27/01/2014

استاد پيرل قنبر - جهانگير عباسي (Jahangir Abbasi)

سونهن جو مجاور استاد پيرل قنبر
جهانگير عباسي

سنڌي ادب ۾ شعر جي صنف پنهنجي اوائلي دؤر کان وٺي موجوده دؤر تائين جي سرجندڙ شعر تائين فن، فڪر، تخيل جي حوالي سان جتي وسيع ڪينواس رکي پئي اُتي هر دؤر ۾ جدت وارن خيالن سان نوان موضوع کڻي نئين فڪري ڌارائن واري سمونڊ سان موجزن رهندي تخليقي ۽ شعوري سفر طئي ڪري اڄ جنهن مقام تي اچي پهتي آهي ان کي ڏسي هي چئي ٿو سگهجي ته سنڌي شاعري دنيا جي ٻين ٻولين جي شعر جي ڀيٽ ۾ گهڻو اڳ ڀري پئي آهي. خاص طور تي رومانوي يعني عشق و محبت جي شاعري ڀرپور رهي آهي.

26/01/2014

پيرل قنبر جي شاعري - احسان دانش (Ahsan Danish)


دوا کي زهر، زهر کي دوا چئي نه وجهان
(استاد پيرل قنبر جي شاعريءَ جي ڪَٿَ)
احسان دانش

مون جڏهن شاعريءَ سان ناتو جوڙيو هو، تڏهن لاڙڪاڻي تي مشاعرن جي موسم لٿل هئي. تقريباً هر هفتي ڪنهن نه ڪنهن ادبي تنظيم طرفان مشاعرو ٿيندو هيو. انهن مشاعرن ۾ طرحي مشاعرا پڻ هوندا هيا. مون کي طرح تي لکڻ ڏاڍو ڏُکيو لڳندو هيو. مون کي هميشه شاعريءَ ۾ پابندي جو خيال ته رهيو پر شاعري ڪرڻ لاءِ پابندي مون کي ڏاڍي اوکي لڳندي هئي. پر اهو دور اهڙو هيو جو ’طرح‘ تي نه لکڻ، شاعري نه ڪري سگھڻ جهڙي الزام وانگر هوندو هيو. ’قادرالڪلام‘، ’ڪهنه مشق‘، ’همه تن گوش‘، ’مردم خيز‘ ۽ ’ملڪو‘ جهڙا لفظ مون پهريون ڀيرو انهن ئي مشاعرن ۾ ٻُڌا هئا. اها 1988ع جي ڳالهه آهي. مان اڃا شاعريءَ جا ابتدائي سبق سِکي رهيو هيس. اهي سبق سِکندي سِکندي اهڙا سبقَ به مليا جو هڪ لڱا شاعري ڪرڻ تان ئي ارواح کَڄي ويو هيو. هڪڙا جھونڙا استاد شاعر ته وزن بحر واري تور تڪ جا ايڏا وڏا ڪاريگر هيا جو ڪوئي شاعر مشاعري ۾ شعر پڙهندو هيو ته اُهي اشهد آڱر کي هڪ خاص لئي ۾ کاٻي ساڄي پيا ڦيرائيندا هيا. ٻيا همراهه وري ڪنهن نئين ۽ سيکڙاٽ شاعر جي عمده خيال کي ان خيال سان ڏسندا هيا ته اهو خيال ان سيکڙاٽ شاعر جو ٿي ئي نه ٿو سگھي. وري جيڪڏهن اهڙي ڪنهن نئين شاعر جو ڪو رشتيدار به شاعر هوندو هو ته کين پَڪ ٿي ويندي هُئي ته اهو شعر سندس انهيءَ رشتيدار جو لکيل آهي. ابتدائي ڏينهن ۾ جواد جعفري ۽ مون اهي عذاب سَٺا. ڳچ سالن بعد رضا بخاري ۽ رضوان گل به اهڙن مظلوم نوجوان شاعرن طور ان سٿ ۾ اچي شامل ٿيا. ڪجھه شاعر دوست ته هٿ ڌوئي اسان جي ڪڍ پيا پر اسان چارئي نٺر نڪري پيا سي ۽ پوءِ به شاعريءَ تان هٿ نه کنيوسين.

