انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب
”گهاگهر منجهه ساگر“ جو پيش لفظ
رياضت ٻرڙو
عام طرح هڪ سِڪي جا ٻه پاسا، هڪ
آئيني جا ٻه رُخ، هڪ رَسي جا ٻه سِرا، پر وجود هڪ ئي. ساڳيءَ ريت، ڏِسجي ٿو ته،
سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ڏاهپ ۾ به ٻه رخ جُڙي پيا آهن، جن مان هڪ رُخ آهي پهاڪا، چوڻيون
۽ ورجيسون ۽ ٻيو رخ آهي انجنيئر عبدالوهاب سهتو. اهي ٻئي رخ به هڪَ ٻئي سان ايئن
جَڙجي ويا آهن جو ٻنهي کي هڪُ ٻئي کان الڳ ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو آهي! سندن اها نينهن جِي
’ڳنڍَ ٽوپ‘ شالَ سدا جُڙي رهي، ڇاڪاڻ ته، پڌري پَٽ پيو آهي، ته موجوده وقت ۾، پهاڪن
۽ چوڻين جي سڃاڻَ ۽ واکاڻ عبدالوهاب سهتو بڻيو آهي، ته عبدالوهاب سهتي جِي سڃاڻ ۽
واکاڻ وري پهاڪا ۽ چوڻيون بڻيا آهن، جن کي هُو پنهنجي خاص رنگ ۽ ڍنگ ۾ سهيڙيندو ۽
آڇيندو پيو وڃي.
عبدالوهاب سهتي جا، سنڌي پهاڪن،
چوڻين ۽ ورجيسن تي مشتمل ۱۱-ڪتاب ۽ پهاڪن ۽ چوڻين بابت مضمونن ۽ مقالن جي سهيڙ تي
مشتمل ۲-ڪتاب ڇپجي، مڃتا ۽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن، جڏهن ته پهاڪن ۽ چوڻين جي لغت
تي سندس انتهائي اهم ڪم آخري مرحلن ۾ آهي. هاڻ هُن هڪ وِک ٻِي به کنئي آهي، جيڪا
پڻ بيحد وڻندڙ آهي، جنهن ۾ هن هندڪو ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين کي سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش
ڪيو آهي.