رکيل مورائي
نامياري ڪهاڻيڪار شبنم گل جو ڪهاڻي ڪتاب
خالي هنج جو ڏک
اڄ جڏهن سنڌي ڪهاڻي پنهنجي هڪ صديءَ کان وڏي ڄمار ماڻي
پنهنجي سفر جي نئين صديءَ ۾ داخل ٿي آهي، تڏهن ان جي سفر جو جائزو وٺڻ اسان جي
ادارن لاءِ بنهه ضروري ٿي پيو آهي. ان مان اسان جي اڄ جي لکندڙ لاءِ اهو فائدو ٿيندو
ته هو اها ڄاڻ پرائيندو ته هو جيڪو ڪجهه اڄ لکي رهيو آهي اهو اڳئين لکڻ کان ڪيترو
نرالو آهي. ان جو اندازو لڳائي سگهندو ۽ جيڪو ڪجهه نه لکيو ويو آهي، اهو لکڻ لاءِ
هو پنهنجو ذهن تيار ڪندو ۽ اڄ جي پڙهندڙ لاءِ اهو فائدو به ٿيندو ته هو پنهنجي ادب
جي رفتار ۽ معيار جو سفر سولائيءَ سان سمجهي سگهندو.
مثال طور اڄ جي لکيل يا لکيو ويندڙ ڪهاڻي ۾ اهڙو ڇا آهي، جيڪو
”پيراڻي“ کان الڳ آهي. اهڙو ڇا آهي، جيڪو”سفيد وحشيءَ“ کان الڳ آهي. اهڙو ڇا آهي، جيڪو ”بري هن ڀنڀور
۾“ کان الڳ آهي. مٿيون ڪهاڻيون ورهاڱي کان پوءِ ستت لکيل آهن، انهن کان اڳ ”حُر
مکي جا“ آهي ۽ ”ادو عبدالرحمان“ آهي ۽ ٻيون به ڪيتريون ڪهاڻيون آهن جن جي ئي تسلسل
۾ تازو آيل اسان جي مانائتي ليکڪا ميڊم شبنم گل صاحبه جو ڪتاب ”خالي هنج جو ڏک“ پڙهڻ گهرجي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي يا محسوس ڪجي ته اڄ سنڌي ڪهاڻي
پنهنجي احساس / اظهار ۾ ڇا اهڙو کڻي آهي، جيڪو اڄ جي ڪهاڻي جي نجي سڃاڻپ ڏئي.