سنڌي رسم الخط جي دلچسپ ڪهاڻي
آصف جيلاني
ڪاوش جي 07 مارچ 2014 واري اشاعت ۾ محترمه شبنم گل جو هڪ مضمون شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ان سنڌي
زبان جي تاريخي پسمنظر ۽ عالمي زبانن ۾ ان جي منفرد حيثيت تي نگاهه وڌي آهي.
ڄاڻايل مضمون بيحد معلوماتي آهي پر منهنجي خيال ۾ اهو ڪنهن حد تائين معلومات جي اڃ
اجهائي نه سگهيو آهي، جو ان ۾ سنڌي زبان جي موجوده رسم الخط جو ذڪر نه آهي ته ان
ڪهڙيون منزلون طئي ڪيون ۽ ان جي پٺيان ڪهڙا عوامل هئا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون شخصيتون ان
عمل ۾ اڳيان اڳيان رهيون.