15/02/2018

ڪتاب ”گهاگهر منجهه ساگر“ جو پيش لفظ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جي ڪتاب
”گهاگهر منجهه ساگر“ جو پيش  لفظ
رياضت ٻرڙو


عام طرح هڪ سِڪي جا ٻه پاسا، هڪ آئيني جا ٻه رُخ، هڪ رَسي جا ٻه سِرا، پر وجود هڪ ئي. ساڳيءَ ريت، ڏِسجي ٿو ته، سنڌي ٻوليءَ جي لوڪ ڏاهپ ۾ به ٻه رخ جُڙي پيا آهن، جن مان هڪ رُخ آهي پهاڪا، چوڻيون ۽ ورجيسون ۽ ٻيو رخ آهي انجنيئر عبدالوهاب سهتو. اهي ٻئي رخ به هڪَ ٻئي سان ايئن جَڙجي ويا آهن جو ٻنهي کي هڪُ ٻئي کان الڳ ڪرڻ ناممڪن ٿي پيو آهي! سندن اها نينهن جِي ’ڳنڍَ ٽوپ‘ شالَ سدا جُڙي رهي، ڇاڪاڻ ته، پڌري پَٽ پيو آهي، ته موجوده وقت ۾، پهاڪن ۽ چوڻين جي سڃاڻَ ۽ واکاڻ عبدالوهاب سهتو بڻيو آهي، ته عبدالوهاب سهتي جِي سڃاڻ ۽ واکاڻ وري پهاڪا ۽ چوڻيون بڻيا آهن، جن کي هُو پنهنجي خاص رنگ ۽ ڍنگ ۾ سهيڙيندو ۽ آڇيندو پيو وڃي.
عبدالوهاب سهتي جا، سنڌي پهاڪن، چوڻين ۽ ورجيسن تي مشتمل ۱۱-ڪتاب ۽ پهاڪن ۽ چوڻين بابت مضمونن ۽ مقالن جي سهيڙ تي مشتمل ۲-ڪتاب ڇپجي، مڃتا ۽ مقبوليت ماڻي چڪا آهن، جڏهن ته پهاڪن ۽ چوڻين جي لغت تي سندس انتهائي اهم ڪم آخري مرحلن ۾ آهي. هاڻ هُن هڪ وِک ٻِي به کنئي آهي، جيڪا پڻ بيحد وڻندڙ آهي، جنهن ۾ هن هندڪو ٻوليءَ جي پهاڪن ۽ چوڻين کي سنڌي ٻوليءَ ۾ پيش ڪيو آهي.

12/02/2018

ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي جو ڪتاب سنڌي ناول جي اوسر - پروفيسر هيروشيوڪاڻي (Prof. Hero Shewkani)

پروفيسر هيروشيوڪاڻي
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي جو ڪتاب
سنڌي ناول جي اوسر

جگديش لڇاڻيءَ جي تازي ڪتاب ”سنڌي ناول جي اوسر“ (۲۰۱۸ع) تي جيئن ئي مون تنقيد لکڻ جو من بڻايو تيئن بي ساخته مون کي هڪڙي اهم ڪتاب ادب جا فڪري محرڪ ليکڪ ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو، هئين تي هُري آيو. اهو ڪتاب مون کي اڄ کان اٽڪل چوٽيهه سال اڳ منهنجي محبوب دوست شوڪت حسين شوري (ڪتاب جي سرورق تي هن جي هٿ اکري ”دوست هيرو شيوڪاڻي لاءِ“) شوڪت شورو ۸۴/۱۱/۲۰ موجود آهي) مون تُرت پنهنجي شيلف مان اهو ڪتاب ڳولي هٿ ڪيو.
هن جائزي لکڻ لاءِ مون کي انهيءَ ڪتاب جي ياد ۽ ضرورت جا ڪي اهم ڪارڻ ضروري لڳا.
ادب جا فڪري محرڪ جون ۱۹۸۴ع لڳ ڀڳ ۴۰۰ صفحن ۾ ادب جي فڪري محرڪن تي هڪڙي ڳوڙهي مطالعي، ادراڪ ۽ اصلوڪي سوچ وارو سنڌ توڙي هند ۾ پنهنجي نوعيت جو اڄ سوڌو منفرد ڪتاب آهي. منهنجي هن اڀياس لاءِ خاص طور تي ان ڪتاب جو هڪ باب “ادبي فڪر جا تاريخي رحجان۱۵۳-۱۸۱) اڄ اڃا به واسطيداري رکندڙ لڳو. پنهنجي هن تجزيي جي بنيادي مقصدن جي وضاحت ڪريان، ان کان اڳ ڊاڪٽر ٻوهيي جو ان نسبت ۾ هڪ حوالو غور ڪرڻ جوڳو آهي.

