30/07/2015

ڪتاب ”بلوچستان ۾ مهدوي حريڪ“ خواجا ذوالفقار (Khuwaja Zulifqar)

 مير رحيم داد خان مولائي شيدائي جو ڪتاب
”بلوچستان ۾ مهدوي حريڪ“
خواجا ذوالفقار
مير رحيم داد خان مولائي  شيدائي جو نڪور ڪتاب ”بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي ويو آهي. رحيم داد خان مولائي شيدائي سنه 1952ع ۾ اهو ناياب ننڍڙو ڪتابڙو لکيو ۽ شايع ڪرايو.جيڪو ساڳئي سال ئي مارڪيٽ مان ختم ٿي ويو هو. هن سال ان ناياب ڪتاب کي ٻيهر مولائي  شيدائي اڪيڊمي پاران شايع ڪرايو ويو آهي. ان ناياب ڪتاب لاءِ سڀني کان وڌيڪ بلوچستان جي اديبن عالمن ۽ محققن مولائي شيدائي هائوس جا ڪيترائي چڪر ڪاٽيا ته ”بلوچستان ۾ مهدوي تحريڪ“ بابت کين ڪتاب ڏنو وڃي، جنهنڪري مولائي شيدائي اڪيڊمي طرفان 62 سالن کان پوءِ هي ڪتاب ٻيهر شايع ڪرايو ويو آهي.

واسديو نرمل جو ديوان نرمل ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي (Dr. Jagdesh Luchhani)

واسديو نرمل جو ديوان نرمل
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي
سچل، غزل جي صنف کي سنڌي شاعريءَ سان روشناس ڪرايو، جيئن هن جو ڪيترو ڪلام غزل نما ڪافين جي صورت ۾ چيل آهي، پوءِ به اهو خليفو گل محمد گل (1808-1855ع) ئي هو، جنهن فارسي بحر وزن تي الف ب وار حرف جي لحاظ کان ديوان لکي سنڌيءَ ۾ غزل جو پڪو پختو بنياد وڌو بقول اياز قادري:
”هن سنڌيءَ جي پهرين وڏي شاعر جيڪي پنهنجي غزل ۾ روايتون قائم ڪيون، انهن جي بنياد تي ايندڙ دور جي شاعري ٿوري گهڻي ردوبدل سان سنڌي غزل جي عمارت تعمير ڪئي.“

ڪتاب ”ڏکن ڪڍيا ڏار“ ۽ ”چاهتون ۽ خواهشون“- مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

ڪتاب ”ڏکن ڪڍيا ڏار“ ۽ ”چاهتون ۽ خواهشون“
مٺل جسڪاڻي
مٽن مائٽن جو محمد موسيٰ جروار، جڏهن وڌڻ ۽ وڏو ٿيڻ لڳو، ته پهرين پاڻ پڙهڻ ۽ لکڻ سکيو، پوءِ اڳتي هلي پڙهائڻ جي ذميواري مليس ته ”سائين“ محمد موسيٰ سڏجڻ لڳو.
”سائين“ محمد موسيٰ پڙهائڻ جي ذميواري نڀائيندي، پڙهڻ واري عادت جاري رکي ۽ پوءِ لکڻ به شروع ڪيائين ته ليکڪ جي حيثيت ۾ سڃاڻپ ماڻيائين، تان جو شوق ٿيس شاعري سرجڻ جو، ته ڪو تخلص ڳولڻ بدران ”سائين“ کي ڪيائين تخلص.
اهو ئي ساڳيو، ”سائين“ محمد موسيٰ جروار هاڻي تجربيڪار استاد ۽ منتظم يعني تعليمي ماهر به آهي، ته نثر نويس ۽ شاعر به آهي. هن وقت تائين سندس ٽي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، ٻه ڪتاب ڇپجڻ جي لاءِ تيار آهن.
سندس پهريون ڪتاب ”ڏک ڏهوڻا ڏيهه ۾“ جن تائين پهتو، انهن کي خبر، ٻيون ۽ ٽيون ڪتاب مون کي مليا. هڪڙو آهي ”ڏکن ڪڍيا ڏار (هڪ معاشرتي جائزو)“. هي ڪتاب مختلف اخبارن ۾ ڇپيل ڪالمن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ٻيو آهي سندس شاعري جو مجموعو ”چاهتون ۽ خواهشون“ جنهن ۾ شامل ڪجهه شاعري آهي مختلف فنڪارن ڳائي.

