27/09/2012

’پيار جي هڪ ٻي صدي‘ (ڪتاب) - ڊاڪٽر رسول ميمڻ (Dr. Rasool Memon)

’پيار جي هڪ ٻي صدي‘ (ڪتاب)
ڊاڪٽر رسول ميمڻ
تازو 2011ع ۾ ڇپيل رفيق سومري جي ڪتاب، ”پيار جي هڪ ٻي صدي“ نظر مان گذريو. ڪتاب ۾ ناويلا، ڪهاڻيون، خط، تنقيدي تاثرَ شامل آهن.
ڪتاب ۾ شامل ناويلا ”انسان تماشو“ درد جو اهڙو تيز وهڪرو آهي جيڪو ٻوڏ جيان هر شيءِ کي پاڻ سان وهايو پيو وڃي. ان تيز وهڪري ۾ ڪردار ٻڏندا ترندا ٻانهون مٿي ڪري پڪاريندا ۽ موجودگيءَ جو احساس ڏياريندا وڌندا پيا وڃن. شايد ان کان اڳ سنڌي ادب ۾ ناويلا نه لکي وئي آهي. رفيق سومرو اهو پهريون اديب آهي جنهن اها صنف متعارف ڪرائي آهي. پوري ناويلا شعور جو وهڪرو آهي. جيڪڏهن ٽيڪنيڪل انداز واري نظر سان پرکبو ته ان ۾ لاتعداد خاميون نظر اينديون، بي ربط روانيون ۽ بي ترتيب سوچون محسوس ٿينديون، وکريل ۽ غير مسلسل ڪوتاهيون ڏسڻ ۾ اينديون پر خوابناڪ حقيقتون ڪا ٻي شيءِ آهن. شعور جو وهڪرو اهڙو سيلاب آهي جيڪو جيڏانهن وهندو آهي رستو ٺاهي لنگهي ويندو آهي. تيز پاڻيءَ جي وهڪري کي ڪي بند روڪي نه سگهندا آهن. اهو ٺهيل ڊيم ڪيرائي وجهندو آهي. هر لڙهندڙ شيءِ ان جو حصو بنجي ويندي آهي. ترندڙ نانگ، جيئرا ماڻهو، مئل ماڻهو، رانڀون ڪندڙ ڍور، اونڌيون ٻيڙيون، ڦٿڪندڙ مڇيون ۽ پاڙن کان پٽيل وڻ.

جماليات ڇا ٿيندي آهي؟ - ريٽا شهاڻي (Reeta Shahani)

جماليات ڇا ٿيندي آهي؟
ريٽا شهاڻي
اهو سمجهائڻ لاءِ اوهان جي اڳيان هڪ گهٽنا جو بيان ڪريان ٿي.
اسان ۾ ۽ اسان جي نڪ سامهون پر گهڻي مفاصلي تي؛ دور بيٺل اڏول پهاڙ هئا ۽ انهن جي وچ ۾ هئي هڪ گهري کاهي. انهن نيلن جبلن جي ڪن حصن تي ٿڌي ۽ مٺي اُس ڇانيل هئي، ته ڪٿي ڪٿي وري ڪڪرن جا ڪارا ڪارا پاڇا تڙڳي رهيا هئا. پهاڙ جي هڪ اوچي چوٽيءَ تان آبشارن جو جل زوم سان هيٺ کاهيءَ ۾ ڪري رهيو هو. ٻيا ننڍا وڏا جهرڻا به هتان هتان وهي رهيا هئا. ڪٿي ويگ سان پاڻي ڪرڻ سبب اڇي اڇي گجي تيار ٿي رهي هئي ته ڪٿي وري جل جا سنهڙا، سفيد ۽ شفاف ڇنڊا دور دور تائين پهچي رهيا هئا. سورج جا ڪِرڻا پهاڙن ۽ ڇنڊن کي ڇهي، اِندر ڌنشي رنگ پيدا ڪري رهيا هئا. آبشار جي ڪرڻ جو آواز جبلن تي اُس ۽ پاڇن جي راند، پهاڙن مٿان رنگن جي هولي، هڪ عجيب جادوءَ ڀريو ماحول هو.

