ڊاڪٽرفياض لطيف
شيخ اياز جا سنگيت ناٽڪ ــ هڪ مطالعو
Abstract:
The ‘drama’ in the form of poetry is known as ‘poetic play’ or ‘verse
drama’ in English literature. It is the kind of play in which dialogues are in
poetic form and actors deliver them like the way poetry is recited. In Sindhi
literature the Italian term ‘Opera’ is commonly associated with poetic drama.
Like other forms of poetry and drama; poetic play has been a very important
feature of Sindhi literature. Shaikh
Ayaz has written four poetic plays: Dodey Soomrey Jo Mot (Death of Dodo
Soomro), Ranni Kot` Ja Dharel` (Dacoits of Ranni Kot) , Bhaghat
Singh Khe Phasi (Hanging of Bhaghat Singh) and the short play for children Mundun
Jo Mandal (Setting of Seasons).
This research article is an in-depth study of Shaikh Ayaz’s all four poetic
plays keeping in view his poetic style and the contemporary trends in play
writing.
Key words: drama, poetic play, opera, poetic style, contemporary trends.
منظوم ڊرامو يا سنگيت ناٽڪ (poetic play or verse drama)، جنهن لاءِ اسان وٽ اوپيرا (Opera) جو لفظ پڻ مستعمل آهي،
سو اصل ۾ ڊرامي جو هڪ قسم آهي، جيڪو غَنائيه/ منظوم هوندو آهي. ”اُن جا مڪالما
مترنم هوندا آهن، جيڪي موسيقيءَ جي سُرن ۾ ڳايا ويندا آهن. اوپيرا ۾ ترنم ۽
غَنائيت ٻئي عنصر لازم آهن ۽ اهي ئي اوپيرا جي شناخت هوندا آهن، انهن کان سواءِ ان
کي ’اوپيرا‘ چئي نه ٿو سگهجي.“ (1).
شاعريءَ جي ٻين صنفن وانگر
منظوم ڊرامي جو پڻ پنهنجو هڪ فڪري ۽ احساساتي سحر ۽ اثر آهي. ”ڪنهن به شيءِ يا
وستوءَ کي ٻُڌڻ يا پڙهڻ کان وڌيڪ ڏسڻ سان سٺي نموني سمجهي ۽ هينئين سان هنڊائي
سگهجي ٿو، ان ڪري سنگيت ناٽڪ کي فڪر، خيال ۽ مافي الضمير جي اظهار جو بهترين وسيلو
سمجهيو ويو آهي“(2).