ڏيئا ٻاريا“ نالي سان آندي هئي. ائين سنڌي شاعريءَ جي هيءَ پنجين انٿالاجي آهي، جيڪا به اسان جي دوست رياضت ٻرڙي مرتب ڪئي آهي، جنهن ۾ سورنهن شاعر آهن ۽ سڀ ئي پنهنجي نالي جي سڃاڻپ آهن.
لاڙڪاڻي جي شاعرن جي هيءَ انٿالاجي، رياضت سهيڙي سنڌ جي سڀني دوستن کي اها دعوت ڏني آهي ته اهي به پنهنجي ضلعن جون ائين انٿالاجيون جوڙي سگهن ٿا. ائين ڪرڻ سان ڪنهن به اهم ۽ تڪڙي حوالي لاءِ ڪيئي ڪتاب ڏسڻ ۽ پرکڻ بجاءِ هيءُ مجموعا وڌيڪ آساني پيدا ڪندا، ڪنهن به اڀياس لکڻ لاءِ ۽ ٻيو فائدو اهو ٿيندو ته هيءُ ڪتاب انهن شاعرن لاءِ اڃا وڌيڪ لاڀائتا آهن، جن جو اڃا تائين ڪو به شاعراڻو ڪتاب نه آيو آهي. انهن جي هيءُ مختصر ئي سهي پر پهرين سڃاڻپ بڻجندو جنهن آڌار تي هو اڳتي هلي سنڌي شاعراڻي ادب ۾ پنهنجي ويڪري دائري ۾ سڃاڻپ پيدا ڪندا.

ڪتاب ”لڙيو پئي لاڙ تان سورج“ - رکيل مورائي


امين ارباب جي ڪهاڻين جو ڪتاب
”لڙيو پئي لاڙ تان سورج“
رکيل مورائي
سنڌي ٻولي جي خوبصورت شاعر، وقت کان اڳ ۾ اسان کان گهڻو گهڻو ڏور هليو ويندڙ، اسان جي پياري دوست حسن درس جي نطم تان کنيل نالي وارو هيءُ ڪتاب، پياري امين ارباب جي انهن ڪهاڻين تي ٻڌل آهي، جيڪي ضرور پڙهيون ته وينديون پر ان کان اڳ انهن کي ڪيترائي سنڌي مختلف ٽي وي چئنلن تي ڏسي چڪا هوندا، ڇاڪاڻ ته هي سڀ ڪهاڻيون ٽي وي چئنلن لاءِ ئي لکيل آهن، جيڪي هن ڪتاب اچڻ کان اڳ پنهنجي سڃاڻپ سنڌي ماڻهن وٽ ڪرائي چڪيون آهن ۽ هاڻ جڏهن هيءُ ڪتاب آيو آهي ته ادب جو حصو پڻ بڻجي ويون آهن، ادب ۾ اهي پنهنجي پڙهندڙن  وٽ ڪيتري مڃتا ماڻينديون. اهو اڳتي هلي وقت ڏسيندو پر اهو طئي آهي ته امين ارباب وٽ ٻولي جي سونهن، لکڻ جو ڏانءُ ۽ موضوعن جي چونڊ هن جي تخليقي ذهن جي پيداوار آهي، واڌو هن ۾ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو شعور به آهي، جنهنڪري سندس لکڻي هر دل عزيز ٿي سگهي ٿي. 35 ڪهاڻين تي ٻڌل هن ڪتاب ۾ 112 صفحا آهن ۽ هن ڪتاب جو ملھه 150 رپيا آهي. پڪي جلد ۽ خوبصورت ٽائيٽل وارو هي ڪتاب ڪويتا پبليڪيشن ڇپرايو آهي.

هڪ وڏي ليکڪ کي ڀيٽا ”منٽوءَ جا 100 سال“ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)