’ڪيمياگر‘ جو مختصر جائزو - ممتاز ميمڻ (Mumtaz Memon)

’ڪيمياگر‘ (Alchemist) جو مختصر جائزو
ممتاز ميمڻ
خواب ته هر ماڻهو ڏسي ٿو، ڪي ماڻهو ڏاڍا سٺا خواب ڏسندا آهن، ڪي ڀوائتا خواب هجن ٿا، ڪي وري اهڙا خواب جيڪي اک کلڻ کان پوءِ بلڪل به وسريو وڃن، ڄڻ ته اسان ڪجهه ڏٺو ئي نه هجي ۽ ڪي وري اهڙا به خواب هوندا آهن جيڪي ساڀيان ٿيندي ٿيندي رهجي ويندا آهن. ڪن ماڻهن جا خواب ساڀيان به ٿي ويندا آهن، پر شرط اهو آهي ته جيڪو شخص خواب جي حقيقت چاهي ٿو اهو ان جي ساڀيان لاءِ ڪيترو بيقرار ۽ سنجيده آهي.

24/09/2012

سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جا فڪري دڳ - احسان دانش (Ahsan Danish)


 سعيد ميمڻ جي شاعريءَ جا فڪري دڳ
احسان دانش

عام طور شاعرن لاءِ اها راءِ هوندي آهي ته اهي ”خلائن ۾ اڏندا آهن ۽ خلائن ۾ جيئندا آهن.“ منهنجي خيال ۾ جيڪي شاعر رڳو خلائن ۾ جيئندا آهن ۽ زميني حقيقتن جا منڪر هوندا آهن، انهن جي ڪا به دائمي حيثيت نه هوندي آهي. بقول شاعر:
ملي هوائون ۾ اڙني ڪي وو سزا يارو
ڪه مين زمين ڪي رشتون سي ڪَٽ گيا يارو

23/09/2012

شهاب نامو - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

شهاب نامو“
(سنڌيءَ ۾ ڇپيل هڪ نئون ڪتاب)
رکيل مورائي
سنڌيءَ ۾ هڪ شاندار ڪتاب ڇپيو آهي، جنهن جو نالو آهي ”شهاب نامو“. ان ئي نالي وارو اردوءَ ۾ غير معمولي مارڪيٽ ڪندڙ ۽ لاتعداد ڇاپا ڇپيل ڪتاب ملڪ جي نامياري ڪاموري، قدرت الله شهاب جي آتم ڪٿا آهي، جنهن کي اردوءَ جي آتم ڪٿائن ۾ هڪ نمايان اهميت حاصل آهي. سنڌيءَ ۾ ڇپيل ڪتاب ايتري مڃتا ماڻي سگهندو، اهو پڙهندڙن جي موٽ تي مدار رکي ٿو. بهرحال لکڻيءَ جي حوالي سان قدرت الله شهاب وٽ جيڪا قدرت هئي، اها اردوءَ جي ئي گهٽ آتم ڪٿائن ۾ ملي ٿي.

پير اڃا مون پنڌ ۾ - رکيل مورائي (Rakhyal Morai)

رکيل مورائي
”پير اڃا مون پنڌ ۾“
(قاضي خادم جي يادگيرين جو داستان)

