30/04/2020

شيخ اياز جا سنگيت ناٽڪ - ڊاڪٽرفياض لطيف (Dr. Fayaz Latif)


ڊاڪٽرفياض لطيف

شيخ اياز جا سنگيت ناٽڪ ــ هڪ مطالعو


Abstract:
The ‘drama’ in the form of poetry is known as ‘poetic play’ or ‘verse drama’ in English literature. It is the kind of play in which dialogues are in poetic form and actors deliver them like the way poetry is recited. In Sindhi literature the Italian term ‘Opera’ is commonly associated with poetic drama. Like other forms of poetry and drama; poetic play has been a very important feature of Sindhi literature.  Shaikh Ayaz has written four poetic plays: Dodey Soomrey Jo Mot (Death of Dodo Soomro), Ranni Kot` Ja Dharel` (Dacoits of Ranni Kot) , Bhaghat Singh Khe Phasi (Hanging of Bhaghat Singh) and the short play for children Mundun Jo Mandal (Setting of Seasons).
This research article is an in-depth study of Shaikh Ayaz’s all four poetic plays keeping in view his poetic style and the contemporary trends in play writing.
Key words: drama, poetic play, opera, poetic style, contemporary trends.
     
منظوم ڊرامو يا سنگيت ناٽڪ (poetic play or verse drama)، جنهن لاءِ اسان وٽ  اوپيرا (Opera) جو  لفظ پڻ مستعمل آهي، سو اصل ۾ ڊرامي جو هڪ قسم آهي، جيڪو غَنائيه/ منظوم هوندو آهي. ”اُن جا مڪالما مترنم هوندا آهن، جيڪي موسيقيءَ جي سُرن ۾ ڳايا ويندا آهن. اوپيرا ۾ ترنم ۽ غَنائيت ٻئي عنصر لازم آهن ۽ اهي ئي اوپيرا جي شناخت هوندا آهن، انهن کان سواءِ ان کي ’اوپيرا‘ چئي نه ٿو سگهجي.“ (1).
شاعريءَ جي ٻين صنفن وانگر منظوم ڊرامي جو پڻ پنهنجو هڪ فڪري ۽ احساساتي سحر ۽ اثر آهي. ”ڪنهن به شيءِ يا وستوءَ کي ٻُڌڻ يا پڙهڻ کان وڌيڪ ڏسڻ سان سٺي نموني سمجهي ۽ هينئين سان هنڊائي سگهجي ٿو، ان ڪري سنگيت ناٽڪ کي فڪر، خيال ۽ مافي الضمير جي اظهار جو بهترين وسيلو سمجهيو ويو آهي“(2).

27/04/2020

شيخ اياز جي شاعريءَ تي رابندرناٿ ٽئگور جا اثر - ڊاڪٽر فياض لطيف (Dr. Fayaz Latif)


ڊاڪٽر فياض لطيف

شيخ اياز جي شاعريءَ تي رابندرناٿ ٽئگور جا اثر

Abstract: Rabindranath Tagore was not only a Bengali poet, Novelist, short-story writer, song composer, playwright, essayist, painter, Educationist, and the myriad – minded man, who introduced new forms of prose and poetry in Bengali language and literature, But he changed all colloquial and traditional models of classical Sanskrit. He was highly influential in introducing Indian culture to the West and vice versa, and he is generally regarded as the outstanding creative artist of early 20th-century India. In 1913 he became the first non-European to receive the Nobel Prize for Literature.
He was a real genius; who is best-known to East as well as West, for his philosophy and creative writings. Tagore’s poems are virtually untranslatable. The melody and ecstasy he tipped into his poems, is spectacular and unique. For his multidimensional and marvellous literary works, he achieved considerable popularity among all classes of East and West. The poetry of Tagore not only contains natural beauty and environmental splendour but it interprets human virtues and all other substances and panoramas related earth to sky. He is very rich in content, quality, versatility and aesthetics. No doubt poetry of Tagore is mystical mirror, in which we can see inner face and objective beauty of the universe. In this research paper I have discussed different aspects and similarities available in the poetry of Sheikh Ayaz and Rabindranath Tagore. From comparative and comprehensive study of both poets poetry, I have come to conclusion and tried to prove with examples that Sheikh Ayaz has got a lot of impacts; from the poetry of Rabindranath Tagore.