27/07/2015

نسيم کرل جو ادبي قد-ڪاٺ - تاج جويو (Taj Joyo)

نسيم کرل جو ادبي قد-ڪاٺ
تاج جويو

آءٌ نٿو ڀُلجان ته مون ۱۹۷۸ع ۾، ايم اي سنڌيءَ جي امتحانَ ۾ جن ٻن ڪهاڻيڪارن تي مختصر نوٽ لکيا هئا، سي هئا: امر جليل ۽ نسيم کرل. مون کي ادب پڙهڻ جي چَسُ ته چوٿين درجي سنڌيءَ (۱۹۶۴ع) کان ئي هئي ۽ ڇهين درجي (۱۹۶۶ع) ۾ شاعري به شروع ڪري ڏني هئم؛ پر اٺين ڪلاس (۱۹۶۸ع) کان اِئين چئي سگهان ٿو ته مون کي ادبي سمجهه ۽ ساهتڪ شعور حاصل ٿي چڪو هو، ڇو ته ۱۹۶۹ع ۾، منهنجي شاعريءَ جي اُستادَ، سائين راشد مورائيءَ، مون کي خط لکي ڄڻ ته اِهو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو هو ته منهنجي شاعريءَ ۾ هاڻي درستگيءَ جي ضرورت نه آهي؛ ڇو ته آءٌ پختو شاعر ٿي ويو آهيان. اِئين ۱۹۷۸ع تائين پهچندي، منهنجي ادبي بالغپڻي کي ڏهه سال ٿي چڪا هئا.


