29/06/2026

تاج تنھنجي غزل جو عجب رنگ آ - ساڀيان سانگي (Saabhiyan Sangi)

 ساڀيان سانگي

تاج تنھنجي غزل جو عجب رنگ آ

ڀانيان ٿِي نوي واري ڏهاڪي جا آخري سال هئا. ادب جي افق تي ”سوجهرو“ نئين جنم سان نمودار ٿيو. هر نئين ۽ نوجوان شاعر جي تمنا ته هُو سوجهري جي صفحن تي ڇپجي. ظاهر آهي آئون به انهن ڏينهن دوران گهڻو لکي رهي هيس ۽ مختلف رسالن ۾ شايع ٿي رهي هيس. مون انهن ڏينهن ۾ پابند شاعريءَ سان گڏ نثري سٽون لکڻ شروع ڪيون، پر مون کي سمجهه ۾ نٿي آيو ته انهن کي ادب جي ڪهڙي کاتي يا خاني ۾ رکان، ڇاڪاڻ ته اهي نثري نظمن کان مختلف هيون. مون ڪجهه سٽون سوجهري ڏانهن ڏياري موڪليون. پهرين تاريخ ٿي؛ سوجهرو آيو. مون کي حيرانگي به ٿي ته خوشي به ٿي ته منهنجون نثري سٽون، ”ادب لطيف“ جي سري هيٺ سوجهري جي پوري صفحي تي شايع ٿيل هيون. مون کي نئون گس ملي ويو ۽ اهڙيءَ ريت اهو سلسلو جڙي پيو. تاج بلوچ صاحب نه رڳو منهنجون نثري سٽون ”ادب لطيف“ جي سري سان شايع ڪيون بلڪه هن گهڻو همٿايو ۽ لکڻ لاءِ چيو.

انور ڪاڪا جي نثري نظمن جو ڪتاب: ”پيشانيءَ سان لکيل نظم“ - ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

 ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

انور ڪاڪا جي نثري نظمن جو ڪتاب:

”پيشانيءَ سان لکيل نظم“

مان ڊِي جِي ڪاليجز ۾ واقع پنھنجيءَ آفيس ۾ ئي هيس ته خوبصورت شاعر ۽ ڪھاڻيڪار انور ڪاڪا، قرب ڪري، ملڻ لاءِ ڪَھي آيو. اهو يادگار ڏينھن، آگسٽ مھيني جي ويھين تاريخ جو هو ۽ سال هو گذريل يعني 2025ع. پھرين ڪچھريءَ ۾، انور ڪاڪا نفاست ڀريو، گهٽ ڳالهائو ۽ سنجيده شخص لڳو. ملاقات جي ياد طور اسان هڪٻئي کي ڪتابن جا تحفا ڏنا. سندس نثري نظمن جو ڪتاب ”پيشانيءَ سان لکيل نظم“ مارچ 2025ع ۾ مرڪ پبليڪيشن پاران ڇپجي آيو هو، جيڪو هِنن سھڻين سِٽن سان لکي ڏنائين:

”احترام مان محترم ڀاءُ رياضت ٻرڙي صاحب لاءِ“

سه ماهي ’ادبيات‘ اسلام آباد جو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نمبر- ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

 تبصرو: ڊاڪٽر رياضت ٻرڙو

سه ماهي ’ادبيات‘ اسلام آباد جو خاص شمارو:

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ نمبر

سنڌ جي برک عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي شخصيت ۽ علمي-ادبي ڪم بابت، اڪيڊمي ادبيات اسلام آباد پاران ’ادبيات‘ جي نالي سان ڇپجندڙ ٽماهي ادبي رسالي جو خاص نمبر آڪٽوبر 2017ع-مارچ 2018ع، شمارو نمبر 114-115، هڪ بھترين نمبر طور پڌرو ٿيو، جنھن ۾ ڊاڪٽر بلوچ کي زبردست خراج پيش ڪيو ويو آهي. ڊبل ڪرائون سائيز ۾ ڇپجندڙ اهو خاص نمبر 512 اردو صفحن ۽ 83 انگريزي صفحن جي مواد تي مشتمل آهي. جڏهن ته ڊاڪٽر بلوچ جي رنگين تصويرن جا ڇپيل 10 صفحا الڳ آهن. رسالي جي پھرئين صفحي تي نگران طور سيد جنيد اخلاق، مدير منتظم طور ڊاڪٽر راشد حميد ۽ مدير طور اختر رضا سليميءَ جا نالا ڇپيل آهن.