سندهه ڪا مقدمه - رڪ سنڌي (Ruk Sindhi)


سندهه ڪا مقدمه
تنقيدي جائزو
ليکڪ: رڪ سنڌي

جڏهن مان ”پنجاب ڪا مقدمه“، ”سندهه ڪا مقدمه“ ۽ ”آج ڪا سندهه“ پڙهڻ شروع ڪيا ته پڙهندي، جيڪي به ڳالهيون غلط محسوس ڪيون ۽ جيڪي تاريخي ڪوڙ ۽ بد ديانتيون نظر مان گذريون، انهن تي ان ئي وقت ڪتاب جي حاشين تي پنهنجو نقطي نظر لکندو ويس. جيئن ته انهن مڙني ڪتابن تي باضابطه نموني تنقيدي مقالا لکڻ جو ڪوبه ارادو ڪونه هو. ان ڪري اهي حاشين تي لکيل ٽڪرا جيئن جو تيئن بنا ڪنهن مددي ڪتاب استعمال ڪرڻ جي، هن شڪل ۾ آندا اٿم. جيئن انهن ڪتابن پڙهڻ وقت منهنجي ذهن ۾ انهن ڪتابن ۾ ڏنل ڳالهين بابت پيدا ٿيل تنقيدي رايا محفوظ ٿي وڃن. ان سلسلي ۾ ”پنجاب ڪا مقدمه“ جا حاشيه هڪ ننڍڙي ڪتاب ”سنڌي قوم جو مقدمو“ ۾ اچي چڪا آهن. ان ڪري هاڻ ”سندهه ڪا مقدمه“ جا تنقيدي حاشيه هن مقالي جي صورت ۾ حاضر آهن.

اڄ جي سنڌ - رڪ سنڌي (Ruk Sindhi)


اڄ جي سنڌ
هڪ مطالعو
ليکڪ: رڪ سنڌي
 محمود مرزا جو واسطو وفاقي پاڪستان جي وڏي صوبي پنجاب سان آهي. جڏهن سنڌ ۾ ايم آر ڊي جي پليٽ فارم تان جمهوري جدوجهد شروع ٿي ته ٻين صوبن جي ڪيترن دانشورن، استادن، وڪيلن ۽ سياستدانن کي سنڌ جي حالتن جي اڀياس ڪرڻ جو شوق جاڳيو. ڪي ان لاءِ آيا ته ڪٿي سندن مفادن کي نقصان رسڻ جو انديشو ته نه آهي، يا ڪٿي مظلوم صوبن (قومن) جي عوام جي طاقت ايتري وڌي ته نه وئي آهي، جو ان تي ضابطو رکي نه سگهجي ۽ پوءِ هميشه لاءِ سندن پرماريت تي ٻڌل نظام تباهه ۽ برباد ٿي وڃي. پر ڪي ماڻهو اهڙا به هئا، جيڪي نيڪ نيتيءَ ۽ دل جي خلوص سان سنڌ جي مسئلن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ ۽ سندن نقطي نظر کي ٻين صوبن جي عوام تائين پهچائڻ ۽ پوءِ انهن ناانصافين جي ازالي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ جي نيت سان به سنڌ جي دوري تي آيا. انهن ۾ محمود مرزا ۽ سندس ساٿي ڳڻائي سگهجن ٿا. جن وفاقي پاڪستان جي مڙني قومن ۾ سرچاءُ پيدا ڪرڻ، انهن کي هڪ ٻئي کي سمجهڻ ۽ هڪ ٻئي جي حقن جي احترام ڪرڻ ۽ قومن ۾ پيدا ٿيل بدگمانين کي ريٽڻ لاءِ اصلي صورتحال جو اڀياس ڪرڻ واسطي سنڌ جو دورو ڪيو.

