17/11/2012

هند جي سنڌين جي ڪٿا - سارنگ منير سومرو



هند جي سنڌين جي ڪٿا
سارنگ منير سومرو
ڪرنٽ افيئر سان لاڳاپيل ڪتاب ۽ مضمون پڙهڻ کان پوءِ سفرناما ۽ ڪهاڻيون پڙهڻ سان يا ته ننڊ وٺي ويندي آهي يا وري اوٻاسين مٿان اوٻاسيون هونديون آهن. ان لاءِ سفرنامي ۽ ڪهاڻين کان ائين پري ويندو آهيان ڄڻ ڪنهن ڊاڪٽر جهليو هجي. اهو سلسلو پاڻ سان ڪافي وقت سان سلهاڙيل رهيو آهي. پر اها روايت اهو سلسلو مون ان وقت ٽٽندي ڏٺو جڏهن مون ڊاڪٽر عامر عباس سومري جو ڪتاب ”هند جي سنڌين جي ڪٿا“ پڙهڻ لاءِ هٿن ۾ کنيو.

ڪتاب اوٻاسين ڏيڻ بجاءِ پيج پيج تي چست ڪندو ويو ۽ هن ڪتاب ۾ اها نواڻ ڏٺي جيڪا اڳ ڪا نه ڏٺي. جنهن نواڻ اهو ضرور محسوس ڪرايو ته سفرنامو ضرور پڙهڻ گهرجي ته جيئن ذهن جا نٽ بلٽ زنگ لڳڻ کان بچي پون ۽ هڪ سٺي ڪتاب پڙهڻ کان محروميءَ وارو مرحلو به ڪٿي رڪجي پوي. ڊاڪٽر عامر به ائين دوست آهي، جيئن هر ليکڪ کي دوست سمجهندو آهيان. هن سان ڪا به ملاقات نه آهي، پر هن سان فيس بوڪ تي ايتري آهي جو هو ڏيٺ نه هوندي به گڏ رهندڙ دوستن جهڙو نڀاءُ ڪندڙ آهي. آخرڪار ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ مون سوچيو ته هن سان ملاقات ضرور ڪجي، جيڪا قسمت ساٿ ڏيڻ سان سلهاڙيل آهي.
ڊاڪٽر عامر جي ڪتاب جو سڀ کان وڻندڙ رخ مون کي اهو وڻيو ته ان ڪتاب جي سونهن ۾ اهي سمايل آهن، جيڪي سنڌ جي ۶۰ سال اڳ سونهن هئا، پر هو اڄ سنڌ کي ياد ائين ڪن ٿا جيئن ۶۰ سالن جي وڇوڙي کان پوءِ امڙ کي ياد ڪبو آهي، پر هنن جي سڪ هنن جي محبت اڃا به سنڌ مٿان حاوي آهي، هو اڄ به سنڌ کي پنهنجو ساهه سمجهن ٿا ۽ هن کي پنهنجو جسم سمجهن ٿا. هن ڪتاب جو اهو رخ مون کي اڃا به موهي ويو، جڏهن مون هن جي ڪتاب هند جي سنڌين جي ڪٿا جي ورق ورق، سٽ سٽ ۾ اهو آواز، اهو سڏڪو، اهو پيار ڏٺو، پيار جو آواز ٻڌو، جيڪو هو سنڌ سان ڪن ٿا، جيڪو ۶۰ سال اڳ سنڌ سان ڪندا هئا. ڊاڪٽر عامر فون تي ٻڌايو هو ته مان نوڪري ڇڏي ڏني آ. اڃا به ڪم ۽ تحقيق ڪرڻ لاءِ تڙپان ٿو. هن جي تڙپ به انهن جهڙي آهي، جيڪي سنڌ لاءِ تڙپ رکن ٿا. ۱۲ ڏينهن هندستان رهي ڪري ڪتاب ترتيب ڏيندڙ ڊاڪٽر عامر جي ڪتاب جو مهاڳ الطاف شيخ لکيو آهي، جڏهن ته سندس تعارف ڊاڪٽر منظور قادر لکيو آهي. ڊاڪٽر عامر بنيادي طور پڙهيل لکيل گهراڻي جو اهو فرد آهي، جنهن کي اهو به اعزاز آهي ته هو سنڌ جي پهرين وزيراعظم شهيد الله بخش سومري جو پوٽو آهي.
