’پيار جي هڪ ٻي صدي‘ (ڪتاب)
ڊاڪٽر رسول ميمڻ
تازو 2011ع ۾ ڇپيل رفيق سومري جي ڪتاب، ”پيار جي
هڪ ٻي صدي“ نظر مان گذريو. ڪتاب ۾ ناويلا، ڪهاڻيون، خط، تنقيدي تاثرَ شامل آهن.
ڪتاب ۾ شامل ناويلا ”انسان تماشو“ درد جو اهڙو تيز وهڪرو آهي جيڪو ٻوڏ
جيان هر شيءِ کي پاڻ سان وهايو پيو وڃي. ان تيز وهڪري ۾ ڪردار ٻڏندا ترندا ٻانهون
مٿي ڪري پڪاريندا ۽ موجودگيءَ جو احساس ڏياريندا وڌندا پيا وڃن. شايد ان کان اڳ
سنڌي ادب ۾ ناويلا نه لکي وئي آهي. رفيق سومرو اهو پهريون اديب آهي جنهن اها صنف
متعارف ڪرائي آهي. پوري ناويلا شعور جو وهڪرو آهي. جيڪڏهن ٽيڪنيڪل انداز واري نظر
سان پرکبو ته ان ۾ لاتعداد خاميون نظر اينديون، بي ربط روانيون ۽ بي ترتيب سوچون
محسوس ٿينديون، وکريل ۽ غير مسلسل ڪوتاهيون ڏسڻ ۾ اينديون پر خوابناڪ حقيقتون ڪا ٻي
شيءِ آهن. شعور جو وهڪرو اهڙو سيلاب آهي جيڪو جيڏانهن وهندو آهي رستو ٺاهي لنگهي
ويندو آهي. تيز پاڻيءَ جي وهڪري کي ڪي بند روڪي نه سگهندا آهن. اهو ٺهيل ڊيم
ڪيرائي وجهندو آهي. هر لڙهندڙ شيءِ ان جو حصو بنجي ويندي آهي. ترندڙ نانگ، جيئرا
ماڻهو، مئل ماڻهو، رانڀون ڪندڙ ڍور، اونڌيون ٻيڙيون، ڦٿڪندڙ مڇيون ۽ پاڙن کان پٽيل
وڻ.