18/03/2014

سنڌي رسم الخط جي دلچسپ ڪهاڻي - آصف جيلاني (Asif Jilani)



سنڌي رسم الخط جي دلچسپ ڪهاڻي
آصف جيلاني
ڪاوش جي 07 مارچ 2014 واري اشاعت ۾ محترمه شبنم گل جو هڪ مضمون شايع ٿيو آهي، جنهن ۾ ان سنڌي زبان جي تاريخي پسمنظر ۽ عالمي زبانن ۾ ان جي منفرد حيثيت تي نگاهه وڌي آهي. ڄاڻايل مضمون بيحد معلوماتي آهي پر منهنجي خيال ۾ اهو ڪنهن حد تائين معلومات جي اڃ اجهائي نه سگهيو آهي، جو ان ۾ سنڌي زبان جي موجوده رسم الخط جو ذڪر نه آهي ته ان ڪهڙيون منزلون طئي ڪيون ۽ ان جي پٺيان ڪهڙا عوامل هئا ۽ ڪهڙيون ڪهڙيون شخصيتون ان عمل ۾ اڳيان اڳيان رهيون.

سنڌي رسم الخط - ڊاڪٽر آفتاب ابڙو (Dr. Aftab Abro)



سنڌي رسم الخط جو فيصلو علمي نه پر سياسي هو
ڊاڪٽر آفتاب ابڙو

سنڌي ٻوليءَ جي قدامت ۽ انفراديت بابت محترمه شبنم گل جو مضمون (7 مارچ 2014) ڪافي ڪارائتو آهي، ان ۾ کوڙ ساريون ڳالهيون هيئين سان  هنڊائڻ جهڙيون آهن، پر اديءَ کان چُڪ اها ٿي آهي ته هڪ مضمون ۾ کوڙ سارن موضوعن کي بحث هيٺ آندو اٿس. ان جي تسلسل ۾ عالمي  مڃتا رکندڙ ليکڪ جناب آصف جيلاني (11-مارچ) ’سنڌي رسم الخط جي ڪهاڻي‘ بابت هڪ معلوماتي مضمون لکيو آهي. ڪهاڻي جي تسلسل ۾ ڪن هنڌن تي کوٽ محسوس  ٿئي ٿي، جيڪڏهن انهن خالن کي ڀريو وڃي ته ڪهاڻي وڌيڪ دلچسپ ۽ مڪمل نظر ايندي. مثلاً:    

07/03/2014

”سنڌي“: دنيا جي قديم ۽ منفرد زبان شبنم گل (Shabnam Gul)

”سنڌي“: دنيا جي قديم ۽ منفرد زبان
شبنم گل
دنيا ۾ ڪيتريون ٻوليون تيزيءَ سان تبديل ٿي رهيون آهن. ٻوليءَ ۾ وقت سان گڏ نوان لفظ مُروج ٿيندا رهن ٿا. دنيا ۾ مُروج مختلف ٻولين جي لفظن ۾ ڪٿي هڪ جهڙائي به محسوس ٿئي ٿي. سنڌي زبان ۾ به عربي، فارسي، سنسڪرت ۽ ٻين ٻولين جا لفظ پڻ شامل آهن. انگريزي، لاطيني، جرمن، سلوويڪ ۽ ٻين مغربي زبانن ۾ پڻ سنسڪرت جا لفظ ملن ٿا. سنڌي زبان لاءِ چيو وڃي ٿو ته، اها سنسڪرت کان به قديم آهي. جڏهن يورپ ۾ ماڻهو اڃا غارن ۾ رهندا هئا، ته سنڌوءَ ڪناري آباد ماڻهن وٽ پنهنجي ٻولي لکت ۾ موجود هئي. اهي ماڻهو ٻه ماڙ گهرن ۾ رهندا هئا. هنن وٽ ڪشاده روڊ رستا ۽ بهترين ڊرينيج جو نطام هو.