سنڌي ٻوليءَ ۾ فڪشن جي حوالي سان قاضي خادم نهايت اهم نالو آهي، هو نه رڳو ڪهاڻيڪار آهي، پر ساڳئي وقت ناول نگار، مترجم ۽ هڪ اسڪالر پڻ آهي، سنڌي ڪهاڻيءَ ۽ ناول ۾ قاضي خادم جو پنهنجو حصو آهي، جيڪو هن جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي. تازو ئي قاضي صاحب جي آتم ڪٿا نما يادگيرين جو ڪتاب ”پير اڃا مون پنڌ ۾“ شايع ٿيو آهي، هي ڪتاب قاضي صاحب جي يادگيرين جي سلسلي جو چوٿون حصو آهي. اها ڳالهه ان جي شاهدي ڏئي ٿي ته قاضي صاحب جي يادگيرين جي پهريان آيل ٽن ڀاڱن کي سنڌيءَ ۾ پڙهيو ويو آهي ۽ جنهن جي موٽ ئي کيس اتساهه ڏنو آهي، جو هاڻ هو پاڻ کي لکيت ۾ محفوظ ڪري رهيو آهي، جيتوڻيڪ اڄڪلهه کيس گهڻيون ئي مصروفيتون آهن، خاص طور علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر، جنهن جو پاڻ چيئرمين آهي. جنهن پاران پڻ ٿوري عرصي ۾ قاضي صاحب جي ڪوششن سان نهايت ئي ڪمائتا ڏيڍ درجن کن ڪتاب ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا آهن، پر مان سمجهان ٿو ته قاضي صاحب جو اصل ڪم هيءَ آهي جيڪو سندس لکڻيءَ تي ٻڌل آهي. ڪتاب ”پير اڃا مون پنڌ ۾“ منجهه آيل يادگيرين کي پڙهڻ کان پوءِ محسوس ٿئي ٿو ته قاضي صاحب پنهنجي گذريل ڄمار جي نهايت ننڍين ننڍين يادگيرين کي به گهڻي باريڪيءَ سان محفوظ ڪري رهيو آهي. سندس يادگيرين جي لکڻ واري ڏانءُ مان خود سندس اندر جو ڪهاڻيڪار ظاهر ٿي بيهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هو نهايت تيز مشاهدي وارو تخليقڪار آهي، جنهنڪري باريڪيءَ سان پنهنجن مشاهدن کي يادگيرين جي اندر آندو آهي.

22/09/2012

ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جو مهاڳ - الطاف شيخ (Altaf Shaikh)

منهنجي ناتمام خواهش جو پورائو
(رضوان گل جي ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ جو مـهـاڳ)
الطاف شيخ
جڏهن به مان سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل ڪو اهڙو ڪتاب پڙهندو آهيان جيڪو منهنجي جيءَ کي جڪڙي ويندو آهي ته منهنجو ان ڳالهه ۾ ايمان تازو ٿي ويندو آهي ته سنڌ اڃا جاڳي ٿي، سنڌ جو شعور اڃا ستو نه آهي. سنڌي ادب اڄ جنهن مقام تي بيٺو آهي ان پٺيان صدين جو پنڌ آهي. شاهه لطيف کان شيخ اياز ۽ کانئس پوءِ واري ٽهيءَ تائين سنڌ جو ليکڪ پنهنجي پوري ذميداريءَ سان لکي رهيو آهي. تازو سنڌ جي نوجوان شاعر، ڪهاڻيڪار، مترجم ۽ ڪالم نگار رضوان گل جڏهن پنهنجو ڪتاب ”ساهت ڏيهه جا سرجڻهار“ مون ڏي مهاڳ لکڻ لاءِ موڪليو ته مون اها ساڳي ئي خوشي محسوس ڪئي، جيڪا ڪنهن به سٺي ڪتاب پڙهڻ کان پوءِ محسوس ڪندو آهيان. جڏهن مون ڪتاب جي فهرست ڏٺي ته مون سوچيو ته اهڙي ڪتاب کي ته ڪنهن به تعارف ۽ مهاڳ جي ضرورت ئي نه آهي، ڇو ته هي ڪتاب پنهنجو تعارف پاڻ آهي.