شاعرن، فنڪارن ۽ فنون لطيفه سان لاڳاپيل اڪثر ماڻهن جا من ڪنول جي گل وانگر اُجرا، نفيس ۽ نازڪ ٿيندا آهن. اهي توڙي جو گدلي سينور جهڙن سماجن ۾ پيدا ٿيندا، اُڀرندا ۽ اُسرندا آهن، پر انهن جون دليون ماڻهن جي دردن، دماغ روشن خياليءَ ۽ احساس آجپي جي خوبصورت خوابن سان مالامال هوندا آهن. اهي پنهنجي مزاج ۽ سُڀاءُ ۾ ابابيلن جهڙا معصوم ۽ خوبين ۽ خصلتن ۾، گلن جيان خوشبو ڏيندڙ ٿيندا آهن. انهن جي سُڳنڌ ۽ سرهاڻ سڀني لاءِ هوندي آهي. جيئن سج جي روشني ۽ چنڊ جي چانڊوڪي سڀني لاءِ هوندي آهي، ائين انهن جون علمي ۽ ادبي ڪاوشون ۽ انهن جو فڪري ڦل پڻ سڀني لاءِ هوندو آهي.

25/04/2020

ڊاڪٽر بلوچ جي شخصيت ۽ شاهه تي ڪيل ڪم جو اڀياس - ڊاڪٽر فياض لطيف (Dr. Fayaz Latif)


ڊاڪٽر فياض لطيف

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي شخصيت ۽ شاهه لطيف تي ڪيل ڪم جو مختصر اڀياس

Abstract:
 Dr Nabi Bakhsh Khan Baloch was a prominent scholar, Researcher, Educationist, Historian, Administrator, translator, Critic, Linguist, and above all a multidimensional man, who has given new trends and tracks to Sindhi Language and Literature, especially in the arena of Folk Literature and compilation and explanation of `Shah jo Risalo`, in ten volumes is his great and matchless contributions. Baloch sahib was a versatile researcher and a genius Writer, who not only have command over Sindhi, Balochi, Siraiki, Urdu, Arabic, Persian and English Languages, but he had his own vision and wisdom. Dr. sahib not only have given a lot of books on different themes and thoughts to Sindhi Literature but he established many cultural, educational and research institutions in Sindh. He dedicated his entire life, for the betterment of Sindhi Language and Literature. No doubt his towering personality will always be remembered in Sindh and all over the world for his Literary and research works.
In this research paper it is tried to discuss different aspects of personality and possess of baloch Sahib and apprehended some sights of his intellectual achievements, particularly in the field of Sindhi Language, Literature, History and specially Shah jo Risalo.            

ادب ۽ تاريخ جي تاليف، تدوين، تخليق، تحقيق ۽ ترويج جي سلسلي ۾ سنڌ ۽ سنڌي ادب تي، خاص طرح سان پنجن عالمن، اديبن ۽ عِلم پَروَرن جا وڏا وَڙَ آهن، جن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي واڌ ويجهه، ترقي ۽ ترويج لاءِ، نه رڳو عمر ڀر پاڻ پتوڙيو ۽ ان جي سگهائي ۽ سندرتا لاءِ پنهنجي سڄي زندگي وقف ڪري ڇڏي، پر انهن ان جي ڀلي ۽ بهتريءَ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون، وسيلا، سُرت، سگهه، علم ۽ دانش پڻ صرف ڪيون آهن.
انهن سُماني هستين مان سڀ کان پهريون نالو شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ جو اچي ٿو، جنهن پنهنجي گهڻ رُخي علمي، ادبي، تاريخي، تخليقي، لسانياتي ۽ ترجمي جي پورهئي سان، نه فقط سنڌي ادب، ٻولي ۽ ڪلچر جي نئين سِر تعمير ڪري، ان جا بنياد مضبوط ڪيا، ان کي نين روايتن، نئين اسلوب ۽ ترقي پسند سوچ سان روشناس ڪيو، پر ان کي گھڻ پاسائين تخليقي وسعت، جدت ۽ فني فڪري حُسناڪي عطا ڪري، سنڌي ادب کي ان پد تي رَسايو، جو اهو ڪنهن حد تائين ادب جي دنيا ۾ پاڻ ڳڻائڻ جي قابل ٿي سگهيو.