22/01/2014

فرينچ ناول نگار چيزو جون لکڻيون ذوالفقار هاليپوٽو (Zulfqar Halepoto)



فرينچ ناول نگار چيزو جون لکڻيون
ذوالفقار هاليپوٽو
12  ڊسمبر 2013ع تي آرٽس ڪائونسل ڪراچيءَ ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي تحقيقي ڪتاب "سنڌي شاعري جو سفر" جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيترن ئي شاعرن ۽ اديبن چيو ته شاعري جي صنف ۾ اسپيشلائيزيشن ضروري آهي. ٻئي ڏينهن اخبارن ان ڳالهه کي جيئن ڪور ڪيو، ان مان تاثر اهو ملي رهيو هو ته ڄڻ قلم ڌڻي اهو چئي رهيا آهن ته غزل لکڻ وارا رڳو غزل لکن، متان نظم، ٽيڙو يا وائيءَ ۾ هٿ وڌو اٿن. نثري نظم يا نثراڻو نظم لکڻ وارا همٿ نه ڪن گيت لکڻ جي. ٿي سگهي ٿو ته ڳالهه ڪرڻ جو تناظر ڪو ٻيو هجي، پر ايترو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو، هاڻ شاعر به انجنيئر، ڊاڪٽر، ائٽمي سائنسدان يا محقق وانگر رڳو مخصوص موضوع تي طبع آزمائي ڪن.

شاهه عنايت جي شهادت جو پهريون قلمي ماخذ - صفدر حسين ميرزا (Safdar Hussain Mirza)


صوفي شاهه عنايت شهيد جي
شهادت جو سڀ کان پهريون قلمي ماخذ
صفدر حسين ميرزا

هي فارسي ٻوليءَ جي تصنيف ٺٽي جي عريضي سبزواري خاندان جي نامور شاعر ۽ تاريخدان مير ابوالبقا بهره ور علي الحسيني العريضي السبزواري جي آهي. مير ابوالبقا بهره ور جو ڏاڏو مير عبدالله سلطان ولد مير ابوالمڪارم بن غياث الدين محمد المعروف به سلطان رضائي العريضي السبزواري (هي بزرگ ’حبيب السير‘ جي مصنف غياث الدين خواند امير جو پوٽو ۽ سلطان جنيد صفويءَ جو ڏهٽو هو). شاهجهان جي دور ۾ ٺٽي اچي آباد ٿيو. خواند مير، برصغيـر جـو نامور مورخ، اديب ۽ دانشور هو.

سماجي اڀياس جو ڪتاب - ڄام اقبال اُنڙ (Jaam Iqbal Unnar)


سماجي اڀياس جي ڪتاب ۾ به سنڌ سان ٻه اکيائي!
ڄام اقبال اُنڙ / ڇور (عمرڪوٽ)
دنيا جي سُڌريل ملڪن، خاص طور تي گهڻ قومي وحدتن وارن ملڪن جي سرڪاري تعليمي ادارن ۾، مستقبل جي معمارن کي پڙهائجندڙ نصاب کي هر پنجين سال جديد دور جي تقاضائن موجب تبديل ڪري، ملڪ ۾ شامل قومي وحدتن جي ماضي ۽ انهن جي حقيقي هيرن بابت معلومات ڏني ويندي آهي، انهن ملڪن ۾ مستقبل جي معمارن کي ملڪ جي ترقي سڌاري، واڌاري ۽ بقا جي ضمانت ۽ امن، محبت ۽ پنهنجائپ جو پُل سمجهيو ويندو آهي، پر حيرت انگيز ڳالهه اها ته، اسان جي مستقبل جي معمارن کي سرڪاري ادارن ۾ پڙهائجندڙ نصاب ۾ به ان سچائيءَ جي سونهن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ اسان جي محبوب ماضي ۽ اسان جي حقيقي هيرن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي.