نوجوان ليکڪ بشير منگيءَ جي هڪ وڏي ليکڪ کي ڀيٽا
”منٽوءَ جا 100 سال“
رکيل مورائي
سعادت حسن منٽو ۽ ڪرشن چندر کي اردو ڪهاڻيءَ ۾ هڪ خاص درجو حاصل آهي، جيتوڻيڪ ٻنهي جون ادب بابت ويچار ڌارائون بنھه الڳ رهيون پر گڏ هلنديون رهيون ريل جي پٽڙين جيئن. اردو ادب جي سمورن ادارن گڏجي ايڪهين صديءَ جي ٻارهين سال کي منٽو ءَ جو سال ڪري ملهايو، ڇاڪاڻ ته منٽوءَ ۱۹۱۲ع ۾ جنم ورتو، ان لحاظ کان ۲۰۱۲ع سندس سؤ سالا جنم سال ڪري ملهايو ويو جيڪا نهايت سـٺي روايت آهي. ممڪن آهي ته ۲۰۱۳ع ڪرشن چندر جو سال ڪري ملهايو وڃي ڇاڪاڻ ته ڪرشن چندر منٽوءَ کان هڪ سال ننڍو هئو ۽ ۱۹۱۳ع ۾ ڄائو هئو. ڪرشن چندر ترقي پسنديءَ کان پوءِ رومانوي نظرئي ڏانهن مائل ٿيو ۽  منٽو ترقي پسنديءَ کان پوءِ سماجي حقيقت نگاريءَ ڏانهن مائل ٿيو ۽ هن اهڙي حقيقت نگاري پنهنجي ڪهاڻين ذريعي ڪئي، جنهن ننڍي کنڊ جي اردو ادب جا وڻ وڄائي ڇڏيا. منٽوءَ پنهنجي لکڻين ذريعي سماجي براين کي ڪمال آرٽ سان ننگو ڪري وچ چوڪ تي آڻي بيهاريو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو کيس فحاشي ڦلائيندڙ  جي لقب سان نه فقط نوازيو ويو پر قانون جي ڪٽهڙي ۾ پڻ کيس بيهاريو ويو. خير!
هن سال جي ئي نسبت سان الڳ الڳ ادارن منٽوءَ تي پروگرام رکيا. ڪيئي ڪتاب الڳ الڳ ادارن الڳ الڳ ٻولين ۾ شايع ڪيا. ائين کيس سنڌي ٻوليءَ ۾ به ياد ڪيو ويو، جو سندس 12 ننڍيون ڪهاڻيون سنڌيءَ ۾ترجمو ڪري هڪ ڪتابي صورت ۾ آنديون ويون ۽ ڪتاب جو نالو رکيو ويو ”منٽو جا سؤ سال“. هيءُ ڪتاب اسان جي دوست بشير منگيءَ ترجمو ڪيو ۽ ائين هڪ ليکڪ جي ٻئي ليکڪ کي ڀيٽا طور هيءُ سنڌي آيل ڪتاب شايد منٽوءَ جي گڏيل ترجمن جو سنڌيءَ ۾ پهريون ڪتاب[i] هجي، جنهن لاءِ بشير منگي پڪ سان اسان دوستن ۽ سنڌي پڙهندڙن جو پيار لهڻي. 12 چونڊ ڪهاڻين جو هي ڪتاب 160 صفحن تي آهي ۽ پڪي جلد سان هن ڪتاب جو ملھه 300 رپيا رکيو ويو آهي. هيءُ ڪتاب ٽي اينڊ ٽي پبلشرز بئنڪ ڪالوني سمن آباد لاهور مان ڇپيو آهي.


[i]  منٽو جي ڪهاڻين جو هڪ ڪتاب ”پنج ڏينهن“ جي نالي سان نوجوان ليکڪ رضوان گل جو به 2007ع ۾ ڇپيل آهي. جڏهن ته ان کان گھڻو اڳ شايد هڪ ڪتاب ”گلن جي ٽوڪري“ به ڪنهن سنڌيڪار پاران ڇپيل آهي، جنهن جو نالو ذهن تي نه ٿو چڙهي. - مرتب

ڪتاب ”خلافت تحريڪ ۽ جي ايم سيد“ - رکيل مورائي


آزاد قاضيءَ جو مرتب ڪيل ڪتاب
”خلافت تحريڪ ۽ جي ايم سيد“
رکيل مورائي
هيءُ هڪ اهم دستاويزي ڪتاب آهي، جنهن ۾ سائين جي ايم سيد جون تقريرون آهن ۽ اهي ليک آهن، جيڪي هن ان وقت ڪيا هئا، جڏهن سندس عمر ويهن سالن کان به گهٽ هئي، جن مان نه فقط سيد صاحب جي ذهني اوسر جي خبر پوي ٿي پر ننڍي کنڊ جي سياسي وايومنڊل ۽ ان ۾ سنڌ جي سياسي ۽ سماجي حالتن جي به سُڌ پوي ٿي، ته ساڳئي وقت ان وقت جي سياست ۾ سيد صاحب جي ادا ڪيل ڪردار جي به خبر پوي ٿي، ته سندس سنڌ دوستيءَ جو به پتو پوي ٿو.

26/01/2013

سنڌ جو عاشق ۽ کاهوڙي اديب الطاف شيخ - رخسانه ’پريت‘

الطاف شيخ صاحب جي ڪتاب ”مون کي موھيو ملائيشيا“ جو مھاڳ

سنڌ جو عاشق ۽ کاهوڙي اديب
الطاف شيخ
رخسانه ’پريت‘
ڪجهه مهينا اڳ اوچتو Cell Phone تي رنگ ٿي هئي. On ڪرڻ تي نمبر نئون لڳو هو. هڪ دفعو ته فون اٽينڊ ڪانه ڪيم، پر ٿوري دير کان پوءِ وري فون آئي هئي، نيٺ ڊڄي ڊڄي فون Attend ڪئي هئم.
”بابا! ڊاڪٽر رخسانه پريت ٿا ڳالهايو.“ پريان ڏاڍو حجائتو ۽ پنهنجائپ وارو لهجو ٻڌو هئم.
”جي!“ آهستي جواب ڏنو هئم.
”ڊاڪٽر! آءٌ الطاف شيخ، رائٽر الطاف شيخ ٿو ڳالهايان. اوهان جي شهر حيدراباد مان.“ لهجو بدستور ساڳيو ئي پنهنجائپ وارو هو. آءٌ حيران به ٿي هئس ته گڏوگڏ خوشيءَ واري ڪيفيت به هئي.