رسول ميمڻ جي ناولٽ ”ڪُتا“ جو اڀياس - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

 جامي چانڊيو

 اَڪيلائيءَ جو درد, بيوفائيءَ جو روڳُ ۽ ڪُتا!

(ادبي تنقيد: رسول ميمڻ جي ناولٽ ”ڪُتا“ جو اڀياس)

افسانوي ادب جو سڄي دنيا ۾ نه ته ڪو ھڪ گھاڙيٽو، فني ضابطو ۽ موضوعاتي دائرو طئي ٿيل آھي ۽ نه وري اھو ممڪن آھي. ڪو به تخليقي, تصوراتي ۽ تخيلاتي اظھار ڪنھن طئي ٿيل ضابطي اندر مقيد نه ٿو رھي سگھي، ھا ان ۾ مُک لاڙا ضرور ھوندا آھن. انھن ۾ جديد ادب ۽ خاص طور افسانوي ادب ۾ ھڪ لاڙو سريئل ازم جو به آھي. ”سِريئل“ لفظ اصل ۾ ھڪ مرڪب لفظ آھي، جنھن ۾ ”س“ فرانسيسي اڳياڙي “Sur” مان آيل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ”مٿانهون“، ”کان اڳتي“، ”ماورا“ يعني ”حقيقت کان مٿانهين يا ماورائي حقيقت“ يا ”عام حقيقت کان پَرانھين حالت يا دنيا“. سريئل ازم جو اطلاق گذريل صديءَ کان افسانوي ادب ۾ وڌيڪ ٿيندو رهيو آھي، جنھن ۾ انسان جو لاشعور يادن يا خواب يا تخيل جي صورت ۾ موجود حقيقت يا حال سان ملي ھڪ اھڙي صورتحال پيدا ڪندو آھي، جنھن ۾ حقيقت، افسانويت، شعور، لاشعور، زمان ۽ مڪانَ جون زماني، شعوري، احساساتي سرحدون پاڻ ۾ ملي وينديون آھن. ان ڪري سِريئل ازم جي مزاج جي حامل افسانوي ادب تي حقيقت نگاريءَ، سماجي حقيقت نگاريءَ ۽ منطقي منظر نگاريءَ جا اصول لاڳو نه ٿيندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو سِريئلسٽ ادب ۾ علامت نگاري، خوابن، بي ربط يادن، آزاد تخيل ۽ منتشر خيالن جو استعمال شعوري طور ڪيو ويندو آھي. ڪھاڻي ۽ افسانو ھجي يا ناول انھن ۾ مُنڍَ، وِچَ ۽ منطقي پُڄاڻيءَ کي لازمي سمجهيو نه ويندو آھي ۽ ان باغيانه رويي ئي سِريئلسٽ افسانوي ادب کي روايتي ڪلاسيڪل ۽ جديد ادب کان جُدا ڪري بيھاريو ھو. اھڙو ادب خارجي حقيقت يا معروضي سَچَ جي ڀيٽ ۾ داخلي سچ جي ڳولا، دريافت يا اظھار کي وڌيڪ اھميت ڏيندو رهيو آھي. جيتوڻيڪ گارشيا مارڪيز جادوئي حقيقت نگاريءَ جو وڌيڪ نمائندہ ليکڪ آھي پر ھن جي ناول ”اڪيلائيءَ جا سئو سال“ ۾ به سِريئلسٽ عنصر ڳولي سگھجن ٿا، جن ۾ سماجي حقيقت ۽ تصوراتي جادوئي عنصر گڏ گڏ ھلن ٿا، جنھن ۾ مئل ماڻهو ڳالهائين ٿا، ڇوڪري آسمان ڏانهن اڏامي وڃي ٿي، ۽ وقت واچوڙي يا ڪُنَ وانگر ھڪ دائري وانگر ڦرندو رهي ٿو. ھونئن جادوئي حقيقت نگاريءَ ۽ سُريئل ازم ۾ فرق اھو آھي ته سريئلسٽ ادب نفسياتي وھڪري ۾ اڳتي وڌي ٿو ۽ جادوئي حقيقت نگاريءَ ۾ ڪهاڻي عام طور منظم ۽ سماجي حقيقت سان ڳنڍيل هوندي آهي، صرف ان ۾ افسانوي مبالغي جي ڪري جادوئي عنصر شامل هوندا آهن. جڏھن ته سريئلسٽ ادب سگمنڊ فرائيڊ جي نفسياتي نظرين يا مجموعي طور لاشعور سان لاڳاپيل نفسياتي بحرانن يا حالتن کان وڌيڪ متاثر رهيو آھي. جادوئي حقيقت نگاريءَ ۾ وري لوڪ ڪهاڻين، ڏند ڪٿائن، مقامي ثقافت ۽ نوآبادياتي تاريخ کي وڌيڪ اھميت ڏني وئي آھي. سريئلسٽ ادب پڙهندڙ کي بيچيني، حيرت، نفسياتي مونجھارا ۽ يادن جو اضطرابُ ۽ لاشعوري يا خوابناڪ احساس ڏئي ٿو جڏھن ته جادوئي حقيقت نگاريءَ ۾ پڙهندڙ کي محسوس ٿئي ٿو ته ”جادو يا جادوءَ جھڙو تصوراتي وڌاءُ به زندگيءَ جي حقيقت جو ئي حصو آهي“. ٻنھي روايتن جي افسانوي ادب جي مثالن کي تفصيل سان ادبي حوالن سان بيان ڪري سگھجي ٿو، پر ھتي اسان جو موضوع رسول ميمڻ جو ناولٽ ”ڪُتا“ آھي.