مون جن ٻن ڪهاڻيڪارن تي ايم اي سنڌيءَ جي پيپر ۾ نوٽ لکيو هو، اُنهن جو رڳو امتحاني حوالي سان مطالعو نه ڪيو هئم، پر سندن ڪهاڻيون مون کي باقاعدي وڻنديون هيون ۽ اُنهن کان متاثر به هئس ۽ ٽيون ڪهاڻيڪار هو ’علي بابا‘، جنهن کي پير حسام الدين راشديءَ ’سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ ڪهاڻيڪار‘ سڏيو آهي، ۽ منهنجي نظر ۾ هو ’سنڌ جي روحَ جو پارکو‘ ڪهاڻيڪار آهي.
مون اُنهيءَ دور ۾ امر جليل ۽ نسيم کرلَ تي ماهوار ’سهڻي‘ جا نڪتل ’خاص نمبر‘ پڙهي ڇڏيا هئا، ۽ سندن ڪهاڻين تي ڀرپور تجزيي ڪرڻ جي قابل نه، ته به سرسري نظر وجهي سگهڻ جي اهل ضرور هئس. اُن دور ۾ اسان کي امر جليل جي ڪهاڻين جي مواد کان وڌيڪ سندس مڪالما ۽ ڊائيلاگ ياد رهندا هئا، ڇو ته انهن ۾ ٻوليءَ جي حسن سان گڏ فڪري سونهن ۽ طنزَ جي تيزي به موجود هوندي هئي. پر نسيم کرل اُهو ڪهاڻيڪارُ هو، جنهن جون ڪهاڻيون، اُنهن جا عنوان، موضوعَ ۽ اُنهن جو ’نفس مضمون‘ به ياد رهجي ويندو هو. آءٌ دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته نسيم کرل جي ڪيترين ڪهاڻين جا موضوع، اڄ به عنوانن سميت مون کي ياد آهن.
نسيم کرل، جمال ابڙي، غلام رباني آگري ۽ حفيظ شيخ کان پوءِ واري ٽهيءَ جو ڪهاڻيڪار هو. هو پنهنجي همعصرن ۾ پنهنجي منفرد اسلوب ۽ اسٽائيلِ سان ادبي ميدان ۾ لٿو ته پنهنجو نالو وڄائي ويو. هو ذاتي طرح وڏو زميندار هئڻ جي باوجود پنهنجين ڪهاڻين ۾ نرالو، يڪتا ۽ يگانو ڪهاڻيڪار رهيو. هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ زميندار طبقي جي زوال پذيريءَ جي نقشي سان گڏ نئين زماني ۽ جديد سوچ جا چِٽ، جنهن ذهانت، بيباڪيءَ ۽ بهادريءَ سان چِٽيا آهن، اُن جو مثال ٻين ڪهاڻيڪارن وٽ ورلي ملندو. هن سنڌي وڏيري جي ڪردار کي ’زماني جي گردش‘، ’گٽس‘، ’ڪچو رنگ‘، ’زر ۽ زور‘ ۽ ’آٿت‘ ڪهاڻين ۾ ڀرپور نموني چِٽيو آهي. هن زميندار هوندي به ’ڊپلوميسي‘ ۽ ’دوغلي پڻ‘ کان ڪم نه ورتو آهي ۽ وڏيري طبقي جي پرڪارن ۽ افعالن کي کولي بيان ڪيو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جي لفظن ۾ نسيم کرل: ’ڪلاسيڪي سنڌي هو، سندس ڳالهين ۾ بناوٽ بدران روح سمايل هو.‘
نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ رچاءُ، نڀاءُ ۽فني اوچائي (climax) ڪمالَ جي هئي. هو ڪهاڻيءَ جي پلاٽ، تاڃي پيٽي، ڪردارن، مڪالمن، لفظن جي چونڊ، جُزئيات جي بيان ۽ پڄاڻيءَ ۾ ڪمال مهارت رکندو هو. هو زندگيءَ جي رنگن ۽ رنگينين، خوبصورتين ۽ رَعناين سان گڏ جيون جي قباحتن، ڪوڙاين ۽ ڪوجهاين کان به واقف هو. هن جي نظر سطحي ۽ مٿاڇري نه هئي، پر سندس مشاهداتي اکِ اُونهي ۽ ڳُوڙهي هئي، اُن ڪري ئي سندس ڪهاڻيون، عبدالقادر جي لفظن ۾ ’روح تي نازل ٿينديون هيون.‘ سندس ٽنهي مجموعن- ’شبنم شبنم ڪنول ڪنول‘، ’چوٽيهون در‘ ۽ ’ڊمي‘ جون ڪهاڻيون، اُن جي ساک ڀرين ٿيون.
نسيم جو قد ڪاٺ وڏي زمينداريءَ ۽ ملڪيت جي زور تي نه ٺهيو هو، پر هن جي قامت ۽ هن جو قد ڪاٺ سندس ڪهاڻين جوڙيو هو. نسيم جي ڪهاڻين ’پهرين مراد‘، ’ڪافر‘، ’چوٽيهون در‘ ۽ ’گذريل واردات‘ وغيره پڙهڻ سان نسيم جي نه رڳو ترَ يعني خيرپور جي ٻوليءَ جو لطف حاصل ٿئي ٿو، پر اُهي ڪهاڻيون، قادر چواڻي: ’سموري سنڌي سماج تي محيط ڪهاڻيون لڳن ٿيون.‘ ولي رام ولڀ جي لفظن ۾ نسيم کرل: ’هڪ objective ڪهاڻيڪار هو ۽ ماحول مان ئي مواد کڻندو هو. هن جا موضوع تصوراتي ۽ يوٽوپيائي نه هئا ۽ نه ئي مدي خارج ۽ بي وقتا هئا.‘ هن کي وڏيرن، بيوروڪريٽن، اعليٰ سوسائٽيءَ جي فردن، مذهبي جنونين، مايوس نوجوانن، جديد سوسائٽيءَ سان لاڳاپيل فردن جي نفسيات، ڪوٽن ۽ دارالفلاحن جي ماحول، اوڏن، چورن ۽ مڙس ماڻهن، چوڪيدارن ۽ گيج ريڊرن، صوبيدارن ۽ ٿاڻن جي ماحول، ٽانگي وارن ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ شاگردن، هاءِ ڪلاس سوسائٽيءَ جي عورتن، اسپتالن جي ماحول ۽ ڊاڪٽرن ۽ نرسن جي ڪردارن کي چِٽڻ ۾ ڪمال حاصل هو. سندس ڪهاڻين ۾ ورجاءُ، هڪجهڙائي ۽ يڪسانيت موجود نه آهي، پر هر ڪهاڻيءَ جو موضوع، مواد ۽ تاڃي پيٽو نئون ۽ نرالو آهي. هن ’مجاور‘ ۽ ’گذريل واردات‘ ڪهاڻين ۾ ڪامورن جي نفسيات ۽ پرڪارن، ’دارالفلاح‘ ۾ نام نهاد نيڪ سيرت سيٺين جي چهرن ۽ ڪردارن تان پردو کنيو آهي. ’ڊمي‘  ۽ ’اٽالوپڊنگ‘ ڪهاڻين ۾ مٿئين ڪلاس جي کوکلي، اُڀاميل ۽ پيٽ ڀرائيءَ واريءَ جيوت جو اهڙو ته اصلي رنگ ۽ نقشو چِٽيو آهي، جو ڪردار ڄڻ ته آڏو پيا ڳالهائين. نسيم کرل ’جنس‘ جي موضوع تي به لکيو آهي، پر اُن ۾ تصنع، بناوت ۽ لذتي پهلو گهٽ نظر ايندو، اِن ڏس ۾ ’ڪرنٽ‘ سندس شاهڪار ڪهاڻي آهي.
آءٌ آغا سليم سان به سمهت نه آهيان ته ’نسيم کرل ٻاهرينءَ کل جو ڪهاڻيڪار هو.‘ ڇا سنڌي سماج ۾ موجود سمورا مسئلا اندرَ جا ئي مسئلا آهن؟ خارج تي نظر وجهڻ کان سواءِ ’داخلي ڪرب‘ ۽ پيڙا کي محسوس ئي نه ٿو ڪري سگهجي. خارجي حالتون ئي روحن کي زخمي ڪنديون آهن ۽ اندر کي آزارينديون ۽ جيءَ کي جهورينديون آهن.
آءٌ امداد حسينيءَ جي ان راءِ سان به متفق ناهيان ته ’نسيم کرل وٽ ٻوليءَ جو تخليقي پهلو نه هو.‘ پير حسام الدين راشديءَ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا تجزيا، ان ڳالهه جا انڪاري آهن ۽ هنن جي سگهاري راءِ جو نچوڙ اهو نڪري ٿو ته نسيم کرل پنهنجي ڪهاڻين ۾ ’هڪ خاص سماج ۽ اُن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي محفوظ ڪئي آهي.‘ هن کي پنهنجي ٻوليءَ تي پوري قدرت ۽ دسترس حاصل هئي ۽ اُن کي بلڪل تخيلقي انداز ۾ ڪتب آڻڻ جو وٽس وڏو ڏانءُ پڻ هو. سندس ٻولي، هڪ پوري پسمنظر ۽ ماحول کي چٽي  اُن جو اصلي ۽ نيارو روپ پڌرو ڪري ٿي. نسيم کرل نه رڳو ٻهراڙيءَ جي، پر شهر جي ماڊرن سوسائٽيءَ جي ٻوليءَ، محاورن ۽ ان جي استعمال تي مڪمل گرفت رکندو هو. آءٌ شوڪت شوري ۽ نسيم کرل جي راين سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان ته ’نسيم جي ڪهاڻين ۾ هڪ لفظ ۽ جملي جي تبديلي نه ٿي ڪري سگهجي‘، خاص ڪري ’چوٽيهون در‘ ڪهاڻيءَ جي ڪلائيمڪس، جيڪا نسيم کرل بيان ڪئي آهي، اُها امداد جي تجويز ڪيل ڪلائيمڪس وارن جملن کان بهتر آهي. ’چوٽيهين در‘ ۾ ڦاٿل لاش، روهڙيءَ ۽ سکر جي صوبيدارن جي حدن جو مسئلو هو، جيڪي ’لاش‘ مان جان ڇڏائڻ لاءِ اُن کي سکر بئراج جي ’ٽيٽيهين ۽ چوٽيهين‘ درن ڏانهن ڌڪائيندا رهيا ٿي. جيڪڏهن گيج ريڊر لاش کي لوڙهڻ لاءِ رڳو در ۾ چاٻي ڦيري ها ۽ اُتي ئي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ٿئي ها ته پوءِ ڪهاڻي اهو تاثر نه ڇڏي ها، جيڪو گيج ريڊر جي سروير کي ڏنل هن جواب کان پوءِ جُڙي ٿو ته:
”بابل، ٻنهي صوبيدارن لاش ڪونه ورتو. سو اُن کي اُن بادشاهه جي حوالي ڪيم، جنهن جون حدون تمام وڏيون آهن، هوڏانهن سکر بئراج ته هوڏانهن عربي سمنڊ.“