25/01/2013

سانت سان ڀريل ڪهاڻي - علي بابا



سانت سان ڀريل ڪهاڻي
علي بابا
آئون نقاد نه آهيان. بس مون کي رڳو ايتري خبر آهي ته ڪهاڻيءَ جي معنيٰ ڪنهن پر به ’ڳجهارت ڳجهڙي جنهن کي نه ڪن نه پُڇڙي‘ نه آهي، ڪهاڻي ڪو ڏيڏريءَ جو ويم نه آهي. جهڙيءَ ريت علامتي (Symbolic) ڪهاڻيءَ لاءِ چيو ويندو آهي يا جواز ڏنو ويندو آهي ته جڏهن ليکڪ آڏو سنسر بورڊ يا آمر حڪمران جي رڪاوٽ موجود هوندي آهي ته پوءِ ڪهاڻيڪار ايسپ بڻجي ويندو آهي ۽ چيف مارشل جنرل ايوب خان مهاراجا اوڌ بڻجي ويندو آهي. ڪڏهن ڪهاڻي پنهنجي سونهن لاءِ پاڻ ڪهاڻيڪار تي حاوي ٿي علامتن جي سونهري سونهن بڻجي ويندي آهي. ٻي ايبسٽريڪٽ (Abstract) ڪهاڻي آهي، جيڪا انسان جي ٻاهرين کل جي نه، پر اندرين وارتائن جي ڪهاڻي هوندي آهي. انساني ذهني مونجهارن جي ڪهاڻي، جنهن کي پڙهڻ ايئن هوندو آهي جيئن مومل ۽ سومل جي ريشمي سُٽ جي منجهايل ڍيري، جنهن کي ڪو راڻو پڙهندڙ ئي سلجهائي سگهندو آهي.

23/01/2013

محبت جي بازار ۾ اکين جو عجيب ڪم! - مشتاق گبول



محبت جي بازار ۾ اکين جو عجيب ڪم!
مشتاق گبول
جيئن مڇي، پاڻيءَ کان سواءِ رهي نٿي سگهي. تيئن آئون ڪتابن کان سواءِ رهي نٿو سگهان. ڪتاب منهنجي لاءِ ”آڪسيجن“ وانگي آهن. سو، مان سُٺن ڪتابن جي هميشه ڳولا ڪندو رهندو آهيان. سو، ڳوليندي ڳوليندي مون کي علامه نياز فتح پوري جو هندي دوهن جي تشريح تي مشتمل ڪتاب هٿ اچي ويو ۽ منهنجا ٺٺ ٿي ويا. ڪتاب اهڙو سٺو لڳو، جو اُن کي ترجمو ڪرڻ شروع ڪيو اٿم. انهيءَ ڪتاب مان ڪجهه شيون اوهان سان شيئر ڪري اوهان کي به ٺٺ ڪرائي رهيو آهيان. سنڌي بيت يا هندي دوهو، شاعري جي سينڌ ۾ ”سيندور“ مثل آهن. شل سنڌي بيتن ۽ هندي دوهن جهڙن نج صنفن سان سنڌي ۽ هندي شاعري جي سينڌ ڀريل رهي.

عورتازاد - مبارڪ علي لاشاري



جديد ادبي تنقيدي نظريا
عورتازاد (Feminism)
مبارڪ علي لاشاري
عورتازاد جو نظريو تاريخ جو اهو آواز آهي جيڪو ڪنهن به دور جي قيد جو آواز نٿو ٺهرائي سگهجي، نڪي ان کي ڪنهن جاگرافي سان منسوب ڪري سگهجي ٿو، نه ئي ڪنهن هڪ ۽ مخصوص تهذيب، ثقافت، سماج، مذهب يا نظام جو حصو چئي سگهجي ٿو، پر اهو دٻيل آواز هر دور ۾، هر جاءِ تي ۽ هر هنڌ رهيو آهي.

22/01/2013

دادو ضلعي جي تاريخ تي لکيل انگريزي ڪتاب - تابش بخاري



دادو ضلعي جي تاريخ تي لکيل انگريزي ڪتاب
Dadu at a Glance“ تي هڪ نظر
تابش بخاري
دادو ضلعي تي مختلف اديبن جا ڪجهه ڪتاب سنڌي ۾ ڇپيل آهن، پر مستند، مدلل ۽ مفصل نه هجڻ ڪري ملڪي يا عالمي سطح تي مڃتا ماڻڻ کان محروم رهيا آهن، جنهنڪري بهرحال اهڙي ڪتاب جي سخت ضرورت ڪافي سالن کان محسوس ٿي رهي هئي، پر جڏهن فيبروري 2011ع ۾ هڪ ادب شناس تاريخي ۽ ادبي سوچ رکندڙ سنڌ دوست مهربان آفيسر محترم ڊاڪٽر نياز علي عباسي صاحب دادو ضلع جي ڏهين “DCO” ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيشن آفيسر طور پنهنجون ذميورايون سنڀاليون ته مصروف عمل ٿي ويا. انهن ڪمن ۾ قابل تحسين ڪم هي ڪتاب ڇپائي مارڪيٽ ۾ آڻڻ آهي، جيڪو اڄ اسان جي هٿن ۾ آهي.