23/06/2026

”يادِ ايام“ ڪتاب جو تعارف - نظام الدين ڪاڪا (Nizamuddin Kaka)

 تعارف: نظام الدين ڪاڪا

”يادِ ايام“ ڪتاب جو تعارف

”ياِد ايام“ ڪتاب جي باري ۾ مون کي تاريخ کي انتهائي باريڪ بينيءَ سان مشاهدي ۽ مطالعو ڪندڙ ۽ تاريخ تي 24 ڪتاب لکندڙ سنڌ جو ناليواري تاريخدان سائين شهزاد فتح محمد ٿيٻي ٻڌايو. هيءُ ڪتاب تـ هالا واسيءَ جو لکيل هو پر هالا جي ڪنهن بـ علم دوست ڪتاب ڏيڻ جي حامي نـ ڀري يا واقعي ڪنهن وٽ هيءُ ڪتاب موجود نـ بـ هجي! پوءِ هي ڪتاب آئون ٽنڊي الهيار جي ڪنهن دوست جي لائبريريءَ مان کڻي آيس، ڇو تـ اتان جا ماڻهو ڪتاب ڏيڻ وٺڻ ۾ انتهائي سخاوت رکن ٿا. سائين شهزاد فتح محمد ٿيٻي حڪم ڪيو تـ ”يِاد ايام“ ڪتاب جي ليکڪ ۽ ڪتاب جي باري ۾ آئون معلوماتي ننڍڙو ئي مضمون سهي، پر ضرور لکان. سائينءَ جي حڪم جي بجاءِ آوري ڪئي اٿم. ڪتاب جو تعارف هيٺ ڏجي ٿو.