21/09/2012

خوبصورت شعرن ۾ سمايل خيالن جي خوشبوءِ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

خوبصورت شعرن ۾ سمايل خيالن جي خوشبوءِ
(نالي واري شاعر نواز علي ’نياز‘ جعفري جي شاعريءَ بابت ڪجھه ويچار)
رياضت ٻرڙو
سنڌي شعر ۽ ادب جي تاريخ ۾ ويهين صدي عيسويءَ کي وڏي حيثيت حاصل آهي. هن صديءَ جي پهريَن 50 سالن ۾، اسان کي سنڌي غزل گُو شاعريءَ، مشاعرن ۽ ادبي ڪانفرنسن جي حوالي سان جنهن شهر جو نالو سڄيءَ سنڌ ۾ جرڪندي نظر اچي ٿو، اهو سنڌ جِي پنج هزار سالا تهذيبي يادگار موهين جي دڙي کان ٿوري پنڌ تي وَسندڙ لاڙڪاڻو ساهه سيباڻو آهي. مان چاهيان ٿو، ته لاڙڪاڻي ۾ ان مشاعراتي دؤر بابت، پس منظر چِٽو ڪرڻ لاءِ، نالي واري محقق پير حسام الدين راشدي جي مشهور ڪتاب ”هُو ڏوٿي هو ڏينهن“ (1977ع) مان اقتباس ڏيان. پير صاحب لکي ٿو:

20/09/2012

شاعري ديواني جو خواب آهي - جامي چانڊيو (Jami Chandio)

جامي چانڊيو

شاعرِي ديواني جو خوابُ آهي!
(رياضت ٻرڙي جي سهيڙيل ڪتاب
”ڏات ڏيئا ٻاريا“ جو مهاڳ)

شاعر  عجيب نه به هجن، پر شاعري بهرحال هڪ عجيب لقاءُ آهي. شاعريءَ جو بظاهر هن دنيا سان ڪو به تعلق نظر نه ٿو اچي ۽ ان جي هر شيءِ تصوراتي ۽ افسانوي لڳي ٿي. شاعريءَ جا تصور، خيال، جذبا، احساس، خواهشون، حسرتون، اُميدون، مايوسيون، حُسناڪيون، خواب، آدرش ۽ ڪردار سڀ افسانوي ۽ تصوراتي نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته عملي زندگيءَ ۾ سڀ ڪجهه ان کان گهڻو مختلف ۽ ڪنهن حد تائين متضاد نظر اچي ٿو. سوال آهي، ته پوءِ آخر شاعريءَ جي اهميت ڇا آهي ۽ ان جو زندگيءَ ۽ سماج ۾ ڪارج ڇا آهي؟ ان سوال تي دنيا ۾ تمام گهڻو لکيو ۽ بحث مباحثو ڪيو ويو آهي ۽ ظاهر آهي ته ان جو ڪوبه حتمي جواب ٿي سگهي ئي نه ٿو. منهنجيءَ نظر ۾ زندگيءَ ۾ رڳو موجود حقيقتون ئي اهم نه آهن. جيئن ڪارل مارڪس چيو هو ته سوال اِهو نه آهي ته دنيا ڇا آهي؟ پر اِهو آهي ته ان کي تبديل ڪيئن ڪجي؟ ايئن سوال رڳو زندگيءَ ۽ سماج جي موجود حقيقتن کي ڀوڳڻ، محسوس ڪرڻ، سمجهڻ، پرکڻ، پروڙڻ ۽ بيان ڪرڻ جو نه آهي، پر سوال اهو به آهي ته دنيا کي ڪيئن هئڻ گهرجي. دنيا ۾ محبت ڪيئن هجي، حُسن ڪيئن هجي، رشتا ۽ رويا ڪيئن هجن، مفاد ۽ ماڻهو ڪيئن هجن، احساس ۽ خيال ڪيئن هجن، زندگي ۽ سماج ڪيئن هجي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته خواب ۽ خوشيون ڪيئن هجن، درد جي لذت، حاصل ۽ لاحاصل ڪيئن هجي؟ اهي سڀ سوال شاعريءَ کان وڌيڪ حَسين انداز ۾ ٻيو ڀلا ڪير ٿو کڻي ۽ بيان ڪري سگهي. شاعريءَ جو زندگيءَ ۾ وڏو ڪارج ئي اِهو آهي ته اُها اُهو ڪجهه ٿي بيان ڪري، جيڪو هن زندگيءَ ۽ دنيا ۾ ايئن موجود ئي نه آهي. ان ڪري سُٺي شاعري ڪڏهن به پراڻي، پاروٿِي، متروڪ يا مُدي خارج نه ٿي ٿئي، ڇاڪاڻ ته ان جو مزاج، ڪارج ۽ منصب ئي اهڙو آهي، جو اُها هميشه خوابن جا ڏِيئا ٻاريندي رهي ٿي. ان ڪري رسول حمزا توف شاعرن کي باهه جي رکوالن سان تعبير ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته آڳاٽي زماني ۾ جڏهن باهه ٻارڻ ڏُکي هوندي هئي ته ماڻهن جو هڪڙو مخصوص گروهه هوندو هو، جنهن جو ڪم هوندو هو ته باهه کي وسامڻ نه ڏي. ان ڪري شاعر انساني معاشري جي باهه جا رکوالا هوندا آهن، جيڪي خوابن، خيالن، احساسن ۽ زندگيءَ ۾ نيون نيون حُسناڪيون تخليق ڪرڻ جي اُميد جي باهه کي ڪڏهن به وسامڻ نه ڏيندا آهن.

