24/07/2016

”اکين ۾ مُند مينهوڳي“ تي شاعراڻي نظر - فراق هاليپوٽو (Firaq Halepoto)

سنڌوءَ جَلَ تي باکَ هُئي ڄڻ!
سُهڻي شاعر سائل پيرزادي جي ڪتاب
”اکين ۾ مُند مينهوڳي“ تي شاعراڻي نظر
فراق هاليپوٽو

ڪنهن مارڪسي نقاد کان ويندي رومانوي نقاد تائين، هر نقاد وٽ پنهنجي مخصوص نمبر جي عينڪ هوندي آهي، ۽ اهو اقرار ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آهي ته اُهي پنهنجي ماڻيل داخلي توڻي خارجي شعور ۽ ادراڪ سان هم آهنگ ٿي ڪنهن فن پاري جي ڪَٿَ ڪندا آهن. پر انهن جي موقف/تنقيد سان جنهن بي باڪيءَ سان شاعري اختلاف ڪرڻ جي جُرئت ڪري ٿي، اها جُرئت فنونِ لطيفه جي ٻين صنفن ۾ گهَٽ ڏسڻ ۾ آئي آهي. ڇو؟ اُنهيءَ ڇو جو جواب آئون ڏيان، اُنهيءَ کان بهتر آهي ته اهو جواب سائل پيرزادي جي شاعريءَ مان ڳوليون، اها شاعري جيڪا هن مينهوڳيءَ جي مُندَ ۾ اکين ۾ لٿي آهي، ۽ ڪنهن ڌوتل پوتل گهاٽي جهنگ جهڙي ڪتاب ۾ سمائجي ويئي آهي، جهنگُ جنهن جي ڀرسان هڪ تارِ ندي وهي ٿي، پر اسان ٻيڙين تي چڙهي نديءَ جي ٻئي پار ڪونه وڃي سگهنداسين، ڇو ته هي جهنگ ايترو گهاٽو آهي، جو ان مان ٻاهر نڪرڻ جا سارا رستا اسان وڃائي ويهنداسين، سو ڪي رستا ڳولهڻ بجاءِ اچو ته انهيءَ جهنگ جي وڻن سان گفتگو ڪريون جيڪي سائل پيرزادي جي دل ۾ ڦٽا آهن.

12/07/2016

ادبي تنقيد جي تاريخ مبارڪ علي لاشاري (Mubarak Ali Lashari)

ادبي تنقيد جي تاريخ
مبارڪ علي لاشاري
فرانسس بيڪن ڪتابن لاءِ چيو آهي ته ”ڪجهه ڪتاب اهڙا هوندا آهن جيڪي صرف چکڻ لائق هوندا آهي ٻيا ڪتاب اهڙا هوندا آهن جيڪي نڳرڻ جهڙا هوندا آهن، اڃا ٻيا ڪتاب چٻاڙي هضم ڪرڻ جهڙا هوندا آهن؛ اهڙي ئي طرح ڪجهه ڪتاب اهڙا هوندا آهن جن جا ڪجهه حصا (وقتن فوقتن) پڙهڻ جهڙا هوندا آهن، ٻيا اهڙا هوندا آهن جيڪي پڙهڻ جهڙا ته هوندا آهن پر انهن جي پڙهڻ جي لاءِ هروڀرو ڪو گهڻو تجسس نه هوندو آهي جڏهن ته ڪجهه (تمام ڪي ٿورڙا) ڪتاب اهڙا هوندا آهن جيڪي نه صرف مڪمل پڙهڙڻ پر پوري توجه ۽ محنت سان پڙهڻ ۽ سمجهڻ جهڙا هوندا آهن“.
فرانسس بيڪن يوٽيلٽيرينزم يعني افاديت پرست مفڪر هو جنهن جو مطلب ته هو هر شيءَ کي استعمال، فائدي ۽ منافعي جي نظر کان ڏسندو هو. سندس اها چوڻي به بيڪن جي آهي ته ”دوست اهو آهي جيڪو مشڪل وقت ۾ ڪم اچي“ يعني جيڪڏهن دوست اوهان جي فائدي ۾ نه آهي ته اهو اوهان جو دوست نه آهي.