22/06/2026

يوسف شاهين جي ڪتاب ”پيھي منجهه پاتال“ جو مختصر جائزو - ساڀيان سانگي (Saabhiyan Sangi)

 ساڀيان سانگي

 سائين يوسف شاهين جي ڪتاب ”پيھي منجهه پاتال“ جو مختصر جائزو

مانائتي سائين يوسف شاهين جي نانوَ سان ڪيڏيون نه پياريون ۽ اهم سڃاڻپون سلهاڙيل آهن! هُو هڪ ئي وقت نامور اديب ۽ محقق به آهي، ته ڏاهو تاريخدان به آهي جنھن جون نگاهون تاريخ جي روشن پاسن سان گڏ اونداهن دورن تي به آهن، ته انهن ڪارڻن جي ڪري عام ماڻهن کي جيڪو ڀوڳڻو پيو آهي، ان کي پنھنجي اندر ۾ محسوس به ڪيو آهي. سائين يوسف شاهين سنڌ جو هڪ نمايان ايڊيٽر ۽ پبلشر پڻ آهي، جنھن ’برسات‘ جي نالي سان اهم رسالو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي هڪ وڏي اخبار ڪاميابيءَ سان جاري ڪئي. ڇا اهي سڀ ڪم ڪي رواجي ڪم آهن؟ بلڪل به نه! پر ترسو! اڃا ته هڪ حساس شاعر وارو ذڪر ته مون ڪيو ئي نه آهي. اسان جو محترم سائين يوسف شاهين بلڪل پنھنجي نالي جيان خوبصورت شاعر آهي جنھن جي فڪري اڏام شاهين جيان ئي آسمان جي وسعتن ۾ ٻُرندي رهندي آهي.

17/06/2026

ساڀيان سانگيءَ جي شعري مجموعي ”خاموشي ڳالهائي ٿي“ تي هڪ نظر - پروفيسر ناگپال (Professor Naagpal)

 پروفيسر ناگپال

ساڀيان سانگيءَ جي شعري مجموعي

”خاموشي ڳالهائي ٿي“ تي هڪ نظر

 


ساڀيان سانگي ڪھڙن سپنن جِي ساڀيان آهي؛ اها تہ کيس خبر، پر سندس شاعري ۽ عنوان منهنجو من ضرور موهيو آهي. اڄ جَي آئي ٽي گهاڙيٽي ۾ ورهه جو ونگ ڪيئن ٿي ڏسي؟

”رابطن تي فاير وال“ - هِڪَ ٻئي سان ڳالهائڻ کان اڳ هيڪ ٿي وڃڻ جو ورناءُ واري ڇڏي ٿو.

ڪتاب جي اندرين فليپ تي نظم جي صورت ۾ جيڪو فلسفو ڏنل آھي, سو پوري توحيد جو ڏس ڏئي ٿو. هوءَ چئي ٿي:

سيارو اونهاري سان،

اونهارو سرءُ سان،

۽ سرءُ بهار سان

حسد ڪري ٿو؟

واھ واھ!

15/06/2026

ناصر چاچڙ جي مجموعي ”سرن جا سنيها“ جو اڀياس - منظور بيدار (Manzoor Bedar)

 منظور بيدار

ناصر چاچڙ جي نئين ڇپيل شاعريءَ جي مجموعي

”سرن جا سنيها“ جو ادبي اڀياس

 