شاهه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات - ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي (Dr. Shamsuddin Ursani)



شاهه لطيف جي شاعريءَ جا محرڪات
۽ ڄيٺمل پرسرام جو مطالعو
ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي
1947ع ۾ اعلانيل ننڍي کنڊ جو ورهاڱو سنڌ جي قومي وجود لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيو، جنهن ڪري آزاديءَ جي فضا ۾ ساهه کڻندڙ ثقافت پابند سلاسل بنجي ويئي. خود اختياريءَ جي راهه ڏانهن ويندڙ رياست يڪايڪ والاريل سنڌ ۾ تبديل ٿي ويئي ۽ اسان جي البيلي ٻولي جيڪا وطن جي تخت تي براجمان هئي، تنهن کان وارثيءَ جو حق کسيو ويو. اوچتي ۽ غير متوقع تبديليءَ سنڌي علم و ادب کي ته ڪاپاري ڌڪ رسايو ، ويتر سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ڪري اسين لطيفي ڪلام جا به نُڪته دان ۽ پارکو وڃائي ويٺاسون، جن مان هڪڙي نمايان شخصيت ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ جي به هئي. ان زماني ۾ سنڌ جي علمي ايوانن ۽ سماج جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ سندس تحريرن ۽ تقريرن جو چرچو عام هوندو هو. هو هڪ اعليٰ ظرف انسان ۽ تهذيبي ۽ انساني قدرن جو  ڄاڻو عالم هو، جنهن شاهه لطيف جي جدت طرازي ۽ انسانيت نوازيءَ کي صحيح طور پرکيو ۽ سندس شاعرانه رنگ ۾ ڍڪيل فن کي آشڪار ڪيو. ڄيٺمل پنهنجي تنقيدي مطالعي ۾ لطيف جي واٽ جا اهڙا نوان دڳ ڏيکاريا، جنهن کان اڪثر ٻيا نقاد اڻ سونهان هئا، جنهن ڪري مون کيس “تجديد پسند نقاد” جي خاصيت سان موسوم ڪيو آهي. لطيفي ڪلام ۾ ڊرامائي عنصر ۽ گهري شعور جي ڳولا سندس زندگيءَ جو دلپسند موضوع بڻيل رهيو. هن جي جائزي مطابق شاهه لطيف هڪ اهڙو جينيس تخليقڪار آهي، جنهن جي ڪلام جي روح ۽ ماهيت کي سمجهڻ لاءِ فن جي فطرت شناسيءَ مان بهره مند هجڻ بنيادي شرط آهي. شاهه جو ڪلام عالمگير سوچ مان جنم وٺي ٿو، جيڪو  ايترو ئي تحيرانگيز آهي، جيترو شاهه جي شخصيت جهان ديد ۽ فن رسا لڳي ٿي.

02/03/2014

اياز جو فڪر عام ڪرڻ جي ضرورت - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)



اياز جو فڪر عام ڪرڻ جي ضرورت
مٺل جسڪاڻي
جيتوڻيڪ جديد سنڌي شاعريءَ جي اهم نالي واري مها ڪوي شيخ اياز تي گهڻن ئي قلمڪارن لکيو آهي، اڃا به لکن پيا ۽ مستقبل ۾ پڻ لکندا رهندا. ان هوندي به شيخ اياز تي مون جهڙي گهٽ سمجهه ماڻهو کي نه، مڃيل سٺن شاعرن، اديبن ۽ محققن کي لکڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته شيخ اياز، جنهن بيت، دوها، وايون، گيت، نظم، آزاد نظم، هائيڪا، ڏيڊ سٽا، ڪهاڻين ۽ مضمونن سميت نثر جا بيمثال نمونا ڏنا، جنهن خط به ادبي شهپارن جهڙا لکيا، ان ساڳئي شيخ اياز، سنڌ جي جديد شاعري جي باني جي حيثيت ماڻي، اهو ئي اياز، ڪلهه به ته اڄ به، ۽ سڀاڻي پڻ، ساڻس پيار ڪرڻ وارن لاءِ وڏو آٿت هو، آهي ۽ رهندو به...