04/07/2016

شاعري ”لفظن جي سوجهري ۾“ - محمد سليمان وساڻ (Muhammad Suleman Wasan)

شاعري لفظن جي سوجهري ۾“
محمد سليمان وساڻ

منهنجي هٿن ۾ ساهتي پرڳڻي جي شهر مٺياڻيءَ جي شاعرن جي شاعريءَ جوڪتاب موجود آهي. ڪتاب ورايان ٿو اندر پڙهان ٿو ۽ وري اڳئين صفحي تي شاعر جو تعارف پڙهان ٿو. هي ڪتاب دوست گُل بهار باغائيءَ موڪليو آهي. جڏهن بهار جي مند ۾ هر طرف گُلن جي سُرهاڻ محسوس ڪيان ٿو ته شاعرن جي هيءَ مالا به الائي ڪيترا گُل ۽ سرهاڻ پئي آڇي. ڪجهه وقت کان گڏيل شاعرن جا مجموعا پڙهڻ لاءِ ملن پيا، جيڪا سٺي ڳالهه آهي. اهي دوست جيڪي ڪتاب ڇپائڻ جو ست ڪونه ساري پئي سگهيا هاڻ انهن جي شاعري نه صرف عام تائين پهچي ٿي پر تاريخ ۽ ڪتاب گهرن جي زينت بڻجي وڃي ٿي.
ڪتاب لفظن جي سوجهري ۾ ڪل چوڏهن شاعرن جي شاعري موجود آهي، جن مان مسرور پنائي ۽ حسن صوفاڻي مٺياڻيءَ جا ناهن پر هنن جو هتان جي ادبي حوالي سان گهرو لاڳاپو رهيو آهي، تنهنڪري انهن جي شاعري به شامل ڪئي وئي آهي. باقي سڀ شاعر مٺياڻي يا آسپاس جا آهن جن ۾ آصف مٺياڻوي، سيد جعفر شاهه، عبد الجبار جوش، گل بهار باغائي، جاويد امر، غاذي امداد، ڊاڪٽر برڪت ملڪ، امين چانڊيو، راهب پنهور، ڊاڪٽر منظور ملڪ، شهريار علي ۽ مظهر عباس ٿهيم شامل آهن.

02/07/2016

ايم ڪمل جي نئين ڪوتا ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي (Dr. Jagdesh Lachhani)

ايم ڪمل جي نئين ڪوتا
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
دنيا ننڍي ٿي ويئي آهي.
زندگي سوڙهي ٿيندي پيئي وڃي.
انساني ذهن جي واڌاري سان، دل هم قدم رهي نه سگهي آهي. آرام، فرحت جا وسيلا بي شمار ٿي ويا آهن. انساني هل هلان تيز ٿي، فرصت کي ڪچلي رکيو آهي. هڪ طرف وڏيون صاف سٿريون عمارتون آسمان سان ڳالهيون ڪندي اُڀيون کڙيون آهن، ته ٻئي پاسي شهر جي گندگيءَ، گهُٽ ٻوسٽ ساھ  کڻڻ به اوکو ڪري ڇڏيو آهي.هڪ ئي گهرجي ڀاتين ۾ هڪ ئي مڪان ۾ رهندڙن جي من ۾ ويڇا وڌي ويا آهن. رشتا، وشواس ختم ٿيندا پيا وڃن.
هند سنڌ جي مانائتي قلمڪار ايم ڪمل (2010-1925) اهڙين جاچنائن کي سهڻو اظهار ڏنو آهي. ايم ڪمل ڇهين ڏهاڪي جي وچ ڌاري ”ننڊ ۽ جاڳ“ سان آزاد نظم ڏانهن سريو ۽ ”ڳرندڙ برف جا نقش“ تائين، ’نئين ڪوتا‘ ۾ چڱي چوکي جڳهه ٺاهي ورتي. اڄ هند ۽ سنڌ ۾ ڪوتا لکندڙن ۾، ايم ڪمل هڪ آبرودار نانءُ آهي.