نسيم کرل جي ڪابه ڪهاڻي، پڄاڻيءَ جي لحاظ کان ڪَسي نه آهي. جيتريقدر ٽيڪنڪ جو سوال آهي ته اِمداد جي اها راءِ وزندار نه ٿي لڳي، جنهن ۾ هُن چيو آهي ته ’نسيم وٽ ٽيڪنڪ جي نواڻ جي سخت کوٽ آهي.‘ نسيم جي هر ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ نِرالي آهي ۽ اِها نواڻ ئي کيس پنهنجن همعصصرن کان مختلف ۽ وڏو ڪهاڻيڪار ڪري بيهاري ٿي. پليجي صاحب ته مڃيو آهي ته ’نوان لکندڙ کانئس ٽيڪنڪ سِکي سگهن ٿا.‘ اِن حوالي سان نسيم کرل پنهنجي دور جو ’ٽرينڊ سيٽر‘ (Trend setter) ڪهاڻيڪار هو. نسيم نعريباز نه هو ۽ ضروري نه هو ته ’قومي مسئلن‘ کي امدادَ، پليجي يا منهنجيءَ نظر سان ڏسي ها. هر ليکڪ جي نگاهَه ۽ مسئلن ڏانهن پهچ (approach) ساڳي نه هوندي آهي، ۽ نه ئي ساڳيا مسئلا ۽ ساڳيا موضوع، سمورن ڪهاڻيڪارن کي ساڳيءَ طرح متاثر ڪندا آهن، ۽ اُهي انهن مسئلن تي ساڳئي انداز ۾ لکڻ شروع ڪندا آهن. ماحول ۽ ان جا موضوع ئي هڪ ليکڪ، هڪ ڪهاڻيڪار کي متاثر ڪندا آهن ۽ پنهنجي ماحول جو نسيم کرل بهترين ترجمانُ ۽ عڪاس هو، ان ڪري ئي هو ٻين کان مختلف هو ۽ همعصرن ۾ نرالو ڪهاڻيڪار هو. سندس ڪهاڻين ۾ ’دائمي رهڻ وارا قدر‘ وڌيڪ آهن. اِهو ئي سبب آهي، جو اڄ به سندس ڪهاڻيون اسان کي متاثر ڪن ٿيون.