21/01/2013

شيخ اياز جي شعري مجموعي ”راج گهاٽ تي چنڊ“ جو مهاڳ - محمد ابراهيم جويو



شيخ اياز جي شعري مجموعي
راج گهاٽ تي چنڊ“ جو مهاڳ
محمد ابراهيم جويو
اسان جي پياري دوست، شيخ اياز، جي شعر جو هيءُ تيرهون مجموعو آهي، جو پيش ٿي رهيو آهي. لڳ ڀڳ ست سال اڳ، ۱۹۸۰ع ۾، اياز جو ڇهون مجموعو، ’لڙيو سج لڪن ۾‘، شايع ٿيو، جنهن ۾ ناشر طرفان ٻڌايل هو ته ’شاعر شيخ اياز ۱۹۷۵ع جي شروع کان...... خاموش‘ رهيو، ڇو ته فارسي شاعر ابوالفيض فيضيءَ جي بقول، ان دور ۾ اياز جي ڄڻ اها ڪيفيت هئي، جو
بازگشتم از سخن زيراڪ نيست
در سخن معنى و در معنى سخن-
يعني ’شعر چوڻ کان باز آيل آهيون، ڇو ته شعر ۾ معنى رهي هئي ۽ نه معنيٰ ۾ شعر‘. اياز جي ان ڪيفيت جو اشارو هن جي ان مجموعي جي نالي مان ئي پڌرو هو، جيڪو لطيف جي بيت مان هن کنيو هو:
’لڙيو سج لڪن ۾‘ راسيون رتائين،
مون کي ماريائين، اديون اونداهي ڪري!

19/01/2013

عبدالخالق عبد جي شاعري - منور ملاح




عبدالخالق عبد جي شاعري
سوچن جو سنسار


منور ملاح
سينئر شاعرن جي احساسن کي ڇهندي ڪيئن سوال جاڳي پوندا آهن، شايد پهاڙن کي سمجهڻ جي لاءِ چنڊ ٿيڻو پوندو آهي. سينئر ليکڪ پنهنجي تجربي ۽ مطالعي جا امين هوندا آهن، ڇو ته اهي ادبي هاءِ اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي جي علم ۽ روشني جا حوالا هوندا آهن، جنهن جي آدرشن ۽ ڪاوشن تي ايندڙ قومون ترقي ۽ رهبري وٺنديون آهن. سنڌ جي ادبي قداور نالن ۾ ”سائين عبدالخالق عبد“ به هڪڙو تاريخ جو اهم باب آهي. سندس شاعري جي ڪتابن مان هڪ ڪتاب ”سوچن جو سنسار“ منهنجي سامهون آهي، جنهن ۾ حمد، نعت، غزل، نظم ۽ ڪافيون شامل آهن.

شوڪت حسين شوري جي ڪهاڻي ’غيرتي‘ - مدد علي سنڌي



شوڪت حسين شوري جي ڪهاڻي ’غيرتي‘
مدد علي سنڌي
شوڪت شوري، پنهنجي ڪنهن مضمون ۾، برک مفڪر ’فرڊيننڊ سوسيئر‘ جو هڪ حوالو ڏنو آهي: ”لفظ بذاتِ خود بي معنيٰ آهن، بلڪ انهن ۾ زندگي آهي ئي ڪا نه.“
لفظ واقعي بي معنيٰ هوندا آهن، پر اهو ليکڪ ئي آهي، جيڪو لفظن جي اڻت ٿو ڪري. ڪڏهن ڪڏهن نه رڳو انهن کي معنيٰ ٿو بخشي، بلڪ زندگي به ڏيئي ڇڏيندو آهي. جديد ادب، يا ان کان پوءِ جو ادب، يا ڪلاسيڪل ادب، زندگيءَ جي بي رحمين، احساسن ۽ جذبن کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم رول ادا ڪيو آهي. ڪهاڻي/شاعري، انهن جذبن جو اظهار آهي، پوءِ اها ليکڪ جي ڪاريگري آهي ته هو ان کي ڪيئن ٿو معنيٰ ڏيئي، زندگي عطا ڪري.