ڊاڪٽر عامر جو ڪتاب هٿن ۾ کڻڻ کان پوءِ خوبصورت ٽائيٽل نظر ايندو، جنهن تي خوبصورت تصويرون آهن، جيڪي ٽائيٽل جي سونهن کي وڌائين ٿيون. ان کان پوءِ ڊاڪٽر عامر جي ارپنا آهي، جنهن ۾ هن اهو ڪتاب وارو انمول پورهيو ان امر ڪردار شهيد الله بخش سومرو، پنهنجي ڏاڏي عبدالصمد سومرو، پنهنجي والد ۽ پنهنجي امڙ کي ارپنا ڪيو آهي. ڪتاب کولڻ سان خوشبو اچي ٿي انهن جي، جيڪي سنڌ ۾ ۶۰ سال اڳ سڪ ۽ پيار جي خوشبوءِ ڇڏي ويا هئا پر اها سڪ ۽ خوشبو اڄ به سنڌ کي مهڪائي ٿي.
ڊاڪٽر عامر ڪتاب ۾ سڀ کان پهريان نند جويري جو اهو خط شامل ڪيو آهي، جنهن ۾ يادن جا اهي پاڇا آهن، جيڪي پڙهڻ سان ۶۰ سال جو عرصو سامهون اچي وڃي ٿو، ان کان پوءِ داڪٽر عامر عباس، شهيد هيمون ڪالاڻي جي گهرڀاتين سان ڀارت ۾ ٿيل اها ڪچهري پيش ڪري ٿو، جنهن ۾ هيمون ڪالاڻيءَ جو ڀاءُ ٽيڪچند ڪالاڻي ٻڌائي ٿو ته هيمون ڪڏهن به گهروارن کي محسوس ڪرڻ نه ڏنو ته هو آزاديءَ جي تحريڪ ۾ شامل آهي. هو لڪي لڪي آزاديءَ لاءِ نڪرندڙ جلوسن ۾ شرڪت ڪندو هو. هڪ دفعي هن کي سندن دوستن سامهون خبر پئي ته هڪ مال گاڏي سکر مان لنگهي پئي، جنهن ۾ اسلحو موجود آهي، جيڪو آزاديءَ جي جنگ جوٽيندڙ خلاف استعمال ٿيندو، تنهن تي هن ۽ هن جي دوستن ملي ان ٽرين جون پٽڙيون اکيڙڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ٽرين حادثي جو شڪار ٿئي. آخرڪار رات جي وقت هيمون دوستن سان پٽڙيءَ وقت پهتو ته ان جي ڀرسان واقع بسڪٽ فيڪٽري، جنهن جو نالو ان وقت يعقوب فيڪٽري هو، ان جي چوڪيدار هنن کي ڏسي ورتو ۽ کين پڪڙڻ لاءِ پويان ڊوڙڻ لڳو. ان وقت هيمونءَ جا ٻيا دوست ته ڀڄي ويا، پر هيمون هن جي هٿ اچي ويو، جنهن کي هن پڪڙي سرڪار حوالي ڪيو. عدالت ۾ ڪيس هليو ۽ ان وقت سرڪار هن تي زور ڀريو ته جيڪڏهن هو ٻين ساٿين جا نالا ٻڌائي ته هن مٿان سزا معاف ڪئي ويندي، پر هن صاف انڪار ڪيو ۽ آخرڪار ڪيس هلندي هلندي هن کي ڦاسي جي سزا ٻڌائي وئي. سزا ٻڌڻ باوجود به هن جي نرڙ تي هنج به نه آيو. هيمون ڪالاڻيءَ جي قصي کي ڊاڪٽر عامر تمام شاندار نموني پيش ڪيو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته هند ۽ پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ڊاڪٽر عامر جي ڪتاب ۾ هيمون ڪالاڻيءَ جي ڦاهيءَ جي تصوير به شامل آهي.