شاعر شاهه محمد پيرزادو - مسرور پيرزادو (Masroor Pirzado)

سونهن جي سئو صورتن جو شاعر شاهه محمد پيرزادو
مسرور پيرزادو
جيئن دنيا ۾ مختلف قسمن جا گل آهن تيئن شاعريءَ جي دنيا ۾ به مختلف قسمن جا شاعر آهن. ڪن جي خوشبو ڪهڙي ته ڪن جي ڪهڙي! ڪن جا رنگ الگ ته ڪن جي سُونهن! اهو ماڻهن جي مزاج ۽ پسنديدگيءَ تي منعصر هوندو آهي ته انهن کي ڇا ٿو وڻي! شاهه محمد پيرزادو به سنڌي شاعريءَ جي گلشن ۾ هڪ گل آهي، پر هي اهو گلاب جو گل ناهي، جيڪو پري کان ماڻهن جي ديد پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. هي اهو سهڻو گل آهي جيڪو ٻين گهڻن گلن جي پويان ۽ هجوم ۾ لڪل آهي. ان جي سُونهن کي ڏسڻ لاءِ ماڻهوءِ کي هن ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو تڪڙ ۾ آهي ته هن جي سندرتا کي صحيح نموني پسي نه سگهندو. هن معصوم گل جهڙي شاعر جي شاعريءَ مان مزو وٺڻ لاءِ ماڻهوءَ کي هن وٽ ڪي پل چُپ ڪري ويهڻو پوندو. فقط پوءِ ئي ماڻهو هن جي نظمن ۾ موجود محبت جي مستيءَ کي محسوس ڪري سگهندا. هن وٽ محبت جو اظهار ٻين شاعرن کان مختلف ۽ موهيندڙ آهي. اهڙو محبت جو معصوم اظهار جهڙو هن مختصر نظم ۾ آهي.
هي دفعي
سال جو سڀ کان
ننڍو مهينو (فيبروري)
ڪيڏو وڏو ٿي ويو آ.
توسان ملڻ ئي نه ٿيو آ.

