ساڀيان سانگي
تاج تنھنجي غزل جو عجب رنگ آ
ڀانيان ٿِي نوي واري ڏهاڪي جا آخري سال هئا. ادب جي افق تي ”سوجهرو“ نئين جنم سان نمودار ٿيو. هر نئين ۽ نوجوان شاعر جي تمنا ته هُو سوجهري جي صفحن تي ڇپجي. ظاهر آهي آئون به انهن ڏينهن دوران گهڻو لکي رهي هيس ۽ مختلف رسالن ۾ شايع ٿي رهي هيس. مون انهن ڏينهن ۾ پابند شاعريءَ سان گڏ نثري سٽون لکڻ شروع ڪيون، پر مون کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته انهن کي ادب جي ڪهڙي کاتي يا خاني ۾ رکان، ڇاڪاڻ ته اهي نثري نظمن کان مختلف هيون. مون ڪجهه سٽون سوجهري ڏانهن ڏياري موڪليون. پهرين تاريخ ٿي؛ سوجهرو آيو. مون کي حيرانگي به ٿي ته خوشي به ٿي ته منهنجون نثري سٽون، ”ادب لطيف“ جي سري هيٺ سوجهري جي پوري صفحي تي شايع ٿيل هيون. مون کي نئون گس ملي ويو ۽ اهڙيءَ ريت اهو سلسلو جڙي پيو. تاج بلوچ صاحب نه رڳو منهنجون نثري سٽون ”ادب لطيف“ جي سري سان شايع ڪيون بلڪه هن گهڻو همٿايو ۽ لکڻ لاءِ چيو.