19/01/2014

سپنن جو انت - محمد سليمان وساڻ (Muhammad Suleman Wasan)



رضوان گل جي ڪتاب تي تبصرو
سپنن جو انت : شاعريءَ جهڙيون ڪهاڻيون
محمد سليمان وساڻ

مون وٽ سندس سڃاڻ ته هڪ شاعر جي ئي هئي پر سندس مضمون، ڪالم ۽ خاڪا پڙهي حيرت ٿيندي هئي ته نثر به ڪيڏي نه سليقي سان ٿو لکي
، پر پوءِ نيٽ تي ۽ مختلف رسالن ۾ سندس ڪهاڻيون به پڙهڻ لاء مليون. رضوان گُل اسان جي ٽهيء جو اهو اديب آهي جنهن شاعري، ڪهاڻي سميت مضمون ۽ مقالا لکي پنهنجو پاڻ مڃايو آهي. سندس تعلق ته هڪ ادبي گهراڻي سان آهي ئي پر هي فن ۽ هي ٽيلنٽ سندس ئي آهي جو پاڻ نوجوان ٽهي ۾ گهڻو پسند ڪيو وڃي ٿو. سندس شاعري، مضمون، لغت جي ڪتابن کان پوء سندس ڪهاڻين جو ڪتاب سپنن جو انت مون کي الائي ڇو سپنن جي شروعات وانگر لڳو.

17/01/2014

پيرل قنبر جي شعر جو تاتپرج - بدر ڌامراهو (Badar Dhamraho)

پيرل قنبر جي شعر جو تاتپرج
بدر ڌامراهو
”پيرل قنبر“ جي سوانح حيات تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هو سٺ، ستر، اسي ۽ نوي وارن ڏهاڪن دوران سنڌي شعر جي زمين کيڙيندي نظر اچي ٿو. پيرل جو ابتدائي زمانو آهي، سندس ڀر پاسي ۾ ٻيا به کوڙ سارا شاعر شعر جي دنيا ۾ ڌاڪو ڄمايون ويٺا ملن ٿا. جن ۾ ڌامراهن جو ”جعفر پنهور“، طيب جو ”قادن“، باڊهه جو ”شيرل باڊاهي“، ”دادن فقير“، وغيره. هن دور جي جيترن به شاعرن جانالا ڳڻيا اٿم، سي سڀ پيرل قنبر جا هم عصر آهن. ڪي ننڍا معاصر آهن، ته ڪي وڏا معاصر. هنن سڀني شاعرن جو شعر، فن ۽ فڪر جي لحاظ کان هڪڙي لڙي ۾ پوتل آهي. هنن شاعرن نعتيه ڪلام به چيو ته، مداحيه ڪلام به چيو، غزل تي طبع آزمائي به ڪئي ته، نظم، گيت، ڪافيون ۽ بيت به چيا آهن.

سنڌي ادب ۾ ”ڪوتا ناول“ جو انوکو تجربو - زرار پيرزادو (Zarar Pirzado)

سنڌي ادب ۾ ”ڪوتا ناول“ جو انوکو تجربو
زرار پيرزادو
ناليواري ليکڪ محمد علي پٺاڻ جنهن ڪجهه سال اڳ بنا ڊائلاگ جي هڪ ٽي وي ڊرامو پيش ڪرڻ جو انوکو تجربو ڪيو هو، تنهن هاڻي ڪوتا ناول ”مسافتون ياد جون...“ لکڻ جو پڻ هڪ نئون تجربو ڪيو آهي.