ناصر چاچڙ سنڌي شاعريء جي دنيا جو ڄاتل سڃاتل سينيئر نالو آهي. سندس تازو شايع ٿيل شاعريءَ جو مجموعو ”سرن جا سنيها“ جي خوبصورت عنوان سان پوپٽ پبلشنگ هائوس، خيرپور سنڌ پاران قربان منگيءَ جي مهنداريءَ ۾ شايع ٿي سنڌي ٻوليء جي شاعريء سان پيار ڪندڙن جي هٿن تائين پهچي چڪو آهي. هيءُ خوبصورت ڪتاب 160 صفحن تي معياري فوٽو آفسيٽ پيپر تي ڦهليل آهي. هن ڪتاب جو ٽائيٽل سنڌ جي ماهر آرٽسٽ سعيد منگي بي انتها حسين ٺاهيو آهي ۽ لي آئوٽ راحيل بڙديءَ پاران آهي. ڪتاب جو تعداد هڪ هزار آهي ۽ معياري ڪمپوزنگ زلفي چاچڙ ۽ قاضي عابد عليءَ ڪئي آهي .ڪتاب جي قيمت 600 رپيا رکي وئي آهي. ڪتاب جو مهاڳ صفر ڪلهوڙي پاران ”نينهن سنيھ جو شاعر“ جي عنوان سان لکيل آھي. ڪتاب بابت ويچار پڻ پروفيسر خادم حسين گهنيو، ايوب کوسو، امراقبال، وحيد محسن، منظور بيدار، زبيرسومرو، بيخود بلوچ، اسد چاچڙ ۽ رياض شاهد دايو ونڊيا آهن.

16/07/2025

تصوف جي تاريخي ميراث ’سفينئه نوح‘ - نياز مسرور بدوي (Niaz Masroor Badvi)

 نياز مسرور بدوي

 تصوف جي تاريخي ميراث ’سفينئه نوح‘

 

سنڌ جي ادبي تاريخ ۾ مرزا قليچ بيگ جي علمي ۽ ادبي ميراث جا، ڪيئي وارث امين بڻجي ادب جي شاهراهه تي مسلسل گامزن رهندا آيا آهن ۽ پنھنجين علمي ۽ ادبي ڪاوشن سان سنڌي ادب جي واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندا رهيا آهن. پنھنجي ميراث جي سبب سندن هاڪ نه فقط سنڌ ۾ پر انهن جي ادبي گونج فارسي ادب جي ايوانن ۾ به گونجندي ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. ميرزا صفدر عباس ’سيفي‘ جي خاندان مان اهڙا ڪيترائي سندس وڏڙا ادب نواز ۽ ادب ساز پيدا ٿيا آهن، جن علم ادب جي خدمت ڪندي سرهائي محسوس ڪئي آهي ۽ املهه مانُ ماڻيو آهي، انهن ڪارساز هستين ۾ ميرزا امام علي بيگ جو نالو ڪنھن به رسمي تعارف جو محتاج نه آهي.

26/06/2025

شاعري، رنگ، روشني، سرهاڻ ۽ ساڀيان - نياز مسرور بدوي (Niaz Masroor Badvi)

 نياز مسرور بدوي

شاعري، رنگ، روشني، سرهاڻ ۽ ساڀيان 

شاعري، اندر جو اجالو آهي، جنھن جي روشنيءَ ۾ شاعر جي جيون جي تخليقي سفر ۾ جهاتي پائي سگهجي ٿي. ان سفر جي ميڙا چونڊيءَ ۾ کيس جيڪي به خوشيءَ جون راحتون، درد جون ساعتون، محبت جون سوغاتون، جهوليءَ ۾ جُهوليندي رهيون آهن، انھن جي جلال ۽ جمال کي جيءَ جو جيئدان سمجهي، جهونگاريندو رهندو آهي. من اندر ۾ يادن جا مضراب وقت جي ضرب سان وڄندا رهندا آهن. اهي ڪلپنائون ڏاڙهون گل جيان رتائون هونديون آهن، تنھن جي رنگ ۾ رڱيل، رَسِيَلُ ۽ رُسيل روح سان رهاڻيون ڪري سگهبيون آهن، ان ۾ محبوب جي اها مرڪ، پسي سگهبي آهي، جيڪا ڏور هوندي به دل جي چانڊوڪيءَ ۾ جلوه گر هوندي آهي ۽ سورن جا سنيھا به ڪنھن نھائين جيان دل ۾ دکندا رهندا آهن. جيڪي لبن کي لالاڻ ۽ ڳلن کي گلال ڪري ڇڏيندا آهن.