14/07/2015

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو سهيڙيل ڪتاب - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

انجنيئر عبدالوهاب سهتي جو سهيڙيل ڪتاب
”پهاڪن ۽ چوڻين بابت تنقيدي مضمون“
(پيش لفظ)
رياضت ٻرڙو
ٻولِي؛ ڪيڏي نه اچرج جوڳي ايجاد آهي! اها ايجاد، جنهن جو مـﺆجد ڪو هڪ ماڻهو نه، پر گھڻا ماڻهو آهن، جيڪي گڏجي، ننڍو يا وڏو سماج جوڙن ٿا. ٻين لفظن ۾ چئي سگھون ٿا ته سماج ئي ٻوليءَ جو مـﺆجد آهي.
ٻولي ان ڪري به اچرج جوڳي آهي، جو اُها پنهنجن لفظن کي ظاهري معنى ۽ مفهوم ڏيڻ سميت باطني؛ يعني ڳُجھا مطلب پڻ ڏئي ٿي. اهي باطني مطلبَ ٻوليءَ جي ڏاهپ ۽ شعور جو اظهار هوندا آهن، جن وسيلي واسطيدار ٻوليءَ جي سماج جا تجربا پڻ سمجھيا ۽ سمجھايا ويندا آهن. انهن تجربن، آزمودن ۽ مشاهدن کي، عام مفهوم ۾، لوڪ ڏاهپ جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو.

13/07/2015

ڪتاب ”سنڌ جون شاعر عورتون“ - مٺل جسڪاڻي (Mithal Jiskani)

ڪتاب ”سنڌ جون شاعر عورتون
مٺل جسڪاڻي
ت تاري سان شروع ٿيندڙ ٽي لفظ تخليق، تحقيق ۽ ترتيب، تمام گهڻو متوجهه ڪندڙ ۽ ججهي اهميت جا حامل لفظ آهن. جيڪڏهن واقع ڪا الهامي قوت يا ڪيفيت ٿئي ٿي، ته تخليق تمام گهڻي سولي ٿي پوندي آهي. ڇاڪاڻ ته اوچتو ڪو خيال اچي ٿو، ٿوري دير ذهن کي ولوڙي ٿو ۽ قلمبند ٿي پوي ٿو، ته تخليقڪار به آجو ٿي ويندو آهي. جڏهن ته تحقيق تمام گهڻو محنت طلب ڪم آهي. ان ڪم لاءِ پهرين رٿابندي ڪبي آهي، پوءِ وک پٺيان وک وڌائبي آهي، اڻ ورچ ٿي لڳبو آهي، تڏهن ڪجهه ڪري سگهبو آهي. البت ترتيب، تحقيق جي ڀيٽ ۾ گهڻو سولو، پر سچ ته انتهائي خشڪ ۽ بوريت جو سبب بنجندڙ عمل ٿئي ٿو. اندازو اهو ڪري سگهي ٿو / ٿي، جيڪو / جيڪا تخليق، تحقيق ۽ ترتيب جي عمل مان گذريو هوندو/ گذري هوندي.

ڪتاب ”سنڌ جون شاعر عورتون“ - ساجد چانڊيو (Sajid Chandio)