چُڪ آهي ته ننڍڙي، پر... - ڊاڪٽر محبت ٻرڙو (Dr. Muhabbat Buriro)


ڊاڪٽر محبت ٻرڙو

آهي ته چُڪ ننڍڙي، پر...
جِيڻا = جينا = جيناه = جيناح = جنِاح

سنڌيءَ ٻولي مٿان جِتي ٻيون هچائون مڙهيون ويون آهن اتي ڪجهه اهي به آهن ته سنڌي جي تاريخي ماڳن، وستين ۽ وڙن سان گڏ خود سنڌي ماڻهوءَ جو نالو ۽ سندس ذات جو به اچار غلط ڪڍيو وڃي. ڪنهن وسنديءَ جو نالو مٽائڻ ته سڌي سئين زوراوري آهي جيئن ”خان ڳڙهه“ کي ”جيڪب آباد“ ڪري ڇڏڻ يا ”نيرون ڪوٽ“ کي ”حيدرآباد“ ڪرڻ وغيره پر نالو بگاڙڻ به خراب آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو بگاڙو ڏاڍو خراب ٿيو وڃي، جيئن ”ڪلهوڙا“ کي ”ڪا لوڙا“ سڏڻ يا ”ٺٽو“ کي...

خوبصورت خوابن جهڙا خط - احسان دانش (Ahsan Danish)

خوبصورت خوابن جهڙا خط
(فياض لطيف جي ادبي خطن جي مجموعي ”خط، خوشبو، خواب“ جو مهاڳ)

احسان دانش
لفظ جب تک وضو نہیں کرتے
ہم    تیری    گفتگو     نہیں     کرتے

فياض لطيف جي ڪتاب جو مهاڳ لکڻ مون لاءِ ڪيترو مشڪل ۽ محال آهي، ان جو اندازو شايد ڪنهن کي به نه هجي. ڇا لاءِ ته، فياض ٻين لاءِ ڀلي ڪو معمو يا راز هجي، پر منهنجي اڳيان کليل ڪتاب وانگر آهي. مون سندس جيون ڪتاب جو ورق ورق اٿلايو آهي. مان ساڻس گڏ ٽهڪ به ڏنا آهن ۽ سندس نير به اگهيا آهن. مان سندس پيار جي ساگر کي ڪناري تان بيهي ناهي ماپيو، مان ان ۾ پيهي ڏٺو آهي، منجهس پيهي پاڻ کي ڦوليو آهي ۽ ائين ڪندي جڏهن به پارِ پڳو آهيان، ڀٽائيءَ جو بيت منهنجي ڪنن ۾ ٻُريو آهي:
پيهي جان پاڻ ۾، ڪيم روح رهاڻ،
نه ڪو ڏنگر ڏيهه ۾، نه ڪا ڪيچن ڪاڻ،
پنهون ٿيس پاڻ، سسئي تان سور هئا.