فطرت، فلسفو، زندگي ۽ اياز جا فڪري مونجهارا - جامي چانڊيو



فطرت، فلسفو، زندگي ۽ اياز جا فڪري مونجهارا
 ان حقيقت کان مان ته ڇا ڪو به ايماندار ۽ سڄاڻ ماڻهو انڪار ڪري نه سگهندو  ته اياز هن ڌرتيءَ تي فن ۽ ويچار شڪتي جو اهو آڪاش آهي، جنهن جي فني وسعت ۽ فڪري وشالتا کي هي دور اڃا پوري طرح پروڙي نه سگهيو آهي، پر پوءِ به اياز جيئري امرتا ماڻي چڪو آهي. هُو  هن دؤر  جو ايڏو وڏو فنڪار ۽ ويچارڪ آهي، جو هن جي عظمت ۽ انفراديت کان انڪار خود فريبي ۽ اياڻپ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿيندو. اياز نه رڳو ادب ۽ اسان جي نسل پر هن دور جي مٽي پنهنجي امر فن ۽ فڪر جي امرت سان نئين سر ڳوهي آهي ۽ اڄ اسان جو نسل جنهن پختگي ۽ بلنديءَ تي بيٺو آهي ان ۾ ٻين سان گڏ اياز جو فني ۽ فڪري پورهيو به بنيادي حيثيت رکي ٿو.  اياز ته رڳو مٺا ۽ مڌر گيت، سٺا ۽ سُندر ٻولَ سرجيا آهن، پر هن پنهنجي اٿاهه ڪلاتمڪ سگهه سان هن دور جي ساهت ۽ سڀيتا ۾ سچ ۽ سونهن جو هڪ نئون روح ڦوڪيو آهي. هن جي فن ۽ شعور نه رڳو سندس ذات کي امرتا بخشي آهي، پر سنڌي ساهت ۽ سڀيتڪ جيوت کي نوان ۽ اٿاهه تخليقي موڙ ڏيئي ان کي ادب، فن ۽ سونهن جي عالمي ۽ دائمي قدرن سان سلهاڙيو آهي. ان ڪري هو نه رڳو مهان رچناڪار ۽ فطرت جو امر چَيٽڪُ آهي، پر هو هن دور جي اعليٰ ۽ زندگي کي سَنرتِ سونهن بخشيندڙ فني توڙي فڪري قدرن جو سرجڻهار به آهي.

18/01/2013

عظيم سائنسدانن جا خاڪا - حميد سبزوئي



عظيم سائنسدانن جا خاڪا
حميد سبزوئي
اهي عظيم سائنسدان جن انسان ذات جي زندگي ۾ روشنين جا هزارين ڏيئا ٻاري ڇڏيا ۽ ڄاڻ سميت سهولتن ۽ خوشين جا مٽ ڀري ڏنا ۽ فطرت کي زير بار ڪري هن ڌرتي کي رهڻ لائق خيالي جنت جهڙو بڻائي ڇڏيو- اهي دماغ، هٿ ۽ ڪم يقينن تحسين لائق آهن. نوجوان اديب ۽ مترجم، گرو ولسن جو مشهور ڪتاب عظيم سائنسدان سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري هڪ ڳڻپ جوڳو ۽ لاڀائتو ڪم ڪيو آهي. هن ڪتاب کي اهو اعزاز به حاصل آهي ته هن ڪتاب کي سنڌي ۾ ٻه سنڌيڪار مليا آهن ۽ ٻئي ترجمو ڪيل ڪتاب ڇپجي پڌرا ٿيا آهن. ان مان هن ڪتاب جي اهميت به پڌري ٿئي ٿي.

17/01/2013

هُو چَون ٿا هيئن چئو! - رسول بخش پليجو



عبدالواحد آريسر جي مضمون ”واويلا وڻڪار“ جو جواب
هُو چَون ٿا هيئن چئو!
رسول بخش پليجو
شيخ اياز ۽ رسول بخش پليجو
هن ملڪ ۾ ماڻهن جي ڳالهه ڪندڙ ۽ خاص ڪري سنڌي ماڻهن جي ڳالهه ڪندڙ رسالا سدائين ڪاٺ ۾ رهيا آهن. جوڻيجي سرڪار جي هڪڙي چڱائي اها هئي ته ان پريس کي ڪجهه نه ڪجهه آزادي ڏني ۽ سنڌي رسالن ۾ وري وڃي ڪجهه ساهه پيو. چونڊن کان پوءِ ڪجهه وڌيڪ ڍر ملي آهي. ڏسجي ته اها جٽاءَ ٿي ڪري يا جرتي ڦوٽو ٿي ثابت ٿئي.
سنڌي رسالي ”پروڙ“ جي تازي پرچي ۾ عبدالواحد آريسر صاحب جو شيخ اياز خلاف مضمون ڇاپيو ويو آهي، عنوان اٿس ”واويلا وڻڪار“.