09/01/2014

سپورنج ۽ سٻاجھو شاعر ”پيرل قنبر“ - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


پيرل قنبر بابت سهيڙيل ڪوڙل قربدار جي ڪتاب جو مهاڳ
سپورنج ۽ سٻاجھو شاعر ”پيرل قنبر“
رياضت ٻرڙو

لٺ تي گھمان، نه پوءِ به ڪيان دل لڳيءَ کان دنگ مان،
’پـيــرل قـنـبــر‘ نـه مــون کـي ڪــو تـوبـهه جـو تـجـربــو آ.
استاد ’پيرل قنبر‘ سنڌي ٻوليءَ جو ڏاڍو ڀلوڙ، ڀاڳوَند، سپورنج، سٻاجھو، مٺڙو، ماٺيڻو، محبتي ۽ في البديهه شاعر آهي. استاد ’پيرل قنبر‘ (۽ ٻين شاعرن، اديبن، مفڪرن، وغيره) لاءِ هڪ انسان طور ته زمان ماضي جي جوڙجڪ موجب ”هئو/هو“ ڪتب آڻي سگھجي ٿو، پر هڪ شاعر طور هُو اسان لاءِ سدا موجود آهن. هنن پنهنجي ڏات، ڏانوَ ۽ ڏاهپ سان فاني زندگيءَ کي لافاني بڻائي ورتو آهي.
اسان جو سِر آهي حاضر سدا حَسينن لئه،
کنيون هُو ڪات اچو ۽ کنيون اَڏي به اچو. (پيرل قنبر)

ڪتاب ”دل جي دنيا“ جو اڀياس - پروفيسر سليم ميمڻ (Prof. Saleem Memon)


ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي جي ڪتاب
”دل جي دنيا“ جو اڀياس
پروفيسر سليم ميمڻ
ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي هند ۾ سنڌي اديبن ۽ عالمن ۾ هڪ اهم جڳهه والاري ٿو. گذريل پنجاهه سالن کان سنڌي ادب جي مختلف کيترن ۾ پنهنجي قلم جو زور هلائيندو اچي ٿو. سندس تصنيفن ۾ تحقيق ۽ تنقيد کي نمايان حيثيت حاصل آهي. پاڻ تنقيد سان گڏوگڏ ٻاراڻي ادب تي به تمام گهڻو ڌيان ڌريو اٿس ۽ ٻارن لاءِ 12 ڪتاب جوڙيا اٿس، جيڪي مختلف وقتن تي شايع ٿيندا رهيا آهن، جڏهن ته تنقيد ۽ تحقيق جي ميدان ۾ 21 ڪتاب لکيا اٿس. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي ڀيٽ ۾ هند ۾ تنقيد کي ڪيتري اهميت حاصل آهي.

06/01/2014

الطاف شيخ جو ڪتاب - تجزيو: سهڻي پارس

نامور سفرنامانويس الطاف شيخ جو ڪتاب
پکي اڏاڻا پنهنجي ديس
تجزيو: سهڻي پارس
الطاف شيخ هن ڪِتاب ۾ عام دلچسپيءَ جي ڳالهين کان علاوهه پکين بابت انتهائي سائنٽيفڪ قسم جي معلومات مهيا ڪئي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ پکين بابت ترجما ۽ اصلوڪو مواد اڳ ۾ به موجود آهي، پر الطاف شيخ جو هي ڪِتابُ پنهنجي نوعيت جو انوکو ڪِتابُ آهي، جنهن ۾ پکين، خصوصن پرڏيهه جو سفر ڪندڙ پکين بابت آهي. پکي اسان جي زندگيءَ سان گهرو واسطو رکن ٿا ان ڪري الطاف شيخ جو پکين بابت گهڻ پاسائون معلومات ڏيندڙ هي ڪِتابُ اسان جي سماج جو اهم ڪِتابُ آهي.