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ٽيون) - شبير ساگر (Shabeer Sagar)

شبير ساگر
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جلد ٽيون)
سنڌ جي تاريخ جو منفرد ڪم
(تبصرو)
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جو ٽيون جلد ’پ‘ ۽ ’ج‘ ٻن اکرن تي مشتمل آهي. پوين ٻن جلدن جيان جلد ٽيون به تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو، جنهن ۾ ’پ‘ ۽ ’ج‘ سان شروع ٿيندڙ شخصيتن، قومن، قبيلن، ڪتابن، ماڳن، مڪانن، وڻن، ٻوٽن، ريتن رسمن، ملڪن، شهرن، ديهن ۽ ايجادن  وغيره جي مختصر پر انتهائي جامع معلومات ڏني وئي آهي. مختلف شين بابت معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ جتي لاتعداد ڪتاب ڏسڻا پون ٿا، اتي هيءَ انسائيڪلوپيڊيا هڪ ئي هنڌ تي وسيع معلومات پڙهندڙن لاءِ پيش ڪري ٿي. سچ پچ هيءَ تمام وڏو ۽ محنت طلب ڪم آهي ۽ هن سطح جو هن وقت تائين سنڌيءَ  ۾ ڪو ڪم نه ٿيو آهي. اهڙو عظيم ڪارنامو سرانجام ڏيڻ تي سچ پچ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي موجوده انتظاميه ۽ انسائيڪلوپيڊيا سيڪشن ۾ ڪم ڪندڙ سمورا ڪارڪن مبارڪن جا مستحق آهن.

اوندهه ۾ جيئن سوجهرو - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)

رياضت ٻرڙو
اوندهه ۾ جئن سوجھرو
(نالي واري شاعر مختار گھمري جي شاعريءَ بابت ڪجھه رايا)

ٻولي اهڙو وکر آهي جيڪو سماج جي تعمير ۽ ترتيب ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ڇاڪاڻ ته ٻوليءَ کان سواءِ سماج ڀڄي ٽُٽي پوي ٿو ۽ پنهنجي جوڙجڪ وڃائي ويهي ٿو. سماج ٽٽڻ جي نتيجي ۾ اهي اهم رشتا ناتا به ٽٽِي پون ٿا جيڪي ٻوليءَ جي ڪري سماج ۾ ٺهيا آهن. ان حوالي سان ٻولي ڄڻ ته ايٽم جو ڪم ڪري ٿي، جنهن کان سواءِ مادي جو هجڻ ممڪن ناهي.
اسان جي خوش نصيبي، جو اسان کي پڻ سنڌي ٻوليءَ جهڙي معتبر ۽ مانائتي ٻولي، ماءُ وٽان ملي آهي، جنهن اسان جي سنڌي سماج کي گذريل پنجن هزار سالن کان به اڳ کان وٺي پئي سنڀاليو، پاليو تاتيو آهي ۽ هڪ اهڙي امانت طور اسان جي هٿن منجھ ارپيو آهي، جنهن کي وڌائي ويجھائي، ايندڙ نسل حوالي ڪرڻ، اسان جو قومي فرض آهي.
ان قومي فرض جي تڪميل ۾ اسان جي اديبن ۽ سُڄاڻ ساڃاهه وَندن پنهنجي وت ۽ وس آهر، پنهنجين ڏکين حالتن باوجود پئي پتوڙيو آهي. اهڙن سڄاڻ ڏات ڌڻين ۾ اسان جي محترم دوست مختار گھمري جو نالو به وسارڻ جوڳو ناهي، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار علم ۽ ادب جي واڌ ويجھ ۾ گذاري ڇڏي.