پروفيسر نذير احمد سومري جي ڪتاب ”تنقيدون ۽ تجزيا“ جو مهاڳ - انجنيئر عبدالوهاب سهتو



پروفيسر نذير احمد سومري جي پهرئين ڪتاب ”تنقيدون ۽ تجزيا“ جو مهاڳ
ٽڪي جي دانگي به وڄائي وٺجي
انجنيئر عبدالوهاب سهتو
ربِ ڪائنات، دنيا اندر، آزمائش ۽ پرک خاطر، اصل ۽ نقل جي شڪل، هڪجهڙي رکي آهي. اصل؛ سچ آهي، سون آهي، هيرو آهي، ايمان آهي. جڏهن ته نقل؛ ڪوڙ آهي، رول گول آهي، شيشو آهي، ڪفر آهي. سچ جهڙي شڪل، ڪوڙ کي به ملي. چمڪندڙ پتل کي ڏسي، گهڻا سون سمجهي مٿس ڀانڀولجي پيا. شيشي ۾ به هيري جهڙي چمڪ ۽ رنگينيءَ-ذري رکيل آهي.
رات کي ڏينهن کان تضاد آهي ته منجهن فرق به اوڏو آهي جو ٻار توڙي ٻڍو، اگهو توڙي سگهو، عورت توڙي مرد، چڱي نموني پرکي سگهن ٿا ۽ چئي سگھن ٿا ته هيءَ رات آهي، هو ڏينهن هيو. جڏهن ته اکين جي انڌي لاءِ؛ جهڙي رات، تهڙو ڏينهن.

16/01/2013

ڪتاب ”نيلسن منڊيلا جي جدوجهد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“ - رکيل مورائي



هڪ سياسي ڏاهپ وارو ڪتاب
”نيلسن منڊيلا جي جدوجهد ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ“
رکيل مورائي
ڏکڻ آفريڪا ۾ ڄاول نيلسن منڊيلا، پڪ سان انهن سڀني قومن، طبقن ۽ گروهن جو آئيڊيل آهي، جيڪي قومي، طبقاتي ۽ ثقافتي آزديءَ لاءِ وڙهي رهيا آهن. ويهين صديءَ کي آزاديءَ جي صدي سياسي اصطلاح ۾ ان ڪري ڪوٺيو ويندو هو ته ان صديءَ  ۾ گهڻي کان  گهڻون تحريڪون هلي رهيون هيون. خود سترهين آڪٽوبر واري عالمي سوشلسٽ انقلاب نه رڳو روس پر دنيا جي وڏي حصي کي متاثر ڪيو. روس سوويٽ يونين بڻجي ويو ۽ دنيا جي غلام طبقن ۽ قومن جي اڳواڻي ڪرڻ لڳو جن جي ڏڍ تي ڪيترائي ملڪ آزاديءَ جي تحريڪن جو مرڪز بڻيا ۽ ائين سنڌ پڻ ان اثر کان بچي نه سگهي.

ڪتاب ”جي ايم سيد جي تعليم“ - رکيل مورائي



آزاد قاضيءَ جو مرتب ڪيل ڪتاب
جي ايم سيد جي تعليم“
رکيل مورائي
سائين جي ايم سيد پنهنجي سڄي ڄمار ۾ لڳ ڀڳ جيترا سال زندهه رهيو اوترائي ڪتاب لکيائين، جيڪي مختلف مسئلن تي آهن جن ۾ فلسفو، سياست، سياسي تاريخ، سماجي علم، ادبي ۽ نظرياتي علم ۽ خط وغيره.
ائين هزارين صفحن جو مواد اڃا تائين ڇپجي نه سگهيو آهي، جيڪو هاڻ جي ايم سيد فائونڊيشن ۽ ڪي ٻيا ادارا ڇپرائي رهيا آهن ۽ انهن سڀني ڪتابن کي ڏسي ۽ پڙهي اهو اندازو لڳائڻ ڏکيو نه آهي، ته سائين پنهنجي سموري زندگي جو هڪ پل به اجايو نه وڃايو ۽ پنهنجي اڳواڻ شاعر سچل جي هن سٽ تي عمل ڪندو رهيو ته ”جودم غافل سودم ڪافر“. ائين هن ڪو به پل غافل رهي ڪافر ٿيڻ کان پاڻ کي بچائي رکيو.

مون تي ميارون - اعجاز منگي



مون تي ميارون
جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين محترم عبدالواحد آريسر پنهنجي مضمون ”واويلا وڻڪار“ ۾ شيخ اياز تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
دراصل تنقيد ڪجهه اهڙي قسم جي ڪئي وئي آهي جنهن جو جواب ڏيڻ لازمي ٿي پيو آهي، پر تنقيد جو جواب ڏيڻ کان اڳ اسان کي اهو ڏسڻو پوندو ته آريسر صاحب بذات خود ڇا آهي؟ ۽ شيخ اياز ڇا آهي؟
عبدالواحد آريسر لاءِ سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ”جنب گذاريم جن سين“ ۾ لکيو آهي ته ”عبدالواحد آريسر لاءِ سنڌ جا قوم پرست نوجوان چاهيندا آهن ته هو سندن محفلن کي رونق بخشي ڇو ته هو هڪ سٺو مقرر آهي.