ان کان پوءِ عامر عباس سنڌ جي ان سدا بهار ۽ سنڌ کي جان سمجهندڙ راڳي ماسٽر چندر جي گهر جي اڱڻ ۾ پهچي ٿو، جتي هن کي اهو سنڌ جو هيرو نٿو ملي، پر ان جي جڳهه تي اهڙو ئي چهرو رکندڙ ماسٽر چندر جو پٽ مهيش چندر هن کي ڳائيندي ملي ٿو. ان وقت عامر عباس سوچي ٿو ته ماسٽر چندر پاڻ ته ويو آهي، پر هو پنهنجو هڪ اهو آواز، اها نشاني ڇڏي ويو آهي، جنهن مان محسوس ڪري سگهجي ٿو ته ماسٽر چندر جو ساهه اڃا به هند ۽ سنڌ ۾ آهي. ان وقت ڊاڪٽر عامر جي خوشيءَ جي ڪابه حد نه هئي، جڏهن ماسٽر چندر جي پٽ مهيش چندر، ماسٽر چندر جو هي گيت ڳائي ڊاڪٽر عامر جي آجيان ڪئي:
هزارين شڪر جو آيا پري کان پير ڀري،
غريب خاني ۾ آيا اسان سان قرب ڪري.
ان کان پوءِ ڪچهري ڪندي مهيش چندر ڊاڪٽر عامر کي ٻڌايو ته ماسٽر چندر سنڌ جي شهر ٺارو شاهه جي هڪ زميندار جي گهر ۾ جنم ورتو، هن لاءِ سنت ڪنور رام هڪ اڳڪٿي ڪئي هئي ته وڏو ٿي هو وڏو فنڪار ٿيندو. هن چيو ته ماسٽر چندر جي گيتن جي ڪاپي بالي ووڊ وارن به ڪئي. سنت ڪنور رام جي قتل کان پوءِ سنڌ ۾ اها افواهه به هلي هئي ته ماسٽر چندر کي به قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ان خبر جي تصديق لاءِ عوام ماسٽر چندر ڏي پهتو ته ماسٽر چندر هي نغمو ڳايو هو:
مان دنيا کي سڃاڻان ٿو
مان دنيا جو ڏٺل آهيان
نه دنيا ئي لڪيل آهي
نه دنيا کان لڪيل آهيان.
ڊاڪٽر عامر عباس ماسٽر چندر جي پٽ جي ڳالهين کي بيان ڪندي وڌيڪ لکيو آهي ته ماسٽر چندر جڏهن سڄي سنڌ جي اسرار تي ۱۹5۰ ۾ سنڌ گهمڻ آيو هو ته ماسٽر چندر کي ڏسي ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو هو ۽ ان وقت ماسٽر چندر سجاول ۾ هڪ محفل رچائي هئي، جنهن ۾ ماڻهن پنهنجا سڀ پئسا ماسٽر مٿان گهوريا هئا ۽ جڏهن انهن جا پئسا کپي ويا ته ماسٽر مٿان هنن سونيون منڊيون، پٽڪا ۽ ٽوپيون به گهوريون هيون، جنهن کان پوءِ ماسٽر انهن کي ٽوپيون، پٽڪا ۽ سامان موٽائي ڏيندي چيو ته مان محبت لاءِ ڳائيندو آهيان، پئسن لاءِ نه.
ان کان پوءِ ڊاڪٽر عامر عباس ليکڪن جي جوڙي لتا جڳتياڻي ۽ ماڻڪ پريمچند واري سلسلي کي ڪتاب جي سونهن بڻائي ٿو، جنهن ۾ ورهاڱي اڳ بالي ووڊ جي پهرين سنڌي پلي بيڪ سنگر ڪملا جهانگياڻي ۽ ٻين سان ڪچهري ڪري ٿو.
