02/01/2018

شبنم گل جو ڪهاڻي ڪتاب خالي هنج جو ڏک - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
نامياري ڪهاڻيڪار شبنم گل جو ڪهاڻي ڪتاب
خالي هنج جو ڏک

اڄ جڏهن سنڌي ڪهاڻي پنهنجي هڪ صديءَ کان وڏي ڄمار ماڻي پنهنجي سفر جي نئين صديءَ ۾ داخل ٿي آهي، تڏهن ان جي سفر جو جائزو وٺڻ اسان جي ادارن لاءِ بنهه ضروري ٿي پيو آهي. ان مان اسان جي اڄ جي لکندڙ لاءِ اهو فائدو ٿيندو ته هو اها ڄاڻ پرائيندو ته هو جيڪو ڪجهه اڄ لکي رهيو آهي اهو اڳئين لکڻ کان ڪيترو نرالو آهي. ان جو اندازو لڳائي سگهندو ۽ جيڪو ڪجهه نه لکيو ويو آهي، اهو لکڻ لاءِ هو پنهنجو ذهن تيار ڪندو ۽ اڄ جي پڙهندڙ لاءِ اهو فائدو به ٿيندو ته هو پنهنجي ادب جي رفتار ۽ معيار جو سفر سولائيءَ سان سمجهي سگهندو.
مثال طور اڄ جي لکيل يا لکيو ويندڙ ڪهاڻي ۾ اهڙو ڇا آهي، جيڪو ”پيراڻي کان الڳ آهي. اهڙو ڇا آهي، جيڪوسفيد وحشيءَ“ کان الڳ آهي. اهڙو ڇا آهي، جيڪو ”بري هن ڀنڀور ۾“ کان الڳ آهي. مٿيون ڪهاڻيون ورهاڱي کان پوءِ ستت لکيل آهن، انهن کان اڳ ”حُر مکي جا“ آهي ۽ ”ادو عبدالرحمان“ آهي ۽ ٻيون به ڪيتريون ڪهاڻيون آهن جن جي ئي تسلسل ۾ تازو آيل اسان جي مانائتي ليکڪا ميڊم شبنم گل صاحبه جو ڪتاب ”خالي هنج جو ڏک پڙهڻ گهرجي ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي يا محسوس ڪجي ته اڄ سنڌي ڪهاڻي پنهنجي احساس / اظهار ۾ ڇا اهڙو کڻي آهي، جيڪو اڄ جي ڪهاڻي جي نجي سڃاڻپ ڏئي.

بشير منگيءَ جو ڪتاب ڪير ٿو مون کي سڏي - امداد جسڪاڻي (Imdad Juskani)

امداد جسڪاڻي
خوبصورت شاعر بشير منگيءَ جو ڪتاب
ڪير ٿو مون کي سڏي

شاعر ڪنهن سرحد تائين محدود ناهي هوندو هو مظلوم، مجبور ماڻهن جو مسيحا ۽ همدرد هوندو آهي تنهنڪري ئي ته شاعر جو خيال، فڪر، ان جي هر ڳالھه عام ماڻهن کي به پنهنجي ڳالھه محسوس ٿيندي آهي ، هر شاعر وٽ فن، فڪر پنهنجو هوندو آهي، ڪو شاعر فڪري حوالي سان پختو ٿئي ٿو، ڪو فني حوالي سان پختو ٿيندو آهي ۽ اڪثر شاعر فني فڪري حوالي سان پختا ٿين ٿا ۽ ادبي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهن ٿا.
بشير منگي شاعر ۽ نثر نويس آهي جنهن جي شاعري توڙي نثر ۾ سنڌو جي لهرن جهڙي رواني آهي جنهن جو وهڪرو شعور جي روشني ڏيندڙ  آهي. ”ڪير ٿو مون کي سڏي بشير منگي جي شاعري جو تازو مجموعو آهي جيڪو سمبارا پبليڪيشن پاران ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ۱۹۲ صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ غزل، وايون، گيت، نظم،بيت، چوسٽا، ترائيل شامل آهن. هن جي شاعر جي شخصيت ۽ شاعريءَ تي تاج بلوچ، حبيب ساجد، ضياء شاهه، آدرش، وفا گولو، ساجد سنڌي انصاف واري عينڪ سان رايا ڏنا آهن جيڪي خوبين کي به پڌرو ڪن ٿا ته فني، فڪري جهول تي به ٽيڪا ٽپڻي ڪري پنهنجو فرض نڀايو آهي.

همير چانڊيو ۽ سندس ڪتاب ”لٽيل تاريخ جو اداس شهر“ - حفيظ چانڊيو (Hafeez Chandio)

حفيظ چانڊيو
مون مٽي ٻيهر ڳوهي آ
همير چانڊيو ۽ سندس ڪتاب
”لٽيل تاريخ جو اداس شهر“

منهنجي ڪيفيت اڄڪلهه مي رقصم واري آهي، اڪيلي هوندي پاڻ کي ڪنهن هجوم ۾ ٿو ڀانيان، هر ماڻهوءَ سان نه چاهيندي به پيار ۽ پاٻوهه ما ڀاڪي پائي ملي رهيو آهيان، ان جو سبب نوجوان ليکڪ همير چانڊيو جي دوستيءَ جو دم آهي، هو ڪو مصنوعي ڏاتيارو ناهي، فطري طور هڪ پڙهيو ڳڙهيو، کاهوڙي ڪردار جو ڌڻي آهي.
سنڌ ڌرتيءَ جي چپي چپي جي هڪ الڳ ۽ منفرد سڃاڻپ موجود آهي، شڪارپور ضلعي جو نانءُ کڄڻ سان اياز، سامي، َقيوم منگي شهيد ۽ شهيد الابخش سومرو جي تصوير نه چاهيندي به اکين آڏو تري ايندي آهي. ڪي ڪي شهر ڪن شخصيتن جي نالي سان ساهه کڻندا آهن، جن جي ذڪر بنا شڪارپور جو تعارف اڌورو ۽ ڇسو آهي. اهڙن سهڻن حوالن مان سنڌ جو يگانو ڪردار صحافي، سهڻو ليکاري ۽ دانشور همير چانڊيو پڻ آهي، جنهن جو جنم پڻ هن شهر جي ننڍڙي ڳوٺ نوتن ۾ اعتبار چانڊيو جي ڪکائين گهر ۾ ٿيو، سندس ٻالڪپڻ ڀلي کڻي سندس ڳوٺ جي ڪشادن پڌرن ۾ راند روند ڪندي ڇو نه گذريو هجي، پر شڪارپور جي بند ڳلين ۾ به سندس انيڪ ساروڻيون پڻ سمايل آهن، جيڪي سندس زندگيءَ ۾ لاتعداد خوشين جو سبب بڻجي، کيس عمل جي ميدان ۾ هڪ بردبار انسان طور هن سماج ۾ آڻي هڪ سياسي، سماجي اڳواڻ، هڪ سهڻي، برجستي ليکاري طور اسان سنڌ واسين آڏو بيهارين ٿيون.