23/04/2020

ڪهاڻين جو مجموعو ”ڪائنات جو موت“ - عظيم رونجهو (Azeem Roonjho)


عظيم رونجهو
جعفر شاهاڻي جي ڪهاڻين جي مجموعي ”ڪائنات جو موت“ تي هڪ نظر


جعفر شاهاڻي سان منهنجي پهرين ڳالهه ٻولهه E-chat جي ذريعي هلال پاڪستان اخبار ۾ سنڌي ادب ۾ تنقيدي رجحانن جي حوالي سان شايع ٿيندڙ هڪ مضمون جي باري ۾ ٿي. ان وقت تائين آئون سندس پهريون ڪهاڻين جو ڪتاب ”اذيتن جي آس“ پڙهي چڪو هئس، پر مون ان ڪتاب تي پنهنجي ڪا راءِ نه رکي هئي. خوشي ان ڳالهه جي ٿي جو پاڻ ئي چيائين ته سندس ٻيو ڪهاڻي ڪتاب ”ڪائنات جو موت“ ڇپجي رهيو آهي ۽ مون ڪوشش ڪئي آهي ته ان ڪتاب ۾ اهي غلطيون نه هجن جيڪي پهرئين ڪتاب ۾ ٿيون آهن. ڪنهن به ليکڪ جي پنهنجي پاڻ ڏانهن تنقيدي نظر يقينن هڪ خوش آئند ڳالهه هوندي آهي، ان ڪري جعفر شاهاڻي جي ٻئي ڪتاب جو مون انتظار پئي ڪيو، جيئن ڪتاب ڇپيو ته پياري سعيد سومري کي چيم ته موڪلي، ان بنا دير جي موڪلي ڏنو.

21/04/2020

ناولٽ: ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ - اڪبر لغاري (Akbar Laghari)

اڪبر لغاري
ناولٽ: ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ



گوٿڪ ادب (خوف، موت، رومانس ۽ زندگيءَ جو ڀيانڪ رخ) ۾ ڪيترائي ناول ۽ فلمون مشهور ٿيون جن ۾ فرئڪنسٽائين، ڊراڪولا، پڪچر آف ڊورين گري ۽ ڊاڪٽر جيڪل ۽ مسٽر هائيڊ وڏي شهرت ماڻي ۽ وڏي عرصي بعد اڄ به سندن مقبوليت ۾ ڪا گھٽتائي نه آئي آهي.
رابرٽ لوئي سٽيوينسن هي ناولٽ 1886 ۾ لکيو، جيڪو ترت ئي برطانيا ۽ آمريڪا جي ادبي افق تي ڇانئجي ويو. ڪهاڻي ڪجھ ان طرح آهي ته لنڊن ۾ ڊاڪٽر جيڪل هڪ معزز ۽ ڏاهو ماڻهو آهي جيڪو انسان جي شخصيت جي ٻٽي پهلو تي سائنسي ريسرچ ڪرڻ لاءِ پنهنجي گھر ۾ ليبارٽري قائم ڪري ٿو ۽ مختلف تجربا ڪري هڪ مشروب ايجاد ڪري، ان جو تجربو پنهنجي پاڻ تي ئي ڪري ٿو. مشروب پيئڻ کان پوءِ سخت جسماني عذاب مان گذرندي، ڊاڪٽر محسوس ڪري ٿو ته سندس اندر جو منفي انسان جاڳي چڪو آهي جيڪو بيحد طاقتور، نوجوان ۽ زندگي سان ڀرپور آهي. هو جڏهن آئيني ۾ پنهنجي پاڻ کي ڏسي ٿو ته حيران ٿيو وڃي. سندس قد گھٽجي چڪو هو، شڪل بدلجي چڪي هئي ۽ چهري تي وڏي ڦٽڪار هئي. هي رات جو تيار ٿي، پنهنجي گھر جي چور دروازي کان نڪري ٿو ۽ ڳاڙهي بازار ۾ وڃي اتي رنگ رليون ملهائي ٿو. جنهن عورت سان سمهي ٿو، ان تي بيدرديءَ سان تشدد به ڪري ٿو. واپس اچي ٻيو مشروب پيئي ٿو ۽ واپس پنهنجي اصلي شڪل ۾ اچي وڃي ٿو. کيس پنهنجي رويي تي بيحد افسوس ٿئي ٿو پر تجربي خاطر ان کي برداشت ڪري ٿو. پنهنجي ٻئي وجود کي هُو ”مسٽر هائيڊ“ جو نالو ٿو ڏئي.

19/04/2020

زخمي چانڊيي جي ٻارن لاءِ سرجيل شاعري ”مٺڙا ٻار“ جو جائزو - فقير محمد سنڌي (Faqeer Muhammad Sindhi)


