سونهن جو مجاور استاد پيرل
قنبر
جهانگير عباسي
سنڌي
ادب ۾ شعر جي صنف پنهنجي اوائلي دؤر کان وٺي موجوده دؤر تائين جي سرجندڙ شعر تائين
فن، فڪر، تخيل جي حوالي سان جتي وسيع ڪينواس رکي پئي اُتي هر دؤر ۾ جدت وارن خيالن
سان نوان موضوع کڻي نئين فڪري ڌارائن واري سمونڊ سان موجزن رهندي تخليقي ۽ شعوري
سفر طئي ڪري اڄ جنهن مقام تي اچي پهتي آهي ان کي ڏسي هي چئي ٿو سگهجي ته سنڌي
شاعري دنيا جي ٻين ٻولين جي شعر جي ڀيٽ ۾ گهڻو اڳ ڀري پئي آهي. خاص طور تي رومانوي
يعني عشق و محبت جي شاعري ڀرپور رهي آهي.