غير معياري ڪتابن جو بار سنڌي ادب ڪيترو برداشت ڪندو؟
ڪتاب ”سنڌ جون شاعر عورتون“
ساجد چانڊيو
سنڌي ادب کي وڌ کان وڌ نقصان اهڙن اديبن کان پهتو آهي، جيڪي ڪچيون ڦڪيون ٻه شيون لکي يا ڪوئي ڪتاب مرتب ڪري پاڻ کي وڏو اديب سمجهندا آهن. حقيقت ۾ اهڙن اديبن کان اگر ”ادب“ جي وصف به پڇا ڪبي ته ڪياڙي پيا کنهندا ۽ ادب ۾ پنهنجي ڪم کي پيا جتائيندا. جڏهن ته اهڙن اديبن جا ڪتاب اسان کي ريڙهين تي رکيل پيا ملندا آهن ته کپندا ناهن. کپڻ جي اميد ۾ ڪتابن جا ٽائيٽل اُس ۾ ڦٽي ختم ٿي ويندا آهن، پر پوءِ به ڪتاب کنئي کپندا ناهن. ڪنهن کي يقين نه اچي ته حيدرآباد جي حيدر چوڪ جو چڪر لڳائي اچي ۽ چوڪ جي آس پاس ريڙهن تي پيل ڪتاب ڏسي ته سنڌي ادب جي ڪتابن سان اس ۾ ڪهڙو حشر وڃي ٿيو آهي. اسان جي وري اهڙن اديبن وٽ اڪثر اها راءِ ٻڌي ويندي آهي ته سنڌي ڪتابن جو مارڪيٽ ناهي، جڏهن ته پريسن ۾ ڪم ڪندڙن مان اڪثريت جي اها راءِ آهي ته حيدرآباد توڙي ڪراچي جي پريسن ۾ ٻين ٻولين کان وڌيڪ ڇپجندڙ ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جا هوندا آهي ته پوءِ آخر اهو ڪهڙو سبب آهي جو سنڌي ڪتاب خريد ڪرڻ لاءِ ڪير به تيار ناهي. اصل ۾ سنڌي ادب ۾ ڇپجندڙ ڪتابن جي اڪثريت اهڙن ڪتابن جي هوندي آهي، جن جو ڪو به معيار ناهي هوندو. شاعري، ڪهاڻي، ناول توڙي مرتب ڪيل ڪتابن جي اڪثريت غير معياري ڪتابن تي مبني هوندي آهي. اسان جو اديب سستي شهرت جي شوق ۾ هڪ اڌ ڪتاب آڻيندو ته وڻ گهوڙو ٻڌڻ نه ڏيندو ته مون جهڙو سنڌ ۾ ڪو اديب ئي ناهي! جڏهن ته سندس اهڙي ڪم جي سنڌي ادب ۾ ڪا به اهميت ناهي هوندي.

12/07/2015

تو کان پوءِ - ابو رافع (Abu Rafiu)

نوجوان شاعر غلام آدرش چوي ٿو
تو کان پوءِ
ابو رافع
۽ ان ”توکان پوءِ“ کان پوءِ جيڪا وارتا سندس دل تي گذري آهي اها سموري هن ڪتاب جي صفحن تي ڦهليل آهي. جنهن کي هو شعر چوي ٿو، شعر هونئن به اندر جي ورتا جو اظهار ئي آهي. وارتا جيڪا ٻاهران جي سببن ڪري شاعر جي اندر ۾ داخل ٿيندي آهي ۽ پوءِ هو ان کي پنهنجو اظهار ڏيندو آهي ۽ جڏهن اهو شاعر جو شخصي اظهار گهڻن ماڻهن/ پڙهندڙن/ ٻڌندڙن کي پنهنجو لڳندو آهي ته شاعر جو مرتبو جڙندو آهي.

08/07/2015

ننڍي ٽهيءَ جو وڏو شاعر: امر پيرزادو - رحمت پيرزادو (Rehmat Pirzado)

(امر پيرزادي جي شعري مجموعي ”عشق“ جا نظم: هڪ اڀياس)
ننڍي ٽهيءَ جو وڏو شاعر: امر پيرزادو
رحمت پيرزادو
امر پيرزادي جو تازو آيل ڪتاب ”عشق“ امر جي شاعريءَ جو مضبوط ۽ خوبصورت حوالو بڻجي سامهون آيو آهي، امر پنهنجي تصورن ۽ نظرين ۾ ايڪسپلور ٿي رهيو آهي، امر سان منهنجو ذاتي لڳاءُ تمام جذباتي نوعيت جو آهي، ڇو ته هو اسان سڀني ۾ ننڍي عمر جو شاعر آهي ۽ ٻيو ته سندس والد انور پيرزادو اسان لاءِ پنهنجي بي لوث قرب وسيلي جيڪا انسپائريشن ڇڏي ويو آهي، ان کي اسان هن جنم ته فراموش نه ٿا ڪري سگهون.