فقير محمد سنڌي 
زخمي چانڊيي جي ٻارن لاءِ سرجيل شاعري ”مٺڙا ٻار“ جو جائزو

مون کي نه سونُ گھرجي، نه چاندي گهرجي،
مون کي انساني ضمير قُلعي ڪرائي ڏي.
                                      (استاد دامن)
سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد جو 73-هون ڪتاب ”مٺڙا ٻار“ جيڪو زخمي چانڊيي جو ٻاراڻي شاعريءَ تي سرجيل آهي. زخمي چانڊيي جي زندگيءَ جو گهڻو حصو ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾ گذريو. زخمي چانڊيي کان وڌيڪ ٻارن جي نفسيات ڪير ورلي ڪو محسوس ڪري سگھندو، ڇو جو هو سنڌ جي مستقبل سان وڌيڪ پيار ۽ پريت ڪندڙ شخص هو. زخمي چانڊيي کي 24 آڪٽوبر 2000ع تي رستي ۾ شھيد ڪيو ويو، جڏهن ته هو ان وقت به ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ وڃي رهيو هو. زخمي جي هن فاني دنيا مان وڃڻ کان پوءِ شاعريءَ جا مجموعا شايع ٿيندا رهيا، پر هي ٻاراڻي شاعري جو مجموعو سترهن سالن بعد زخمي جو پورهيو سندس پونئرن آڪٽوبر 2017ع تي شايع ڪرايو. اها علم دوستن جي بهترين سنڀال آهي، جنھن ۾ گھر ڀاتي ۽ ادارو جس جا مستحق آهن.

13/04/2020

ڪلهوڙا دَور جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو - فقير محمد سنڌي (Faqeer Muhammad Sindhi)


فقير محمد سنڌي
”ڪلهوڙا دَور جو تاريخي ۽ تحقيقي جائزو“ تي هڪ نظر!

سنڌوءَ جي سرزمين جا رتنا رنگ ۽ گل سدائين تاريخ کي امرت بخشيو آهي، جنھن ۾ مفڪر، دانشور، فلسفي، سائنس ۽ فنون لطیفہ جي امر شخصن تاريخ کي رقم ڪيو آهي. هڪ اهڙو ئي ڪتاب جيڪو سنڌ جي سرزمين تي حڪمراني ڪندڙن جي دستاويز طور تي سڃاڻپ ڪرائي ٿو. اهڙو تاريخي ڪتاب عباسي ڪلهوڙا تنظيم، سنڌ، ڇپرايو آهي، جنھن کي سائنسي بنيادن تي سنڌ جي ناليواري ڪهاڻيڪار ۽ مترجم جهانگير عباسيءَ ۽ مشتاق ڪلهوڙي مرتب ڪيو آهي.

سنڌي ادب جي اديبن جا جاگيرداراڻا روَيا - بخشل باغي (Bakhshal Baghi)


بخشل باغي
سنڌي ادب جي اديبن جا جاگيرداراڻا روَيا


مون کي ٻين ٻولين جي اديبن/ليکڪن جي حقيقي زندگيءَ جي روين جي ته ڪا گهڻي ڄاڻ ناهي پر سنڌي اديبن/ليکڪن جي تخليقي توڙي حقيقي روش جي تجربن ۽ مشاهدن کي چڱيءَ پر ڏٺو توڙي پرکيو اٿم۔ شايد ان صورتحال کي عام طور تي قول ۽ فعل جي ڪسوٽيءَ جي معيار طور سمجهي سگهجي ٿو۔ اديب/ليکڪ جيڪي پنهنجن تحريرن ۾ روشن خيال، پيار، محبت، دوستي، امن توڙي خوبصورتيءَ جا چاهيندڙ هوندا آهن، سنجيده ۽ فهميده هوندا آهن، پر اهي عملي زندگيءَ جي اُن رُخ ۾ اڪثر طور تي گهڻي قدر مختلف هوندا آهن۔ اهڙي دل سوز روش ادب جهڙي حساس ماحول ۾ متاثر ٿيندڙ ليکڪ فردن کي ڀُڃي ڀوري وجهندي آهي۔ سينيئر ۽ جونيئر واري سطحي نفسيات کي ادب جي روشن خيالي به روڪي نه سگهي آهي، توڙي جو اسان پنهنجين لکڻين يا خيالن ۾ جاگيرداراڻي سماج توڙي خيالن جي نفي ڪندي ترقي پسند ٿيڻ جي ڪوشش ته ڪندا آهيون پر بنيادي طور تي اسان پنهنجي اندر ۾ انهن ئي روايتن جا امين هوندا آهيون، جڏهن ته جاگيرداراڻي سوچ سنڌي سماج ۾ رڳو اديبن ۾ نه آهي پر سياست، صحافت يا سماج جي ٻين شعبن ۾ به موجود آهي، پر مان هت ادب جي دنيا ۾ احساس جي ڳالهه ڪندڙ اديبن جي ڳالهه ٿو ڪيان ته اهي اديب/ليکڪ نوان هجن يا پراڻا اهي ڪنهن نه طرح يا سطع تي اها نفسيات رکن ٿا جيڪا خاص طور تي هڪ اديب کي اپنائڻ نٿي سُونهي۔