تاريخ شڪارپور - ابو رافع (Abu Rafiu)

ابو رافع
سنڌ جي پيرس طور سڃاپجندڙ شهر جي ڪٿا
تاريخ شڪارپور

جيڪڏهن مان ڀلجان نه ٿو ته پوءِ ايئن پڪ سان سمجهڻ گهرجي ته ڪراچيءَ کان پوءِ جنهن شهر جي تاريخ بابت گهڻو لکيو ويو آهي، ۽ جنهن شهر بابت گهڻا ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ ٿيندا رهن ٿا. اهو شهر شڪارپور آهي. اهو ٺيڪ چوڻ آهي ته شڪارپور سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم شهر رهيو آهي، هن شهر سنڌ کي ڪيترن ئي حوالن ۾ گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، ساڳئي وقت هن شهر سنڌ جي اڪثر شهرن کان وڌيڪ ڀوڳيو به آهي. اڄ جي تاريخ تائين ايندي شڪارپور شهر مان بدلجي هڪ احساس جي صورت اختيار ڪري ويل آهي. تاريخ ۾ ايئن ڪيئي شهر آهن جيڪي هڪ ڪيفيت جي صورت اختيار ڪري ويل آهن. ايئن شڪارپور به آهي جنهن جي خوشحاليءَ ۽ سونهن جو ذڪر تاريخ ۾ محفوظ آهي ۽ اڄ ان جي تباهيءَ جو ذڪر ڪيترين ئي زبانن تي آهي، جنهن جا پڻ ڪيترائي سبب آهن پر اڄ لکڻ جو سبب اهو ڪتاب آهي، جيڪو شڪارپور جي چئن سئو سالن جي تاريخ پاڻ ۾ سانڍي ٿو. هن ڪتاب جو نالو آهي تاريخ شڪارپور ۽ هن ڪتاب جو ليکڪ آهي، اسان جو بزرگ تاريخدان ڊاڪٽر عبدالخالق ”راز“ سومرو ۽ هن ڪتاب کي بيحد اهميت واري ترتيب ڏني آهي پروفيسر محمد شريف شاد سومري صاحب!

الطاف شيخ جو نئون ڪتاب تاريخ جو سفر - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
سنڌي سفر نامي جي امام الطاف شيخ جو نئون ڪتاب
تاريخ جو سفر

دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا شخص رهيا آهن، جن جي سموري ڄمار سفر ڪندي گذري آهي، انهن سفرن جا سبب الڳ الڳ ٿي سگهن ٿا، پر انهن سفرن مان جيڪو علم حاصل ٿئي ٿو، ان جو اندازو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي. اڄ سڄي دنيا جي تاريخ جو وڏو حصو انهن سفرن ۾ موجود آهي يا انهن سفرن جي لکيل وارتائن مان مليو آهي، جيڪي سفر قديم زماني کان جديد دنيا جي ماڻهن تائين لڳاتار جاري آهن ۽ انهن تاريخ جي هر دور ۾ سفر ڪندڙ شخصن مان هڪ شخص اهو آهي جنهن جي سفرن بابت مون کي مهاڪوي اياز جي سٽ ذهن تي تري اچي ٿي.