19/09/2012

سنڌي ورجيسي ٻوليءَ جو تنقيدي جائزو - انجنيئر عبدالوهاب سهتو (Engr. Abdul Wahab Sahito)

انجنيئر عبدالوهاب سھتو
سنڌي ورجيسي ٻوليءَ جو تنقيدي جائزو

روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو جو تازو ڇپيل 118 نمبر ڪتاب، سنڌي ورجيسي ٻولي، پروفيسر ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي صاحب جو، انھن پھاڪن ۽ محاورن تي مشتمل ڪتاب آهي، جيڪي اردو ۽ انگريزي ٻولين منجھان، لاڙي لھجي تي اثر پوڻ سبب، سنڌيءَ ۾ شامل ٿي ويا آهن.
مذڪوره ڪتاب جي پيش لفظ ۾، ورجيس جي معنى؛ محاورو يا اصطلاح ۽ ورجيسي ٻوليءَ جي معنى: محاوراتي ٻولي ٻڌائي وئي آهي. لغت جي روءِ کان ورجيس لفظ جي معنى لباس پھريل ٻولي، ٺاهه ٺوهه واري ٻولي يا وري سينگاريل ٻولي آھي. ([1])
مٿئين بيان مان، چڱيءَ طرح سمجهه ۾ آيو؛ ورجيس، اصطلاح يا محاوري کي چئبو آهي ۽ نه ڪنھن ٽين شيءِ کي.
صاحبِ ڪتاب اڃا اڳتي لکي ٿو؛ “ورجيسي ٻوليءَ جا ڪيترائي نمونا ٿين ٿا. مثلاً؛ پھاڪا، محاورا، اصطلاح ۽ ٻيون ڪي جڙاوتون، ان سان شامل آهن. پر هي ڪتاب فقط پھاڪن تي مشتمل رکيو ويو آهي.” ([2])
مٿئين بيان مطابق؛ پھاڪا، محاورا ۽ اصطلاح شامل ڪري، ڪتاب جوڙيو ويو آهي. اهو بيان پڻ اڻ چٽو آهي. يا ته پھاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ ورجيس ساڳي ڳالهه آهن يا مڙني ۾ ڪو فرق ضرور آهي. اها ڳالهه اڇي ٿيڻ گهرجي. ڇو جو معاملو ڪجهه منجهيل ٿو لڳي.

سعيد جي ڪتاب ’سرءُ جي اداس سانجھه‘ جو اڀياس - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


سعيد سومري جي پهرين غزلن جي مجموعي ’سرءُ جي اداس سانجھه‘ جو اڀياس
خواب تنهنجي سونهن جو
رياضت ٻرڙو

سونهن ڀرئي هن سنسار ۾ مڪان (Space ) سميت زمان (Time) کي بنيادي حيثيت حاصل رهي آهي، ڇاڪاڻ ته مڪان کي زمان ۽ زمان کي مڪان جي لحاظ کان سمجھڻ ۽  سمجھائڻ جي جستجو انساني شعور جي انتهائي مٿانهين دلچسپيءَ وٽان رهي آهي.خصوصاً زمان يعني وقت جي لحاظ کان تهذيبي ۽ ثقافتي آثارن ۽ قدرن لاءِ اڻميو پيار ۽ پنھنجائپ بي انتها محسوس ڪئي ويندي آهي. تڏهن ئي ته ، مثلاً سنڌو ۽ سميري سڀيتائن لاءِ اسان کي اُڪيرون آهن ۽ سنڌوءَ سان ته اسان سنڌين جو گھرو سٻنڌ آهي. پوءِ اهو انفرادي حوالي سان ويهن، ٽيهن ، پنجاهه يا سٺ، ستر ورهين جو هجي يا اجتماعي طور ٻن چئن صدين کي به ڇڏي ڪري موهن ــ دڙي جي پس منظر ۾ پنج هزار سالن کان ڇهين هزار سالن ( 6th millennium) ۾ پنهنجي هئڻ جو احساس ڏيارائيندڙ هجي:
جي نانءُ منهنجو موهن دڙو آ،
اي وقت! تنهنجو ئي قربڙو آ. (سعيد)