نامياري دانشور رئوف نظاماڻيءَ جو ڪتاب
گُل گُل هٻڪار
اختر ڪاڪيپوٽو
کاٻي ڌر جي سنڌي دانشور ليکڪن ۾ رئوف نظاماڻي هڪ اهم
نالو آهي. هو
مسلسل لکندو رهيو آهي ۽ سندس لکڻ کي هڪ کان وڌيڪ نسلن مسلسل پڙهيو آهي ۽ سچ پچ هُن
جي لکڻ انهن جي شعور کي ڇهيو به آهي. سنڌي سماج جي ڀڃ ڊاهه جي وقت ۾ جتي ڪيترن ئي سنڌي
لکندڙن پنهنجي ڏاهپ جا رستا مٽايا آهن، اتي رئوف نظاماڻي ذهني طور اهو ئي آهي، جنهن
ڪراچيءَ ۾ ذاتي طرح ۽ سنڌ جي ٻين حصن ۾ پنهنجي لکڻين ذريعي هڪ خاص نقطهءِ نظر
سان نوجوانن کي ڏاهپ ۽ وطن دوستيءَ جا سبق سيکاريا. بنهه ٿورڙا سنڌي لکندڙ رئوف جيان
سوچيندڙ ۽ لکندڙ آهن. رئوف لاءِ الڳ الڳ حلقن ۾ خاص پنهنجائي رهي آهي. جنهن جو سبب
هڪ ته هن جو ذهني طور چٽو هجڻ آهي ۽ ٻيو ته هو پنهنجي طبعيت ۾ بنهه معصوم ۽ پيار ڀريو
آهي.