03/01/2014

تنقيد - ذوالفقار سيال (Zulfiqar Siyal)

تنقيد کان ڪير به مٿانهون نه هئڻ گهرجي
ذوالفقار سيال
اقبال جي فن، فڪر ۽ اسلوب تي، ٻن سون کان وڌيڪ تنقيدي ڪتاب ڇپيل آهن ۽ هر ڪنهن ليکڪ پنهنجي علمي دليلن سان انهن سڀني اسمن جو جائزو ورتو آهي ۽ تقابلي تجزيو پيش ڪيو آهي، حالانڪ اقبال تي ”شڪوه“ جي جواب ۾ لادين ۽ دين کان ڦريل ماڻهوءَ جو الزام به لڳو. اقبال جو ”جواب شڪوه“ ڪمپوزڊ آهي جڏهن ته ”شڪوه“ بي ساخته آهي. بهرحال فن ۽ فڪر تي بحث ٿيڻ گهرجي، جنهن سان علم ۾ اضافو ۽ وسعتن ۾ واڌارو ٿئي ٿو.

02/01/2014

ڊاڪٽر شاد ــ گھڻو رخو محقق - رياضت ٻرڙو (Riazat Buriro)


ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي ڪتاب ”سنڌي ٻوليءَ جون حسناڪيون“ جو پيش لفظ
ڊاڪٽر شاد ــ گھڻو رخو محقق
رياضت ٻرڙو
پنهنجي ٻوليءَ ۾ ميان، جي تون چوندين ماءُ،
تـوکـي اهـڙو ســاءُ، ڏيـنــدي ٻِــي ٻـولـي ڪـٿــي. (اياز)
اسان کي اهو ساءُ، اسان جي سنڌي مادري ٻولي ڀرپوريت سان ڏي ٿي. ’ماءُ‘، ’امڙ‘، ’امان‘، ’آئِي‘، ’آيَـلِ‘، ’جِيجل‘، ’جِيجي‘، ’جِيجان‘... ڪهڙا نه مٺڙا ۽ موهڻا لفظ آهن جيڪي اسان جي هانوَ ۾ پيهي ٿا وڃن!
مـون سـي ڏٺــا مــاءِ، جـنـيـن ڏٺو پـريـن کي،
تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي. (شاهه)

ڪتاب ”سپنن جو انت“ جو مــهـاڳ - سڪندر عباسي (Sikandar Abbasi)


رضوان گل جي ڪهاڻي-ڪتاب ”سپنن جو انت“ جو مــهـاڳ
وهندڙ پاڻيءَ جو آواز
سڪندر عباسي
رضوان الحق جنهن کي ادبي دنيا رضوان گل جي نالي سان سڃاڻيندي آهي، سان منهنجي واقفيت 18 سال پراڻي آهي جڏهن مان به ادبي دنيا ۾ وارد ٿيڻ لاءِ ’سچل ادبي مرڪز‘ جي مڪتب ۾ داخل ٿيو هيس جيڪو اڄ به بڙ جھڙي ڇانوَ رکندڙ ادبي شخصيت ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي سرپرستيءَ ۾ هلي رهيو آهي. احسان دانش جيان رضوان گل به سائين بشير احمد شاد جھڙي ادبي قد ڪاٺ رکندڙ وڻ جي ٻي مضبوط ٽاري آهي.

01/01/2014

شاعريءَ جي گلوبل وليج ۾ گهرج - نصير سومرو (Naseer Soomro)


شاعريءَ جي گلوبل وليج ۾ گهرج
نصير سومرو
نئون دور پاڻ سان اصطلاحن جو نظام ساڻ کنيو ايندو آهي. گلوبل وليج پاڻ اهڙو اصطلاح آهي. انهيءَ اصطلاح جي خاندان جا بيا به کوڙ لفظ آهن، گلوبلائيزيشن، ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن ”WTO“ فري ٽريڊ، لبرل پاليٽڪس، ملٽي نيشنل ڪمپنيون، عالمي حاتون سون ۽ پيٽرول جا وڌندڙ اگهه، ڊالر جي مقابلي ۾ مڪاني ڪرنسي جو ڪرندڙ قدر ۽ ٻيا انهن سڀني جو نچوڙ اهو آهي ته ڪا شي يقيني ڪانهي.
(nothing remains certain)
ڪر خبر ڪٿان پيو اچين؟
”ڊاڪٽر ڏي ويو هوس“