14/01/2013

واويلا وڻڪار - عبدالواحد آريسر



واويلا وڻڪار
عبدالواحد آريسر
 دنيا جو عظيم فڪر ۽ فن، زندگيءَ کي خوبصورت بنائڻ لاءِ تخليق ٿيندو رهيو آهي. زندگي جيڪا سچ ۽ سونهن جي مادي روپ جو اظهار آهي. عظيم فن ۽ فڪر، سموريءَ ڪائنات لاءِ پنهنجي اندر ۾ ڪو عظيم آدرش، سڀاڻي جو سهڻو خواب“ ۽ روشن آئيندي جي روشن اميد رکندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اهڙو ادب، فن ۽ فڪر، ڪنهن هڪ فرد، هڪ گروهه ۽ هڪ پارٽي لاءِ نه هوندو آهي پر ان جو دامن خدا جي دل کان به وسيع هوندو آهي، اهو فن، جڏهن پنهنجي وُسعت ڇڏي، ڪنهن هڪ شخص، گروهه ۽ پارٽيءَ واري راهه اختيار ڪندو آهي، تڏهن اهو عظمت جي مناري تان ڪري، خوشامد، لالچ ۽ لوڀ جي گندگيءَ ۽ غلاظت جو ڍير بنجي ويندو آهي، ۽ پوءِ اهڙي فنڪار کي ان غلاظت ۽ ليٿڙين پائڻ واري پنهنجي عمل کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ انتهائي ڪين جهڙيون ۽ خسيس حرڪتون ڪرڻيون پونديون آهن، ڪوڙ ٺاهڻا پوندا آهن، تاريخ جون هٿراڌو تاويلون ڪرڻيون پونديون آهن. ۽ هٿ ٺوڪيا فلسفا گهڙڻا پوندا آهن.

13/01/2013

تحليل النفسي/ نفسياتي ڇيد تنقيدنگاري - مبارڪ علي لاشاري



تحليل النفسي/ نفسياتي ڇيد تنقيدنگاري
Psychoanalytic Criticism
مبارڪ علي لاشاري
علم، ادب، سائنس و سماجيات ۾ ٻيا ڪئين نظريا، خيال، تجزيا، اڀياس ۽ طريقا وجود ۾ آيا ۽ انهن علمن تي لاڳو ٿي مختلف نتيجا به اخذ ڪيا پر ڪنهن به اڀياس، تجزيي يا نظريي انسان جي اندر جهاتي پائي، لڪل رازن، ڳجهن، قوتن کي ايترو نه پروڙيو جيترو تحليل النفسيءَ ڪيو. دنيا جي مختلف علمي پاسن انسان، ليکڪ يا فنڪار جي روين، روشن، تخليقن يا رد عمل کي خارجي عينڪ سان ڏٺو ۽ خارجي حالتن پٽاندڙ ئي انهن جي تشريح ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ خارجيت جون شاخون ته نڄاڻ ڪهڙن علمن کان ڦٽي ڪٿي پهتيون، پر انسان، ليکڪ يا فنڪار اندر جي دٻاءُ جو هميشه شڪار رهيو ۽ دٻيل حسرتن، خواهشن، مرضن، قوتن يا اوڻاين سان سموري زندگي ۽ مرڻ پڄاڻان مٽي ۾ دٻيل رهيو.

اياز جي شاعري - قربان علي بگٽي



قربان علي بگٽي
حقيقت هي آهي ته اياز جي ڊائري جو هڪ هڪ جملو قابل گرفت آهي، پر مون کي ايترو ٽائيم نه آهي. قارئين کي به زحمت ڏيڻ گوارا نٿو ڪريان. هينئر اياز جي شاعري متعلق ڪجهه معروضات پيش ڪندس. ترقي پسند حلقي اياز جي حد کان وڌيڪ پروپئگنڊا ڪئي آهي. هنن ائين به لکيو ته شيخ صاحب چوڏهين صديءَ جو شاه لطيف آهي. سبحان الله ! ”چراغ مرده کجا“ اياز به پنهنجي اجائي تعريف ٻڌي ڦونڊجي ويو آهي. اوهان مٿي پڙهي آيا آهيو ته ڪيئن نه پاڻ کي ناظم حڪمت، نذرل ۽ سرمد جهڙين شخصيتن جي قطار ۾ شامل ڪري ٿو. ٻين جي واتان پنهنجي تعريف ٻڌي کيس ”ثناءَ خودبخو کردن“ جي عادت پئجي وئي، ”ڪپر ٿو ڪن ڪري“ جو مهاڳ ان لاءِ ڪافي ثابتي آهي. اياز جي شاعري جي پرک لاءِ نهايت ئي ضروري آهي ته ” شاعري“ جي توصيف لاءِ انگريزي ۽ مشرقي اديبن جا ڪجهه رايا پيش ڪجن.

شيخ اياز جي ڪتاب ”وڄون وسڻ آئِيون“ جو مهاڳ - محمد ابراهيم جويو



شيخ اياز جي ڪتاب ”وڄون وسڻ آئِيون“ جو مهاڳ
محمد ابراهيم جويو
’اياز‘ جي شعر جو هيءُ چوٿون ڪتاب آهي، جو پيش ٿي رهيو آهي. هن ڪتاب ۾ آيل شعر ۱۹۶۸-۱۹۶۴ع جي دور جو شعر آهي. سنڌ جي تاريخ جا هي چار سال نئين سنڌ جي قومي جدوجهد جا خاص يادگار سال آهن. انهن چئن سالن ۾ محب وطن سنڌي اديبن ۽ دانشورن ون يونٽ جي سامراج خلاف قومي جدوجهد جي اڳواڻيءَ جا فرض پوريءَ ڄاڻ، حوصلي ۽ ثابت قدميءَ سان ادا ڪيا. سنڌ جي اديبن ۽ دانشورن جو هيءُ ڪردار سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ سدا روشن باب ٿي رهندو.