ان کان پوءِ ڊاڪٽر عامر پنهنجي ڪتاب ۾ ممبئي يونيورسٽي جي سيمينار جو ذڪر ڪري ٿو، جنهن ۾ ڊاڪٽر عامر کي اسٽيج تي سڏائي گل پيش ڪيا وڃن ٿا ۽ اتفاق جي ڳالهه ته ان وقت مانجهاندي تي ڊاڪٽر عامر جي ملاقات جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر گرمک جگواڻي سان ملاقات ٿئي ٿي، جيڪو هن کي ڀاڪر ۾ ڀريندي دعوت ڏئي ٿو. ڊاڪٽر گرمک جگواڻي جيڪو مهاراسٽر اسيمبليءَ ۾ بي جي پي جو ميمبر آهي. هو لاڙڪاڻي جي چانڊڪا ۾ محبوب شاهه سان گڏ پڙهيو آهي. سندس والد مهرو مل جگواڻي پڻ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر رهي چڪو آهي. ان کانپ وءِ ڊاڪٽر عامر لکي ٿو ته ڊاڪٽر گرمک مون کي رات جي مانيءَ جي دعوت ڏني، جتي هن پنهنجي گهر ۾ رهڻي ڪهڻي ڏيکاري ۽ گڏ ماني کاڌيسين. ان کان پوءِ ڊاڪٽر عامر تاج محل هوٽل ڏانهن قلم کڻي ٿو ۽ لکي ٿو ته هي هوٽل جڳ مشهور جمشيد ٽاٽا ٺهرايو هو. چون ٿا ته هڪ دفعو جڏهن هو هوٽل واٽسن ۾ ويو هو ته هن کي اهو چئي اندر نه وڃڻ ڏنو ويو هو ته هوٽل ۾ سواءِ انگريزن جي ڪنهن ٻئي جو وڃڻ منع آهي، جنهن تي هن فيصلو ڪيو هو ته هندستان لاءِ هڪ شاندار هوٽل ٺاهيندو، جيڪو هن ۱۹۰۳ع ۾ تاج محل ٺاهي ڏيکاريو هو. هي انڊيا جو واحد هوٽل آهي، جنهن جي لفٽ ٻاڦ تي هلندي آهي. آمريڪا جي مشهور بلڊنگ ايفل ٽاور جي گنبذ ۾ جيڪو اسٽيل استعمال ٿيو هو، اهو ساڳيو اسٽيل انڊيا ۾ گهرائي ٽاٽا هوٽل تاج محل ۾ استعمال ڪيو هو. هوٽل ۾ آمريڪي پکا، جرمني جون لفٽون، ترڪيءَ جا باٿ سسٽم ۽ برطانيا کان بئرا گهرايا ويا. ۸۰ واري ڏهاڪي ۾ تاج محل هوٽل کي دنيا جو پنجون بهترين هوٽل قرار ڏنو ويو هو، ان کان پوءِ ڊاڪٽر عامر بالي ووڊ جي هيروئن منورما ۽ چاچا حيدر بخش جون ڳالهيون ڳائي ٿو ۽ وري ان کان پوءِ هو حاجي علي جي مزار تي حاضري ڀري دعا گهري ٿو. وري اتان ٿيندو ڊاڪٽر عامر محلاتن ۽ راجائن جي گلابي شهر جئپور جا گل ڪتاب ۾ سمائي ٿو. وري ان کان پوءِ ڊاڪٽر عامر پدم شرما انڊيا جو اعليٰ ترين اعزاز حاصل ڪندڙ سنڌي سورمي تي قلم کڻي لکي ٿو. ايئن ڪندي ڊاڪٽر عامر انهيءَ سنڌي ڪالوني پهچي ٿو، جتي صرف سنڌي رهن ٿا ۽ پوءِ ڊاڪٽر عامر جئپور ۾ لڇمڻ سڀاڻي سان ڪچهري ڪري ٿو.
ان کان پوءِ وري ڊاڪٽر عامر تاج محل ۾ گذاريل ڏينهن جون يادون پچاري ٿو، جتي گذاريل ۲۴ ڪلاڪ هو نه وسارڻ جي به ڳالهه ڪري ٿو. تاج محل کان پوءِ تاج محل جهڙي دل رکندڙ سيتل داس جي دعوت ۾ شرڪت لاءِ ڊاڪٽر عامر پهچڻ کان پوءِ لکي ٿو ته سيتل داس اهو شخص آهي، جنهن شڪارپور کي سي اينڊ ايس ڊگري ڪاليج ٺهرائي ڏنو هو، جنهن ۾ اهي لکين ٻار پڙهيا آهن، جن مان ڪي صدر ۽ وزيراعظم به ٿيا آهن، ان کان پوءِ ڊاڪٽر عامر شهيد الله بخش سومرو قتل ڪيس جي ان جج سان ملي ٿي، جيڪو ڊاڪٽر عامر کي ٻڌائي ٿو ته ايوب کهڙي تي شهيد الله بخش سومرو جو قتل ثابت ٿيو هو. عامر عباس جو هي ڪتاب ان آخري ڳالهه سان گڏوگڏ ايترو ئي اهم ۽ جاندار آهي، جنهن کي پڙهڻ کان سواءِ رهڻ تمام مشڪل آهي. ڪتاب جي قيمت ۱۶۰ رپيا آهي. پڪي جلد سان ڇپايل هي ڪتاب فڪشن هائوس لاهور ڇپرايو آهي.

No comments:

Post a Comment