12/01/2013

چاچا سليمان سولنگيءَ جو ڪتاب ’چنڊ، سمنڊ ۽ پٿر اکيون‘ - صنم سنڌي



چاچا سليمان سولنگيءَ جو ڪتاب ’چنڊ، سمنڊ ۽ پٿر اکيون‘
صنم سنڌي
چوندا آهن ته؛ شاعري احساسن ۽ جذبن جو ٻيو نالو هوندي آهي. جيڪڏهن انهن احساسن ۽ جذبن جي صحيح نمائندگي ڪندي انهن کي اهڙو ته خوبصورت ۽ نفيس روپ ڏجي جو اُهي احساس هر دل تي اثرانداز ٿي پون ۽ گهرو عڪس چٽي ڇڏين ته اهڙي جذبن جي نمائندگي ڪندڙ کي ئي حقيقي شاعر يا سرجڻهار چيو ويندو آهي. شاعر دل جي دنيا جو اهو شهنشاهه هوندو آهي جيڪو درد ۽ محبت جي خزانن کي مٺ ۾ بند ڪري گهمندو ۽ ٻين جي پيڙائن کي پرکڻ جو ڏانءُ رکندو آهي، مٿيون سٽون هڪ شاعر کي سڃاڻڻ لاءِ منهنجي من جو مشاهدو آهن.

بس ڳالهه به ايتري! - سحر گُل

بس ڳالهه به ايتري!
سحر گُل
سنڌي ٻوليءَ تي پنهنجي هن چوٿين مضمون ۾ مان ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ تڪڙي ايندڙ ڦير جي حوالي کان وڌيڪ روشني وِجهنديس ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ۾ ادي فهميده حسين ۽ تاج جويي سان ٿيل منهنجي تازي  مُلاقات ۽ انٽرنيٽ جي سماجي ميڊيا تي ڇپيل دوستن جي راءِ جي آڌار تي تجويزون ڏينديس ته ڪيئن ٻوليءَ ۾ ايندڙ تڪڙي بِگاڙ تي ضابطو رکي سگهجي ٿو.

خواب ۽ خانابدوشي! - عمر قاضي



ايوب گل جي شاعري
خواب ۽ خانابدوشي!
عمر قاضي
مون ايوب گل جي شاعري اڳ ۾ نه پڙهي هئي. جڏهن هن جو مجموعو شايع ٿيو ته هڪ دوست فون ڪري چيو ته ”هي هڪ اهڙو ڪتاب آهي، جنهن تي اوهان کي ڪالم ضرور لکڻ گهرجي.“ مون هن کان پڇا ڪئي ته ”ڪتاب جو نالو ڪهڙو آهي؟“ هن ٻڌايو ته ”رنگن جي خانابدوشي“.
۽ پوءِ ان ڏينهن کان وٺي مان ان ڪتاب لاءِ بيچين ٿي پيس. منهنجي بيچينيءَ جو بنيادي سبب صرف اهو هڪ لفظ ”خانابدوشي“ ئي هو، ڇو ته مان روحاني طور تي پاڻ به خانابدوش رهيو آهيان. هي ته اسان هن دنيا جي جهنجهٽ ۾ اڙجي ويا آهيون، نه ته زندگيءَ جو اصل حسن ته آهي ان انداز ۾ جنهن انداز واري زندگيءَ کي هيءَ دنيا خانابدوشي سڏيندي آهي.

ڪتاب ”انڊس اينڊ اٽس ڊيلٽا“ جي اھميت - وحيد ڀٽو



انور پيرزادي جي ڪتاب
”انڊس اينڊ اٽس ڊيلٽا“ جي اھميت
وحيد ڀٽو
”انور پيرزادو اڪيڊمي“ جيڪا سنڌ جي ليجنڊ صحافي، اديب، دانشور، مهم جو، نقاد ۽ ڀٽائي جي پارکو انور پيرزادي جي ٽيجهي جي موقعي تي، سال ۲۰۰۷ ۾ ٺاهي وئي هئي، تنهن ڇهن سالن اندر انور پيرزادي جا ۸ سنڌي ڪتاب ڇپيا آهن ۽ هن سال سنڌو درياهه ۽ انڊس ڊيلٽا تي انگريزيءَ ۾ لکيل مضمونن ۽ رپورٽن کي سهيڙي ”انڊس اينڊ اٽس ڊيلٽا“ جي نالي سان ڪتاب شايع ڪرايو آهي جيڪو مجموعي طور تي اڪيڊمي پاران ڇپايل نائون ڪتاب آهي، ۽ ائين سنڌي ڪتابن جي هليل ڪامياب سيريز کان پوءِ هاڻي انور صاحب جي انگريزي ڪتابن جي سيريز جي شروعات ڪئي وئي آهي.